جِنَ آخر عورتن جا مهمان ڇو ٿا ٿين
هڪ ڳالهه جيڪا سمجهه کان مٿي آهي ته اسان جي سنڌي معاشري ۾ عورتن تي هروڀرو جِنُ ڇو ايندو آهن. هڪ اها به حقيقت آهي ته علم جي روشني نه هئڻ ڪري ۽ معلومات جي گهٽتائي جي ڪري به ڪيترن ذهني مريضن کي به جنن جي اچڻ جو سبب چيو وڃي ٿو. نفسياتي الجهنون ذهن تي دٻاءُ جنهن ۾ ماڻهو پنهنجو پاڻ سان پيو ڳالهائيندو آهي. پنهنجن ذاتي مسئلن تي ذهن ۾ جنگ جوٽي زبان سان هو ويٺو انهن جو حل ڳوليندو آهي. اها ابتدا آهي ذهني مرض جي جيڪا اڳتي وڌي جنون جو شڪار ٿئي ٿي. اهڙي حالت ۾ علاج سان اهڙا مريض ٺيڪ ٿي سگهن ٿا پر ان حالت کي جنن جي حوالي ڪرڻ ۽ پوءِ تعويذ ۽ ڦيڻا ڪرڻ سان اهو مريض اڃا به آپي مان نڪريو ٿو وڃي.
اڪثر وڏ گهراڻن گهرن ۾ يا اُهي گهر جيڪي خاندان کان ٻاهر شاديون نه ڪرائيندا آهن.پنهنجن نياڻين جون اهڙن گهرن جون نياڻيون هسٽيريا جي مرض جو شڪار ٿي وينديون آهن اهڙي مرض جو علاج ڊاڪٽر صاحبان شادي تجويز ڪندا آهن. جن ماڻهن ڊاڪٽرن جي تجويز تي عمل ڪري پنهنجن نياڻين جون شاديون ڪرايون اهڙا مثال اسان پاڻ ڏنا آهن ته هو سڀ خوش زندگي گذارين پيون.
مان ڊاڪٽر نه آهيان ۽ نه نفسياتي ماهر آهيان پر هن معاشري ۾ رهي مون اهو ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي ته اهڙن گهرن جون ڇوڪريون هسٽيريا جي مرض ۾ گرفتار ٿينديون آهن، جن کي گهر جي ماحول مان اهڙيون مايوسيون ۽ نراسايون ملنديون آهن.......جانور توڙي انسان قدرت طرفان انهن ۾ ڪي جذبا اهڙا رکيا آهن جيڪي شدت سان اُڀرن ٿا. اهڙن ئي شديد جذبن جي لاءِ مذهبن، معاشري ۾ ڪيترائي اخلاقي قدر ۽ حدبنديون رکيون آهن. هنن شديد جذبن کي روڪڻ سان يا ان ۾ ڇڙواڳي اچڻ سان ئي مسئلا اُڀرن ٿا. عورت توڙي مرد ٻئي ڄڻا انهن جذبن جي آشنائي رکن ٿا. اهي جذبا انهن ٻنهي وٽ اوتري شدت سان موجود آهن پر جيئن ته عورت کي اخلاقي ۽ ڪجهه پنهنجي اندروني قوت جي ڪري ان جذبي جي شدت کي دٻائڻ جي قوت آهي. جن عورتن انهن جذبن کي ماري سڄي زندگي گذاري.