ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

حيدرآباد شهر ۽ سنڌين سان ٿيل ويساهه گهاتيون

حيدرآباد منهنجو شهر، اسان سڀني جو شهر جتي هاڻ راڪاس گهمي ويو آهي. اڳ ڪهاڻين ۾ پڙهندا هئاسين ته راڪاس اماوس جي رات جو ٻاهر نڪرندو هو. جهڙو ڪارو پاڻ تهڙي ڪاري رات، چنڊ تارا به لڪل، هٿ کي نه ڏسي هٿ. هو ڪنهن به ويجهي انسانن جي ڳوٺ تي حمله آور ٿيندو هو، ڪيترن کي ماري کائي ويندو هو. باقي بچيل ان ڳوٺ جا رهواسي اهو ڳوٺ ئي خالي ڪري هليا ويندا هئا. ڪجهه وقت کانپوءِ ڪنهن ملڪ جو بهادر شهزادو اتان اچي لانگهائو ٿيندو آهي. ڇا ڏسي ته گهر سامانن سان ڀريا پيا آهن. ڪلين ۽ رسين تي ٽپڙ ٽنگيا پيا آهن. سڀ ڪجهه جيئن جو تيئن آپر نه آهي ته اُت انساني مخلوق نه آهي. جڏهن ٻئي ڳوٺ ۾ وڃي ٿو ته پڇا ڪرڻ تي خبر پويس ٿي ته ڪو راڪاس آهي، جنهن جي ڪري هي ڳوٺ ويران آهي. هو بهادر شهزادو پوئتي وري ٿو. ڳوٺاڻن جي مدد ۽ پنهنجي بهادريءَ سان اُن راڪاس جو انت ٿو آڻي.....
پر حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ته ڳالهه ئي اُبتي آهي. هتي راڪاس هڪ به نه پر سوين هزارين آهن. هو ڏينهن جي روشني ۾ حمله آور ٿين ٿا. هو انسانن کي مارين ٿا. گهر گهاٽن جو سمورو سامان ٻهاري وڃن ٿا. جيڪا شيءَ نه ٿا کڻي سگهن. اُن کي ٽوڙي ٽڪر ڪري ٿا ڇڏين. هي جيڪي رهزن ظالم ۽ خوني آهن سي ڪنهن کان به ڪونه ٿا ڊڄن. اسان کي توهان کي سڀني کي خبر آهي ته هو ڪير آهن؟ هو ڇا ٿا ڪرڻ چاهين ۽ اُنهن جا مقصد ڪهڙا آهن؟ سڀ ڪو چپ آهي. ٻڌي ڪونهي، ساٿ ڪونهي. عام ماڻهو ڊنل پريشان آهي. ڄڻ ته واريءَ جي انتظار ۾ آهي ته ڪڏهن ٿو ڪات اُن جو ڪنڌ ڪوري.....
هي توهان جو منهنجو حيدرآباد، جنهن جي گهٽين ۾ بي خوفيءَ سان سڀ ڪو گهمندو هو. اڄ اُت گهر مان نڪرڻ محال آهي. ٽوپي اجرڪ پائڻ، پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ ڄڻ گناهه آهي ۽ هو راڪاس ٽوپي اجرڪ پايو رت جي راند کيڏندا پيا وتن......
ڊنل لاوارث ماڻهو انتظار ۾ آهن، ڪنهن شهزادي جي جيڪو ايندو ۽ سڀ سور لاهي ويندو. ڪڏهن ايندو اهو شهزادو؟ ايندو به الائجي نه؟ شهزادا به واندا ڪو نه آهن هو به ماڻهو ڏسي موٽ کائيندا آهن. شهزادا اچي به ڇا ڪندا. اسان ته پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙي هنئي آهي. پنهنجي لاءِ کڏ پاڻ کوٽي اٿئون، پنهنجي گهرن ۾ پاڻ کاٽ هنيا اٿئون.
