زمين جي پيدائش ۽ ان جو اُجورو
اسان جي سنڌ جا ڪجهه علائقا ايترا ته پوئتي پيل آهن جو اڄ هن ترقي يافته زماني ۾ عبرت جو مقام آهن. ٿر جي علائقي کي صرف ان ڪري مشهوري ملي آهي جو اتان جا ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري مختلف حصن ۾ هليا ٿا وڃن ۽ وڃي پنهنجا سور ٿا ٻڌائين. ٻيو ته ٿر پيٽ ٿو ڀري انهن سڀني ڪامورن ۽ سياسي ماڻهن جا جيڪي ٿر جي نالي پئسا وٺي پنهنجا محل ٿا اڏين. ڏٺو وڃي ته سنڌ جا ڪيترائي علائقا ٿر وانگر پوئتي پيل آهن. چڱو ڪپڙو ۽ چڱو کاڌو انهن جي نصيب ۾ به ڪونهي. مون به ڏٺو آهي ۽ اهو يقينن اوهان جو به مشاهدو هوندو ته جڏهن ڪنهن وڏي ماڻهو جي ڪنهن خوشي جي موقعي تي ديڳون لهنديون آهن ته اتان جا غريب ماڻهو نه صرف ضرورت کان وڌيڪ کائيندا آهن. پر ڳنڍ ۾ ٻڌي کڻي به ويندا آهن. ان ويل اگر انهن کان پڇجي ته هي ڇا پيا ڪيو ته ڏاڍي مسڪيني نموني چوندا سائين ديڳ جو ڀت سالن کان پوءِ ٿو ملي اسان غريبن کي نصيب ۾ وري اهو ڀت ملي نه ملي ان ڪري ته ڍو ڪري کائون ٿا. پوءِ چاهي آڦري ڇو نه مرون . . .
سنڌي محنت ڪش ۽ پورهيت آهي. ان کي پنهنجي محنت جو اجورو به پورو ڪين ٿو ملي. زميندار ته هر ڪنهن شيءِ مان اڌو اڌ ڪري پاڻ کي خوشحال بڻائي ٿو باقي بچيل اڌ هيترن سارن هارين ۾ ورهائجي ٿو وڃي ڀلا پوءِ ويچارن غريبن جي پورت ڪٿان ٿئي؟ سنڌي پورهيت اَن اپائي ٿو، ڀاڄيون اپائي ٿو، کير جو واپار ڪري ٿو. مطلب ته سنڌي ماڻهو جي محنت سان ئي هن صوبي جي رهواسين جو پيٽ ڀرجي ٿو. گذريل سردين ۾ ڇا ٿيو جو منهنجي پاڙي ۾ رهندڙ زينب جنهن جو گهر وارو اسٽيل مل ۾ ملازم آهي. آفيس مان واپس ايندي هو ڍير ساريون ڀاڄيون ٿيلهين ۾ وٺي آيو. هر ٿيلهي ۾ اڍائي ڪلو ڀاڄي هئي. ان ڀاڄي ۾ توريون، ڀينڊيون، ڪريلا وغيره هئا، هر ٿيلهي جو وزن اڍائي ڪلو هو. اها اڍائي ڪلو ڀاڄي جي ٿيلهي جي قيمت پنج رپيا هئي. هاڻ جو اوڙي پاڙي وارن کي خبر پئي ته سائين سڀني فرمائشون شروع ڪري ڏنيون. ڀلا ڪير نه چاهيندو اهڙيون سستيون ڀاڄيون گهرائڻ لاءِ، جڏهن ته هت ڪراچي شهر ۾ هو ڀاڄي ڏهه ٻارهن رپئي ڪلو کان گهٽ نه ٿي ملي. تفصيل معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته ڪراچي شهر کان ٻاهر ڪافي ساري زمين تي ڀاڄيون پوکيل آهن. اها زمين هڪ پنجابي جي آهي. ڪراچي شهر جا ڪجهه واپاري اتان ڀاڄيون ٽرڪن ۽ سوزڪين ۾ ڀرائي اچي شهر ۾ پهچائيندا آهن. اهي واپاري ان زمين جي مالڪ کان هر قسم جي ڀاڄي هڪ روپيو في ڪلو جي حساب سان وٺندا هئا. هاڻ ٿيو ڇا جو انهن شهري واپارين ڀاڄيون اڃا به سستيون وٺڻ چاهيون ۽ قيمت گهٽ ڏيڻ لڳا. هڪ جيڪو زمين جو مالڪ هو تنهن ڇا ڪيو جو ان واپارين کي ڀاڄي ڏيڻ بدران ٿيلهيون ٺاهي انهن کي رستي تي رکي دڪانداري ڪرڻ لڳو. اتان لگهندڙ گاڏيون جن ۾ پورٽ قاسم ۽ اسٽيل مل ويندڙ ماڻهو ۽ ان کان علاوه ائين به گذرڻ وارن اتان اُهي ڀاڄيون وٺڻ شروع ڪيون. هن عقلمند پنجابي محنت ڪش ائين ڪرڻ سان نه صرف پنهنجون ڀاڄيون وڪڻي ويو پر فائدو به ورتائين. ان سان گڏوگڏ ڪراچي جي واپارين کي سيکت به ڏنائين ته ڏسو ڪيئن نه مان توهان کان ڏاڍو آهيان.....