چاليهه سال عمر گذارڻ کان پوءِ به هو ڪيترن بيمارين ۾ وٺجي وينديون آهن. مٿي جو سور، بي خوابي، بلڊپريشر هاءِ، خبر ناهي ٻيون ڪيتريون اهڙيون بيماريون انهن کي وڪوڙي وينديون آهن جو سڀ ڪو حيرت مان چوندو آهي ته هن ڪنواريءَ کي اها بيماري ڪيئن ٿي، اسان جي پنهنجي گهرن ۾ آس پاس ۾ رهندڙ ايترا ڪيترا مثال آهن. هڪ عورت مون کي اڃا تائين ياد آهي جيڪا ڏينهن ۾ ٻي ٽي دفعا ٿڌي پاڻي ۾ پير هٿ وجهي ويهندي هئي، سندس اهو چوڻ هوندو هو ته سندس وجود ۾ باهه پيئي ٻري...... يقينن اهو به فرق آهي ته هڪ پڙهيل لکيل مصروف عورت وري به پنهنجي زندگيءَ ٺاهي ٿي وڃي ڇو ته ذهني مصروفيت انسان کي سڪون ڏئي ٿي. گهرن ۾ ويٺل اهي عورتون جن کي ڪا ذهني مصروفيت آهي ئي ڪانه ۽ انهن جي گهرن ۾ ڀائر ڌام ڌوم سان شاديون ڪن ٿا. پنهنجن ڪنوارن سان خوش گذارين، ڪن گهرن ۾ مرد ٻه شاديون ڪن، گهر کان ٻاهر به عياشيون ڪن ۽ پنهنجي گهر ۾ ويٺل نياڻين کي شاديون نه ڪرائينداآهن. اهڙن احساسن ۽ جذبن جو ماريل جن کي دنيا جي سڀ وهنوار جي ڄاڻ به آهي. پر انهن لاءِ هر قسم جون پابنديون آهن. شرافت ۾ جي رهن ته ذهني مريض ٿيون ٿين. هسٽيريا جي مرض ۾ وڪوڙجي ٿيون وڃن، آهن اگر ڪي همت واريون ته ڪوٺا به ٿيون ٽپن، پنهنجي زندگي برباد به ٿيون ڪن.......
هڪ عورت جنهن کي ساهرا گهر ۾ ڏاڍو ڪم ڪرائيندا هئا. ان تي جن اچي ويو، سائين ڏاڍا تعويز ڦيڻا ٿيا، فقيرن کي گهرايو ويو، پڙهيل پاڻي پياريو ويو، پر مائيءَ جو جِنُ چوي ته مان ته ڪونه ڇڏيندومانس، ڏاڍي منٿن کان پوءِ جِنَ اهو ٻڌايو ته هيءَ مائي ساهرن ۾ گهڻو ڪم ٿي ڪري سُکي نه آهي. جڏهن هيءَ سکي ٿيندي ته مان ڇڏي ويندو مانس. ٿيو به ائين ان مائيءَ کي جڏهن سُک مليو ته جِن به هليو ويو.....معنيٰ ته ان ويچاري عورت جِن جو بهانو ڪري پنهنجو سُک ڳوليو.....اها ڳالهه به ٻڌي اٿم ته هڪ مائي جڏهن به پيٽ سان ٿيندي هئي ته جِنُ ايندو هوس، ان جن جي فرمائش بُسري جي هوندي هئي. سٺن کاڌن جي هوندي هئي، ويچارا گهر جا ڀاتي ان عورت کي بُسريون کارائي ان جِنَ جي فرمائش پيا پوري ڪندا هئا... اها به اسان جي معاشري جي افسوس ناڪ حالت آهي. غريب ويچارا هونئن ئي چڱي کاڌي لاءِ سڪون پوءِ اهڙا جنن جا بهانا ڪري سٺا طعام پيا کائجن......!! ڏٺو ويو آهي ته ائين غربت ۽ پريشانيءَ ۾ عورت بُسرين جي گهر ڪندي ته پوءِ ڇا ملندس.....؟ اهو به اسان سڀ سوچي سگهون ٿا......
