پنهنجي وڍئي جو نه ويڄ نه طبيب
چوندا آهن اکيون ڳالهائينديون آهن. اکين مان هر راز عيان ٿي ويندو آهي. اکيون پيغام ڏينديون ۽ وٺنديون آهن. اکيون ڏوراپا ميارون ڏينديون آهن. خبر نه آهي ڇا ڇا ڪنديون آهن هي اکيون.
هن ڪُرد ٻار جون اهي اکيون سڄي دنيا کي ڄڻ ته هي چئي رهيون آهن: ڀلا منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جنهن جي ڪري مون کي هيءَ بک ۽ غريب الوطني ملي آهي...!؟ ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته روزانه سون جي تعداد ۾ ڪُرد ٻار مري رهيا آهن. اُنهن کي دفن ڪيو پيو وڃي، اُنهن واٽن رستن پهاڙن تي جت هي ڪُرد قوم خيما اڏيو ويٺي آهي. ٻار مري وڃي ٿو ته مائرون ڪنهن کي ٻڌائن ئي نه ٿيون ته ڪو هي ٻار مري چڪو آهي. جڏهن سڀن کي خبر پئي ٿي ته فلاڻي عورت ٻن ڏينهن کان مئل ٻار کي هنج ۾ کنيو ويٺي آهي ته پوءِ ان کان ڇڪي پٽي رڙن واڪن جي آواز ۾ ٻار کي ڌرتيءَ حوالي ڪيو ويندو آهي.
هي سڀ تباهيون، هي سڀ برباديون ۽ انسانن جو قتل عام ورثو آهي اُنهن جنگين جو، جيڪي بغير ڪنهن سبب جي شروع ٿينديون آهن. تباهه ڪاريون، برباديون ڪندڙ هي جنگيون جن جو اثر اُنهن علائقن ۾ سالن تائين رهندو آهي.
ڪُرد قوم جي باري ۾ پنهنجي منهنجي ڄاڻ ايتري گهڻي نه آهي. جيڪا ٿوري گهڻي اٿم اُن کي زياده وضاحت سان نٿي لکي سگهان، ڇو ته ڳالهه جيڪا ڪجي سا پوري ۽ صحيح ڪجي. ها باقي ان ڳالهه جي خبر سڀني کي آهي ته ڪُرد قوم بغير ڌرتيءَ جي هڪ اهڙي قوم آهي جيڪا جنگجو بهادر قوم آهي. خبر نه آهي ته ڪهڙين غلطين پٺيان هيءَ قوم پنهنجي اصل ڌرتيءَ کان الڳ ٿي. ڪجهه سال اڳ ته اُنهن کي اهو حڪم مليو هو ته هو پنهنجي ٻولي به نه ڳالهائين. ڪيترا سال ڪُرد قوم جا ماڻهو گهر ۽ گهر کان ٻاهر پنهنجي ٻولي ڳالهائيندي ڊڄندا هئا، ڇو ته انهن کي پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ تي سزا ملندي هئي. سالن جي مزاحمت ۽ جدوجهد کانپوءِ انهن کي پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ جو حق مليو آهي. ان ڳالهه ۾ شڪ شبهي جي گنجائش ئي ڪانهي ته اهي سڀ ظلم زيادتيون ڪرد قوم تي تڏهن ئي ٿيون هونديون جڏهن ان قوم ۾ پنهنجا ئي غدار ۽ ضمير فروش ٿيا هوندا.
قومن جا تختا تڏهن نڪرندا آهن. وجود فنا تڏهن ٿيندا آهن جڏهن پنهنجي قوم جا ماڻهو پنهنجو ضمير وڪڻي، ذاتي فائدا حاصل ڪري هليا ويندا آهن. اُها قوم نڌڻڪي ٿي صدين تائين ساهه به نه کڻي سگهندي آهي. ڪرد قوم بهادر، ويڙهاڪ ۽ سرتان آهو کڻي هلڻ واري قوم آهي. هنن جي ٻولي تي فارسي ۽ پشتو جو گهڻو اثر نظر ٿو اچي. هڪ پاسي ايران، ترڪي، افغانستان ۽ ٻين قومن ۽ علائقن ۾ به ڪرد گهڻا ٿا رهن. مون کي ان ڳالهه جي ڄاڻ چڱي طرح نه آهي ته هن قوم سان ڪهڙي ويڌن ٿي هئي جنهن جي ڪري هيءَ قوم ائين بي آسرا ٿي ويئي آهي. سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته صلاح الدين ايوبي جهڙو ماڻهو به ڪُرد هو. صلاح الدين ايوبيءَ جنهن صليبي جنگين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اُن جي قوم جو وڃي اهڙو حال ٿيندو تنهن جو ڪير ٿو سوچي سگهي.
