شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ورهايل سنڌ
اها ساڳي ڳالهه ڪجهه وقت اڳ مان جنگ اخبار جي هڪ ڪالم ۾ به پڙهي هئي. افسوس ته صرف اهو آهي ته اهڙن غلط ڳالهين جو جواب صحيح طريقي سان ڪو نه ٿو ڏنو وڃي، سچ ته اهو آهي ته ڪراچي شهر ۾ هر اهم بلڊنگ، سرڪاري ادارا، تعليمي ادارا، اسٽيشنون مطلب ته هر اهم مرڪز پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جو ٺهيل آهي. هونئن به ڪراچي شهر وڌيو ضرور آهي. وقت ۽ آدمشماري جي تناسب سان شهر وڌندا ۽ وسيع ٿيندا آهن. جت سهولتون روزگار جا وسيلا هوندا ته ضرورتمند ان طرف ئي رخ ڪنداآهن. اها حد بندي مقرر ڪرڻ جو حق هڪ آيل ۽ پناهه وٺندڙ گروهه کي ته ڪونهي. آخر انهن جي اهڙي سوچ ڇو آهي؟ جڏهن اهو گروهه هت پناهه وٺڻ آيو هو ته انهن کي گهر گهاٽ، نوڪريون سڀ ڪجهه ميسر ٿيون. آخر اهي سڀ گهر گهاٽ ۽ نوڪرين جا وسيلا هت موجود هئا تڏهن ته انهن کي مليا. باقي اهو چوڻ ته ڪراچيءَ ۾ ڪي ڪو نه هو. هتان جا رهواسي ته رڳو مهاڻا هئا. سنڌي جاهل آهن، سنڌي ڄٽ آهن، ڌاڙيل ۽ جهنگلي آهي، سڀ سنڌي. اها سڄي پروپيگنڊا ڇو ڪئي وئي ۽ اڃا تائين به ان پروپيگنڊا جو تسلسل موجود آهي. هي گروهه ته پاڻ کي کڻي ڪيترو به علم تهذيب وارو ڪوٺائي. انهن جي اصليت اسان جا وڏا اسان کي ٻڌائيندا آهن ته ڇا هئا. . . . . پر افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته اسان پاڻ خود به هن پروپيگنڊا جا جوابدار آهيون. اسان کي پنهنجي اندر جهاتي پائي امين ٿي فيصلو ڪرڻو پوندو.
هاڻ انيڪ سوال آهن سڀني سجاڳ سمجهدار ماڻهن کان خبر اٿم ته اسان هڪ عظيم تهذيب جا باني آهيون، غيور، غيرت ۽ شان وارا آهيون. اسان جي تاريخ آهي جيڪا موهن جي دڙي سان وڃي ملي ٿي. سنڌ جون تاريخون پڙهندي آهيان ته فخر سان ڳاٽ اوچو ٿي ويندو اٿم، سوچيندي آهيان، “اول به سنڌ هئي آخر به سنڌ رهندي”، ڪي اوڻاهيون، ڪي برايون، ڪي ظلم ڪي زيادتيون ڏٺيوسين ۽ وڏن کان ٻڌوسين به ته ڪنهن زماني سنڌ ۾ هيئن به ٿيندو هو. منهنجو ذهن هميشه انهن اوڻاين ۽ چڱاين جي پاڻ ڀيٽ ڪندو آهي. انهيءَ ڀيٽ ۾ هميشه چڱايون گهڻيون ٿي وينديون آهن ۽ انهن اوڻاين کي پاسيرو ڪري ڇڏيندي آهيان. نشاندهي ڪئي اٿم انهن براين جي ننديو هوندم انهن ڳالهين کي جيڪي اسان ۾ نه هئڻ گهرجن.
