ڀلي ڪري آيا، مسلمان ڀائر
اسان جي پياري سنڌ ۾ اڄ ڪلهه جيڪي حالتون آهن انهن جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟ اهو سوال هر ڪنهن جي ذهن ۾ آهي. جيڪڏهن مان ٿورو تفصيل ۾ وڃان ۽ اهو چوندي نه ٿي هٻڪان ته انهن حالتن جا بنيادي ذميدار اسان پاڻ آهيون ته شايد اوهان ڇرڪي پئو. ها سائين مان هن ڳالهه چوڻ جي همت ڪريان ٿي ته اسان ئي ته قرارداد پاڪستان منظور ڪئي. اسان ئي ته پاڪستان ٺاهيو اسان ئي ته قاتلن خونين ۽ رهزنن کي پاڻ وٽ رهايو، انهن جو آڌرڀاءُ ڪيو. منهنجي والدين جي شادي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٿي. منهنجي والده ٻڌائيندي آهي ته ان وقت لاڙڪاڻي شهر جي مشهور ڳائڻي “مائي جوائي” جيڪا شادين مرادين ۾ نچندي ڳائيندي هئي تنهن هڪ گيت ٺاهيو.
ڀلي ڪري آيا اسان جا پرديسي ڀائر
اسان جا ڀائر ۽ مسلمان ڀائر
ڀلي ڪري آيا، خير سان آيا . . . .
اهو گيت منهنجي والدين جي شادي ۾ به ڳايو ويو. ان وقت اسان جي وڏن ديڳيون چاڙهيون. انهن کي گهر گهاٽ ڏنا، ٻنيون ٻارا ڏنا. اسان جا وڏڙا مسلماني جي جذبي سان سرشار هئا. انهن، هنن پرديسين ڀائرن کي صرف ان ڪري قبول ڪيو هو ته هو مسلمان هئا، ان وقت اهو نقطو ڪنهن به قانون ڪنهن به ٺاهه ۾ لکيل ڪو نه هو ته اهي ماڻهو جن کي اسان پناهه ڏني ۽ اهي ماڻهو فاتح ڪو نه هئا انهن سنڌ کي فتح ڪو نه ڪيو هو. انهن جي پويان لڳي اسان پنهنجي زبان پنهنجي تهذيب کي ٿڏي پنهنجن گهرن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ان غير قوم جي غير زبان کي اسان جي قومي زبان ٺاهيو ويو. اسان جي وڏن مان ڪير به ڪو نه ڪڇيو ڪير به نه لڇيو. سڀ ڪجهه ٿيندو رهيو. اسان جي قوم جي پيرن هيٺان آهستي آهستي زمين کسڪندي ويئي ۽ آخر هڪ وڏو جهٽڪو آيو ۽ اسان جي پنهنجن سنڌين ون يونٽ ٺاهي ڇڏيو. سائين منهنجا مان پري ڪو نه ٿي وڃان پنهنجن جا ئي گناه ڳڻايان ٿي پئي شروع ۾ ته اهو ماحول هو ته سنڌي پڙهيل لکيل ڪو نه آهن، ڄٽ ۽ جاهل آهن ٻاهران اچڻ وارا غير ئي تعليم يافته ۽ تهذيب يافته آهن ان ڪري نوڪرين تي انهن جو حق وڌيڪ آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جون حالتون ويندي اڄ تائين اهڙيون آهن جو سنڌي ڇوڪرا ڊگريون کڻي نوڪرين لاءِ ڌڪا پيا کائيندا هئا ۽ انهن کي نوڪرين نه مليون. جيڪي ٿوريون گهڻيون نوڪريون هيون به ته سفارش ۽ پيسي سان خريد ڪرڻ واريون. اهي نوڪريون وڏن ماڻهن لاءِ هيون ۽ ويچارا مڊل ڪلاس وارا يا وري غريب جن محنت ڪري پڙهيو آهي ڌڪا کائيندا رهيا . . . . اسان جا سنڌي نوجوان مقابلي جي امتحانن ۾ به ويٺا اهو دور به هو جو سنڌي نوجوان پنهنجي محنت سان ان امتحان ۾ ڪامياب ٿيڻ لڳا. جڏهن اها خبر پئي ته پاس ٿيڻ وارا سنڌي آهن ته پوءِ انهن کي زوري ناپاس ڪيو ويو. هر دور ۾ ظلم ۾ پيڙجندڙ اسان جا سنڌي ۽ هر دور ۾ اسيمبلين ۾ ويهڻ وارا سنڌ جا محافظ به سنڌي جيڪي پنهنجن هٿن سان سنڌين جو ٻيڙو غرق ڪندا رهيا ۽ غيرن کي نوازيندا رهيا. وڏين ڪرسين تي ويٺل ڪامورا جيڪي سنڌي هئا انهن ڪي ڪين ڪيو . .
