ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

شهرن ۾ سنڌي خاندانن جي شادين جا مسئلا

هاڻي ڪافي وقت غير حاضر رهڻ لڳي آهيان. ان غير حاضري جو سبب آهي طبيعت جو ٺيڪ نه هجڻ . . . . دنيا ۾ ڪيترائي مسئلا آهن. جبلن جيڏيون مصيبتون آهن. انسان سڀني سان منهن ڏئي وڃي ٿو. ها پر مقابلو نه ٿو ڪري سگهي پنهنجن وجود سان. خاص ڪري جڏهن بيماريون وڪوڙي وڃن ان ويل ڪيڏو به مضبوط انسان هجي وسامي هٿيار ڦٽا ڪري ٿو ڇڏي. ڪافي عرصي کان مان به ٺيڪ نه ٿي رهان. ٿورو گهڻو ته وجود سان لڳل هوندو آهي. پر جڏهن السر جو شديد حملو ٿيندو آهي. ٻه ٽي مهينا رکي اوچتو ئي اوچتو پنهنجو وجود به باغي ٿي ويندو آهي. ان ويل نه صرف کاڌي پيتي جون شيون پر پاڻي جو هڪ ڍڪ به پي نه سگهندي آهيان تفصيل لکڻ جي ضرورت نه آهي پر حالت اهڙي ٿي ويندي آهي جو لکڻ پڙهڻ ته پري جي ڳالهه پر هن دنيا تان به دل کڄي ويندي آهي. دوائون درمل ڪرائي پنهنجي وجود سان جنگ جوٽي ڪجهه عرصي کان پوءِ طبيعت بهتر ٿيندي آهي . . . . . انسان هلي چلي ته لک جو، ڪري ته ڪک جو به ڪونهي.
ڪي انسان اهڙا هوندا آهن. جن کي پنهنجن مسئلن جي ايتري پرواه نه هوندي آهي پر پرايا سور ائين کنيو پيا هلندا جو ڄڻ ته اهي آهن ئي انهن جا. آس پاس رهندڙ پنهنجا پرايا، ڪيترائي پيارا وجود اهڙا هوندا آهن جو دل چوندي آهي شل کين ڪوسو واءُ به نه لڳي. اهڙن پيارن ماڻهن جا سور به پنهنجا لڳندا آهن. . . . هڪ دفعو ڪنهن مون کان پڇيو ته دنيا ۾ سڪون نالي جي ڪا شيءِ به آهي؟ هر ڪو هر ڪنهن کي ڏکوئيندو ٿو وتي. زبان ۾ زهر آهي هٿن ۾ اڀا ڀالا آهن بس سڪون ملڻو آهي ته صرف قبر ۾ . . . . . مان ان کي چيو ائين ڪيئن ٿا چئو ته قبر ۾ سڪون آهي. اُن دنيا جي خبر نه تو کي نه مون کي اکيون بند ڪرڻ کان پوءِ مڻن مٽين جي هيٺان دفن ٿيندڙ جي لاءِ دنيا ۾ کڻي دهل وڄن يا ڌڪڙ وڃن ڪهڙو فائدو . . . . .؟ ها باقي هن جيون ۾ هن دنيا ۾ رهي هڪ ساهوارو انسان سک ۽ شانت جو ساهه به کڻي ته به وڏي ڳالهه آهي. هن دنيا ۾ رهي پنهنجي قول عمل سان انسان ڪڏهن آسمان جي بلندين تائين وڃي پهچي ته ڪڏهن وري ڌرتي جي ڌوڙ ٿيو وڃي. ان سڄي عمل ۾ انسان متحرڪ ٿي هڪ اهڙي زندگي گذاري ٿو جنهن ۾ خوشيون گهٽ ۽ تڪليفون گهڻيون هونديون آهن.
