سنڌ جا ڌاڙيل ۽ لياقت آباد ۾ ڦاسي
سائين بروهي صاحب بلڪل سچ چيو آهي ڇو ته اسان جي سنڌ ۾ خاص ڪري هر ڳالهه کي درگذر ڪيو ويو. الائجي ڪنهن جي آهه لڳي آهي جو عرش به لڏي ويو آهي . . . ؟ ياد ٿو اچيم ته اليڪشن جي دوران نواز شريف لياقت آباد ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته “اسان سنڌ جي ڌاڙيلن کي هت لياقت آباد جي چوراهي تي اچي ڦاهي ڏينداسين. . . . حيدرآباد ويو نواز شريف ته اعلان ڪري آيو ته حيدرآباد جي پناهگيرن رهواسين کي پنج ڪروڙ روپيا ڏنا ويندا. . . . ان وقت مون اهو سوچيو هو ته ڪير ڪجهه به چوي پر هڪ نفرت جي وڏي ديوار سنڌين ۽ پناهگيرن جي وچ ۾ اڏجي چڪي آهي. هيترن سالن جي گڏ رهڻ کان پوءِ هاڻ پناهگيرن الڳ ڪنو چاڙهيو آهي ۽ الڳ گهر ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ آهن. اهڙين حالتن ۾ اگر ڪنهن به سنڌي ڌاڙيل کي پوءِ چاهي اهو قاتل ۽ رهزن ئي ڇو نه هجي اگر ڪنهن به ان کي لياقت آباد ۾ ڦاهي چاڙهيو ويندو ته پوءِ اهو سنڌي قوم لاءِ ڏاڍو خراب ٿيندو . . . . اهڙو ظالم ۽ قاتل انسان به هن قوم جي لاءِ هيرو ٿي پوندو ڇو ته اگر هن ملڪ ۾ قانون آهي انصاف آهي ته پوءِ ان جي پورائي ڪئي وڃي نه وري سياسي چالبازين پويان ڪنهن کي خوش ڪيو وڃي . . . . سنڌ جي ماڻهوءَ جو رت لياقت آباد جي چوراهي تي وهائجي ۽ انهن کي خوش ڪجي جيڪي خود ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين سنڌي ماڻهوءَ جي رت سان ڀريل آهن . . . . وعدي مطابق پنجن ڪروڙن مان ٽي ڪروڙ روپيا ڏنا ويا باقي ٻه ڪروڙ ڇو نه ڏنا ويا اها به ڪا سياسي مصلحت هوندي. هر ڪو سمجهي ٿو ته هنن ٽن ڪروڙن مان ڪيترا خوني هٿيار ۽ دهشت گردي جو سامان ورتو ويو هوندو.
ذري گهٽ هڪ مهينو ٿي ويو آهي. هن آپريشن ڪلين آپ کي پر حالتون اڃا به واضح نه آهن. وقت جو فرعون اڳ ئي ڀڄي ويو آهي. هت ويٺل دهشت گرد روپوش ٿي ويا آهن. هڪ ڏينهن اخبار ۾ خبر اچي ٿي ته فلاڻو ڪي فلاڻو گرفتار ٿيو آهي ته وري ٻئي ڏينهن اهو شخص پاڻ وضاحت ڪري ٻڌائي ٿو ته مان گرفتار نه ٿيو آهيان . . . . ٿوري گهڻي هيٺئين پيماني تي گرفتاري ٿي آهي . . . . هن آپريشن ۾ نه ته ڪنهن مزاحمت ڪئي نه گولي هلي ۽ نه وري ڪو دهشتگرد ماريو ويو . . . . . هاڻ اخبارون به آهستي آهستي رخ مٽائن پيون. سڀ اردو اخبارون سواءِ جماعت اسلامي جي اخبارن جي هر اخبار غير جانبدار ٿي لڳي. اڃا تائين ڪو به اهڙو ڪالم ڪو به اهڙو تجزيو اردو اخبارن ۾ نه ڇپيو آهي، جنهن مان ايم ڪيو ايم جي مخالفت محسوس ٿئي، جنگ اخبار ته ماڳهين اهڙي پاليسي تي پئي هلي جو لڳي ٿو ته ان کي ته ڪا خبر ئي ڪانهي. هاڻي حالتن اهو رخ مٽايو آهي ته سائين هي سڄو آپريشن صرف هڪ فرد واحد جي لاءِ آهي. اهو فرد آهي الطاف حسين، ان جا تڏا پٽڻا آهن، باقي ٻيا سڀ شريف ۽ امن پسند آهن. ٿورا جيڪي نالي ماتر دهشتگرد آهن، انهن کي الڳ ڪري ايم ڪيو ايم هڪ صاف سٿري ۽ سياسي جماعت ٿي اڀري سگهي ٿي. حڪومت به اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون آهن، ته مان ايم ڪيو ايم جي غير “سنجيده” کي ڇڏي “سنجيده” ماڻهن سان تعاون ڪيو ويندو. . . . . مطلب ته هن دهشتگردي جي ماحول کي ختم ڪرڻ لاءِ جو بدمعاشيءَ جو ماحول ٺاهيو پيو وڃي سو سمجهه کان مٿي آهي. . . . .