ان وقت سنڌين کي ڪجهه نوڪريون مليون يا تحفظ مليو جڏهن ڀٽي صاحب جي حڪومت آئي شروع جي دور ۾ ته سنڌين سک جو ساهه کنيو وڏن شهرن ۾ سنڌي ننڍين نوڪرين کان وٺي وڏين نوڪرين تائين نظر اچڻ لڳا. ڪراچي شهر ۾ رستن ۽ گهٽين ۾ سنڌي ڳالهائڻ وارا نظر آيا. ون يونٽ به تازو ٽٽو هو. قوم پرستي جو زور گهڻو ٽٽو هو. حقيقت ته اها آهي ته جيترو حق سنڌين کي ملڻ کپي ها اوترو نه مليو. ان جي باوجود به ٿورو گهڻو سنڌين جو سک جو کنيو ساهه، غيرن کي نه وڻيو ۽ وڏي پيماني تي ان ويل لساني فساد ڪرايا ويا. اهي فساد سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ٿيل قرارداد کان پوءِ شروع ٿيا، جنهن ۾ سنڌي ٻولي جي اهميت ۽ تحفظ جو ذڪر ٿيل هو. ان کان اڳ ۾ سنڌي ٻولي کي تقريبن وڏن شهرن ۾ ختم ڪيو ويو هو. اڳ اهي غير قوم وارا اسڪولن ۾ سنڌي پڙهندا هئا. پر پنجاه واري ڏهاڪي جي آخر ۾ هڪ فوجي جرنل جي حڪم سان سنڌي کي ختم ڪيو ويو هو هن اسيمبلي جي قرارداد ۾ سنڌي ٻولي جي ان حيثيت کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.
هن لساني فسادن ۾ سنڌين جو وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. سنڌين جن اڃا چڱي طرح پير ئي ڪو نه کوڙيا هئا سڄي ڪراچي ۾ ٽڙيل پکڙيل هئا ڳولهي ڳولهي انهن کي ماريو ويو انهن جي مال ملڪيت کي لٽي تباهه ڪيو ويو. اهڙين حالتن ۾ اردو پريس به تمام نفرت انگيز رويو اختيار ڪيو. وڏين وڏين حاشين سان بيان بازيون ٿيون ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌين خلاف نفرت انگيز پروپيگنڊا شروع ٿي. اردو ڪا جنازه هي ذرا ڌوم سي نڪلي اها مشهور نفرت انگيز ڳالهه جنگ اخبار ڪارا حاشيا ڏيئي پنهنجي اخبار کي ماتمي لباس پارائي شايع ڪيا هئا.