پر هي ڇا؟ اسان هن ويهين صديءَ جي آخر ۾ هن ائٽمي دور ۾ جت جيئڻ به جنجال آهي. جت پيٽ قوت لاءِ هر ڪو ٻيو پاڻ پتوڙي. جت اڄ هڪ زال پالڻ به مسئلو آهي جت اڄ ٻچن کي سٺي تعليم ڏيارڻ ۽ انهن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ هڪ وڏو مسئلو آهي. اڄ اسان وٽ غريب ايترو غريب آهي جو کائڻ لاءِ رکو اٽو ڪو نه اٿس. وچولو طبقو معاشري جي نفسا نفسي ۾ زال مڙس ڪم ۾ رڌل آهن ته به پورت نه آهي. مطلب ته سنڌ جو هر طبقو سواءِ سياستدانن ۽ ڪامورن جي جن پنهنجو ضمير به وڪڻي ڇڏيو آهي. باقي ٻيا سڀ جيون جي ڊوڙ ۾ ٿاڦوڙا پيا هڻن. انهيءَ سڄي انداهي واري ماحول ۾ جڏهن ته اسانجي بقا به خطري ۾ آهي ته اسان ڇا پيا ڪريون؟ ٽي وي، ريڊيو ۽ پريس هڪ وڏي ميڊيا آهن. ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي ته اسان ات اهڙي قسم جون تحريرون ڏيندا آهيون جن ۾ ٽن ڳالهين جو پرچار ٿيندو اهو سنڌي ظالم آهن، سنڌي ڌاڙيل آهن، سنڌي ڀوڪ آهن . . . .!! مڃون ٿا ته هر قوم ۾ اوڻايون هونديون آهن پر جهڙي طرح سان اسان ميڊيا جي ذريعي اهي اوڻايون ڏيکاريندا يا ٻڌائيندا آهيون جيڪي ڪي صديون ڪي ورهيه اڳ اسان ۾ موجود هيون. هاڻ يا ته بلڪل نه آهن، اگر آهن به ته تمام گهٽ ته پوءِ اهو ڇا آهي؟ خاص ڪري ٽي وي ڊرامن ۾ ته اهو محسوس ٿيندو آهي ته اسان بڇڙا هئاسين، بڇڙا آهيون ۽ بڇڙا رهنداسين. . . .
اهي قومون جن جي ڪا تاريخ نه آهي. اهي مهذب قومون نه آهن. انهن جا ڪي اخلاقي قدر به نه رهيا آهن. ان جي باوجود به هو پاڻ کي اهڙو ته ڪري پيش ڪن ٿا ڄڻ ته انهن جهڙو هن ڪائنات ۾ ڪو آهي ئي ڪو نه. انهن جي تاريخ بدمعاشين ۽ سفاڪين سان ڀريل آهي ته به هو پاڻ کي مسڪين ۽ با اخلاق ڪري پيش ڪن ٿا ۽ اسان جا اديب اهي اوڻايون جيڪي اڄ اسان ۾ موجود نه آهن انهن کي اهڙي طرح پيش ڪندا آهن جو هر ڪو اهو سوال ڪندو آهي ته توهان اهڙا آهيو ڇا؟ توهان وٽ ائين ٿيندو آهي ڇا؟
اسان جا گهڻا اديب ذميدار آهن هن پروپيگنڊا جا ! اسان جي ٽي وي ڊرامن ۽ ريڊيو ڊرامن ۾ ڳولهي ڳولهي اهڙا موضوع پيش ڪيا ويندا آهن ڄڻ ته سنڌين ۾ ڪا چڱائي ته ڪڏهن موجود ئي ڪا نه هئي. هڪ ڪلاڪ جو قسطوار ڊرامو هوندو ۽ اسان جا وڏا وڏا نالي وارا ليکڪ ڳولهي ڳولهي اهي موضوع ۽ ڪردار کڻندا آهن جن جو وجود ئي ڪو نه هوندو آهي. گر هوندو به آهي ته تمام گهٽ. ڊرامي جو هر ڪردار مڪمل خرابي ۽ مايوسيءَ جو عڪس هوندو آهي. ظالم جي ظلم کي ڏسي پئي نفرت وٺندي ته مظلوم اهڙو ته بي همت هوندو آهي جو دل چوندي آهي ته ان کي هوند وڃي مار ڪڍجي.
