ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

وسي ته ٿر – نه ته آهي برُ

ٿر جي حوالي سان ڪيتريون چوڻيون مشهور آهن جهڙوڪ: “وسي ته ٿر نه ته آهي بر”- “ڀرڻو اٿئي گهر ته ٿي وڃ آفيسر ٿر”، وغيره وغيره.
ٿر سنڌ صوبي جو اهو علائقو آهي جيڪو پنهنجي منفرد سماجي ۽ ثقافتي حيثيت رکي ٿو. . . . شاهه لطيف ۽ ان کان اڳ ۽ پوءِ جي سڀني شاعرن ٿر کي دل سان ڳايو آهي. لکندڙن ٿر جي ڏڪار واري حالت ۽ سڪار واري خوشيءَ کي پنهنجي قلم جي ذريعي ماڻهن تائين پهچايو آهي. منهنجي ذهن ۾ به ٿر جو هڪ خيالي خاڪو موجود هو. ڇو ته مان ٿر کي ڏٺو نه هو ان ڪري ٻڌل ڳالهين، تصويرن ۽ ٿر تي لکيل مضمونن جي حوالي سان ٿر جي هڪ تصوير ذهن ۾ موجود هئي. گذريل هفتي اُتان جي ڊپٽي ڪمشنر عبدالقادر منگي جي دعوت تي جڏهن اديبن ۽ صحافين جو لڏو ٿر ياترا لاءِ روانو ٿيو ته ٻين سان گڏ مان به ات موجود هيس. اڄ ٿر ۾ مزا لڳا پيا آهن. اخبارن ۾ پڙهيو هيوسين ته ٿر ۾ اڄ ڪلهه وسڪاري سبب چئني طرف ساوڪ ڦهليل آهي. مارو وري موٽي پنهنجن ماڳن تي آيا آهن.
مارئي جي مارن جو ٿر پنهنجي ڪشش سان. اسان کي ڇڪي وٺي آيو پاڻ وٽ. ٿر وڃڻ کان اڳ ڪيترائي دفعه ذهن ۾ پروگرام ٺاهيو ۽ ڊاهيو هيم. اسان نوڪري ڪندڙ عورتن لاءِ مسئلن جي ڪمي نه هوندي آهي. ننڍڙا ٻار انهن جون ذميداريون، صحت صفا ٺيڪ ڪو نه، مٿي جي سور سان مستقل دوستي پوءِ به جيڪو قرب سان ڪوٺ ڏئي ته پوءِ نه ڪرڻ جي گنجائش نه رهندي آهي.
ها سائين هڪ ٻئي جي ٽيڪر ۽ سهاري تي وڃي ٿر نڪتاسين. ٿر ڪانفرنس ۾ پري پري کان اديب ۽ صحافي آيا هئا. عورتن جو تعداد به ڪو گهٽ نه هو. هونئن به لڳو ائين پئي ته دعوتين کان وڌيڪ بي دعوتي پهچي ويا آهن. ڪن چڱن سمجهدارن ماڻهن ته ائين به ڪيو ته دعوت ته صرف انهن کي هئي پر پاڻ سان گڏ انهن ٽي چار ٻيا به کڻي کنيا. اهو سوچڻ بنا ته پرديس ۾ جنهن دعوت ڏئي گهرايو آهي، ان کي خبر به آهي يا نه . . . . انتظام کان وڌيڪ مهمانن جو جمع ٿي وڃڻ ميزبانن لاءِ تڪليف ده به ٿي سگهي ٿو. پوءِ به سڀني ڏٺو ته خوش رکڻ جي ڪوشش به ڪئي ويئي.
ٿر ڪانفرنس ۾ تقريرن ۾ سڀ کان پهريائين اتان جي ميزبان عبدالقادر منگي صاحب اصل مقصد واضح ڪيو ته هيتري ڏاهن ۽ دانشورن کي ٿر ڇو ڪوٺايو آهي. هن وضاحت سان دل کولي پنهنجي اندر جي ڳالهه ڪئي ۽ تعاون ۽ مشورا گهريائين ته ٿر جي حالتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي. . . . . ان کان پوءِ ٻن نشستن ۾ ڪافي اپٽار ڪئي وئي ٿر جي باري ۾ . . . . رات جو ميوزڪ جو پروگرام هيو جيڪو سڄي رات هليو ۽ وري سڀني مهمانن کي ٿر جو سير ڪارونجهر تائين هڪ يادگار سفر هو. ايترو ته مزو ۽ پنهنجائپ هئي جو ڪٿ به ذهني ۽ جسماني ٿڪاوٽ محسوس نه ٿي. ٿر جي ريگستان ۾ جيپن ۾ لوڏا مضبوطي سان هڪ ٻئي کي جهلي ويهڻ جي باوجود به سيٽن تان ترڪي هڪ ٻئي جي مٿان ڪرڻ. هر انسان جي وجود ۾ هڪ ٻار هوندو آهي اسان سڀني ساٿياڻين جي اندر جو ٻار ان وقت جاڳي پيو هو. هڪ گاڏيءَ ۾ جيڪي اسان اٺ ڄڻيون ويٺيون هيون سين ات اسان زندگي جو اصل مزو ورتو. اسان سڀني ايترو ته گهڻو ڳالهايو ايترا ته گهڻا ٽهڪ ڏنا جو اڄ به سوچيان ٿي ته عجب ٿو لڳيم. . . .