تحقيق هي دنيا ٺهي ئي ڏکن تڪليفن ۽ امتحانن لاءِ آهي. پر هڪ انسان پنهنجي عمل سان پنهنجي لاءِ سک ۽ خوشيون حاصل ڪري سگهي ٿو. معنيٰ ته هي دنيا آهي ئي جدوجهد ۽ مسلسل جدوجهد جو روپ ان ڪري شڪايتون ڪرڻ ۽ نراسائي جون ڳالهيون ڪرڻ نه ٿو سونهين. ٿورو گهڻو انسان ان وقت ضرور پريشان ٿئي ٿو جڏهن پنهنجو وجود باغي ٿي هٿن مان نڪرندو نظر اچي ٿو. اها ڪيڏي نه عجب جهڙي حالت آهي ته وقت پوڻ سان انسان جو عقل ۽ شعور پختو ٿئي ٿو. وقت جون لاهيون چاڙهيون ۽ حادثا انسان کي ذهني طور مضبوط ڪن ٿا. ها پر هي ٻاهر جو وجود جيڪو وقت پوڻ سان جهرندو ٿو وڃي عقل ۽ شعور جي انتها ۽ جسم جو لاغر ۽ بيمار ٿيڻ هڪ اهڙي وڏي جنگ آهي. جنهن لاءِ انسان ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي. . . . .
اهو احساس هر لکندڙ کي ٿئي ٿو ته پڙهندڙ ڪيتري حد تائين ان جي لکڻين جو انتظار ڪن ٿا خاص ڪري ڪالم نويس ان کي ته باقاعدگي سان پنهنجون ڪچيون ڦڪيون شيون لکڻ گهرجن. اخبار جي حوالي سان هڪ ڪالم نويس جو تمام ويجهو رشتو هوندو آهي پڙهندڙ سان، پر ڇا ڪجي ڪڏهن ڪڏهن هن تعلق ۾ ڏار پئجو وڃن ته وري ڪڏهن اهو تعلق ٽٽي به وڃي ٿو . . . . .
اڄ مان هڪ اهڙو موضوع مختصر نموني ۾ کڻي رهي آهيان جيڪو اسان جي سنڌي معاشري ۾ تمام اهم آهي. اهو اهم موضوع آهي اسان جي سنڌي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جون پنهنجو پاڻ ۾ يعني سنڌي خاندانن ۾ شاديون. سڀني کي خبر آهي ته سنڌين جي گهرن ۾ ڌاريون ڀريون پيون آهن. انهن جي گهر جو ماحول ڪهڙو آهي، آئينده جا ڪهڙا اگرا نتيجا نڪرندا خاص ڪري اسان جو آفيسر طبقو جيڪو ٻهراڙين مان نوڪرين سانگي شهرن ۾ اچن ٿا. انهن جي حالت ته اهڙي آهي ته ڪنوارا هوندا ته اصل کنڀجي ويندا ڌارين وٽ ۽ شادي شده هوندي به هنن کي شهري غير قومن جون “ڇمڪ ڇلو” آرام سان ملي وينديون آهن. ان ڳالهه کي اسان جي پڙهيل لکيل سمجهدار اديبن ۽ سماجي ورڪرن شدت سان محسوس ڪيو ٿوري ننڍي پيماني تي ۽ تقريرن ۽ تجزين جي ذريعي ان ڳالهه جو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته هاڻ حالتون اهڙيون نه رهيون آهن پنهنجون سنڌياڻيون سدا ملوڪ پڙهيل لکيل جڏهن موجود آهن ته پوءِ ڌارين مان شادي ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي . . . . .؟ خاص ڪري نياڻين وارا ته مسئلن ۾ ڦاسجي ويا. ڇوڪري وارن ۾ ۽ خود اسان جي نوجوانن ۾ به اهو احساس پيدا ٿيو ته هاڻ اسان کي پنهنجن سنڌين ۾ شاديون ڪرڻ گهرجن. شهرن ۾ سنڌي ٽڙيل پکڙيل ۽ وري انهن ۾ انا ۽ خودداري انهن جي راه ۾ رڪاوٽ هيون. ڪافي ماڻهن ان سلسلي ۾ پنهنجي ليکي ڪوشش پئي ڪئي گهڻو احساس ڪراچي ۾ رهندڙ ڪجهه اديباڻين ۽ سماجي ڪارڪنن کي شدت سان ٿيو سنڌ جي هڪ وڏي سماجي اداري ۾ اهي عورتون موجود آهن. ان وڏي سماجي اداري جي تعاون سان ان ڳالهه جو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌين کي پاڻ ۾ گڏ ڪرائڻ ۽ ملائڻ جو اهو اهم فرض انهن عورتن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ ڀائر به ان سلسلي ۾ تعاون ڪندا رهندا.