هي واقعو جيڪو منهنجي سامهون ٿيو ۽ اڃان تائين جڏهن به ياد ايندو آهي ته لڱ ڪانڊارجي ويندا آهن..... اسان جي لطيف آباد واري بنگلي جي ڀرسان وارو بنگلو نواب شاهه جي هڪ تمام وڏي زميندار جو هو، اهو بنگلو اڪثر خالي رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪي مرد ۽ ڇوڪرا اتي اچي رهندا هئا يا وري بيماري سيماريءَ ۾ گهر جون عورتون اچي رهنديون هيون... جڏهن ته اهو بنگلو اڪثر خالي رهندو هو ان ڪري اڪثر ان ۾ عجيب قسم جا ماڻهو اچي رهندا هئا. خير پنهنجي گهر ۾ ڪير ڇا به ڪري پر هڪ ڏينهن عجيب منظر ڏٺوسين. هڪ نوجوان ويهن سالن جي مس، عمر ۾ تمام خوبصورت ڇوڪري بنگلي جي ڇت تي رڙيون پئي ڪري بولاٽيون پئي کائي، اٿ ويهه پئي ڪري، ان کانپوءِ مسلسل ان ڇوڪري جون رڙيون ۽ واڪا ڏينهن رات ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. ان جي حالت برداشت کان ڏسڻ کان مٿي هوندي هئي، جو اڃا ڏينهن تپندو هو ته هوءَ پيرن اگهاڙي مٿي اگهاڙي، ڇت تي چڙهي ايندي هئي. سڄي پگهر ۾ شل عجيب حرڪتون ڪندي هئي، اسان گهر جا ڀاتي پنهنجي گهر جي ڇت تي بيهي اهو لڪاءُ ڏسندا هئاسين، هوءَ ڇوڪري دنيا جهان کان بي خبر پنهنجي حرڪتن ۾ مشغول هوندي هئي.... ڪڏهن ڪڏهن سج لٿي کان پوءِ ڪي ماڻهو جيپ ۾ ايندا هئا. انهن جي اچڻ کان پوءِ ان ڇوڪري جون اهڙيون ته رڙيون اينديون هيون. اهڙو ته هو ڏک مان ٻاڪاريندي هئي ڄڻ ته کيس ڪو ابتي ڪاتيءَ سان پيو ڪهي، ان پاسي واري گهر اسان کي پريشان ڪري ڇڏيو، اسان جي گهر ۾ اڪثر ان ڇوڪريءَ جو ذڪر ٿيندو رهندو هو. مان به روزانو مٿي چڙهي ويندي هيس ۽ ان جو حرڪتون ڏسندي هيس. هڪ دفعو ان پوڙهيءَ مائي سان ڳالهايم کانئس پڇيم ته هيءَ ڇوڪري ڪير آهي ان کي ڇا ٿيو آهي ان پوڙهي مائي ٻڌايو ته هي منهنجي ڌيءَ آهي، مان ته سمجهان ٿي ته جِنُ اٿس پر منهنجا رئيس چون ٿا ته بيمار آهي علاج ڪرائيس، تنهنڪري مان هت حيدرآباد وٺي آئي آهيانس، جڏهن ان مائيءَ اهو چيو ته هيءَ منهنجي ڌيءُ آهي ته ان ڇوڪريءَ زور زور سان ٽهڪ ڏيئي چيو “تون منهنجي ماءُ آهين، ٻوٿ اٿئي منهنجي ماءُ جهڙو” اهو جملو هوءَ بار بار دهرائيندي رهندي هئي، هوءَ پوڙهي مون کي اهو چئي اطمينان ڏياريندي هئي ته هيءَ اهڙي حالت ۾ آهي جو پنهنجي ماءُ کي به نه ٿي سڃاڻي...... مان به وڃي روزانه ان کي ڏسندي هيس، ان جون اهي ئي حرڪتون هونديون هيون، هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو مان محسوس ڪيو ته هوءَ حرڪتون ته ساڳيون پئي ٿي ڪري پر اک ٽيڏي ڪري مون کي ڏسي به پئي، ان جو ائين ڏسڻ ڄڻ ته منهنجي لاءِ قيامت هئي. ان وقت مون اهو محسوس ڪيو ته هيءَ ڇوڪري چري نه آهي. اگر چري نه آهي ته