سنڌ ڌرتيءَ تي رت جي راند
سمجهندي ڄاڻيندي هرڪوئي پنهنجي اکين مٿان تاريڪيءَ جا کوپا چاڙهي ڇڏيندو آهي. ڪنهن جي تصور ۾ به نه هوندو آهي ته ڪو اهڙي ظالم کان ڇوٽڪارو به ملي سگهي ٿو. . . . اوچتو ئي اوچتو ڪو معجزو رونما ٿي ويندو آهي. ڪا غيبي طاقت ڍر ڏنل رسيءَ کي وٺي ڇڪيندي آهي. ان وقت اهڙيون حالتون رونما ٿينديون آهن جو انسان جو تصور ۽ سوچون به منجمند ٿي وينديون آهن. انسان جي سوچ به ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندي آهي. صرف حيراني پريشاني هوندي آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو. ڇو ٿيو وغيره.
اهڙين ئي حالتن مان اڄ ڪلهه سنڌ جي ڌرتي گذري پئي. اڃا ڪالهه جي ڳالهه ئي ته آهي ايم ڪيو ايم جي دهشگردن، قاتلن ۽ رهزنن جو نه صرف سنڌ جي شهرن تي راڄ هو پر سنڌ حڪومت ويندي مرڪزي حڪومت ٻَئي انهن جي مُٺ ۾ هيون، ڏينهن رات حاضريون ڀريون وينديون هيون. حڪومت جا اهم فيصلا، نوڪرين جا فيصلا ۽ سڄي سنڌ ۾ بدليون ڪرائي پنهنجا ماڻهو رکائڻ ۽ قتل خونريزيءَ جي چئني طرف باهه ٻارڻ، اهو سڀ ڪجهه انهن ظالمن جي هٿ هيٺ ٿيندو رهيو. متان اهو سمجهو ته ڪو انهن جو اهو عمل ڪنهن کان لڪل هو. هڪ عام ريڙهي واري ۽ مزور کان وٺي ويندي اسان جي ملڪ جي سربراهن کي، هر ڪنهن کي ڄاڻ هئي ته اهو سڀ ڪجهه ڇا پيو ٿئي ۽ ڪير پيو ڪري پر سائين اک ٻوٽ اهڙي هئي جو هر ڪوئي اچي پيو حاضريون ڀري، ڦرلٽ، قتل و غارت ۽ عدم تحفظ جو اهڙو ماحول پيدا ٿي چڪو هو جو گهر مان نڪرندڙ اهو سوچي نڪرندو هو ته الائجي گهر واپس به پڄندس الائجي نه. . . . . اگر واپس به آيس ته گهر جا ڀاتي به زنده سلامت ملندا الائجي نه . . . . . اسان جي اسيمبلين جي جيڪا حالت وڃي بيٺي سا به لکڻ جهڙي آهي. اسيمبليءَ جا ميمبر کٽن هڪڙي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ووٽ وٺن پارٽين جي نالي پٺيان ۽ اسيمبليءَ ۾ اچي پنهنجي ضمير جو سودو، پنهنجي وجود جو سودو پلاٽ پرمٽون ۽ وزارتن پٺيان ڪريو ڇڏين. اهڙين حالتن ۾ ڪير انهن کان اهو پڇڻ جي جرئت ئي نه ٿو ڪري ته توهان کي جن ماڻهن ووٽ ڏنو ۽ ان ووٽ جو اوهان تحفظ نه ٿا ڪري سگهو ته بجاءِ پارٽي بدلائڻ جي توهان استعيفا ڏيئي ڇڏيو.
سنڌ جي چونڊيل ميمبرن جو ڪردار اهو رهيو آهي جو سنڌ سان واسطو رکندڙ حساس مسئلا جيئن بهارين جو مسئلو، ڪوٽا سسٽم جو مسئلو، وغيره اگر ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ ميمبر اسيمبليءَ ۾ انهن مسئلن کي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان ڳالهه کي به تماشو ٺاهيو ويو، سنڌ ۾ لساني فسادن ۾ ڪنهن به سنڌي ميمبر ملي ڪري وڃي ڏتڙيل، تباهه حال ۽ قتل ٿيندڙ سنڌين سان نه ڪا وڃي همدردي ڪئي ۽ نه وري عذر خواهي ڪئي. بي عزت ٿيل، لڄون لٿلن کي به انهن مان نه ڏنو. . . . .
