گورنمينٽ جا ادارا ۽ سنڌين جو حق
“جيڪڏهن اسان اهو چئون ٿا ته هيءَ ڌرتي اسان جي آهي. سنڌ جا وارث اسان آهيون ته پوءِ اسان پنهنجن ئي ادارن جيڪي اسان جي ئي ٽيڪس جي پئسي تي هلن ٿا انهن کي ڇڏڻ، انهن مان هٿ ڪڍڻ انهن جو بائيڪاٽ ڪرڻ ڪيتري حد تائين صحيح آهي . . . .؟ ڇا اسان کي ان ڳالهه تي نه سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن اسان پنهنجن حقن تان پاڻ ئي هٿ کڻي وينداسين. جيڪڏهن هي سڀ ادارا جيڪي سنڌ ۾ آهن. صرف ان ڳالهه پٺيان ته اهي گورنمينٽ جا ادارا آهن، هن جي حڪومت آهي جا هن جي حڪومت آهي ان ڪري ڪنڊ وٺي وڃي ويهجي ته پوءِ نقصان ڪنهن جو آهي؟ انهن ئي حالتن ۽ جذباتي فيصلن جي ڪري گذريل وقت کان وٺي اسان نقصان ۾ پيا وڃون ته پوءِ اهڙا فيصلا ڇڏي ڇو نه ٿا ڏيون. ڀلا جيڪڏهن سڀاڻي سنڌ ثقافت جي کاتي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ الاجي ۽ ٻين ادارن کي بند ڪيو وڃي يا نقصان پهچايو وڃي ته ڇا اسان چپ رهي سگهنداسين؟ ان وقت ته ڏاڍا بيان ڪڍنداسين، هاءِ گهوڙا ڪنداسين پر اهو نه ٿا ڪري سگهون ته هنن ادارن ۾ گهڙي پنهنجو حق ڄمائي ويهي رهون، جو سڀاڻي ڪير به هنن ادارن جون نالو ئي نه وٺي سگهي. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هنن ادارن کان ڪوتاهيون ٿيون آهن يا اهي ادارا صحيح معنيٰ ۾ اڃا نه ٿا ڪم ڪن. ان ۾ ڏوهه ڪنهنجو آهي؟ اسان جيڪڏهن اهو سمجهون ٿا ته اهي ادارا صحيح نه ٿا ڪم ڪن ته پوءِ اسان حق رکي انهن وٽ وڃون، انهن کي ٻڌايون، انهن کي سمجهايون. باقي ڪنڊ پاسي ۾ ويهي صرف تنقيدون ڪرڻ ۽ لٻاڙون هڻڻ به هاڻ ڪو نه ٿو وڃي . . . .
گورنمينٽ جا ادارا ۽ سنڌين جو ان تي حق ان حوالي سان منهنجو ڪالم، جيئن ته اسان ايڏيون ڪوتاهيون ڪيون آهن، ايتريون ته ڳالهيون درگذر ڪيون آهن جو هاڻ پنهنجي ٺاهيل حالتن کي سنڀالڻ مشڪل ٿي ويو آهي. اسان وٽ جذباتي فيصلا ۽ اناپرستي جو رواج گهڻو آهي. جيترو وڏو اديب يا دانشور هوندو اوترائي ان جا خيال ۽ عمل اونچا هوندا. پنهنجي سجايل دنيا ۾ ان جو پهريون عمل اهو هوندو آهي ته حڪومتي ادارن طرفان کنيل هر قدم جي مخالفت ڪجي يا وري بائيڪاٽ ڪجي. اهي