اسان جي سنڌ ۾ هي شهري ۽ ٻهراڙيءَ جو جيڪو مسئلو آهي ان کي به ختم ٿي وڃڻ کپي. سنڌي جت به مقابلي ۾ آيا آهن انهن ڌاڪو ڄمايو آهي. مقابلي جي امتحانن ۾ ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙن سنڌين پوزيشنون کنيون آهن. شهرن جي امتحانن ۾ ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙن سنڌين پوزيشنون کنيون آهن. شهرن ۾ سڀ مشهور نالي وارا ڊاڪٽر تقريبن سنڌي آهن. اسان سنڌين لاءِ اها به فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪستان جو پهريون ڪمپيوٽر پي ايڇ ڊي محترم مير محمد شاهه جن به سنڌي آهن. پهرين (بي اي) انجنيئر ڇوڪري سنڌياڻي، ملڪ جي پهرين عورت سربراهه به سنڌياڻي، مشهور گائنا ڪالوجسٽ ڊاڪٽرياڻي ساره صديقي جنهن انڊو پاڪ ۾ ڊاڪٽري پڙهي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو اها به سنڌياڻي، وڏن عهدن تي ويٺل سنڌي انهن به پنهنجي تعليم ڳوٺن مان ئي حاصل ڪئي. مقصد ته جت به سنڌين کي رستو مليو، وسيلا مليا، نڪرڻ جو موقعو مليو انهن اُت پاڻ مڃرايو آهي. وقت ۽ حالتن مطابق تعليمي نظام ۾ فرق اچي ويو آهي. ان جا جوابدار به اسان پاڻ ۽ ملڪ جون سياسي حالتون آهن. هاڻ تعليمي نصاب ۽ طريقه تعليم کي مٽائڻو پوندو، شهرن ۽ ٻهراڙين جي تعليمي ادارن ۾ هڪ جهڙو نصاب پڙهائڻ تمام ضروري آهي.
هن سلسلي ۾ نه صرف حڪومت کي ڪجهه ڪرڻ کپي پر پنهنجي مدد پاڻ جي تحت تعليمي ادارا قائم ڪرڻ گهرجن. پنهنجي آئنده نسل کي مقابلي لاءِ تيار ڪرڻو پوندو. پاڻ ۾ ايتري سجاڳي ۽ شعور آڻڻ گهرجي جو پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي هن ڪوٽا سسٽم جا محتاج نه رهون.
حڪومت جو به ته اهو حال آهي ته ٻين صوبن ۾ اليڪٽرانڪ ۽ ڪمپيوٽر يونيورسٽيون پيون ٺهن ۽ اسان لاءِ ڀٽ شاهه ۾ صوفين جي يونيورسٽي ٺهندي. چوڻ آ هنن جو ته توهان سنڌي ڀوڪ بصر ڇا ڄاڻو ائٽمي ٽيڪنالاجي مان الله الله ڪريو.
هاڻ اسان جي سنڌي مهمان ليکڪن کي جيڪي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ لکن ٿا انهن کي عرض آهي ته گهڻو ئي بڇڙو ڪيو اٿو سنڌين کي گهڻيون ئي اوڻايون ۽ خرابيون ڏيکاري چڪا آهيو سنڌ واسين جون. هاڻ خدا جو واسطو اٿو ته پنهنجي قلمي طاقت کي هنن مسئلن تان هٽائي ٿوريون نيون سوچون ڏيو، نوان رستا کوليو ڀلا جي سنڌي بڇڙا آهن خراب آهن ته به خدا توهان کي قلم جي ڏات ڏني آهي. ان ڏات جي ذريعي هن قوم کي سجاڳ ڪيو، شعور ڏيو، هن اونداهي واٽ ۾ ڪا مشعل ٻاريو ڪا روشني ڦهلايو.
اهي قومون ئي ترقي ڪنديون آهن جيڪي ماضيءَ تي فخر ڪري چپ ڪري نه ويهنديون آهن ۽ نه وري پنهنجي ڪوتاهين تي شرمسار ٿي ڪنڊ وٺنديون آهن. تعميري ڪمن ۽ سوچن جي لاءِ حال ۾ ويهي مستقبل جا منصوبائي ڪامياب ڪندا آهن. تحرڪ، ولولو ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو ئي قومن جي ترقيءَ جو بنياد هوندو آهي.
آچر 13 ڊسمبر 1992ع