هي تاريخ جي ورقن تي لکيل سڀ کان وڏو ظلم ۽ سڀ کان وڏو سچ آهي ته سنڌ جي شهرن مان ڳوٺن ڏي لاش ويندا رهيا. گهر گهر ۾ ماتم ٿيندا رهيا. . . لاوارثن وانگر ويچارا نوڪرين سانگي ايندڙ شهرن ۾ رهندڙ پنهنجن نوجوان ٻچن کي ڳوليندا رهيا. حيدرآباد جي سڄي شهر مان ۽ انهن پراڻين وستين مان جن ۾ سنڌي آباد هئا ۽ اهي نوان علائقا جيڪي سنڌين ٺاهيا ۽ آباد ڪيا هر هنڌان انهن کي ڪڍيو ويو. پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي هٿين خالي سنڌين اچي نوان علائقا آباد ڪيا. اها سچائي، اها حقيقت ڪنهن کي به نظر نه آئي ته هيڏي وڏي حيدرآباد شهر مان ڪيئن سنڌي تڙجي نڪتا. . . . .؟ هي سڀ اسيمبلين جا سنڌي ميمبر، هيءَ سنڌ جي حڪومت ۽ اسان جا حڪمران جيڪي اسلام آباد ۾ ويٺا آهن انهن کي اها حقيقت نظر ئي نه ٿي اچي، هاڻ به جڏهن ايم ڪيو ايم جا اڇا ڪارا پڌرا ٿيا آهن ته به ان ۾ اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته انهن پناهگيرن جي ليڊرن پنهنجن ماڻهن، جن سان سندن پارٽيءَ سان غداري ڪئي انهن کي ٽارچر ڏنا ۽ ماريو اڃا تائين ڪنهن به ماڻهوءَ يا پريس اهو چوڻ جي جرئت ئي نه ڪئي آهي ته هيڏا سارا جو لساني فساد ٿيا جن ۾ بي انداز سنڌي، پٺاڻ ۽ ٻين قومن جا نوجوان ماريا ويا ۽ انهن جي قاتلن جو نالي سوڌو ايف آءِ آر ڪٽيل آهي يا نه به ڪٽيل آهي ته به حقيقت سامهون آشڪار آهي، انهن خلاف ڪاروائي ڇو نه ٿي ڪئي وڃي. . . . . .؟ پنهنجن ماڻهن کي پاڻ مارائي پوءِ اخبارن ذريعي ۽ ٻين طريقن سان ڏاڍائيءَ جو مظاهرو به هنن ظالمن ڪيو، هاڻ ته هر ڳالهه واضح آهي ته انهن ماڻهن پنهنجا ماڻهو پاڻ ماريا، ان جي باوجود به هو سڀني سان گڏ آهن. . . . .؟ قلعي وارو واقعو ڇو ٿيو؟ ۽ وري اتي دهشتگردن خلاف ٿيندڙ ڪارواين کي ڇو روڪيو ويو؟ ان سچائيءَ تان به پردو کڻڻ جي همت اڃان تائين ڪنهن ۾ به ڪانهي. . . . . حد ته اها آهي ته هنن دهشتگردن جي نه صرف ظلمن کي نظر انداز ڪيو ويو پر انهن کي ڪروڙن جي امداد به ڏني ويئي آهي. هاڻ جو وري اليڪشنن جو اعلان ٿيو آهي ته اڃا ڪالهه خبر پڙهي اٿم ته پنجاب جو وزير اعليٰ وائين صاحب وري هڪ ٻن ڏينهن ۾ حيدرآباد پيو اچي ۽ قلعي جي واقعي جي متاثرين ۾ امداد ورهائيندو، هاڻ سائين ان نئين يادگيريءَ پٺيان به ڪهڙي سياست آهي، ان کي به سمجهڻ گهرجي. . . . . .
عبدالستار ايڌي وڏي واڪ ٻڌائي چڪو آهي ته گذريل ڪيترن سالن کان شهرن ۾ روزانه ڪيترا اهڙا لاش ملن ٿا جيڪي اذيت ڏيئي ماريل ۽ چٿريل هئا جن جي سڃاڻپ ناممڪن هئي. هو روزانه دفن ڪرائيندو رهيو آهي. عبدالستار ايڌي جو اهو به چوڻ آهي ته هو اهڙن لاشن جي باقاعدگيءَ سان رپورٽ اعليٰ حڪام کي ڏيندو رهيو آهي. ان جي باوجود به اسان جي اعليٰ حڪمرانن ڪجهه به نه ڪيو . . . . سڀ ڪجهه سمجهندي انهن پنهنجي اکين تي کوپا چاڙهي ڇڏيا. آخر اهڙي ڪهڙي مجبوري هئي ۽ آهي جو اسان جا حڪمران به بيوس آهي. . . . .؟
گاڏين جون چوريون، بينڪن جا ڌاڙا، شهرن مان زبردستي ڪروڙن جي تعداد ۾ چندو وٺڻ ڇا اهو سڀ ڪجهه لڪل هو ڇا؟ شهرن جي اهم ادارن مان قائداعظم جون تصويرون هٽايون ويون. اهڙا نقشا ٺاهيا ويا جن ۾ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايل ڏيکاريو ويو . . . . مطلب ته هر قسم جي بدمعاشي ۽ غداريءَ جو ڀرپور ۽ کلي عام مظاهرو ڪيو ويو.