اسان سنڌي چوڻ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو ته ڏاڍا بهادر ۽ خبر نه آهي ڇا ڇا آهيون. پر مان توهان کي ٻڌايان ته اسان جهڙو ڪانئر ۽ گيدي ٻيو ڪوبه ڪونهي. ٻه چار ڄڻن کي ڇڏي جيڪي سر تان آسرو کنيو ويٺا آهن ۽ انهن جي ڪري ئي هيءَ ڌرتي ۽ اُن ڌرتيءَ جا ماڻهو جيئرا آهن. باقي سڀني جو حال اهڙو آجو مثال ملڻ مشڪل آهي. توهان هي مثال ئي وٺو ته حيدرآباد شهر جا ڪيترا اهڙا علائقا جت سنڌين جي اڪثريت هئي. اُهي علائقا سنڌين پاڻ ڊڄي خالي ڪري ڇڏيا. وڏو مثال ته لطيف آباد جي علائقي جو آهي. لطيف آباد ۾ اڪثريت سنڌين جي هئي. هتان جا وڏا وڏا خوبصورت بنگلا وڏن ڪامورن، رئيسن ۽ وڏيرن جا هئا. اُهي وڏا ماڻهو جيڪي پنهنجي ذاتي دشمني ۾ ته الائجي ڇا مان ڇا ڪريو ڇڏين. هت اُنهن جا به بنگلا هئا، جيڪي اسيمبلين جا ميمبر به هئا. اُهي سڀ اگر همت کان ڪم وٺن ها ته لطيف آباد ائين سنڌين کان خالي نه ٿئي ها. اهي وڏا ماڻهو جيڪي پاڻ سان گڏ هٿيار ۽ هٿياربند ماڻهو گڏ کڻي هلڻ ۾ پنهنجو شان سمجهندا آهن. اُنهن هت ويهي ڪجهه به نه ڪيو. اگر هو پنهنجا ماڻهو لطيف آباد جي چؤطرف ڦهلائي ڇڏين ها ۽ عوامءَ کي تحفظ ڏين ها ته نه انهن کي پنهنجا وڏا وڏا بنگلا خالي ڪرڻا پون ها ۽ نه وري اُهي ويچارا سنڌي محنت سان ڪمائيل ۽ ٺاهيل ٽي سو ۽ چار سو والن جا بنگلا خالي ڪري وڃن ها، حالت ته وڃي اها بيٺي جو هڪ گهرٽپڙ ٻڌا ته اُنهن کي ڏسي ڏهن ٻين ڄڻن پئي بنگلا خالي ڪيا. لطيف جي نانءَ تي قائم هن علائقي کي سنڌين پنهنجي ڪم عقلي، نااهلي ۽ هروڀرو جي ڊپ ۽ هراس جي ڪري خالي ڪري ڇڏيو. اگر اسان ائين ڊڄندا رهنداسين ته سڀاڻي ٻيا علائقا جت سنڌين جي اڪثريت آهي اُهي به خالي ڪرڻا پوندا. پوءِ هن وهنوار جو انت ڪٿي ٿيندو؟...............
حيدرآباد جو سنڌي بي بس، بدحال ۽ پريشان آهي. سامهون دشمن طاقتور ۽ مضبوط آهي، ڊنل هيسيل سنڌين کي نه ڪو تحفظ ڏيڻ وارو آهي نه ڪو مٿي تي هٿ رکڻ وارو. هت حيدرآباد ۾ هڪ نئون وهنوار هليو گهرن کي ايڪسچينج ڪرڻ جو. ات نسيم نگر، قاسم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ بنگلن ۽ پلاٽن جو حساب ڪتاب ائين جو اُت ڪو به بنگلو چار سئو يا ڇهه سو والن کان مٿي ٺهيل ڪونهي. ڪجهه بنگلا ڇڏي، سڀ بنگلا زير تعمير هئا. انهن جا نقشا ٿرڊ ڪلاس ۽ ڪم ناقص ٿيل آهي. اهي سڀ بنگلا ايڪسچينج ٿيا. لطيف آباد جي بنگلن مان جيڪي ماڻهو ٽن سو يا ٻه سو چاليهن والن جي معمولي ٺهيل گهرن ۾ رهندا هئا، اُنهن کي لطيف آباد جا هزارين والن جا وڏا کليل بنگلا ملي ويا. نه صرف اُنهن بنگلا ورتا پر گڏوگڏ ڪيش پئسا به ورتائون. چوٽ تي نصيب چڙهيل آهي اُنهن دهشتگردن جو جڏهن پاڪستان ٺهيو تڏهن به وڏا شهر وڏا گهر ۽ قيمتي زمينون اُنهن کي مليون. هاڻ به هو سنڌين کي ماري ڀڄائي گهرن تي قبضا ڪري يا ايڪسچينج ۾ گهر وٺي سک سان ويٺا آهن......
