عورت، معاشرو ۽ اُن جو گند
اڄ ڪلهه هن پڙهيل ۽ باشعور معاشري ۾ جيڪي حادثا ٿين پيا، تن تي گهري نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته اڄ جو معاشرو ڪيترو نه اخلاقي پستين ۾ ڪري چڪو آهي. هن ائٽمي ۽ ترقي يافته زماني ۾ انسان اخلاقي قدرن کي وڃائي چڪو آهي. تازو نوري پليجي جو واقعو اُنهن ڪيترن ئي واقعن جو تسلسل آهي، جيڪي اسان جي ماحول ۾ روز مره جو معمول ٿي چڪا آهن. ڏاڍي جابر جي اڳيان ڪير بيهي؟ اُن شخص کي جڏهن پنهنجي عزت ۽ حرمت جو خيال نه آهي، ته هو ٻين جي عزت ۽ حرمت جي پرواهه ڇو ڪندا! اهڙن قسمن جي واقعن جي ابتدا ڪا نئين نه آهي. اسان جي معاشري ۾ اهڙا واقعا ٿيندا رهيا آهن. فرق صرف اهو آهي ته اڳ اهڙيون عورتون يا ته ڦاهو کائي مرنديون هيون، کوهن ۾ ٽپا ڏيئي پنهنجو انت آڻينديون هيون، يا وري سڄي زندگي جانورن وانگر زندگي گذارينديون هيون. اهڙين عورتن کي سڄي زندگي عزت ۽ محبت ملندي ڪانه هئي. اهي گناهه جيڪي زيردستي مٿن مڙهيا ويندا هئا، تن جو عيوضو، هو سڄي زندگي ڀرينديون رهنديون هيون. اُهو مرد جيڪو ان گناهه جو اصل جوابدار هوندو آهي. اهو هڪ خوشحال ۽ پر سڪون زندگي گذاريندو رهندو آهي! هڪ عورت جي اُٿيل نگاهه، هڪ غلط قدم اُن کي تباهه ڪريو ڇڏي. هڪ مرد ڏهن عورتن سان ناتا رکي، ظلم زبردستيون ڪري، وهنجي سهنجي اڇا لٽا پائي نڪرندو ته پوءِ سائين، اُن جهڙو ڪو عزت وارو، مان وارو هن جڳ ۾ ٻيو آهي ئي ڪونه!
هن معاشري ۾ جڏهن ته مرد کي هر قسم جو حق مليل آهي ۽ مذهب به اُن کي اُهي سڀ حق ڏنا آهن، ته هو ٽي اکر چئي پل ۾ ڪنهن کي پنهنجو ڪري سگهي ٿو ۽ ٽي اکر چئي پل ۾ ڪنهن کي تباهه ڪري سگهي ٿو! ان معاشري ۾ اهڙن واقعن جو ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. ها، فرق صرف وڃي اهو رهيو آهي ته اُنهن ڪيترين نورين مان ڪن نورين ۾ ايتري همت آئي آهي، ته هو پاڻ تي ٿيل ظلمن کي وڏي واڪ بيان ڪري سگهن. اهي ئي باهمت نوريون، هڪ بچاءُ بند ٺاهي رهيون آهن، اُنهي ٻين نورين لاءِ جيڪي هن معاشري ۾ عدم تحفظ جو شڪار آهن.
اهڙا واقعا جيڪي اڳ ڪڏهن ڪڏهن ٻڌبا هئا ۽ هاڻ روز جا معمول ٿي چڪا آهن، تن جي پويان اڄ جون اسان جون سياسي حالتون وڌيڪ جوابدار آهن. اڳ سياست ۾ مرد مردانگيءَ سان سينو کولي مقابلو ڪندا هئا. عورتن ۽ نياڻين کي سڀ ڪو پنهنجي عزت سمجهندو هو. پرائي نياڻي به پنهنجي نياڻي هوندي هئي. اهڙن سياسي طور تي ٿيل واقعن جي گهڻائي ضياءُ الحق جي زماني ۾ ٿي. اُن دور ۾ جڏهن پنهنجي سياسي حريفن ۽ جائداد جي جهيڙن ۾، عورتن کي سر بازار اگهاڙو ڪري، وارن کان گهلي گهُمايو ويو. اُن دور ۾ جڏهن هڪ سياسي حريف، ٻئي سياسي حريف کان پُٽ لاءِ رشتو گهريو ته اُن شخص بجاءِ رشتو ڏيڻ جي، ڌيءَ کي زهر ڏيئي ماري ڇڏيو ۽ انهن عزت وارن، پئسي وارن ماڻهن جو پٽ رشتو نه ملڻ جي صورت ۾، اُن ڇوڪريءَ جو لاش قبر مان ڪڍي، سرعام بي عزت ڪيو، اُن ئي دور ۾ ڪراچيءَ جي هڪ مسجد ۾ هڪ ٻار کي “حرامي” چئي سنگسار ڪري ماريو ويو.!!! لکڻ چاهيان ته الائجي ڪيترا واقعا لکجي وڃن. اهڙن واقعن جي اصل مجرمن کي ڪابه سزا نه ملي. اُهي سڀ اسان جي هن اسلامي جمهوري پاڪستان جي قانون مان عزت وارا ٿي، آزاد ٿي ويا! خبر پئي ته هن ملڪ ۾ ڪوبه قانون ڪونهي. صرف پئسو ۽ سياسي رفاقتون ئي اهميت رکن ٿيون. اهڙين حالتن ۾ اهڙي قسم جا واقعا ٿيندا رهندا ۽ مجرم آزاد ڇڙواڳ سانن وانگر رنڀندا رهندا.....!!!
