ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

سنڌ ۾ ٿيندڙ چونڊون

سائين منهنجا خير سان چونڊون به ٿي ويون. نتيجا اسان جي سامهون آهن. اقتدار لاءِ وٺ پڪڙ لڳي پئي آهي. روزانه اخبارن جون خبرون ۽ تجزيا ذهن تي بار ٿي پيا آهن. اخبارون پڙهي جيڪا مايوسي ملي پئي ان جو انت ئي ڪونهي. لڳي ائين ٿو آهستي آهستي اسان وڌندا پيا وڃون اهڙي ڪنهن ڪُن ڏي يا وري ڪنهن اهڙي ڌٻڻ ڏي جتان وري نڪرڻ لاءِ اسان کي ڏهه يارهن سال يا اڃا به ٿي سگهي ٿو ان کان وڌيڪ سال لڳن.
سائين منهنجا حقيقتن کان انحرافي ڪرڻ ئي اڄ جي دور جو وڏو الميو آهي. ٻه ڌريون جيڪي پاڻ ۾ مقابلي ۾ اچن ٿيون. اهو مقابلو چاهي ملاکڙو هجي، چاهي دنگل هجي يا وري سياسي ميدان. مقابلي ۾ هڪ ڌر هارائيندي آهي ته ٻي ڌر کٽيندي آهي. . . ڪن مقابلن ۾ هڪ ڌر ناڪ آئوٽ ٿي ويندي آهي ان ويل ڪجهه چوڻ ۽ آکڻ جي گنجائش نه هوندي آهي. ڪن مقابلن ۾ ٻئي ڌريون اصل سندرا چاڙهي اهڙو ته مقابلو ڪنديون آهن جو آخر وقت تائين تماشبين حيران پريشان هوندا آهن ته فيصلو ڪنهن جي حق ۾ ويندو. ٿوري سرسي هجي چاهي ٿوريون واٽون هجن فيصلو بهرحال اهو هوندو آهي ته ڪهڙي ڌر کٽيو آهي ۽ ڪهڙي ڌر هارايو آهي، هن کٽڻ ۽ هارائڻ جي وچ ۾ ڪو ٻيو اهڙو سنڌو يا ڪسوٽي آهي ئي ڪو نه جنهن تي ويهي فيصلا ڪجن. فرق صرف اهو آهي ته اهڙي سخت مقابلي ۾ هارائيندڙ ڌر جي پٺي به ٺپري ويندي آهي ڇو ته ان به سٺو مقابلو ڪيو. اهڙو ئي حال رهيو آهي اسان جي ملڪ ۾ ٿيل چونڊن، جيستائين هي منهنجو ڪالم ڇپجي ان وقت تائين شايد ڪجهه مايوسين جا بادل هٽي وڃن. ڪجهه واضح شڪل ظاهر ٿي پوي ڇو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس جمع جي ڏينهن ٿيڻو آهي. ان ويل ڪير ٿو ڪنهن کان ڏاڍو ٿئي سڀ سامهون اچي ويندو.
