ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

بي گناهن جو موت ۽ مري وڃڻ جون وارتائون

هن هيڏي وڏي جل ٿل ۾ جيءُ جلي ٿو. هن نفسا نفسي جي عالم ۾ سڀ ڪو پنهنجا تابوت کنيو ڊڪندو ڀڄندو پيو وتي. موت پٺيان ڪاهيندو ٿو وتي، پيرا کنيو پيو اچي ۽ انسان ويچارو جيئڻ خاطر يڪ ساهي هڪ رستي تي ڊڪندو ٿو رهي.
موت ڪيترو نه سولو آهي، موت ڪيترو نه ويجهو آهي، موت ڪيترو نه سستو آهي. پوڙها ٺوڙها ته پيا جيئن. اُنهن ويچارن جي نه ڪنهن کي ضرورت ۽ نه وري انهن جي اهميت. سڀ ڪنهن تي بوجهه هوندي به هو پيا جيئن. آخر به ته جيتري زندگي هوندن ته ضرور جيئندا. ها باقي ڏکيو آهي جيئڻ اڄ جي نوجوانن جو. اُهي نوجوان جيڪي پنهنجي روزگار، نوڪري ۽ وجود جي جنگ جوٽڻ لاءِ ٻاهر ٿا نڪرن. انهن جي گهر مان نڪرڻ کانپوءِ اهو سوچڻ ضروري ٿي پوندو آهي ته خير سان جيئرا موٽندا به الائجي نه؟....... جوانن جي جوانين جو خير، گهر جي وارثن جو خير، عورتون ويچاريون سڄو ڏينهن تسبيح وانگر اهو ورد ڪيو ڏينهن ٿيون گذارين.
اڄ جڏهن انسان ايتري ترقي ڪئي آهي. سائنسي ۽ ايٽمي دور آهي. اُن جي باوجود به انسان عدم تحفظ جو شڪار آهي. اڄ انسان جو کاڄ انسان آهي. گولي هلي ناهي. بم ڦاٽو نه آهي. وسن جهڙا انسان گهڙي ۾ چٽ پٽ. اُهو انسان جيڪو مهيني اڌ جي بيماري ڪاٽي کٽ تي سڪرات ڪاٽي وڃي الله کي ملندو آهي. گهر ڀاتين کي به سڪون اچي ويندو آهي. وقت پوڻ سان آهستي آهستي ڏک جا زخم به ڇٽي ويندا آهن. سڀ ڪو حال تي راضي رهي الله کان آئنده جي لاءِ پناهه پيو گهرندو آهي. وس ته ڪو هلندو ئي نه آهي، ڇو ته الله جو حڪم هوندو آهي ۽ الله سان ڪير سينو ساهي؟ پر هي بي وقتا موت، ري کٽيءَ جا موت، جن ۾ نه وقت جي خبر ۽ نه قاتل جي خبر، بس گهر مان ماڻهو نڪتو ناهي، گولي هلي ناهي، وسن جهڙا اڙٻنگ جوان منٽن ۾ چٽ، قاتل نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو. اها به اميد نه آهي ته ڪو قاتل آئنده پڪڙيو ويندو يا وري ان کي پنهنجي ڪئيءَ جي سزا ملندي.
موت برحق آهي، مرڻو آهي سڀ ڪنهن کي، پر اهڙا موت انسان کي اڃا وڌيڪ بي سڪون، بي آرام ڪيو ڇڏين. گهرڀاتين کي صبر ئي ڪونه ايندو آهي. ذهن ۾ هميشه اهو سوال اڀرندو آهي ته هيءَ الله جو نه پر بندن جو حڪم ۽ ظلم آهي ۽ گهر مان نه نڪري ها ته مون بچي پوي ها. هيئن نه ٿئي ها يا هونئن نه ٿئي ها ذهن ۾ هزارين سوال پيا پيدا ٿيندا آهن جن جو ڪو به جواب نه ملندو آهي. اهڙن موتن جا زخم ۽ ڏک وقت پوڻ سان گهٽجندا نه آهن. بلڪ آهستي آهستي ناسور ٿي پوندا آهن. نفرت جي باهه وجود ۾ پئي ٻرندي آهي. جڏهن انسان ئي انسان جو ويري ٿيندو آهي، جڏهن انسان ئي انسان جو رت وهائيندو آهي. جڏهن انسان ئي هن ڌرتي تي ظالم وحشي ۽ جانور ٿي پوندو آهي، ته پوءِ هيءَ ڌرتي، هي آسمان، هي هوا پڻ اُن کان نفرت ڪندي آهي ۽ پاڻ تي بار سمجهندي آهي.
مٿي خدا پڻ پنهنجن ٺاهيل انسانن کان بيزار ٿي پوندو آهي. پوءِ ٿيندا آهن حادثا، ايندا آهن زلزلا ۽ ٻوڏون. انسانن کي پنهنجي اعمالن جي سزا ڏيڻ لاءِ يا وري انهن کي سبق ڏيڻ لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ٿينديون آهن جو ذهن اچرج ۾ پئجي ويندو آهي ۽ عقل حيران ٿي ويندو آهي. ظالم انسان ڏاڍ ۽ ظلم ڪرڻ وارا يقيناً اُهي به پنهنجي انت کي ضرور پهچندا پر ڏٺو ويو آهي ته ظلم جي زندگي وڏي ۽ ان ظالم جي رسي ڊگهي هوندي آهي.