حيدرآباد شهر ۽ لطيف آبا ۾ اسٽيٽ ايجنٽ گهڻو ڪري پناهگير آهن. اُنهن به سنڌين جي ڪمزورين مان فائدو حاصل ڪيو. سنڌين جا بنگلا ۽ گهر ڀڳڙن مٺ ۾ نيلام ڪرايائون، پنهنجي ماڻهن کي مالامال ڪيائون ۽ پاڻ لکن جو فائدو حاصل ڪيائون.....
هنن هنگامن ۾ جت سنڌين جو جاني نقصان ٿيو، اُت سنڌي اقتصادي ۽ سماجي طور تي تباهه ۽ برباد ٿي ويا. مٿان وري گذريل اليڪشن ۾ حيدرآباد شهر جون سڀ سيٽون به سنڌين جي هٿن مان نڪري ويون. اُن حالتن جا ڏوهاري ذميدار به اسان پاڻ آهيون. گذريل اليڪشن جو ن حالتون اسان جي سامهون آهن. آخر سنڌي حيدرآباد شهر ۾ ايترا به گهٽ ڪونهن جو سامهون وارا ايترو اڪثريت سان کٽي وڃن. اُن اليڪشن ۾ گهڻا سنڌي ڊپ وچان ووٽ ڏيڻ ئي نه آيا. ڪي ته پنهنجا گهر ڇڏي ڳوٺن ڏي روانه ٿي ويا. اُن وقت سنڌين جي عورتن جا نالا به ووٽر لسٽ ۾ نه هئڻ جي برابر هئا. سنڌي ان ۾ به غيرت ٿا سمجهن جو اُنهن جي زالن ۽ ڀينرن جا نالا ووٽر لسٽ ۾ شامل هجن ۽ هو ووٽ ڏين. جن عورتن جا نالا ووٽر لسٽ ۾ شامل هئا ته وري اُنهن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ نه هئا.....
جيئن مان اڳ ۾ به هڪ ڪالم ۾ لکي چڪي آهيان ته ووٽ اسان سنڌين کي ٻوڙي به سگهي ٿو ۽ تاري به سگهي ٿو، ووٽ وٺڻ وارا سياستدان اسيمبلي ۾ وڃي قومن جي سڃاڻپ ٿي ٿا وڃن ۽ انهن علائقن مان جتان اُن اليڪشن کٽي آهي اُتان جا مهندار ٿي ٿا وڃن. دشمن جو وڏي واڪ اها دعويٰ ٿو ڪري ته حيدرآباد ۽ ڪراچي اسان جي آهي اهو اُنهن اسيمبلي جي سيٽن جي ڪري ئي چون ٿا. اسان جا سنڌي اڃا تائين ووٽ جي اهميت کي نه ٿا سمجهن. جڏهن اسٽيل مل ڪراچيءَ ۾ ريفرنڊم ٿيو هو ته ڀاءُ ناصر مورائي ڏاڍي افسوس سان اها ڳالهه ٻڌائي هئي ته اسٽيل مل جو ريفرنڊم نه صرف سنڌي کٽي وڃن ها پر اڪثريت ۾ کٽين ها ڇو ته ڪراچيءَ جي ٻين قومن، جيئن پنجابي، پٺاڻ بلوچ سڀني سنڌين سان تعاون ڪيو هو. صرف اُن ڪري اها ريفرنڊم سنڌين هارائي جو سنڌي ووٽ ڏيڻ ئي ڪونه ويا. شاميانا لڳا ويا. گهرن تي گاڏيون موڪليون ويون. انهن لاءِ کاڌا تيار ڪيا ويا. پر آرام پسند سنڌي گهر ۾ سمهي موڪل ملهائيندو رهيو پر ووٽ ڏيڻ نه آيو. اُن قوم جو ته اهو حال هو جو انهن موڪلن تي ويلن کي به گهرائي ورتو. اسپتالن مان مريضن کي اسٽريچر تي کڻائي آيا. جن عورتن کي اُن ڏينهن ٻار ڄاوا ته به هو پاڻ کڻائي ووٽ ڏيڻ آيون.....
