سرڪاري ادار ۽ انهن جي ڪارڪردگي
هڪ ادارو ته اهڙو آهي جنهن تي اکيون ٻوٽي اعتبار ڪري سگهجي ٿو. ان اداري جي ڪاميابيءَ جو سبب ئي پاڻ ارپڻ واري جذبي جي تحت بي لوث خدمت آهي. ڪي ڪوتاهيون ته سڀ ڪنهن ۾ آهن.
هاڻ ذڪر ڪجي حڪومتي ادارن جو....حڪومتي ادارا اهي ادارا آهن جيڪي حڪومت پنهنجي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ٺاهيندي آهي. حڪومت هلندي ئي عوام جي ٽيڪس جي پئسن يا وري ٻاهران مليل قرضن تي آهي. اُهي قرض به مختلف بهانن سان عوام تي ٻوجهه وجهي ورتا ويندا آهن. حڪومت ۾ مختلف قسمن جا ادارا هوندا آهن. ڪن ۾ ڪمائي گهڻي هوندي آهي ته ڪن ۾ ڪم گهڻو هوندو آهي. جن ادارن ۾ڪمائي گهڻي هوندي آهي ان ۾ ويٺل ڪامورا نانگ کان گهٽ ڪونه آهن. جيڪي کير پيارين اُنهن کي به ڏنگين، جيڪي کير نه پيارين اُنهن کي به ڏنگين. اهڙن ادارن ۾ 80 سيڪڙو ڪم فائيلن ۽ نقشن ۾ ٿيندو آهي. باقي 20 سيڪڙو ڪم ٽن سالن يا پنجن سالن جي پلان کانپوءِ ٽٽي ڀري ويندو آهي. مٿان وري مرمت ۽ ٻين وسيلن ذريعي ڪمائيءَ جو سلسلو جاري رهندو آهي. اهڙن ادارن ۽ اهڙن ڏاڍن ماڻهن تي ڪنهن جي به نظر ڪانه پوندي آهي. سڀ ڪو پيو انهن کان ڊڄندو آهي. انهن جي شان شوڪت، اُنهن جا ڊگها هٿ سڀني کي پيا ڊگها رستا ڏيکاريندا آهن. اخبارون ڪجهه لکن يا وري ڪي صحافي انهن خلاف ڪا رپورٽ يا خبر موڪلين ته سائين اُن صحافي جو بُج بُج پٽيو ٿو وڃي.......اهڙن ماڻهن تي اسان جا اديب دانشور ۽ ڏاها ڪا تحريڪ ڪونه هلائيندا آهن ۽ نه وري ڪالم لکندا آهن ۽ نه وري نعري بازي ڪندا آهن.
هاڻ اچون ٿا اهڙن حڪومتي ادارن تي جيڪي اسان جي ٻولي، ادب، ثقافت ۽ ريتن رسمن جي حوالي سان قائم ٿيندا آهن. اهڙن ادارن تي اسان جي ڌارين دشمنن جي ته اصل ڪاهه هوندي آهي. اُهي اها ڳالهه پسند ئي ڪونه ڪندا آهن ته اُنهن ۽ اُنهن جي قومي ٻوليءَ ڇڏي ڪنهن به قوم جي پنهنجي زبان حيثيت رکي ٿي...... ها سائين منهنجا اهو به سچ آهي ته اهڙا ادارا جيڪي اُتان جي ماڻهن جي زبان، ادب، ثقافت لاءِ جوڙيا ويندا آهن انهن کي خود اُن قوم جا ماڻهو به برداشت نه ڪري سگهندا آهن......! جيڪڏهن ڪي ادارا ترقي پيا ڪن، ڪم به پيا ڪن ته به هينئين ۾ ساڙ، اصل ڪنڊو ڇڀيو پيو هوندو آهي. جيڪي ادارا ڪم نه پيا ڪن انهن لاءِ به وٺ وٺان، بيان بازي، گهوڙاڙي غضب ٿي ويو ادارا بچايو وغيره......