هفتو کن ائين ڀاڄيون مليون، اسان به جام کاڌيون، ان کان پوءِ ملڻ بند ٿي ويون شايد انهن جو پاڻ ۾ ٺاهه ٿي ويو هوندو. اسان جا سنڌي محنت ۾ ته جهڙا اڏول پر عقل ڏائي کڙي ۾ به ڪو نه اٿن. هو عقل استعمال ڪري پنهنجي محنت جو پورو اجورو نه ٿا حاصل ڪري سگهن. انهن جي رت جي پورهئي جي محنت سان اپايل شين مان شهري واپاري ڪروڙ پتي ٿي ويا آهن.
ان سلسلي ۾ سنڌ جو زميندار صحيح معنيٰ ۾ ڪجهه ڪري سگهي ٿو. جهڙي طرح سان ٽريڪٽر خريد ڪري سگهن ٿا ته اهڙي طرح هو پنهنجو مال شهر ۾ پهچائڻ لاءِ سوزوڪيون ۽ ٽرڪون به خريد ڪري سگهن ٿا. ان فائدي ۾ غريب هارين کي شامل ڪري هو انهن جي زندگي ۾ خوشحالي آڻي سگهن ٿا. هاڻ عقل سمجهه سان هلي پنهنجي حالتن کي مٽائڻ گهرجي. آخر هي سڀ ڪجهه ڪيستائين ٿيندو رهندو. ته سنڌي محنت ڪش هاري غريبت ۾ گهريل هجي ۽ زميندار بئنڪن مان قرض کڻي پيو زمينون آباد ڪري ۽ اليڪشنون وڙهي. آخر انتها اها ٿي وڃي بيهي ته هو کنيل قرضن پويان پنهنجو ضمير به وڪڻيو ڇڏي. قرضن کي معاف ڪرڻ ڪرائڻ لاءِ پٺيان ٻيون پارٽيون پيو مٽائي ۽ سيٽون پيو مٽائي. . . . .
کير جي واپارين جو حال به اهڙو ئي آهي ٻهراڙي مان واپاري کير ٽن روپين کان چار روپيا ڪلو جي حساب سان ٿا وڪڻن. کير ڏُهڻ وارن ماروئڙن جو وڃي حال ته ڏسو ويچارا اوهان کي اهو ٻڌائيندا ته هو ته صرف پنهنجي ڀٽارين مينهن ڍڳين جو پيٽ به مشڪل سان ٿا ڀرين. سندن پيٽ ڀريل هوندو ته انگ اگهاڙو هوندو . . . . . اگر انگ ڍڪيل هوندن ته پوءِ هڪ ويلو به مشڪل کائڻ لاءِ ملندو اٿن . . . آخر ۾ مختصر عرض اهو ته اسان سنڌي محنت به ڪيون ٿا. اناج ڀاڄيون ۽ ڦُٽي پيدا ڪري ٻين جو پيٽ به ڀريون ٿا ته تن به ڍڪيون ٿا. پوءِ ڀلا اسان ڇو بکيا ۽ انگ اگهاڙا آهيون؟ ڇا ٻين کي ڏسي به اسان ڪجهه به سبق نه ٿا پرايون؟ اسان پنهنجي ڪيل محنت مان پنهنجو نصيب ڇو نه ٿا مٽايون؟ اسان ائين ڇو نه ٿا ڪري سگهون جو پنهنجي محنت جا وسيلا ڌر وسيلا ڳولهي، رستا واٽون ٺاهي هلون. پوءِ اسان جي ڪيل محنت جو ڪافي اجورو ملي پوندو. زندگي پر سڪون ۽ خوشحال ٿي پوندي. غريب محنت ڪشن وٽ به شادمانا هوندا ۽ هو وڏا وڏا زميندار به هروڀرو بئنڪن جا قرض کڻي پاڻ کي محتاج ڪري ضميرن جا سودا ڪين ڪندا. . . .
هي مسئلا اجتماعي مسئلا آهن. ڪنهن هڪ ڌر جا نه آهن. اسان کي گڏجي سڏجي هنن مسئلن جو حل ڳولي اجتماعي فيصلا ڪرڻا پوندا. سنڌ جي خوشحالي لاءِ، سنڌي اٻوجهه ماڻهو جي خوشحالي لاءِ . . . . .
آچر 22 سيٽمبر 1991ع