سياسي جنگ ۾ پنهنجي مخالفن جو مقابلو ڪرڻ بجاءِ، عورتن جي عزتن کي پائمال ڪيو ويو. پنهنجي سياسي حريف کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته “تون اسان جي سامهون هٿ کڻي وڃ، نه ته تنهنجي نياڻين جو خير نه آهي!”. وينا حيات، خورشيد بيگم ۽ ٻين جو ڪيس پريس ۽ تنظيمن گهڻو مٿي کنيو، پر اُن مان ڪو کڙ تيل ان ڪري نه نڪتو، جو اُن جو تعلق حزب اختلاف سان هو. حزب اقتدار وارا چون ته اهو ڪوڙ آهي، حزب اختلاف اسان تي الزام ٿي هڻي. عورت جي عزت کي سياست جو پليٽ فارم بنائي، اسان کي ڪمزور ڪرڻ ٿي چاهي، ان سياست پٺيان اُن عورتن سان ٿيل زيادتين جو ڪو هڙ حاصل نه ٿيو. تازو سانگهڙ جي اليڪشن ۾ عورتن ۽ صحافين تي زيادتيون ٿيون. صحافين کي زخمي ڪيو ويو. عورتن جي جسمن کي پَٽيو ويو. اُنهن جون پوتيون لاهي اُنهن کي ڊُڪايو ويو. اهڙين ڪجهه عورتن جون تصويرن به اخبارن ۾ ڇپيون. هڪ صحافي ۽ هڪ عورت کي عالمي حقن جي تنظيم آمريڪا به گهرائي ورتو. اُتان جي پريس، اتان جي ٽي وي، انهن کي ڪوريج ڏني. هت وري جڏهن اليڪشن ڪميشن جي اڳيان درخواست ڪئي ويئي، ته ان اها رپورٽ پيش ڪئي ته اهڙو ڪوبه واقعو نه ٿيو آهي.؟ جڏهن اهڙين اخلاقي پستين جا ذميدار اسان جا قانوني ادارا به ٿي وڃن، ته پوءِ سوچيو ته سهي ته باقي اسان وٽ ڇا بچيو آهي.......؟
حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ٿيل لساني هنگامن ۾ عورتن ۽ نياڻين سان جيڪي زيادتيون ٿيون، سي به لکڻ کان مٿي آهن. عورتن۽ نياڻين جي نازڪ حصن تي ايم ڪيو ايم جي نالن جا ٺپا اڄ به موجود آهن. نياڻين جي ڳلن تي، پاتل چڪن جي ڏندن جا نشان، اڄ به موجود آهن. اهڙن ظلمن، جن جا پول اڳ لڪل هئا نه هاڻي لڪل آهن. انهن سان هر حڪومت معاهدا ڪيا. اُنهن جي ظلمن جي پرده پوشي ڪئي ويئي!
هي اسان جو معاشرو ۽ اُن جا رهواسي، اخلاقي قدرن کي وڃائي، انسانيت ۽ شرم حيا جا سڀ ليڪا لنگهي چڪا آهن. هن اڏوهي کاڌل معاشري ۾ پيسجي پئي، ظلم پئي سهي، مقابلو پئي ڪري ته صرف عورت ئي ڪري پيئي. هي سڀ نوريون، جن همت سان اڳتي وڌي، پنهنجي مٿان ٿيل ظلمن جو حساب ڪتاب پيش ڪيو آهي، ڇا هي معاشرو اُنهن جي ان همت کي قبول ڪندو؟ ڇا اُنهن جي همت ۽ قرباني، انهن ٻين عورتن جي عزت جي محافظ ٿي ويندي......؟
آچر 6 سيپٽمبر 1992ع