سائين هڪ اهڙي قسم جي وٺ وٺان ۾ مان به شريڪ ٿي هئس، بينر کڻي رستن ۽ روڊن تي به احتجاج ڪيو ويو هو. ات منهنجي شريڪ ٿيڻ جو بنيادي مقصد ڪجهه ٻئي قسم جو هو. مان ادب ۾ قلم جي نالي سان ڪريل اوگڻ برداشت نه ڪري سگهندي آهيان. هڪ اهڙي قسم جو ڏنل انٽرويو ئي محرڪ هو جيڪو مون کي ان احتجاج ۾ وٺي ويو....... اتي وڃڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين مون کي مايوسي اها ٿي ته ٻه چارا اديبن کان سواءِ اتي ڪو به نه هو. شاگردن جون تنظميون ۽ اُنهن جا اڳواڻ اديبن کان وڌيڪ هئا، بنسبت اديبن کان اهو شهر جت اُهو احتجاج ٿيو، اديبن جي حوالي سان هڪ وڏو شهر آهي. سنڌي ادب جو ليکڪائون به اُن شهر ۾ گهڻيون آهن. پر ڪوئي به ته ڪونه هو اتي....... ان مايوسيءَ جو اظهار اتي هڪ اديب سان ڪيم. چيومانس مان ڪٿان کان هلي آئي آهيان پر تون پنهنجي شهر ۾ ايتري اڪيلي آهين جو ٻه چار ساٿياڻيون به نه گڏ ڪري سگهي آهين. اتي ڪيل نعري بازي سان به مون کي اختلاف هو. سطحي ۽ اڻ وڻندڙ جملا استعمال ڪري نعري بازي ڪرڻ اديبن جو شان نه آهي......سائين منهنجا اهي اديب، الله رکي اڃان زنده ويٺا آهن، انهن کان وڃي پڇو جن ون يونٽ جي خلاف لکيو. قلم کي هٿ ۾ کنيائون ته حڪومت جي فيصلن ۾ ڏار پئجي ويا. جڏهن اولڊ ڪيمپس سنڌ يونيورسٽي ۾ احتجاج ڪندي شاگرد ۽ شاگردياڻيون بک هڙتالن تي ويٺا ۽ اديبن هڪ منظم وڏو جلوس ڪڍيو، ون يونٽ تي اُهو ڄڻ ته ڪاپاري ڌڪ هو جنهن حڪومت جي اعليٰ کان اعليٰ عملدارن کي به لوڏي ڇڏيو. اهو احتجاجي جلوس اديبن جو هو. صرف اديبن جو اُن ڪري ئي ڪامياب ٿيو.....هي احتجاج جلوس جن ۾ اديب ته هئائي گهٽ مٿان وري بي مقصد نعري بازي ڏسي مان اهوئي سوچيو ته سائين اسان مان صحيح ڪير به نه ڪونهي. اسان سڀ اهڙي چوواٽي تي بيٺا آهيون جتان اسان پنهنجي منزل جي سڃاڻپ نه ڪري سگهيا آهيون....ٻئي ڏينهن ٺڪاءُ ٿي ويو اخبارن ۾ تمام وڏي خبر ڇپي ته اديبن جو تمام وڏو احتجاجي جلوس هو. پوءِ مان جيڪا اکين ڏٺي شاهد هئس ڪجهه به نه لکي سگهيس ۽ پوءِ اخبارن ذريعي بيان بازي ذريعي اها تحريڪ زور وٺندي رهي. اهو احساس به موجود هو، هر باشعور ماڻهو اهو ئي سوچيو ته ڀلا اها به چڱي ڳالهه ڪير ته نڪتو آهي ڪجهه ته ٿئي پيو ڇو ته اسان جا ادارا تباهيءَ جي حالت ۾ پهچي ويا آهن. هاڻ ڪجهه نه ڪجهه تدارڪ ٿيڻ گهرجي.
آخر وڃي ڪجهه تدراڪ ٿيو. هڪ نالي وارو شاعر اديب اُن کي اها ڪرسي ملي ۽ هو وڃي اُن تي ويٺو. اسان شڪر ڪيو پر سائين اسان جو شڪر ڪم نه آيو. وري اخبارن ۾ بيان ۽ مطالبا ڇو ته اُهو اديب ۽ شاعر اسان جو چونڊيل نه آهي، ان ڪري قابل نه آهي. اسان کي ته فلاڻا فلاڻا ٿا کپن..... سائين هاڻ گڏجاڻيون شروع ٿيون ڪي نالا حڪومت کي نامنظور ته ڪي وري اُن احتجاجي تحريڪ وارن کي نامنظور آخر گهڻي وٺ پڪڙ کان پوءِ اهڙا نالا چونڊيا ويا جيڪي ٻنهي ڌرين کي قبول پيا.........
اداري جي ٻيهر جوڙجڪ ڪئي ويئي. وڏن عهدن سان گڏوگڏ هڪ ويهن پنجويهه ماڻهن جو پينل ٺاهيو ويو. تنهن ۾ اڌ کان وڌيڪ اهڙا ماڻهو کنيا ويا جيڪي دوستي ۽ ذاتي پسند تي رکيا ويا. بهر حال اها ڳالهه به خراب نه آهي برداشت ڪري سگهجي ٿي. اصل مقصد ته اهو آهي ته ڪم ٿئي...... بس ڪم ٿيڻ گهرجي باقي ٻيو ڇا گهرجي..... گذريل مهيني ان اداري ۾ انهن ويهن پنجويهه ماڻهن جي پهرين گڏجاڻي هئي. سائين سڀ ڪو اچي گڏ ٿيو ۽ گڏجاڻي به خير سان ٿي ويئي. منهنجي دل ۾ بيچيني ته ڪا خبر پويم، ڪا ڄاڻ مليم. ڇو ته اخبار جي خبر ۽ اصل خبر ۾ وڏو تضاد هوندو آهي. سو کڻي فون ڪيم هڪ اهڙي شخصيت کي جيڪا ان پينل جي گڏجاڻيءَ ۾ موجود هئي. کائنس پڇيم ته ادا گڏجاڻيءَ ۾ ڪا پيش رفت ٿي. ڪا ڪم جي ڳالهه ٿي..... پنهنجي مخصوص انداز ۾ ان جواب ڏنو، “ها ڏاڍي پيش رفت ٿي. بمبئي بيڪريءَ جا ڪيڪ کاڌاسين. پوءِ وڏين گاڏين ۾ چڙهي هوٽل ۾ طعام کاڌاسين. اصل واه واه! اڃا تائين لذت پئي اچي.....”
