ڊاڪٽر قمر ۽ جسٽس حامد مرزا جي دل جو ڏک
گذريل هفتي اخبار پڙهندي اوچتو هڪ خبر پڙهيم جنهن حال في الحال منهنجا حوصلا ئي خطا ڪري ڇڏيا. اهڙيون خبرون اڃا به ان کان وڌيڪ خطرناڪ خبرون اخبار ۾ روز پڙهندا آهيون، انهن خبرن کي به پڙهي دل ڏکائتي ٿي پوندي آهي. پر هي خبر جنهن مون کي پريشان ڪيو، ان جو سبب صرف اهو هو ته ان خبر جي حوالي سان ڪيتريون شڪليون، ڪيترا وجود ۽ پراڻو گذريل وقت منهنجي سامهون اچي ويو. اخبار ۾ خبر هئي ته جسٽس حامد مرزا جي پٽ جيڪو ڊي ايم سي ۾ چوٿين سال جو شاگرد هو، تنهن پاڻ کي ماري ڇڏيو. هڪ رات اڳ ان جي ڀيڻ جي شادي هئي. خبر پڙهڻ سان منهنجي ذهن ۾ ادي قمر اچي ويئي. ادي قمر منهنجي وڏي ڀيڻ جي ڪلاس ۾ پڙهندي هئي. اسان سڀ گورنمينٽ ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندا هئاسين. گڏ کائڻ اٿڻ ويهڻ هو. هاسٽل جي زندگي به عجيب هوندي آهي. آپا شمس عباسي جو اهو اصول هوندو هو ته اگر ڪمري ۾ چار ڇوڪريون رهنديون هيون ته انهن مان ٻه سينيئر ۽ ٻه جونيئر هونديون هيون. سبب اهو هوندو هو ته نيون ڇوڪريون پاڻ کي هاسٽل ۾ اڪيلو محسوس نه ڪن. ادي قمر سائنس جي شاگردياڻي هوندي هئي ان ڪري هوءَ پنهنجي پڙهائي ڏانهن گهڻي توجه ڏيندي هئي. ميڊيڪل جي پڙهائي دوران ان جي شادي ٿي ويئي. مرزا حامد جي هڪ ڀيڻ منهنجي ڪلاس ميٽ هوندي هئي ان ڪري ادي قمر جي باري ۾ ٿوري گهڻي خبرچار پوندي هئي. وقت گذرڻ سان هر ڪو جدا ٿي الائجي ڪٿي جو ڪٿي وڃي پڳو. هاڻ ملاقاتون سالن کان پوءِ ٿينديون هيون. ڪڏهن ڪنهن جي شادي ۾ ڪڏهن ڪنهن فنڪشن ۾ پنهنجن پراڻن ساٿين سان ملاقات ٿيندي رهندي هئي. اهڙي طرح ادي قمر به ڪڏهن ڪڏهن نظر اچي ويندي هئي. ادي قمر سان منهنجي تفصيل ۾ ملاقات منهنجي ڪاليج ۾ ٿي، سندس ڌيءُ منهنجي ڪاليج ۾ پڙهندي آهي. جڏهن به ملندي هئي ته چوندي هئي منهنجي گهر اچ، هاڻ ته مان باٿ آءِ لينڊ ۾ تنهنجي گهر جي ڀرسان ٿي رهان. ڪڏهن ته ٽائيم ڪڍي ايندي ڪر. مون کي ڪهڙي خبر هئي ته مان ادي قمر جي گهر ان ڏينهن ويندس، جڏهن هوءَ زندگي ۽ موت جي چوواٽي تي هوندي. فهميده ۽ ادا سراج جي گهر واريءَ سان گڏ جڏهن مان ادي قمر جي گهر قدم رکيو ته ڏک ۾ سوچيم ته مون کي اڄوڪي ڏينهن تي ئي اچڻو هو، مان فهميده ۽ ڀاڀي خاموشي سان ڪنڊ وٺي وڃي ويٺاسين ته پاڻ سڏ ڪيائين ۽ ڀاڪر پائي ملي. ادي قمر فهميده جي ننڍپڻ جي اسڪول جي زماني کان ساٿياڻي رهي آهي. اڃا ڪالهه سندس ڌيءَ جي شادي ۾ شريڪ ٿي هئي ۽ اڄ اسان سڀ سندس جو ان پٽ جي ڪمهلي موت تي گڏ ٿيا هئاسين.
