راندين ۾ سنڌين سان ناانصافي
ڪڏهن ڪڏهن وقت ۽ حالتون ان ٻه واٽي وٽ وڃي بيهارينديون آهن جو پنهنجن جي هٿ وس ڪجهه نه رهندو آهي اها بي وسيءَ جي حالت ڏاڍي ڏکوئيندڙ هوندي آهي. وقت به گذري ويندو مسئلن جو حل به نه نڪري ايندو آهي. پر ڏکوئيندڙ حالتون ڪڏهن به وساري نه سگهبيون آهن.
گذريل مهيني ۾ بس اوچتو ئي اوچتو حڪم مليو ته سائين سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي صحافين جو هڪ تربيتي ڪورس آهي ان ۾ اچڻ ضروري آهي. عوامي آواز اخبار ۾ به مهيني کن کان ڪا نه پئي ويس. هڪ ڏينهن ويس ته ڍير خطن ۾ ڪجهه خط ان تربيتي ڪورس بابت به آيل هئا. هاڻ وقت به ٿورو هو مان فيصلو ئي نه ڪري پئي سگهان ته وڃان يا نه وڃان. آخر همت ڪري نڪري پيس سوچيم حيدرآباد ۾ ان بهاني سان امان سان به ملاقات ٿي ويندي ۽ ٻار به خوش ٿي ويندا.
هي جيڪو صحافين جو تربيتي ڪورس هو ان جي لاءِ الڳ ڪيترائي ڪالم لکي سگهجن ٿا. هي تربيتي ڪورس تمام افاديت وارو آهي. اتي شاگرد وانگي ويهي، ڏسي ٻڌي جيڪو ڪجهه اسان پرايو آهي يا وري اتي جيڪا ڄاڻ ملي آهي شايد زندگيءَ ۾ ڪٿان به ايترو ڪجهه نه ٿو پرائي سگهجي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل صحافي ۽ انهن سان ڪيل ڳالهيون هڪ پنهنجائپ وارو ماحول هو. اتي تربيتي ڪورس دوران ڪجهه نوجوان ڏاڍا ڦڙتيلا ۽ ڪم ۾ چنبڙيل نظر آيا. انهن شاگردن تمام گهڻو خيال رکيو صحافين جو. انهن شاگردن مان هڪ شاگردن مون وٽ آيو ۽ چيائين مئڊم سلطانه توهان پنهنجي ڪالم ۾ منهنجو ذڪر ضرور ڪجو مون سان ڏاڍو ظلم ٿيو آهي. ڏٺم ته اهو شاگرد قدآوار جانٺو جوان هو. کلي چيومانس ته بابا تون ته ٺيڪ ٺاڪ آهين. تو تي وري ڪهڙو ظلم ٿيو آهي . . .
ان نوجوان جڏهن پنهنجو مسئلو ٻڌايو ته سچ پڇو ته ڏاڍو ڏک ٿيو. آخر اهي ظلم ۽ ويساهه گهاتيون اسان جي نوجوانن سان ڪيستائين ٿينديون رهنديون؟ اڄ جو نوجوان جيڪو همت ڀريو آهي. جنهن ۾ قوت آهي مقابلي ڪرڻ جي ۽ اڳتي وڌڻ جي جستجو ۽ همت ڪرڻ کان پوءِ به جڏهن نراسايون ملن ته پوءِ ڀلا ڇو ڪين اهڙا جوان فرسٽريشن جو شڪار ٿيندا. . . ان شاگرد جو نالو وجاهت حسين ماڪاڻي آهي. جيالاجي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ۾ ٽئين سال جو شاگرد آهي. ان ٻڌايو ته هو ايٿليٽ آهي. ان سنڌ ليول کان نڪري پاڪستان ليول تي مقابلن ۾ حصو ورتو آهي.