مان چيو، “ادا هاڻ مسخري ڇڏ مان تو کان ڪيڪن ۽ طعامن جو ڪونه ٿي پڇان. مون کي ته اهو ٻڌايو ته ڪم جي ڪهڙي ڳالهه ٿي”..... وري به اُن اها ئي ڳالهه ورجائي ته مان چيومانس ڏس مان ڪالم ۾ لکندي سانءَ ته توهان ائين پئي چيو. چيائين ته ضرور لکجانءِ پر منهنجو نالو وٺي لکجانءِ ته مون ائين پئي چيو..... اڙي ادي ڪم جي ڳالهه ٿي هجي ته توهان کي ٻڌايان. جيڪا به ڪم جي ڳالهه ڪئي ٿي ويئي ته اُن کي رد ڪيو ٿي ويو.. ڪتابن لاءِ ڇپائيءَ لاءِ ۽ ٻين ضروري مقصدن لاءِ جيڪا به بجيٽ رکي ويئي ان کي رد ڪيو ويو. ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو، ها باقي هڪ ٻيو اهم فيصلو ڪيو ويو هو.... ۽ هو ڳالهه کي کائي ويو..... مان تڪڙ مان پڇيو ته ڪهڙو اهم فيصلو ڪيو ويو هو. جواب مليو ته اهو اهم فيصلو اهو هو ته هر مهيني هاڻ اهڙي قسم جون گڏجاڻيون رکيون وڃن. بس پوءِ ته سلطانه واه واه بمبئي بيڪريءَ جا ڪيڪ ٿڌيءَ هوٽل ۾ گرم گرم طعام.....جنهن مون سان اهي ڳالهيون کلندي کلندي ڪيون اُن اهو به ٻڌايو ته ان گڏجاڻيءَ تي پنجٽيهه هزار (35000) رپيا خرچ ٿيا پر ڪم جي ڳالهه لاءِ پنج هزار به منظور نه ڪيا ويا. رڳو اختلاف. هيئن به نه هئڻ گهرجي هونئن به نه ٿيڻ گهرجي..... ان فلاڻي ڇوڪريءَ کي ٻيهر نوڪريءَ تي ڇو رکيو ويو آهي....اشتهار ڏيو ها انٽرويو وٺو ها وغيره وغيره.......سمجهايو ويو ته سائين توهان ته پاڻ انهن ماڻهن جي وڪالت پيا ٿا ڪريو جن پنهنجي هٿ اکرن سان استعفائون ڏنيون هيون. هن ويچاري ته استعفا به ته ڪانه ڏني هئي. هروڀرو اختلافن جو شڪار ٿي ۽ کيس نوڪريءَ تان هٽايو ويو هو..... ها پر اصل مسئلو ته اهو هو ته ان ڇوڪريءَ کي ٻيهر رکڻ لاءِ هٿ ٺوڪين آقائن کان ڇو نه پڇيو ويو. اهڙن آقائن کان جن کي اهو مان آهي ته انهن اهي ڪرسيون ۽ عهدا سڀني کي ڏياريا آهن......
اهي سڀ حالتون ڏسي ۽ ٻڌي منهنجو اهو ايمان ته نه ڪڏهن سنڌي ختم ٿيندا نه وري سنڌي ٻولي ختم ٿيندي. اُن ۾ ڏار پئجي ويا آهن....مان جهري پوندي آهيان جڏهن اديبن ۽ دانشورن کي ڀورڀور ٿي ڀرندو ڏسندي آهيان.
سڀ ڪو خود پسند ۽ اناپرست آهي. اهو نه ٿو سوچي ته جيڪي ماڻهو ڪرسين تي عهدن تي اچي ويٺا آهن. اهي اهڙا ماڻهو آهن جن تحريڪون هلايون آهن، زندگيون ڏنيون آهن. انهن جي شخصيت ڪنهن به اختلافي بيان جو شڪار نه رهي آهي. توهان سڀ اُنهن جي نالي تي ان ڪري ئي متفق ٿيا ته هو ادبي قد بت ۾ مٿاهون درجو رکن ٿا.....اڙي سائين منهنجا اُنهن کي ڪم ته ڪرڻ ڏيو. ڪجهه وقت انتظار ته ڪيو ته ڇا ٿو ٿئي......باقي جيڪڏهن اهو ماحول رهيو ته پوءِ الله ئي حافظ آهي اهڙن ادارن. جو ڇو ته پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ ڪو به چڱو ماڻهو اهڙن ادارن ۾ وڃڻ ئي نه چاهيندو.
خميس 12 آگسٽ 1993ع