ٻين جا نالا مان نه وٺندس باقي پنهنجي باري ۾ اهو ضرور چوندس ته مان به ان ۾ موجود آهيان. مختلف خاندان ان سماجي تنظيم جي اداري ۾ پنهنجا مسئلا ٻڌائيندا آهن ۽ اتان انهن جي خبرچار اسان کي پوندي آهي. مان ۽ مون سان گڏ جيڪي ٻيون عورتون آهن اهي پاڻ ۾ گڏجي ڪري انهن خاندانن کي پاڻ ۾ ملائڻ ۽ رشتي جوڙڻ ۾ مدد ڪنديون آهيون ان سلسلي ۾ گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته اهو ڪم ڪير پيو ڪري؟ اسان سڀ عورتون ڪنهن سان ملنديون به نه آهيون وڌ ۾ وڌ فون تي ڳالهائي انهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن . . . . .
ان سلسلي ۾ خوشي جي ڳالهه آهي ته اسان جي ڀينرن ڪيترائي رشتا ڪرايا آهن. ڪيترن خاندانن جا مسئلا حل ڪيا آهن. . . . . جت اسان کي ذهني سڪون مليو آهي ات اسان کي گهڻي ۾ گهڻي ذهني پريشاني به حاصل ٿي آهي. اسان جا سنڌي خاندان ڏاڍا ڏکيا آهن. خاص ڪري ڇوڪري وارن جي ته ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ ڪي ته اهڙا سٺا خاندان هوندا آهن جو هڪ ٻه دفعو ئي ڇوڪري ڏيکارڻ کان خوش ۽ مطمئن ٿي ويندا آهن ۽ خير سان شاديون به ٿي وينديون آهن. ڪي خاندان ته اهڙا ٽڪرائجي ويندا آهن (اهڙن خاندانن جي اڪثريت آهي) جو هو نياڻين جي گهرن ۾ وڃڻ فيشن سمجهندا آهن ۽ پرائي نياڻي مان راهه گناهه عيب ثواب ڪڍي پاڻ کي معتبر پيا ڪندا آهن. انهن جي خواهش اها هوندي آهي ته گهڻي کان گهڻيون ڇوڪريون ڏسون پوءِ فيصلو ڪريون. ائين ڪرڻ سان هڪ ته انهن کي فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي ۽ پوءِ دير پوڻ جي ڪري انهن جا ڇوڪرا پاڻ پسند ڪري ڌارين مان شاديون ڪري ايندا آهن. پنهنجي سدا ملوڪ سنڌياڻين کي ڇڏي ڌارين قومن جون ڪاريون ڪوجهيون به اگهاميو وڃن. . . . .
هن سلسلي ۾ مان سنڌي نوجوانن کان وڌيڪ انهن جي گهر جي عورتن کي قصور وار سمجهندي آهيان. هي جيڪو ڪم اسان ننڍي پيماني تي کنيو آهي ڏاڍو دلچسپ آهي. اسان کي ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙا تلخ تجربا ٿيندا آهن جو منهنجي هڪ ساٿياڻي جيڪا پاڻ به سٺي اديب آهي جذبات ۾ اچي چوندي آهي ته “هل سلطانه ته انهن کي هلي مار ڪڍي اچون.” ڪڏهن ڪڏهن اسان پاڻ انهن سان اٽڪي به پوندا آهيون. هاڻ اسان اهو اصول ٺاهيو آهي ته اسان هر خاندان کي ٻه ڇوڪريون ڏيکاريندا آهيون فيصلو ٿيو ته ٺيڪ آهي نه ته پوءِ اسان انهن کي خارج ڪري ڇڏيندا آهيون . . . . اڄ مان پنهنجي ڪالم ۾ هن اهم راز کي کوليو آهي ان جو سبب صرف اهو آهي ته هن سلسلي ۾ اسان کي جيڪي تلخ تجربا ٿيا آهن ڪالمن ۽ مضمونن جي وسيلي انهن کي لکون ۽ پنهنجي قوم ۾ اهو شعور پيدا ڪيون ته ڳالهيون ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ ۾ ڪيڏو فرق آهي.
آچر 09 مئي 1993ع