قومن جي زوال ۽ ڪمال جو دارومدار، قوم جي پنهنجي ذاتي ڪردار تي وڌيڪ منحصر هوندو آهي. ٻيون قومون يا دشمن ملڪ ته هر وقت ڳجها وار يا کليل هلائون ڪندا ئي رهندا آهن، جڏهن قومون پاڻ ڪمزور ٿينديون آهن. جڏهن اُنهن ۾ پنهنجا غدار ۽ ضمير فروش پيدا ٿيندا آهن. اُن وقت ئي قومون برباديءَ جي ڪناري تي پهچنديون آهن. اهڙيون لاغر، سست ۽ ڪمزور قومون پوءِ پنهنجين ڪوتاهين کي ڏسڻ بجاءِ ٻين کي پيون ميارون ڏينديون آهن. پنهنجا عيب لڪائڻ لاءِ هو ٻين جون عيب جويون پيون ڪنديون آهن.
قومون اُن وقت مضبوط هونديون آهن، جڏهن اُنهن جا قدم زمين تي کتل، پاڙون پاتال تائين ۽ ٻولي ڳالهائڻ ۽ پڙهڻ جو حق هوندو آهي. انهن ڳالهين مان اگر ڪنهن هڪ جي به گهٽتائي ٿي ويئي ته اُها قوم پنهنجو بيلينس نه رکي سگهندي. ڊاما ڊول ٿي آخر تباهيءَ جي ڪناري تي وڃي پهچندي آهي.
قوم جي آبادي ۽ بردبادي جا نفسياتي ۽ اخلاقي پهلو به ٿيندا آهن، هي پيٽ بڇڙي بلا آهي. بک ۽ بيروزگاري انسان کي تشدد لاءِ اُڀاريندي آهي. غلط ڪمن جي ڪري انسان ۾ هيجاني ۽ جنوني ڪيفيتون جنم وٺنديون آهن. ها سائين وري ڀريل پيٽن جا نخرا ته وري وڏا هوندا آهن ڀريل پيٽ، جسماني ۽ ذهني سڪون، دولت جي گهڻائي وري انسانن کي ذهني ۽ جسماني عياشيءَ ڏي مائل ڪندي آهي. اهڙو ئي حال شروع کان وٺي اسان جي سنڌ ڌرتيءَ ۽ ماڻهن جو رهيو آهي. اسان جي معاشري ۾ هيٺ مٿائين ايتري ته گهڻي آهي جو امير ته ڇا اميرن جا ڪُتا به شهزادا آهن. هوڏانهن وري غريب وري ايترو غريب آهي جو مانيءَ جي ٽڪر لاءِ پيو ٻاڏائيندو آهي.
انگريزن جي اچڻ کانپوءِ ٿورو گهڻو اثر ٿيو جو ماڻهو تعليم حاصل ڪري سرڪاري نوڪرين ۾ آيا. هاڻ شهرن ۾ ڪافي حد تائين اهو نوڪري ڪندڙ وچولو طبقو موجود آهي جيڪو پاڻ آڻي، چاڙهي ۽ کائي ٿو. وري به ٻهراڙيءَ جي حالتن ۾ اڃا وڌيڪ گهڻي تبديلي نه آئي آهي.
ان اڻ پوري برابري جي ڪري به گهڻا نقصان ٿيندا آهن. انسان بحرحال انسان آهي. سڀني جو ساهه ۽ ضرورتون هڪ جهڙيون آهن. هيءَ بک، بيروزگار ۽ غريب الوطني ڏاڍي بڇڙي هوندي آهي. انسان کان هوش ۽ حواس ڇڏائجي ويندا آهن. پوءِ وري ڇا ٿيندو آهي؟ جوش ۽ جذبات ۾ اچي انفرادي حيثيت ۾ ڪيل فيصلا قومن جو ٻيڙو ئي ٻوڙي ڇڏيندا آهن.
اُهو ننڍڙو ڪُرد ٻار، جيڪو بک جي ڪري ايترو ته ڪمزور ۽ لاغر ٿي ويو آهي جو چهري تي صرف ٻه وڏيون کليل اکيون نظر ٿيون اچن. اسان لاءِ توهان لاءِ ۽ سڀني لاءِ عبرت جو مقام آهن. هي کليل ويران بک جون ستايل اکيون پيغام آهن ته ڏسو عبرت حاصل ڪيو، جن قومن پنهنجي ڌرتي ڇڏي، پنهنجي زبان ڇڏي. جن ۾ پنهنجائي غدار پيدا ٿيا، اُها قوم پوءِ ڪڏهن به وري پنهنجي ماڳ تي موٽي نه سگهندي آهي.
آچر 12 مئي 1991ع