هوڏانهن اندروني سنڌ مان خبر اچي ٿي ته هيترو تعداد ڌاڙيلن جو ماريو ويو ۽ هت ڪراچيءَ ۾ خبر اچي ٿي ته فلاڻا ڪي فلاڻا دهشتگرد گرفتار ٿيا آهن ۽ ٻئي ڏينهن ترديد اچي ٿي، “هڪ طرف موت جو راتاهو آهي ته ٻئي طرف زندگيءَ جي جوا آهي”. . . . . ڪيترو وڏو تضاد آهي هنن ٻنهي حالتن ۾ . . . . . سنڌي قوم ته خوش ٿيندي، دعائون ڏيندي، هنن فوجين کي ته هنن ڌاڙيلن مان جان ڇڏائي وڃي جن سنڌين جو جيئڻ، اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ زهر ڪيو آهي پر ان ۾ غريبان مار نه ڪجي.
جيڪو به سنڌي گرفتار ٿئي ٿو پوءِ چاهي اهو ڌاڙيل هجي يا نه هجي جيئرو نه ٿو موٽي. اذيتون ڏنل چچريل لاش مائٽن کي ملن ٿا هر باشعور انسان ڏاڍ ۽ جبر جي مخالفت ڪري رهيو آهي. ظالم جو ڪو نالو، ڪو دين ايمان ڪا شناخت نه هوندي آهي. سنڌ جي اديب ۽ دانشور، سنڌ جي باشعور عوام هميشه ررڙيون ڪيون آهن. اهو ڪجهه سمجهائڻ ۽ چوڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ ۾ امن قائم ٿيڻ گهرجي ان لاءِ جوابدار ڪير به هجي بخشش جا دروازا بند ڪري ڇڏڻ گهرجن. اهو به سوچڻ گهرجي ته جڏهن به سنڌ ۾ ڌاڙيل ماريا ويا آهن يا وري اهڙا شاگرد يا سياسي ليڊر ۽ ڪارڪن ڌاڙن ۽ اغوا جي ڪيس ۾ پڪڙيا ويا آهن ته انهن جي خلاف ئي سنڌي باشعور عوام ۽ پريس لکيو ۽ ڳالهايو آهي. پنهنجن جا عيب سنڌين لڪايا ڪو نه آهن پر جيئن چوندا آهن ته بد کان بدنام خراب هوندو آهي، سنڌين جي اوٽ وٺي ٻين گروهن ۽ قومن سنڌ ۾ جيڪا دهشت گردي ڦهلائي رکي آهي ان کي ظاهر ڪرڻ گهرجي. مان چوندي آهيان ته “سنڌ ۾ ڌاڙيل آهن، پر سڀ سنڌي ڌاڙيل نه آهن” هاڻ جڏهن ايم ڪيو ايم جا پول پڌرا ٿي رهيا آهن ان مان لڳي پيو ته شهرن ۾ ٻوريءَ ۾ بند لاش، اغوا ۽ تاوان وٺڻ، گاڏيون چورائڻ، بئنڪن ۾ ڌاڙا هڻڻ اهڙين ڪاررواين ۾ نوي پرسنٽ ايم ڪيو ايم وارن جو هٿ رهيو آهي، بلوچستان وارا اسان جا ڀائر آهن، اسان جا انهن سان اخلاقي ۽ سماجي رشتا تمام مضبوط آهن. پر اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته اتان جا ڌاڙيل به هت سنڌ ۾ اچي ڪارروايون ڪن ٿا. پنجاب ۽ سرحد جا دهشتگرد به هت موجون ڪيو ويٺا آهن. سنڌ پئي ٻري، سنڌ پئي برباد ٿئي . . . . . اکين ۾ سڀني جي کوپا چڙهيل، ماڻهن ۾ پريس ميڊيا، اليڪٽرڪ ميڊيا هر ڪنهن جي اها ئي وائي وات ۾ سڀ سنڌي ڌاڙيل آهن، دهشتگرد آهن، هندستان جا ايجنٽ آهن وغيره وغيره. اخبارون اڄ ڪلهه جيڪو ڪجهه لکن پيون سو اڃا به اڻ پورو آهي . . . هاڻ اسان کي سنڌين جي وهندڙ رت جو حساب ڪتاب وٺڻو آهي . . . مان عرض ڪنديس سنڌي صحافين، اديبن ۽ دانشورن کي ته هي وقت ئي آهي توهان سنڌ جي مٿان ايم ڪيو ايم جا ظلم تفصيل سان لکي اردو ۽ انگريزي اخبارن کي ڏياري موڪليو. تصويرن ۽ ثبوتن سان رڪارڊ موڪليو. اسان جيستائين قدم اڳتي نه وڌائينداسين ته پوءِ ڪير اسان سان همدردي ڪندو؟ ڪير اسان جي مٿان ٿيل ظلمن جو حساب ڪتاب و ٺندو؟ سنڌي اخبارون ته لکن پيون پر ان مان ايترو هڙ حاصل نه ٿو ٿئي، ڇو ته لکڻ وارا به اسين ته پڙهڻ وارا به اسين هي وقت ئي آهي حساب ڪتاب گهرڻ جو. هي وقت ئي آهي پنهنجا پير پختا ڪري وڏي واڪ اهو سچ چوڻ جو ته سنڌين جهڙو محب وطن ته ڪو ٻيو ٿي ئي نه ٿو سگهي. سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ئي سنڌين جي شناخت ۽ حب الوطنيءَ جو ثبوت آهي . . . . .
آچر 12 جولاءِ 1992ع