ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

محبت جي کوٽ ۽ نفرت جي انتها

هت اسان وٽ ڪافي فليٽ آهن. اُنهن بلاڪن جي هڪ فليٽ ۾ هڪ خاندان اچي رهيو آهي. اُنهن جو ضلعي هزاره پنجاب سان تعلق آهي، گهر ۾ ماءُ ٽي ڌيئر آهن. پيءُ وفات ڪري چڪو آهي ۽ ڀائر عرب ملڪن ۾ روزگار پٺيان ويل آهن. ٽيئي ڇوڪريون نوڪري ڪنديون آهن، صبح سان پنهنجي روزگار سان نڪري وينديون آهن. ٻه ڄڻيون اسڪول ۾ ماسترياڻيون آهن ۽ هڪ بينڪ ۾ نوڪري ڪندي آهي. اسڪول واريون ڇوڪريون ته منجهند ڌاري موٽي اينديون آهن. باقي بينڪ واري شام ڌاري موٽندي آهي. هوءَ جڏهن به شام جو ڊيوٽيءَ تان واپس ايندي هئي ته گهٽيءَ ۾ ويٺل ڇوڪرن جو هڪ گروپ جن جي وڌ ۾ وڌ عمر پندرهن سال مس هوندي، اُن تي فقري بازي ڪندا هئا. گهٽ وڌ ڳالهائيندا هئا ۽ هوءَ خاموشيءَ سان ٻڌي پنهنجي گهر ڏي هلي ايندي هئي. ڪافي ڏينهن تائين اهو وهنوار هلندو رهيو. اُن ڇوڪريءَ جي ماٺ اُنهن ڇوڪرن جو من وڌائي ڇڏيو، هاڻ هو اڃا وڌيڪ وڦلڻ لڳا. آخر هڪ ڏينهن هوءَ ڇوڪري برداشت نه ڪري سگهي ۽ اُنهن ڇوڪرن کي دڙڪا ڏنائين. اُنهن ڇوڪرن جواب ۾ اُن ڇوڪريءَ کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ اهو به چيائون ته تون عورت اسان سان مقابلو ڇو ٿي ڪرين وڃي پنهنجي مردن کي وٺي آ. اُن ڇوڪريءَ سمجهيو ته هنن کي خبر آهي ته اسان سان ڪو مرد گڏ نه ٿو رهي. اُن ڪري ئي هو مون کي تنگ ڪندا رهن ٿا. نه اسان وٽ مرد آهي ۽ نه مان وٺي ايندس. هاڻ هوءَ ڇوڪري ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهي ٿي ويئي، ان پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي سڏ ڪيو، جيڪي بلڊنگ جي پنجين منزل جي فليٽ ۾ هيون. گوڙ مچي ويو مرد ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. ڪجهه ٻيون عورتون به هيٺ لهي آيون، ڪي وري گيلرين ۾ بيهي هيءُ لڪاءُ ڏسي رهيون هيون. اُن ويل مان به اُتان لنگهيس گوڙ ڏسي اُت بيهي رهيس معلوم ڪرڻ تي سڄي حقيقت جي خبر پئي.