سڀ دانشور ان ڳالهه کي تمام خراب سمجهندا رهيا ته حڪومتي ادارن جي ڪنهن به فنڪشن يا پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ سان انهن جي دانشوري خطري ۾ پئجي ويندي. حالتن به سنڌي ماڻهوءَ جي سوچ کي ان حد تائين باغي ڪري ڇڏيو جو جن اديبن همت ڪري ڪجهه فنڪشن ۽ سيمينار ۾ حصو ورتو انهن پويان به وٺ پڪڙ شروع ٿي ويئي. وڪامجي ويل ۽ غداري جا سرٽيفڪيٽ پنهنجن ئي کان ملڻ شروع ٿي ويا. ڪجهه دانشورن جي انا ۽ ڪجهه سنڌ جي اڏوهي کاڌل سماج ۾ رهندڙ سنڌين جي سوچ، آهستي آهستي سنڌي قوم کي پوئتي ڌڪيندي وئي. اها ئي سنڌي قوم آهي ئي سنڌي دانشور الڳ ٿلڳ رهندي به حڪومتي ادارن ۽ حڪومت تي تنقيد ضرور ڪندا رهيا. اهو هڪ واحد عمل هو جيڪو صحيح هو ان ڪري ٿورو گهڻو سنڌي قوم جو مان مٿاهون رهيو. پر اها به حقيقت آهي ته صرف بيان بازي ۽ تنقيدون به اڪثر اهميت وڃائي ويهنديون آهن . . . . . جبل جي چوٽيءَ تي بيهي سچ چوڻ کان بهتر آهي ته ماڻهن وچ ۾ بيهي سچ ڳالهائجي . . . . پنهنجي گهرن ۽ پنهنجي سوچن تائين محدود رهي تنقيدون ڪرڻ يا سچ چوڻ اهميت نه رکندو آهي . . . . جڏهن به سچا ماڻهو ۽ سچ پنهنجي جاءِ ڇڏي ڏيندو آهي ته پوءِ ات شيطان ۽ شيطاني قوتون اچي قبضو ڪنديون آهن . . . . اهڙو ئي حال اڄ ڪلهه اسان جي ادارن جو آهي. هڪ ٻن ادارن کي ڇڏي باقي ادارن جو جيڪو حال آهي سو اسان مان ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي . . . . جڏهن ته سنڌ اسان جي آهي، سنڌ جا وسيلا اسان جا آهن. اسان جي ئي ٽيڪس تي اهي حڪومتي ادارا هلن ٿا پوءِ انهن ادارن کي غير سمجهڻ، انهن مان هٿ ڪڍي ڇڏڻ ڪنهن حد تائين صحيح آهي . . . . .؟
حڪومتون ته اينديون وينديون رهنديون آهن. اهي ادارا ماڻهن جي لاءِ ٺهندا آهن ۽ اهي هميشه موجود رهندا آهن. حڪومتون هميشه ڪمزور هونديون آهن. مضبوط ادارن جون حڪومتون محتاج رهنديون آهن. اهڙن ادارن ۾ جڏهن صحيح قسم جا ماڻهو نه هوندا، قوم جا هڏ ڏوکي ۽ همدرد نه هوندا ته پوءِ قوم جو ٻيڙو جهڙي طرح غرق ٿيندو يا وري جهڙيون نفرت انگيز حالتون ظاهر ٿينديون اهڙين حالتن مان اڄ ڪلهه ڪجهه سنڌي ادبي بورڊ گذري پيو . . . .