حيرت ته ان ڳالهه جي آهي ته جڏهن به سنڌين پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪئي ته انهن کي غدار، ڪافر وغيره ڪوٺيو ويو. سنڌين جڏهن به پنهنجي ٻولي ۽ تهذيب کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته به اها پروپيگنڊا شروع ٿي ويئي ته اردو زبان قومي زبان آهي. سائين اهو حق وري اردو زبان کي ڪنهن ڏنو ته اها زوري ٻين تي مڙهي وڃي ۽ اتان جي موجوده صدين جي زبان کي ختم ڪيو وڃي. . . . . اردو زبان هڪ عام زبان آهي عربي ٻولي وانگر نه ته ان ۾ ڪا وحي نازل ٿي ۽ نه وري قرآن لٿو هو ۽ نه وري پيغمبر آيا هئا ان جي باوجود به اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪفر ۽ غداري جا لقب هر وقت ملڻ شروع ٿيا. جڏهن به سنڌين ڪا جدوجهد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هر دور ۾ صرف هڪ طبقو وقت جي ويڙهاند ۾ وڙهندو رهيو. اهو هو اسان جو سنڌي ليکڪ حالانڪه صحيح معنيٰ ۾ قلمي جنگ وڙهندڙ اديبن جو تعداد ٿورو هو ته به هو پنهنجي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺا هئا. ساڳي وقت اها ڳالهه به موجود هئي ته اسان جا ئي ڪي سنڌي ڀائر جيڪي مسلماني جي جذبي سان سرشار هئا اهي سنڌي اديبن جي لکڻين جا ترجما ڪري پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ انهن کي موڪليندا هئا. سنڌي ڪتابن تي پابنديون وجهرائيندا هئا ۽ سنڌي اديبن کي جيلن ۾ وجهرائيندا هئا.
ڪيترائي ڏکيا دور مٿان آيا، رڙندي رلندي اڄ اسان تاريخ جي ان چوواٽي تي اهڙين حالتن ۾ پڳا آهيون جو سنڌ هاڻ ڪوس گهر ٿي پيو آهي. اسان کي پنهنجي ٻولي پنهنجي ڌرتي سان بي انتها پيا آهي. انفرادي طور رڙيون پيا ڪندا آهيون. هڪ ٻئي کي ميارون پيا ڏيندا آهيون. پنهنجي قوم جي بدحالي تي پريشان رهندا آهيون. پر اجتماعي طور اهڙو قدم کڻندائي نه آهيون جنهن مان اسان کي ڪو فائدو رسي.
سنڌين تي ٿيل ظلمن ۽ انهن جي مسئلن جي خبر به صرف سنڌي کي آهي. سنڌين تي پيهي ويل ظلمن جون خبرون به رڳو سنڌي اخبارون ئي ڏين ٿيون. . . . سنڌي زبان کان واقفيت نه هئڻ ڪري انهن سنڌي اخبارن کي ڪو به غير سنڌي ڪو نه ٿو پڙهي. معنيٰ اسان ئي لکون اسان ئي پڙهون. اخبار هڪ وڏي طاقتور ميڊيا آهي. اها طاقت اسان سنڌين وٽ ڪونهي. سگا جي چيئرمين ڊاڪٽر سليمان شيخ کي اگر ياد هجي ته کيس هڪ دفعو چيو هيم ته اوهان جي اداري جي تعاون سان هڪ انگريزي اخبار ڪراچي مان ڪڍي وڃي. گهٽ ۾ گهٽ جيڪا ويڌن سنڌين سان ٿئي پئي اها ٻين ماڻهن ۽ ٻين صوبن ۾ رهندڙن کي خبر پوي . . . .
اسان کي پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ سڀ کان پهريائين پريس ميڊيا تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو. ان لاءِ ٻين زبانن ۾ اسان کي اخبارون ۽ رسالا ڪڍڻا پوندا. جيڪي سنڌين جي حقن جي ترجمان ڪن. اچو ته گڏجي پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ جي لاءِ وسيلا پيدا ڪيون. دنيا جي اڳيان ظاهر ٿي پنهنجي حقن جي جنگ وڙهون.
آچر 23 مئي 1993ع