هاڻ معاملو تمام گهڻو وڌي ويو، کليل گاريون هڪ ٻئي کي ڏنيون پئي ويون. ڳالهه اڃا وڌيڪ ان وقت بگڙي جڏهن اوڙي پاڙي جي سمجهدار ۽ وڏي عمر جي ماڻهن، اُنهن عورتن جي ڳالهه ٻڌڻ بجاءِ اُنهن آواره ڇوڪرن جو پاسو ورتو ۽ اُنهن جي حمايت ۾ انهن عورتن سان اٽڪي پيا. انهن جو چوڻ اهو هو ته هي عورتون هنن ڇوڪرن کي ڪجهه به نه چون جو ڪجهه ٿيندو رهيو آهي اُها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. انهن عورتن جو اهو چوڻ هو ته هو پاڻ ڪن مردن کان گهٽ نه آهن. اُن غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته اسان کي ڪير تنگ ڪندو ته اسان ڪو انهن کي ڇڏي ڏينديوسين. سچ پچ هن معاشري ۾ عورت جو اڪيلو رهڻ تمام مشڪل آهي. ڪن ۽ اکيون بند ڪري گذارو ڪرڻو پوندو آهي. افسوس ته اُن وقت ٿيو جو بجاءِ اُنهن آوراه ڇوڪرن کي تنبيهه ڪئي وڃي ها يا اُنهن کي سمجهايو وڃي ها ته ڳالهه ايڏي نه وڌي ها. اُت بيٺل عورتون ۽ مرد پاڻ ۾ سُس پس ڪرڻ لڳا. انهن جي لهجي ۾ نفرت ۽ حقارت هئي، هو پاڻ ۾ چئي رهيا هئا ته هي پنجاپڻيون اسان جي علائقي ۾ ڇو اچي رهيون آهن، هنن جو هت ڇا وڃي؟ چڱو ٿيو جو اسان جا ڇوڪرا اُنهن کي پڄي آيا. اُتي اُنهن ڇوڪرن مان هڪ ڇوڪري هڪ تمام خراب گار جو لفظ زبان مان ڪڍيو. پوءِ ته اُهي ڇوڪريون اُن ڇوڪري کي ورائي ويون. اُن ڇوڪري کي بچائڻ لاءِ ٻيا ڇوڪرا ۽ مرد اچي وچ ۾ پيا. اهڙي طرح انهن عورتن کي به ڪافي ڌڪ لڳا. اهڙو ته گوڙ مچي ويو جو انسان انسانيت جي درجي کان نڪري حيوانيت جي سرحد پار ڪرڻ لڳا. اچانڪ گهرن جي گيلرين مان فائرنگ شروع ٿي ويئي. اها فائرنگ دراصل اُنهن عورتن کي هيسائڻ لاءِ هئي. هو عورتون به ڊڄي پنهنجي گهرن ڏانهن هليون ويون. مان جن عورتن سان گڏ بيٺي هئس، اُنهن کي چيم ته هن فائرنگ ۾ بيهڻ چڱو نه آهي ته اُنهن ڏاڍي بي ڊپائيءَ سان چيو اسان کي ڇا جو ڊپ؟ هي سڀ ته اسان جا پنهنجا آهن....
ڏٺو وڃي ۽ ڪشاده دل سان فيصلو ڪيو وڃي ته خبر پئجي ويندي ته ڏوهه دار ڪيو آهي؟ اگر عقل سمجهه کان ڪم وٺي، انهن ڇوڪرن کي دڙڪا ڏيئي سمجهايو وڃي ها ته اها ڳالهه ايڏي نه وڌي ها. هي دلين جون نفرتون وڌي وڻ ٿي ويون آهن. اُنهن نفرتن جي انتها اها وڃي رهي آهي ته عورتن ۽ نياڻين جي عزت ۽ احترام به ختم ٿي ويو آهي. هيءَ قوم جيڪا پاڻ کي اسلام جي دعويدار ڪوٺائي ٿي، جيڪا سمجهي ٿي ته هوءَ ئي اخلاق ۾ ۽ ڪردار ۾ ۽ انسانيت ۾ سڀني کان اعليٰ آهي. اُن قوم جو حال وڃي هي رهيو آهي، مذهب جون به ڪي حد بنديون هونديون آهن. معاشري جا به ڪي اخلاقي قدر هوندا آهن. اسان جو مذهب هي ٻڌائي ٿو ته توهان جو ڪيترو به وڏو جاني دشمن هجي، ۽ چاهي هو يهودي يا هندو هجي پر انهن جي نياڻين ۽ عورتن جو احترام توهان تي ائين واجب آهي، جيئن توهان پنهنجين نياڻين ۽ عورتن جو احترام ڪندا آهيون. معاشري جي حد بندين ۾ پاڙي جي نياڻي پنهنجي نياڻي هوندي آهي....
