ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

سنڌ جي فرشتن جا داستان

هيڏن ڏينهن کان پريشاني لڳي پئي هئي. سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هاڻ ڪهڙو ڌماڪو ٿيڻ وارو آهي. هو فرشتن جو سردار جو ٿيو بيمار، ڪڏهن گهر ۾ ته ڪڏهن اسپتال ۾، پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هو فرشتو بيمار ٿئي ۽ ڪو ممڻ نه مچي. سڀني کي ڄاڻ آهي ته هو فرشتو جڏهن به بيمار ٿيندو آهي ته اُن جو علاج سنڌين جي رت جي هوليءَ سان ٿيندو آهي. هنگاما مچي ويندا آهن. باهيون ڏنيون وينديون آهي. عورتون جون بي عزتيون ڪيون وينديون آهي. گهرگهاٽ اُجاڙ ۽ ويران ڪيا ويندا آهن. پوءِ مسين مسين هو شيطان وري صحت مند ٿي مٽون ڦوڪاري وڃي ويهندو آهي. هاڻ هن طاقت جي ڊوز کي به ٿي ويا هئا گهڻا ڏينهن. ڀلاجي حڪومت هجي اُنهن جي ڊوز ملڻ به ضروري سو ڪجهه دير لڳي وئي. ضرور انهن کي اهڙو انتظام ڪرڻو هو جو گهٽ ۾ گهٽ اُنهن جو وار ونگو نه ٿئي. ڀلا ڪُرسيءَ تي ويٺل ماڻهو هروڀرو ته ڪونه چاهيندو ته ڪو هُل هنگامو ٿئي يا وري قتل عام ٿئي. هت ته ڀلا مجبوري هئي جسم ۾ پي ڪيئان ڊوڙيا. هٿن پيرن ۾ خارش لڳي پئي هئي. ذهن ۾ بيچيني وڌندي پئي وئي. گهڙي اسپتال ۾ گهڙي گهر ۾، اصل مزوئي نه اچي. مان به روزانو اخبار کڻان ته پهرين اها خبر پڙهان ته هو فرشتو ٺيڪ ٿيو يا نه، پر ڳالهه اُها ئي، سائين اڃا بيمار، اڃا ٺيڪ ڪونه، هزارين ماڻهو پيا روزانه پڇڻ اچن. مائرن ۽ ڀينرن جي ملڻ جو ته خاص ٽائيم جيڪو شروع ئي رات جو نوين وڳي کان پوءِ ٿيندو آهي ۽ اڌ رات تائين جاري رهندو آهي. موملون، سوملون، سينگار ڪيو پيون اچن. اصل هٻڪار متي پئي هئي، پر سائين ڇا ڪجي. اُن شيطان کي آرام ئي ڪونه آيو. ڀلا جي بيماريءَ جو اصل علاج نه ٿئي ته بيماري ڪٿان ٿي ختم ٿئي. سو نيٺ ٿيو اهو ڌماڪو. مارجي ويا ويهارو سنڌي، جوان سهڻا، عورتون، ٻار بيدردي سان کين ڪٺو ويو. سڄي رات گوليون هلايون ويون. گهرن ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارن کي ماريو ويو. نه ڪير پڇڻ وارو نه ڪير چوڻ وارو متان سمجهيو اٿو ته ان ڊوز سان ڪا فرشتي جي پورت ٿي آهي. اڃا به هو ٺيڪ ڪونه ٿيو آهي. معنيٰ ڪو وڏو ممڻ مچڻ وارو آهي. سڀني کي ذهني توڙي جسماني طور تيار رهڻ گهرجي.
سائين هاڻ اهو ٿيو ته اکين سان ڏٺل قاتلن جا نالا لکايا ويا. اهو به ٻڌايو ويو ته هو ڪهڙي تنظيم جا اهم رڪن آهن. پر اردو پريس جي اُهائي بدنيتي ۽ ليڊرن جو اهو ئي بڪواس بيان چي: مهاجر مئا آهن. وري چون اهو خانداني جهيڙو هو. مٿان وري اسلام آباد ۾ اسميبلي ۾ چيو ويو اهو ٻن گروهن جو ذاتي جهيڙو هو. راهه گناهه غريب ماڻهن جا نالا پوليس وٽ درج ڪرايا ويا آهن. وري نئين ڳالهه اها به ٻڌيسين ته سائين ضرور ڪن غير ملڪي ايجنٽن جو ان ۾ هٿ آهي. سڄا سارا ويهارو سنڌي ڪسجي ويا، ڏٺل وائٺل ماڻهو کلي عام گوليون هلائي دهشتگردي ڪري ويا. مٿان وري اهڙي اک موٽ؟ مون کي ته اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته اسان جا حڪمران اسان جي پوليس سڀ هنن کان ڇو ٿا ڊڄن؟ شايد نه. يقيناً صرف ان ڪري ته انهن ۾ ٻڌي آهي ۽ ان ٻڌي ڪري هو ڇا به ڪن. ڪير اُنهن کي ڪجهه به نه ٿو چئي سگهي. ڪنهن اخبار کي، ڪنهن صحافي کي ايتري همت نه آهي جو انهن جا اڇا ڪارا پڌرا ڪن. هوڏانهن وري سنڌي قوم ڇڙوڇڙ، هڪ ٻئي کي گارين ڏيڻ ۾ پوري. تازو خبر پڙهي هوندو ته لاڙڪاڻي ۾ هڪ جلسو ٿيو، تنهن ۾ هڪ ٻئي کي گاريون ڏنيون ويون، پوءِ جهيڙو ٿيو به سنڌي ڪونڌر ڪسجي ويا انهن هٿان جيڪي چون ٿا اسان سنڌ ڌرتيءَ جا نگهبان آهيون. پوءِ ڀلا ڌارين تي ڪهڙي ميار؟ چوندا آهن ته “ ڏٻري ڍور تي مڇر گهڻا” سو هاڻ سنڌي قوم به ڏٻري ۽ ڪمزور ٿي پئي آهي. پنهنجن پراون سڀني جا حملا آهن اُن تي.