پوءِ ائين ڇو پئي ڪري، هاڻ مان ان جي ڪڍ پئجي ويس، هر وقت ان جي نظرداري ڪرڻ لڳس، مان ڏٺو ته رات جي وقت هوءَ گهرجي ڪمرن ٻاهران ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويهندي آهي، ان وقت هوءَ ڏينهن واريون حرڪتون ڪين ڪندي . اهو پاسو اسان جي سرونٽ ڪوارٽر جو هو. هڪ دفعو جڏهن هوءَ اُتي ويٺي هئي ته مان سرونٽ ڪوارٽر جي ڏاڪڻ تي چڙهي پنهنجي بنگلي جي ڀت مان هيٺ منهن ڪري ان کي ڏٺم، هو ويچاري گوڏن ۾ منهن وجهيو آهستي آهستي رنو پئي ۽ پئي چيائين “او منهنجي امان منهنجا بابا منهن جا مٺڙا ڀاءُ اهي نالا وٺي ان ڪجهه پنهنجي منهن ڳالهايو پئي ۽ سڏ ڪا ڀري پئي رنائين. ان وقت مون ان کي سڏ ڪيو، هن گوڏن مان منهن ڪڍي مون کي ڏٺو سندس اهو ڏسڻ ۽ سندس چهرو مان اڄ تائين نه وساري سگهي آهيان. هڪ ٻه منٽ هوءَ مون کي ڏسندي رهي ۽ مان ان سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس، اوچتو ڄڻ ته ان کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ وري چرين وانگر رڙيون ڪري حرڪتون ڪرڻ لڳي. ان ويل غير ارادي طور منهنجي وات مان نڪري ويو ته تون چري بلڪل ناهين، مون کي ٻڌاءِ ته تون اهي حرڪتون ڇو پئي ٿي ڪرين. ان ويل اها پوڙهي مائي ات اچي نڪتي ان شايد منهنجو اهڙي طرح ڳالهائڻ ٻڌي ورتو هو. هوءَ ان ڇوڪريءَ کي ڇڪي اندر گهر ۾ وٺي ويئي ٻئي ڏينهن خبر پيم ته کيس جيپ ۾ چاڙهي ڪاڏي وٺي ويا آهن، وري اها ڇوڪري ات نظر نه آئي...... هي اهڙو واقعو منهنجي زندگيءَ ۾ آيو جنهن کي اڄ به ياد ڪري مون کي ڪنبڻي وٺي ويندي آهي.
هي هڪ واقعو نه آهي، اهڙا ڪيترائي واقعا توهان اسان سڀ ڏسون پيا، ڪي بهانا ڪيو ٿيون جن گهرائين. ڪن کي گهرن ۾ بي سڪوني ۽ ضرورت جي پورائي نه هئڻ ڪري جنن جو بهانو ڪري پنهنجي دوستن سان ملڻ ٿيون وڃن. ڪي وري پنهنجي جذبن کي ماري هسٽيريا ۽ ٻين مرضن جو شڪار ٿيون ٿين. ڪي وري اصلوڪن جنن جي ور چڙهيو وڃن. عياشن ۽ بدمعاشين لاءِ ڪي پاڻ ٿيون ڪوٺا ٽپن ته ڪي وري گهرن مان ٿيون کڄن.....هن سڄي روئداد جو تسلسل اچي هت ٽٽي ٿو ته آخر هي جِنَ عورتن وٽ ئي ڇو ٿا اچن......؟ ڇا هي سڄو مسئلو اهو آهي ته اسان ان شديد جذبي کي جيڪو جيترو مرد ۾ آهي اوترو ئي عورت ۾ آهي ان کي صحيح معنيٰ ۾ سمجهي نه سگهيا آهيون. اسان جو هيءُ جيڪو نظام آهي اميري، غريبي وارو ان ۾ غربت جي ڪري اهڙا واقعا ٿين ٿا ۽ گهڻي پئسي جي ڪري به ڇڙواڳي وڌي ٿي. علم ۽ شعور جي ڪمي جي ڪري به اهڙا واقعا ٿين ٿيا. اسان کي صرف علم ڦهلائي ذهني سجاڳي آڻڻي آهي پر هن معاشري کي به مٽائڻو آهي. انسانيت ۽ پنهنجائپ جيڪا ختم ٿي چڪي آهي ان کي وري جيئاري هڪ ٻئي جي جذبن جو قدر ڪرڻو پوندو.
آچر 21 مارچ 1993ع