هاڻي حيدرآباد شهر جا ٻه حصا ٿي ويا آهن. هڪ سنڌين جو ٻيو پناهگيرن جو جڏهن کان هن اليڪشن جو اعلان ٿيو بس منهنجي ذهن اها ڳالهه سوچڻ شروع ڪئي ته اهو ممڪن ٿي سگهو ٿو ته سنڌي هڪ قومي اسيمبلي جي سيٽ ۽ ٻه صوبائي اسيمبلي جون سيٽون کڻي وڃن ۽ دشمن جي اها دعويٰ رد ٿئي ته ڪو حيدرآباد شهر رڳو اُنهن جو آهي. حيدرآباد مان جيڪو به مائٽ مٽ اچي. انهن کان اليڪشن بابت ۽ اميدوارن بابت خبرون چارون پڇان. تازو اعجاز قريشي ۽ مشتاق ميراڻي سان ملاقات ٿي ته به منهنجو اهو ئي سوال هو ته اليڪشن جي ڇاپوزيشن آهي؟ ڇا سنڌي ڪجهه سيٽون کڻي ويندا؟ افسوس ۽ ڏکوئيندڙ حالت ۽ سنڌين جي اُها ئي ڪوتاهي......
اُهي سيٽون جن تان سؤ فيصد اميد آهي ته سنڌي کٽي ويندا اُت سنڌي هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ بيٺا آهن. نتيجو ڇا نڪرندو؟ ڇا ايڏي تباهه حالي کان پوءِ به سنڌين ۾ عقل شعور نه آيو آهي؟ ڇا اهو چڱو ٿيندو جو سنڌين جا ووٽ ورهائجي وڃن ۽ سامهون بيٺل دشمن وري کٽي وڃي ۽ وڏي واڪ چوي ته حيدرآباد شهر ڪلهه به اسان جو هو ۽ اڄ به اسان جو آهي. اليڪشن جا ڏينهن ويجها اچي ويا آهن. هن مسئلي جو ڪهڙو حل تلاش ڪجي؟ ڇا حيدرآباد جا سنڌي ليڊر ننڍڙا ٻار آهن، يا بي عقل ۽ جاهل آهن جو انهن کي ويهي آئندي جون سمجهاڻيون ڏجن؟ ڪهڙيون رڙيون ڪجن؟ ڪهڙا واڪا ڪجن؟ اهو ڪهڙو رستو اُها ڪهڙي واٽ آهي جتان وڃي اُنهن جي وٺ ڪجي اُنهن کي خوار ڪجي؟ ڇا اُنهن ڏهن ٻارهن سالن جي نياڻين جو ميڙ وٺي وڃجي اُنهن اميدوارن وٽ جن نياڻين سان عقوبتون ٿي چڪيون آهن؟ يا انهن نياڻين ۽ عورتن کي گڏ ڪري ماتم ڪرائجي جن جي جسم جي عضون تي دهشتگرد تنظيم جي نالي جا ٺپا لڳل آهن؟ لطيف، سچل، سامي ۽ بلاول جو واسطو وجهجي اُنهن کي. آخر ڪير اُنهن کي اها ڳالهه سمجهائيندو ته اُنهن جي هيءَ غلطي سنڌين کي هميشه لاءِ برباد ڪري ڇڏيندي. ٻنهي ڌرين مان ڪنهن هڪ ڌر کي هن ڌرتيءَ واسطي هن قوم واسطي هٽڻو پوندو.....
توهان يقين ڪيو جنهن به ڌر ائين ڪيو اُن جو مان ۽ عزت مٿانهين ٿي ويندي. جيڪو هن وقت موقع جي نزاڪت سمجهي هٿ کڻي ويو. هٿ کڻڻ سان ان جي بي عزتي ڪانه ٿيندي پر ان کي پنهنجي قوم جي ستايل ماڻهن وٽان واڌايون ملنديون، مان ملندو، عزت ملندي.

جمعو 19 آڪٽوبر 1990ع