تازو جيڪا ورلڊ سنڌي ڪانگريس منعقد ٿي هئي. ان ۾ هڪ بزرگ ليڊر جيڪا تقرير ڪئي، جهڙو اُن جو لهجو هو، جيڪا ان اسٽيج تي اداڪاري ڪري نفرت انگيز جملا پئي چيا يقين ڪريو ته بڇان پئي آئي. اُن اُت جيڪو ڪجهه ۽ جنهن طريقي سان چيو، مان قلم وسيلي نه ٿي لکي سگهان. اُن وقت منهنجي دل پئي چاهيو ته مان اُن پري محفل ۾ اُٿي ان بزرگ کي اهو چوان ته سائين منهنجا اڄ جو مسئلو اهو نه آهي ته ڪهڙي ليڊر جي مٿان قرآني آيت نازل ٿي آهي، اهو به مسئلو نه آهي ته ڪهڙن ليڊرن جا ٻار بخت ۾ زور آهن ۽ هو سونن پيالن مان سون جي چمچن سان کير پيا پين، مسئلو اهو به نه آهي ته اُهو دانشور، اديب جيڪو سياست ۾ اچي وڏو سرمائيدار ۽ جاگيردار ٿيو ويٺو آهي اُهي سڀ پنهنجي جاءِ تي خوش ۽ محفوظ ويٺا آهن. هنن ليڊرن جي پاڻ ۾ چٽاڀيٽي ڪرائي قوم جو ڇو ٿا ٻيڙو ٻوڙيو. هيءَ سنڌي قوم هن نفرت انگيز سياست کان تنگ اچي وئي آهي. هن قوم جي ٻچي ٻچي کي اوهان سوڌو سڀني ليڊرن جي پرڪارن جي خبر آهي. مسئلو هن ليڊرن جو نه آهي. مسئلو هن قوم جي اُنهن ماڻهن جو آهي جن تي اڃا وحي نازل نه ٿي آهي ۽ نه وري ڪا آيت لٿي آهي. هن قوم جون مائرون، ڀينرون ۽ ونيون اڄ ماتمي لباس پايو رت جا ڍڪ پيون پيئن. مسئلو انهن جو آهي جيڪي گهر کان بي گهر ٿيو نڌڻڪا لڳا ويٺا آهن. توهان ليڊرن جو مسئلو آهي هڪ ٻئي کي هيٺانهون ڪرڻ جو. هن قوم جو مسئلو آهي ته هوءَ ڀائي خان جي چاڙهي تي جيڪا ٻارهن سالن جي ڇوڪري بيعزت ٿي ان جي عزت ڪير موٽائيندو؟اُهي سنڌي نياڻيون جيڪي مختلف ذاتين جون آهن، اُنهن جي ماءُ پيءُ انهن جا لاش زمين ۾ کڏ کوٽي پوري ڇڏيا ۽ جيڪي جيئريون به آهن ته زندهه لاشن وانگي. عزت وارن وارثن کڻي پنهنجون اکيون ۽ ڪن بند ڪيا آهن. نه ته انهن ڪا رپورٽ لکائي ۽ نه وري ڪنهن کي دانهون ڏنائون.
سائين منهنجا! هن وقت جڏهن سڄي قوم جي، بقا، عزت داءَ تي لڳي پئي آهي. توهان ليڊر، اُهي ليڊر آهيو جن جي ڪرتوتن جي ڪري ئي اڄ هيءَ قوم ان حال تي وڃي پهتي آهي جو سنڌ کي بچائڻ واسطي ڪانفرنسون ڪوٺايون پيون وڃن. بجاءِ ان جي جو توهان ڪي مفيد مشورا ڏيو، اٽلو توهان ويٺا هتي نفرت انگيز بيان بازي ڪريو. ها پر مان اُن شخص کي ڪجهه به چئي نه سگهيس، اندر جو سور اندر ۾ ئي رهجي ويو.
هيءَ سنڌي قوم جيستائين پاڻ ۾ ٻڌي نه ڪندي، پنهنجين ڪوتاهين کي دور نه ڪندي، جيستائين سنڌ جي بقا جي مسئلي تي سنڌ جو هر سنڌي چاهي اُن جي وابستگي ڪهڙي به پارٽي سان هجي، پاڻ ۾ ٻڌي ڪونه ڪندا، اُن وقت تائين ڪجهه به ڪونه ٿيندو، ڪجهه به ڪونه ورندو. هي سڀ مدي خارج ليڊر پنهنجي ليڊري چمڪائڻ لاءِ پيا هنڀوڇيون هڻندا، ڄور وانگر پنهنجي قوم جو رت پيا پيئندا، هيءَ قوم پئي ڪسجندي، مرندي، تباهه ٿيندي. هو فرشتن جو سردار روزانو پيو بيمار ٿيندو، خون جا درياهه وهندا رهندا. اسان جا ماڻهو ڇڙوڇڙ اڪيلا پيا رڙيون ڪندا ته اسان کي بچايو، اسان جي رکوالي ڪريو، اسان کي تحفظ ڏيو، اسان کي جيئدان ڏيو، الله جو واسطو اٿو، رسول جو واسطو اٿو، اسان کي نه ماريو، اسان کي نه ماريو.

آچر 17 فيبروري 1991ع