اوچتو ڇا ٿيو جيئن نه ننڍڙو بي سمجهه ٻار ڇرڪ ڀري اٿندو آهي. اسان جا وڏا به ائين ئي اوچتو ڇرڪ ڏيئي اٿيا. پوءِ ته سائين اهڙا ته پول کليا اهڙا ته ثبوت مليا جو ائين لڳو ته هاڻ هنن ظالمن جي بچڻ جو ڪو امڪان ئي ڪونهي، اذيت گاهون جيڪي انهن جي ڪيل ظلمن جو وڏو ثبوت هيون. غداريءَ ۽ وطن فروشيءَ بابت حساس ادارن جون رپورٽون ۽ اعليٰ عملدارن جون ڪيل ڪاروايون، ڏنل بيان ۽ ثبوتن مان ڪا گنجائش ئي ڪو نه هئي ته ڪو هي ماڻهو بچي نڪرندا . . . . هي معجزو جهڙي طرح رونما ٿيو اهڙي طرح ئي ان ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيا. شڪ شبها ته انهيءَ ويل ئي وڌيا جڏهن ايڏي وڏي ڪاروائيءَ ۾ ڪي به سرگرم رهنما گرفتار نه ٿيا. پهرين ته اهو تاثر ڏنو ويو ته سائين انڊر گرائونڊ ٿي ويا آهن، ڳولا جاري آهي، ٿوريون ننڍي پيماني تي گرفتاريون ٿيون پر اصل وڏا مجرم روپوش هئا. اوچتو انهن مان ڪي ظاهر ٿيا. خبر اها پئي ته انهن شريف زادن جو انهن اذيت گاهن، قتل و غارت ۽ دهشتگرديءَ سان ڪو به تعلق ڪو نه هو ان ڪري ڳالهين وسيلي هڪ ٺاهه ڪري اهي ٻاهر نڪتا آهن. اها اهڙي چال هئي جنهن هر ماڻهوءَ کي حيرت زده ڪري ڇڏيو. هڪ اهڙو گروپ جيڪو هن دهشتگرديءَ جو برابر جو حصيدار هو ۽ انهن جا اختلاف به صرف بي انداز دولت جي حصيداريءَ ۾ ٿيا هئا انهن کي تحفظ ڏنو ويو، وزارتون ڏنيون ويون ۽ مشيرن جا درجا ڏنا ويا. هن سڄي وايو منڊل ۾ هاڻ اهڙيون حالتون ظاهر ٿيون آهن جو هاڻ هي سڀ دهشتگرد وري پنهنجن آقائن کان سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري شريف زاده ٿيندا پنهنجي ٻرن کان ٻاهر نڪرندا پيا اچن.
هي اسان جو ملڪ جنهن ۾ اعليٰ عدالتون به آهن، اهڙا حساس ادارا به آهن جن انهن کي سڳ سوڌو پڪڙيو آهي. هاڻ حالتون ته اهڙيون هيون جو ڪا به گنجائش نه هئي، هنن ماڻهن جي بچڻ جي. صرف عدالتي ڪارواين جي ضرورت هئي ۽ هنن ظالمن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻو هو. ائين ڪرڻ به ضروري هو ڇو ته هن ملڪ جي قانون موجب هو ڏوهاري هئا. انهن کي سزائون ملن ها ته نه صرف هي ظالم ۽ غدار پنهنجي انت کي پهچن ها پر آئينده به ڪنهن کي اهڙي همت نه ٿئي ها . . . . ها پر ٿيو ته ائين آ جو هي جيڪو معجزو رونما ٿيو هو تنهن جي حقيقت هاڻ ظاهر ٿي پئي آهي. وري جو اليڪشن جو اعلان ٿيو آهي تنهن وري رهيو کهيو نور به چٽ ڪري ڇڏيو آهي. اعلاڻ ٿيڻ شرط ئي اسان جو وزير اعليٰ رات جو ٻارهين بجي هليو آهي ملاقاتون ڪرڻ، اخبارن ۾ ڏنل بيانن ۽ حالتن مان خبر پوي ٿي ته هاڻ وري لنڊن تائين حاضريون ڀربيون ۽ معاهدا ٿيندا . . . . .!!!
هاڻ ڪيترائي سوال آهن جيڪي هن وايو منڊل ۾ گونجي رهيا آهن ته ڇا اسان وٽ صاف سٿري سياست ڪڏهن به ڪو نه ٿيندي؟ ڇا هنن معاهدن پويان ناٽڪ رچائي وري هنن ظالمن کي آڻي پناهه ڏني ويندي؟ ڇا اسان جي ملڪ جو قانون ۽ اعليٰ عدالتون بي وس آهن؟ ڇا اسان جي ملڪ ۾ سياست جي معنيٰ ئي آهي بدمعاشي ۽ غنڊه گردي؟ اندر ئي اندر هي جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ان جو اثر مستقبل ۾ ڇا ٿيندو؟ اهڙيون حالتون ڪڏهن پيدا ٿينديون جڏهن هن ڪوڙ جي پردن پٺيان سچ ظاهر ٿيندو ۽ هن پاڪ ڌرتيءَ تي امن قائم ٿيندو جنهن کي هن مهل تائين رت جو ريج ئي ڏنو ويو آهي . . . .؟؟؟؟
آچر 14 مارچ 1993ع