سنڌي ادبي بورڊ (لفظي معنيٰ سنڌي ادب جو محافظ بورڊ) ان سنڌي ادب جي محافظ بورڊ جيڪو سنڌي ادب جو حشر ڪيو آهي اهو ڪنهن کان ڳجهو ڪو نه آهي. اشاعتي پروگرامن ۽ ادب کي محفوظ ڪري ڇپائڻ جو ڪيترو ڪم پيو ٿئي، اها به سڀ ڪنهن کي خبر آهي . . . . سنڌي قوم جي عادت ئي آهي هر ڳالهه کي درگذر ڪرڻ جي، مان به ان مسئلي کي هن مهل ڇڏي ٿي ڏيان ڇو ته هاڻ ٻيو اهم مسئلو ان تي حاوي ٿي ويو آهي. هاڻ اصل مسئلو آهي ادبي بورڊ طرفان اديبن، ادب دوستن ۽ سچن ڪارڪنن مٿان ڪيل ظلم ۽ زيادتيون. سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري جو ڏنل انٽرويو جيڪو قابل مذمت آهي . . . . . ان لاءِ هر باشعور ماڻهو اهو سوچيو آهي ته هي سڀ ڇا آهي؟ ان حد تائين ذاتي حملا ڪرڻ ۽ ايڏي گندي زبان استعمال ڪرڻ جو حق ان ماڻهوءَ کي ڪنهن ڏنو آهي؟ اختلاف راءِ رکڻ ۽ تنقيدون ڪرڻ صحت مند رجحان آهي پر اهڙو گند ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي . . . . ؟ اهڙي شخص کي ته ڪڏهو ڪر نوڪري تان هٽائي ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري حساب ڪتاب وٺجي . . . . پر افسوس اهو شخص اڃا تائين ان ئي جاءِ تي ان ئي ڪرسي تي ويٺو آهي . . . .
مٿان وري تازو طارق عالم جهڙي بيمار ماڻهوءَ کي گرفتاري ڪري، جيڪا اذيت ڏني ويئي آهي سان به مذمت ڪرڻ يا هاءِ گهوڙا کان مٿي آهي . . اهو سڀ ڪجهه صرف ان ڪري پيو ٿئي ته اسان ڪمزور آهيون اسان ۾ ٻڌي نه آهي. . . . اسان جو پنهنجون ڪوتاهيون آهن جن جي ڪري وري سچ ۽ حق پاسيرو ٿي ويو آهي ۽ شيطاني قوتون طاقت ور ٿي ويون آهن . . . . هي وقت سنڌي ادب ۽ اديبن لاءِ هڪ اونداهو باب آهي جنهن ۾ ادب جي حوالي سان بي ادبي جي انتها ڪئي ويئي آهي . . . . حيرت ۽ اچرج جو مقام ته اهو آهي ته اهي ئي مهان دانشور قابل احترام شخصيتون جيڪي پاڻ کي هنن ادارن کان مٿانهون سمجهنديون هيون، انهن ادارن ۾ انهن کي سو دفعا منٿون ڪري گهرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر انهن ان کي نه مڃيو اڄ اهي ئي بيان ڪڍيو ۽ احتجاجي مظاهرا ڪن پيا . . . . ٿورو اڳ اهي عقل سمجهه کان ڪم وٺن ها ته حالتون ان حد تائين خراب ئي نه ٿين ها . . . .
سائين ڳالهيون مختصر ته نورالهديٰ شاهه ۽ تاج جوئي کان شروعات ٿيل عمل جو متان سمجهيو ته طارق عالم تائين انت ٿي ويو آهي . . . .! لڳي ائين ٿو ته اڃا گهڻو ڪجهه ٿيڻو آهي. هاڻ ٿيندڙ عمل ۾ توهان مان سڀ وڪوڙجي سگهون ٿا. ان ڪري هاڻ بردباري سان، ٻڌيءَ سان پنهنجي ڪيل ڪوتاهين تي چڱيءَ طرح نظر وجهي آئنده جو رد عمل ٺاهڻ گهرجي. سوچيو ته سهي ته باشعور ۽ ادب دوست ماڻهن جي هٿ ڪڍڻ سان ادارا ڪيئن ٿا تباهه ٿين . . . . هاڻ بچائڻو آهي هنن ادارن کي. هي ادارا جيڪي اسان جا پنهنجا ادارا آهن. انهن تي حق رکڻ انهن مان هٿ نه ڪڍڻ لاءِ اسان کي انا پرستي ۽ جذباتي فيصلن کي ڇڏڻو پوندو . . . . . هڏڏوکي، ايماندار ۽ ادب دوستن کي اڳيان اچڻو پوندو . . . . .
آچر 24 مئي 1992ع