ٿر جي ماڻهن کي ڏسي پري پري تائين جهانگيئڙن جا جهوپڙا اڏيل ڏسي. واري جي ڀٽن جي مٿان اڏيل گهر ۽ ٿرياڻيون پاڻيءَ جا گهڙا کڻي کڏنديون لمنديون پئي ويون. شاعراڻين نگاهن سان ڏسجي ته عجيب رومانٽڪ ماحول هو. ڪيتري شاعري ڪري سگهجي ٿي ٿرياڻيءَ جي ان لوڏ تي. ها پر ويجهو وڃي ان جو اندر ڪوري ڪنهن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، گرم واري تي پيرن اگهاڙي هلندڙ وجود جي پيرن تي ڪنهن لڦون ۽ زخم ڏٺا آهن؟ پنهنجي جهوپن مٿان سڪايل چڀڙ ،گوار، موڪ ميها ۽ ٻيون ڀاڄيون جيڪا انهن جو کاڄ آهن ڇا اسان جهڙا ماڻهو ٻه ڏينهن لاڳيتو اهو سڀ ڪجهه کائي سگهون ٿا؟ . . . . چون پيا ڪي ماڻهو ته ٿر ڏانهن توجه ان ڪري به گهٽ آهي جو هي سرحدي علائقو آهي هت روڊ رستا ٺهندا سهولتون اينديون ته پوءِ اسان جي ملڪ لاءِ چڱو نه ٿيندو. هونئن به ٿر جي پنهنجي اوريجنل سڃاڻپ ۽ خوشبو آهي، ان کي نه مٽائڻ گهرجي. ڪيتري ته غلط سوچ آهي ڀلا لاهور شهر به ته صفا باڊر تي آهي ات ڀلا اهي روڊ رستا محل بنگلا ۽ خوشحالي ڇو آهي؟ . . . . ڇا بک بيماري، غربت سهولتن جي اڻاٺ رڳو ٿر واسين جي نصيبن ۾ لکيل آهي. . . . .؟ هڪ ڏاڍو بزرگ ۽ سمجهدار ماڻهو ان کان مون پڇيو ته سائين هيڏا ادارا ۽ ماڻهو ۽ حڪومتي ادارا هر وقت ٿر ٿر پيا ڪندا آهن. ڪي ٻانهن ٻيلي ته وري ڪي دوست ٻيلي سڀ پيا ٿر ايندا آهن. ان کان سواءِ ٻاهر جي سماجي تنظيمن جي حوالي سان به ڪافي ٿر ۾ ڊوڙ ڊڪ ڪئي ويئي آهي. اوهان ٻڌايو ته هن وقت تائين انهن ڇا ڪيو آهي “انهن جي ڪم جي رفتار ڪهڙي آهي وغيره وغيره ان بزرگ ماڻهو ڏاڍي سنجيدگي سان چيو ته ها امان هت ڪافي ڪم ٿيو آهي. سڀ کان پهرين ته انهن کي لهر نه لوڏو – گهرن ۾ ايئر ڪنڊيشن لڳرايا اٿن. انهن جا مهمان ٿر گهمڻ ايندا آهن. پوءِ اسان کي چيو ويندو آهي ته اهي اوهان جا مهمان آهن انهن کي سٺا کاڌا کارايو پوءِ اسان به مهمان نوازي جو پورو پورو ثبوت ڏيندا آهيون. هي ٿر آهي امان جت سڀڪو لانگ بوٽن سان ايندو آهي ۽ ٿرين مٿان دهشت ڦهلائي هليو ويندو آهي. مان سوچيندي رهيس ته هن پوڙهي ڪيترو نه سچ ڳالهايو آهي. . . . مٺي شهر ۾ منجهند جي ماني کائي ٻاهرين پاسي ڪرسيءَ تي اچي ويٺس ته اتان جي ڪن غريب ٿرين به ماني پئي کاڌي. هڪ هيڏو سارو وڏو ڇوڪرو ٻئي ماڻهو کي ڪڪڙ روسٽ جو ٽڪر ڏيکاريندي پڇي پيو ته هن کي ڪيئن کائبو آهي . . . . .!! منهنجي دل ۾ مونجهه پئي ٿي. اسان جيڪي ٿر ڪانفرنس اچي گڏ ٿياسين ڇا اسان انهن جو نصيب مٽائي سگهون ٿا؟ اهي ڪانفرنسون ۽ اهي گڏجاڻيون ۽ اهي ميل ميلاپ به سٺا پر اسان ان کان پوءِ ڇا ٿا ڪري سگهون؟ صرف کاڌا کائي گهمڻ ڦرڻ مسئلن جو حل نه آهي. ٿر بهرحال سنڌ جو حصو آهي ان کي هر قسم جي ڪوٽا ملندي هوندي. اسان جو هڪ وزير اعظم ۽ هاڻوڪو وزير اعليٰ ٻنهي جو تعلق ٿر سان آهي، انهن ڇا ڪيو آهي ٿر لاءِ . . . ؟ هيڏا پئسا هيڏيون امدادون ڪاڏي ويون. . . . ؟ ترقيءَ جو بنياد تعليم ۽ شعور سان ٿيندڙ آهي. اتي ڪيترا اسڪول کوليا ويا آهن؟ جهنگل ۽ ويرانين ۾ رهندڙ جهوپن وارن کي ڪيتريون اسپتالون ميسر آهن؟ بجلي ۽ پاڻيءَ جون سهولتون انهن کي ڇو ڪين ميسر آهن؟
ٿر کي گهمڻ سان جيڪو سڪون، مزو مليو اهو پنهنجي جاءِ تي پر جيڪا نراسائي حاصل ٿي آهي ان جو به انت ناهي. ات ڪن گهر واسين کان پڇيوسين ته ڏڪار جي حالت ۾ اوهان ڪاڏي ويندا آهيو ته چوڻ لڳا ته “سنڌ” ملڪ هليا ويندا آهيون. جڏهن وسڪارو ٿيندو آهي ته پنهنجي “ٿر ملڪ” ۾ موٽي ايندا آهيون . . . . . ٿر ملڪ ۽ سنڌ ملڪ، عجيب ڳالهيون هيون انهن جون . . . . هي سڀ ڪجهه به سٺو پر ان کان پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ . . . . . صرف کاڌي پيتي مان هڙ حاصل نه ٿيندو. منهنجو خيال آهي ته عبدالقادر منگي صاحب سڀني کي گڏ ڪري چڱو ڪيو پر ان گڏ ٿيڻ جي افاديت ختم ٿي ويندي اگر ان افاديت لاءِ اڃا به اڳتي قدم نه کنيا ويندا . . . . . .
ٿر اڃا به اهڙو آهي، جهڙو شاهه جي دور ۾ هو. انسان ترقي ڪري ڪٿي کان ڪٿي وڃي پڳو آهي ۽ سنڌ ڌرتي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ رهندڙ ويچارا مارو اڄ به بنيادي ضرورتن کان محروم آهن. رکو اٽو به گهر ۾ هوندن ته پيا شڪر ڪندا . . . . . انهن ته دنيا اڃان ڏٺي ئي ڪانهي ۽ نه وري ڪنهن انهن کي هيءَ دنيا ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. . . . سنڌ جا رهواسي جيڪي سماجي ريتن رسمن ۾ ٻڌل آهن، اقتصادي طور ڪمزور آهن. هڪ مخصوص طبقو جيڪو انهن جي مٿان حاوي آهي ۽ اهو طبقو انهن لاءِ ڪجهه به نه ٿو ڪري پاڻ اڃا به رستا بند ٿو ڪري. پاڻ وڌائڻ لاءِ مسئلن جو حل ڳولهڻ لاءِ انسان شعور جي جنگ وڙهندو آهي. شعور ۽ روشني تڏهن هوندي جڏهن علم حاصل ٿيندو . دل ۾ خواهش اٿم ته اسان جا وس وارا هي سڀ آفيسر، اسيمبلين جا ميمبر پنهنجي علائقن ۾ پاڻ پتوڙين ته نه صرف انهن جو نالو ٿيندو پر ڌرتي واسين جو نصيب به کلي پوندو. اهو سوال هميشه موجود رهيو آهي ته آخر ائين ڇو نه ٿو ٿئي ۽ اگر ٿيندو ته ڪڏهن ٿيندو؟

آچر 1 نومبر 1992ع