سنڌ جي ڌرتي ۽ ماڻهن جو شان ته عجب نرالو آهي. هت نياڻيءَ کي ست قرآن ڪري ليکيو ويندو آهي. نياڻيون ميڙ ڪري وٺي وڃڻ سان سالن جون دشمنيون ۽ رقابتون ختم ٿيو وڃن. سنڌ جي ماڻهن “سام” جهلي ۽ جانين جون قربانيون ڏنيون..... هيءَ ڪهڙي قوم آهي، هي ڪهڙا ماڻهو آهن؟ مڃيوسين ته سياسي ليڊرن جو ڪردار هنن نفرتن کي وڌائڻ ۾ گهڻو آهي. پر اهي نفرتون اهو سبق نه ٿيون ڏين ته انسان اخلاقي، معاشرتي ۽ مذهبي پهلوئن کي وساري ڇڏي. دنيا ۾ وڏيون وڏيون جنگيون لڳيون انهن جنگين جا خوفناڪ نتيجا سامهون آيا. سواءِ ڪن ڊڪٽيٽرن ۽ آمرن جي هر ڪنهن فاتح جو ڪردار عورتن ۽ ٻارن جي باري ۾ واضح رهيو آهي.
هي قوم جيڪا پاڻ کي اُتم ۽ اعليٰ سمجهي ٿي. اُن جي وجود ۾ ايتري نفرت، حقارت ۽ بي حسي ڀريل آهي جو هاڻ اُنهن وٽ ڪنهن جي لاءِ به عزت ۽ احترام نه رهيو آهي. چوندا آهن ۽ ڏٺو به اٿئون ته خانداني ماڻهو جهوپڙيءَ ۾ به رهندو ته به پنهنجي رک رکاءُ ۽ اٿڻ ويهڻ سان پيو ٻڌائيندو رهندو ته اُن ۾ ڪيترو ماڻهپو آهي. بي عزت ماڻهو اگر دولت جي هندورن ۾ به پيا لڏندا ته به اُنهن جو رک رکاءُ ۽ اُٿ ويهه اڇا ڪارا پئي پڌرا ڪندي. ٻه ٽي سال اڳ لاهور ۾ نڪرندڙ هفتيوار رسالي ۾ هڪ صحافيءَ جو سفرنامو پڙهيم. هو ويو هو هندستان گهمڻ. ڪافي شهر گهمي ڏٺائين. اُتان جو واءُ سواءُ لڌائين. هڪ ڏينهن دهليءَ ۾ هڪ ٽانگي تي شام جو سير ڪندي ٽانگي واري سان ڪچهري ڪرڻ لڳو. اُن صحافي اُن ٽانگي واري کان پڇيو ته اسان ته پنهنجن وڏن کان ٻڌو آهي ۽ ڪتابن ۾ پڙهيو آهي، ان کان هي هندستان ڏاڍو مختلف آهي. اُن ٽانگي واري پڇيس اهو ڀلا ڪئين؟ اُن صحافيءَ جواب ۾ چيس ته جيئن ته اسان کي خبر آهي ته دهليءَ جا ڊاڪو، بنارس، جا ٺڳ، لکنوءَ جون طوائفون ۽ انهن جا دلال، مدراس جا چور ۽ ڳنڍيڇوڙ ۽ هتان جا جولاها، تيلي، ڌوٻي سڀ مشهور هستيون آهن. هاڻ اهي سڀ هت نظر نه ٿا اچن..... اُن ٽانگي واري ڏاڍي اطمينان ۽ اعتماد سان جواب ڏنو: “سائين ورهانڱي جي وقت اهي سڀ هندستان مان لڏي وڃي پاڪستان ۾ رهيا آهن. هاڻ هت هندستان ۾ ته صرف شريف شرفا رهجي ويا آهن.” توهان پاڪستان مان آيا آهيو ڇا هو توهان کي اُت نظر نه ٿا اچن؟... اُن صحافيءَ جي اُن سفرنامي مان واضح ٿي ٿو وڃي ته هيءَ قوم ڪهڙي آهي. هنن هَچائن کي اسان جي ئي ڌرتيءَ تي اچڻو هو. هي پاڻ کي اسلام ۽ شرافت جي پردي ۾ لڪائي ويٺي آهي، پر سندن قول، عمل ۽ ڪردار اُنهن کي وائکو ڪيو ويٺو آهي. هن قوم مان سنڌين جي جان ته ڇٽي ڪين ٿي سگهي. گهٽ ۾ گهٽ سنڌي هنن سان رشتا ناتا جوڙڻ ۾ احتياط ڪن. هنن ظالمن اڳيان ڇاتي تاڻي هلجي جنهن وقت به پٺ ڏني هو وار هڻي ڪڍندا. هن قوم مان نه اڳ چڱائي ملي آهي نه هاڻ ملندي......

آچر 21 آڪٽوبر 1990ع