گذريل ڇهن مهينن جو صرف حساب رکجي ته معلوم ٿيندو ته دهشتگردن جي فائرنگ سان گڏ ريلن جا حادثا، بمن جا ڌماڪا، بسن جا حادثا ايترا ته گهڻا ٿيا آهن جو سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر موت جو تناسب ايڏو وڌي ڇو ويو آهي. مٿان آئي گرمي جي مند، گرمي به اهڙي پئي جو الله ڏي بندو سهي... روزانو سون جي حساب سان ماڻهو مئا. وڏي عمر جا ماڻهو پنهنجي عمر جي حساب سان ٻڌائين پيا ته اُنهن ايڏي عمر گذاري پر اهڙي گرمي ڪڏهن ڪانه ٿي. حيدرآباد جو هڪ ڊاڪٽر چوڻ لڳو ته هيءَ گرمي نه آهي الاهي عذاب آهي جيڪو هتان جي بندن مٿان ڪريو آهي. ڇو ته ڪيترن بيگناهن جو رت دهشتگردن هن ڌرتيءَ تي وهايو آ. ظلم ۽ قهر جي انتها ڪئي وئي آهي. اُن ڪري ئي هيءَ ڌرتي تپي ٽامو ٿي پئي آهي.
سچ به ته اهو آهي ته ڌرتي پاڻ بيزار ٿي پوندي آهي، ڌڪي ٻاهر ڪڍندي آهي يا پاڻ کي چيري ڦاڙي زلزلا آڻي انت آڻيندي آهي، انهن قومن ۽ ماڻهن جو جيڪي ظلم جي واٽ تي هلندا آهن. توهان سوچيندا هوندو ته ضروري ٿوروئي آهي ته مرڻ وارا سڀ ظالم قاتل هئا. نه بلڪل نه هو معصوم بي گناهه هئا. دراصل ظلم کي سهڻ وارا، ماٺ ڪري چپ ڪري ويهڻ وارا وڌيڪ ڏوهدار هوندا آهن. ڄاڻي واڻي پنهنجي ڪمزوري ۽ بي همتي ڏيکاري ظالم جو من وڌائڻ وارا به اوترائي گناهگار آهن ۽ انهن کي اوتري ئي سزا ملڻ گهرجي جيڪا هڪ ظالم کي ملي ٿي. هن وٺ پڪڙ جي ماحول ۾ چئني طرف نظر ڦيرائجي ته معلوم ٿيندو ته سنڌ جو خطو اهڙو آهي جيڪو هر طرح سان مڪمل جڪڙيل آهي، هر طرح جي عذابن ۾. ڌاڙيلن جو ظلم، سياسي، طور بدحال صوبو، بي ضميرن جي بادشاهي، دهشتگردي جو راڄ، ريلن ۽ بسن جا حادثا، مٿان وري گرمي جو عذاب؟ آخر هتان جا بي گناهه رهواسي ڪنهن جي گناهن جو عيوضو ڀري رهيا آهن؟ يقيناً توهان اسان سڀ سمجهون ٿا خبر آهي اسان سڀني کي ڪير آهن اُهي جن جي ڪري هيءَ ڌرتي تپي ٽامو ٿي آهي ۽ هتان جون هوائون فضائون به رخ مٽائين پيون. انهن گناهگارن ۾ ڪي پنهنجا ڪي پرايا سڀ شامل آهن. انهن ڪجهه ظالم رهزنن ۽ بي صغيرن جي ڪري ئي سڄي سنڌ ٻري پئي تپي پئي.
همت نه آهي هتان جي ڪمزورن ۾ مقابلي ڪرڻ جي، همت نه آهي سچ سان مقابلو ڪرڻ جي همت نه آهي پنهنجي ڌرتي، عزتن ۽ لڄن جي حفاظت ڪرڻ جي، همت نه آهي کلئي عام چوواٽي تي بيهي سچ چوڻ جي...... بي همت، بي لڄا، بي شرم هن ڌرتي جا رهواسي جيڪي نه دوستيون نڀائي سگهيا نه دشمن جو مقابلو ڪري سگهيا. اڄ قسمت جو ڍارو اُبتو پيو ڦري. اڄ هتان جي رهواسين جون ٻه به گم آهن ته ڇهه به گم آهن..... چئني طرفن کان وٽيل هن ڌرتي جا رهواسي جيڪي جيئڻ جي خاطر ڊوڙندا ٿا وتن. پاڻ کي لڪائيندا ٿا وتن پر ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ موت اُنهن جو پيڇو نه ٿو ڇڏي. اڄ هن ڌرتي جا رهواسي نه زمين جا رهيا آهن، نه آسمان جا، خلائن ۾ کينوهڙن وانگر ڌڪا جهليندڙ هن ڌرتي جا رهواسي دراصل حساب ڪتاب ڏين پيا پنهنجن اعمالن جو، پنهنجي بي همتي جو، پنهنجي ضميري جو.... سچ ته جيئڻ جو ڪو حق ئي ڪونهي هنن ماڻهن کي جيڪي پنهنجي حق لاءِ وڙهي نٿا سگهن. ڪاش ڌرتي ڌٻي غرق ٿئي، آسمان مان ڪا سنگ باري ٿئي ڪجهه نه بچي ڪجهه نه رهي. رهجي وڃن دڙا، دڙن مٿان دڙا، شل ڪو ٻيو موهن جو دڙو ٺهي، شل ڪو ٻيو ڪاهوءَ جو دڙو ٺهي.........

آچر 30 جون 1991ع