ادي قمر جيڪا هاڻ ڊاڪٽر قمر مرزا آهي ۽ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ پروفيسر آهي، پنهنجي جوان پٽ جي موت تي بيحال لڳي پئي هئي. پڙهيل لکيل مائرن جو به عجيب الميو آهي. هو ڏک جو اظهار کلي نموني سان نه ٿيون ڪري سگهن. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ڪي عورتون پار ڪڍي روئنديون آهن، انهن پار ڪڍڻ ۾ ماحول ڏاڍو سوڳوار ٿي ويندو آهي. ڏک جو ته ڪو انت ئي ڪونهي، پر وري به گهڻي روئڻ ۽ ڏک جو اظهار ڪرڻ سان اندر مان بيچيني گهٽجي ويندي آهي. اڄ جي پڙهيل لکيل عورت روئي ته ضرور ٿي، پر گڏوگڏ ان هلي ويندڙ شخص جون ڳالهيون به دهرائي ٿي. انهن ڳالهين کي دهرائڻ سان اندر جي پيڙا بجاءِ گهٽجڻ جي وڌي وڃي ٿي. ادي قمر ماءُ آهي ان کي ته هر پل ياد هوندو. هڪ ٻار جيڪو وڏو ٿئي ٿو، پنهنجي قابليت سان ڊاڪٽريءَ ۾ داخلا وٺي ٿو. ان جي گهر جو ماحول به اهڙو نه آهي، جنهن مان ڪي مسئلا جنم وٺن. پڙهيل لکيل خوشحال گهر جو نوجوان ڇوڪرو جڏهن خودڪشي ڪري ٿو ته پوءِ ڇا سوچجي. ادي قمر کي هڪڙو پٽ ۽ ٽي ڌيئرون آهن. ضرور لاڏ ڪوڏن سان ان جا انگل کڻي ان کي پاليو هوندائين پوءِ آخر اها ڪهڙي ڪمي هئي، جو ان نوجوان اهڙو قدم کنيو ۽ ابي امڙ کي رڻ ۾ رولي ويو. اسان جي معاشري ۾ رهندڙن جي نفسيات به عجيب آهي. جڏهن محروميون گهڻيون ملن ٿيون تڏهن به جڏهن سڀ ڪجهه ملي ٿو وڃي تڏهن به پنهنجي وجود جو توازن برقرار نه ٿو رکي سگهي. اڄ ڪلهه جا ماءُ پيءُ پنهنجي حيثيت آهر پنهنجي اولاد کي خوش رکن ٿا. انهن جون خواهشون پوريون ڪن ٿا پر اها ڳالهه به آهي ته پنهنجي گهر جي ماحول ۽ ٻاهر جي هن دنيا کي ملائي ٻارن جي زندگي جو توازن قائم رکڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. اڄ ڪلهه جيترو ٻارن کي خوش ٿو رکيو وڃي ايترا اهي جذباتي ٿي ٿا وڃن. اهڙن مائرن ۽ ڀينئرن جي به ته ڪمي ڪونهي جيڪي سختي رکندا آهن. بي جا ٻارن تي تنقيد ڪندا آهن. اهڙا ٻار به ذهني انتشار جو شڪار ٿي ويندا آهن. اسان پنهنجي گهرن ۾ پنهنجون روايتون قائم رکي ٻارن جي ذهني تربيت ڪرڻ چاهيندا آهيون ۽ ٻاهر جي دنيا ايتري تيز ٿي ويئي آهي جو ٻار ان ۾ منجهي ٿو پوي.
پنهنجو انت آڻڻ اهو ڪو سولو ڪم ڪونهي. جڏهن پڙهيل لکيل نوجوان اهڙو قدم کڻن ته پوءِ دل ۾ ڊپ ويهي ٿو وڃي. ڇا ٿو چئي سگهجي. الله ساڃهه ڏي اڄ جي اولاد کي ۽ الله ساڃهه ڏي اڄ جي والدين کي. هنن ڏکن سان انسان پڄي نه ٿو سگهي پر هي ڏکَ اندر جهوري ٿا ڇڏين. هي ڏک جو اهو ناسور آهي جيڪي ڇٽي ۽ وسري ڪين ٿا سگهن.
آچر 07 نومبر 1993ع