1989ع ۾ آل پاڪستان انٽر يونيورسٽيز ايٿليٽڪ چئمپين شپ ۾ ان گولڊ ميڊل حاصل ڪيو آهي. 1990ع ۾ به ان گولڊ ميڊل کنيو. ٻن مقابلن ۾ هڪ آل پاڪستان يونيورسٽيز ايٿليٽڪ چئمپين شپ پول والٽ جي 1 يونٽ ۾ ۽ ٻيو نيشنل ايٿليٽڪ چئمپين شپ ڊڪيبٿلون جي 1 يونٽ ۾. وري 1991ع جي نيشنل ايٿليٽڪ چئمپين شپ ۾ وري گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. وجاهت حسين ماڪاڻي اهو به ٻڌايو ته ان جي مقابلي جو ايٿليٽ پاڪستان ۾ آهي ئي ڪو نه. ان ڪري کيس ستاويهين قومي ايٿيلٽ چئمپين شپ ۾ يونيورسيز گرانٽ ڪميشن جي ٽيم جو ڪيپٽن ۽ ٽيم جو واحد ايٿليٽ جنهن (UGC) جي لاءِ ميڊل کٽيو ۽ ورلڊ يونيورسٽيز گيمز جيڪي انگلينڊ ۾ منعقد ٿيون. ان ۾ وجاهت حسين جي سليڪشن ٿي ويئي. هي نوجوان شاگرد خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو ڇو ته کيس ايڏو وڏو اعزاز مليو هو. ان سليڪشن ۽ مقابلي جي بنياد تي ان کي دنيا جي سٺين يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپ تي داخلا به ملي وڃي ها. وجاهت حسين انتظار ڪندو رهيو پر ٿيو ڇا خاموشيءَ سان پنجاب مان هڪ ڇوڪري کي ان جي جاءِ تي موڪليو ويو. اهو اطلاع به ان کي ڪو نه ڏنو ويو ته ڪهڙن بنيادن تي ان جي سليڪشن کي رد ڪيو ويو آهي.
هي ظلم ۽ زيادتيون جيڪي اسان جي نوجوان سان ٿينديون رهن ٿيون آخر ڪيستائين انهن کي درگذر ڪبو رهبو. سنڌي هجڻ جي ڪري انهن جي صلاحيتن ۽ خوبين کي آخر ڇو ائين درگذر ڪيو ٿو وڃي. هيءُ نوجوان ته اتفاق سان کڻي مون کي ملي پيو. پر ڏٺو وڃي ته هر هنڌ الائجي ڪيترائي سنڌي نوجوان آهن جيڪي ڊگريون ۽ صلاحيتون کنيو ڌڪا کائيندا ٿا وتن ۽ انهن جو قدر ڪرڻ وارو ڪير به ڪونهي . . . پنهنجي ڌرتي تي پنهنجن جي وچ ۾ اڄ اسان جو سنڌي اڪيلو ۽ مسئلن جو شڪار آهي . . .
سنڌين جي ڪيل ڪوتاهين جو ته ڪو انت ئي ڪونهي، ان ڪوتاهين جون سزائون ڀوڳيون پيا ته به سڌرون نه ٿا، پراڻو وقت گذري ويو پر هن دور ۾ جڏهن مقابلو گهڻو آهي ۽ هر ڪو شخص اڳتي وڌڻ چاهي ٿو ان وقت اهڙيون زيادتيون اسان جي نوجوان کي نراس ڪيو ٿيون ڇڏين. ظالم کي ظلم ڪرڻ جي همت ٿيندي آهي جڏهن اڳيان مظلوم ڪمزور ۽ لاوارث هوندو آهي. ڪمزور ۽ لاوارث تي پنهنجن پراون سڀني جي هلان هوندي آهي. ٻين کي ميارون ڇو ڏجن، پرايون ڳالهيون ڇو ڪجن. اسان ته پاڻ پنهنجا ويري آهيون. اسان ته پاڻ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هڻندا آهيون. اسان ته پاڻ خود هڪ ٻئي جا ترا ڪڍندا آهيون. هڪ ٻئي کي سهون به ڪو نه . . . سياسي توڙي سماجي طور اسان سنڌين پنهنجو پاڻ کي جيترو نقصان پهچايو آهي اوترو پراين ڪونه پهچايو آهي. جڏهن اسان پاڻ ڪمزور آهيون تڏهن ته ٻيا اسان جا حق ڦرين ٿا. جيڪڏهن اسان مضبوط ۽ متحد هجون ها ته ڪنهن کي همت هجي ها ته . ... وجاهت حسين ماڪاڻي جهڙن نوجوانن جو حق ڦري سگهن ها؟ ؟ ؟
18 آگسٽ 1991ع