مير رسول بخش ٽالپر جي تقرير، سنڌين جي حقيقت مندانه عڪاسي
مير رسول بخش ٽالپر جا هي لفظ مون کي اڄ ان ڪري ياد آيا ته اسان سنڌي پورهئي ۽ هٿ جي محنت جي قدر قيمت وڃائي چڪا آهيون. ڪوبه پورهيت يا هاري يا وري هٿ جو ڪم ڪرڻ وارو پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياريندو آهي ته ان جي ذهن ۾ اها ڳالهه هوندي آهي ته منهنجو پٽ پڙهي آفيسر ٿيندو، وڏو ماڻهو ٿيندو، اُهو ٻار ان ماحول ۾ تعليم حاصل ڪندو آهي جت پل پل ان کي ان قسم جو احساس ڏياريو ويندو آهي. اهو چوڻ يا لکڻ به صحيح نه آهي ته ڪو غريب ماڻهن کي خواب نه ڏسڻ کپن يا وري سٺي مستقبل لاءِ ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.......... هر انسان جو بنيادي حق آهي. ته هو بهتر کان بهتر مستقبل جي تلاش ۾ جستجو ڪندو رهي. تاريخ به ان ڳالهه جي شاهد آهي ته وڏا وڏا اديب، دانشور، تعليمي ماهر، سياستدان، کوجنا ۽ ايجادون ڪندڙ انهن سڀني جو تعلق گهڻو ڪري هيٺين غريب طبقي سان رهيو آهي. گڏوگڏ اها به حقيقت آهي ته اهي آڱرين تي ڳڻجڻ وارا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي منزلن تي پهچي سگهيا. باقي اڪثريت اهڙن جي آهي جيڪي چاهيندي به ڪوشش جي باوجود به اهو ڪجهه حاصل نه ڪري سگهيا جيڪو انهن حاصل ڪرڻ پئي چاهيو.... اهڙا هارايل منزلن جا متلاشي ماڻهو پنهنجي گهر جي ڀاتين ۽ معاشري لاءِ ناسور ٿيو پون. اهي ماڻهو جن جن علم کي روزگار ۽ وڏي آفيسري هٿ ڪرڻ لاءِ حاصل ڪيو. هاڻ ناڪامي جي صورت ۾ هو ابي ڏاڏي جي ڪرت کي ڪرڻ عيب سمجهندا آهن. مايوسين جو شڪار ٿي، احساس ڪمتري يا احساس برتري جو شڪار ٿي ويندا آهن. هي انسان نه ابي امان جي ڪا خدمت ڪندا آهن. نه وري پنهنجا ٻچا صحيح طريقي سان ۽ ذميداري سان پالي سگهندا آهن. اسان سڀني کي خبر آهي ته ٻين قومن جا ماڻهو هر قسم جو ڪم ڪرڻ جا هوشيار هوندا آهن. ڪيڏي به وڏي ڊگري حاصل ڪندڙ شخص معمولي کان معمولي ڪم ڪرڻ ۾ عيب ڪونه سمجهندا آهن سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ وقت به هو اهو نه سوچيندا آهن ته ڪو سڌو سنئون ڪنهن وڏي ڪرسي تي وڃي ويهن. ننڍي سرڪاري نوڪري حاصل ڪري هڪ دفعو گهڙڻ کانپوءِ هو ڪوشش ۽ محنت ڪندا ته جيئن ترقي حاصل ڪن. اسان وٽ ڪافي نوجوان ته اهڙا آهن جو مئٽرڪ پاس ڪري چاهيندا آهن ته ماستري يا ڪلارڪي ملي وڃي. اگر نه ملي ته سائين جن پيا آرام ڪندا ۽ رول ٿي پيا جتيون گسائيندا پر اهو نه سوچيندا ته هو پنهنجي قيمتي وقت زيان پيا ڪن. پيءُ اگر هٽ مانڊڻي ٿو هلائي يا مزودري ٿو ڪري ته هو چوندا ته اسان اهي ڪم ڇو ڪيون؟ اسان ته پڙهيا آهيون.
علم حاصل ڪرڻ انسان جو بنيادي حق آهي. علم شعور ڏئي ٿو، سمجهه ڏئي ٿو. زندگي جي اهم مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ علم مددگار ثابت ٿئي ٿو. علم سان انسان سچ ۽ ڪوڙ، حق ۽ ناحق جي سڌي کان واقف ٿئي ٿو. جن قومن علم کي ذريعي معاش حاصل ڪرڻ لاءِ يا صرف ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ پڙهيو ۽ حاصل ڪيو ته سمجهو ته ان قوم جو زوال ويجهو آهي. اها ڳالهه ته جيئن ته اسان جو ملڪ اڃا ترقي پذير آهي. ترقي ۽ وسائل جا محدود وسيلا آهن. آدم شماري ته وڌندي پئي وڃي ۽ روزگار جا وسيلا اوترائي آهن جيڪي اڳ هئا. پوءِ ڀلا ايترن سڀني پڙهيل لکيلن کي نوڪريون ڪٿان ملن؟ جڏهن ته هر هنڌ مقابلو لڳو پيو آهي. سنڌي قوم ۾ هڪ ٻي جيڪا سوچ آهي ته هو مخصوص نوڪريون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هوندا آهن ۽ گهر کان پري نوڪري ڪرڻ نه ويندا آهن. سنڌي قوم جي طاقت جو توازن ان ڪري اڻ پورو آهي جو هو هر فيلڊ ۾ نه ٿا وڃن. جيئن ته هڪ مئٽرڪ پاس جوان اها ڪوشش ڪندو ته ان کي ماستري يا ڪلارڪي ملي پر هو فوج يا پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ کان پيو ڪيٻائيندو. نوڪري نه ٿي ملي ته هو ڪاروبار ڪرڻ يا وري ٻيا ڪم جن ۾ بجلي جو ڪم، پلمبري جو ڪم، ۽ اهڙي قسم جا ٻيا ڪم ڪرڻ يا تجربو حاصل ڪرڻ نه چاهيندو. حالانڪ هنن ڪمن ۾ محنت جو اجورو تمام گهڻو آهي اهي ڪم ڪندڙ ماڻهو هڪ چڱي خاصي آفيسر جيترو ڪمائي وٺندا آهن. دنيا ۾ ٻاهر نڪري ڏسو ته وڏين وڏين ڊگرين وارا ماڻهو پنهنجو ڪاروبار پيدا ڪندا يا وري اهڙا ادارا قائم ڪندا جن ۾ هو هٿ جي ڪم کي فروغ ڏيندا آهن. پري وڃڻ جي ضرورت نه آهي. اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ دڪاندار، ريڙهي تي ڀاڄيون ۽ ٻيون شيون وڪڻڻ وارا اهي سڀ بي اي ۽ ايم اي پاس ملندا. ڀلا جيڪڏهن سرڪاري نوڪري نه ٿي ملي ته پنهنجي زندگي هروڀرو تباه ڇو ڪجي؟ سنڌين کي هاڻي سوچي سمجهي همت سان هر فيلڊ ۾ پکڙجي وڃڻ گهرجي. پنهنجون بنيادون مضبوط رکجن. هر ڪم ڪجي هر هنڌ گهڙي وڃجي. اها وقت جي ضرورت آهي ۽ سنڌين جي تحفظ ۽ بقا لاءِ به ائين ڪرڻ ضروري آهي.
آچر 30 ڊسمبر 1990ع