ها سائين هنن چونڊن جي حوالي سان هي منهنجو ڪالم مون کي وري ڇڪي ٿو وڃي هن ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي خوشبوءَ ڏي. هن ڌرتيءَ جي رهواسين جي امنگن، سوچن ۽ خواهشن ڏي. هڪ لکندڙ جي حوالي سان منهنجون ذاتي سوچون ذاتي رايا ڪا به اهميت نه ٿا رکن. چؤ طرف منڊيل منڊل ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ان تي ئي نظر رکڻي آهي. سڀ کان پهرين اسان کي نظر رکڻي آهي سنڌ تي يقينن سڄي سنڌ ۾ سنڌين کي ئي سوڀ ملي آهي. پارٽين جي حوالي کي ڇڏي مان اها ڳالهه چوندس ته هر دور ۾ سنڌين کي ئي سوڀ ملندي رهي آهي، هاڻ وري ملي آهي ۽ انشاء الله هميشه ملندي رهندي. سنڌ اسيمبلي ۾ چونڊيل نمائندا چاهي اهي ڪهڙي به پارٽي سان تعلق رکن. هو اڪثريت ۾ کٽن ٿا ۽ اڪٿريت ۾ هوندا آهن. هنن جو خمير سنڌ جي مٽيءَ جو هوندو آهي. انهن جي چپن تي مٺي سنڌي ٻولي هوندي آهي. سي سنڌي ڳالهائيندڙ گذريل ڪيترن سالن کان اسيمبلي ۾ جيڪو دنگل مچائين پيا. هڪ ٻئي تي ڏنڊا اڀا ڪري طريقي سان هڪ ٻئي جا ترا ڪڍندا رهيا آهن، اهو ڪنهن کان ڳجهو ڪو نه رهيو آهي. هميشه اهو ڏٺو ويو آهي ته اسيمبليءَ ۾ باندرن کي ڊگڊگيءَ تي نچايو ويندو آهي. اها ڊگڊگي هوندي آهي اقليت ۾ کٽندڙ ستاويهه ۽ اٺاويهه سيٽون کٽندڙن جي هٿ ۾ . . . . کٽڻ يا هارائڻ ڪا حيثيت ڪو نه ٿو رکي. شخصيتن جي ڄار مان پاڻ کي ڪڍڻ جو چڱو. اليڪشنون ٿينديون رهن وايو منڊل ڦرندو رهي. هڪڙا ايندا رهن ۽ ٻيا ويندا رهن. اهي زندگيءَ جون حقيقتون آهن ۽ انهن حقيقتن کي دل سان قبول ڪجي. ڪڏهن ڪڏهن حالتون اهڙيون ٿي وينديون آهن جو فتح ۽ شڪست کي پاڻ ملائڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي.
ڏسڻو هي آهي ته ڇا هن اليڪشن ۾ سنڌي ماڻهوءَ کي شڪست ملي آهي يا وري فتح نصيب ٿي آهي. اڄ جو سڀ کان وڏو سچ هي آهي ته پارٽين جي حوالن کي ڇڏي اگر هڪ ڳالهه تي سوچيو ته اها ڳالهه ظاهر ٿي پئي آهي ته هن سنڌ ۾ ٻاهتر سيٽون انهن جون آهن جيڪي پاڻ کي سنڌي سڏرائين ٿا باقي جيڪي ستاويهه سيٽون انهن جون آهن جيڪي پاڻ کي اڃا به هن ڌرتيءَ کان الڳ ڪاٽا ڪيو، پاڻ کي ڌاريو ثابت ڪيو ويٺا آهن. هاڻ اها ڳالهه واضح آهي ته کٽندڙن جي اڪثريت سنڌين جي هتان جي وارثن جي آهي. ايڏي واضح حقيقت ظاهر ٿيڻ کان پوءِ به هڪ سوال اڃا به موجود آهي ته ڇا هت سنڌ ۾ سنڌين جي حڪومت ٺهي سگهي ٿي؟؟؟
هو ڏسو هو ستاويهه سيٽون کڻي لومڙين وانگر ڇالون هڻي هاڻ شينهن وانگر هنبوڇون پيا هڻن ۽ هت ٻاهتر سيٽون کڻڻ کان پوءِ به هڪ ٻئي جي کل لاهڻ، بگهڙن وانگر حملا ڪرڻ ۽ ڪتن ٻلن وانگر هڪ ٻئي جي چير ڦاڙ لڳي پئي آهي.
سائين منهنجا اديب هڪ لکندڙ ڪڏهن به مايوسين جون نااميدين جون ڳالهيون ڪري ئي نه ٿو سگهي. اديب جو ڪم پنهنجي ماڻهن کي دوست دشمن جي سڃاڻپ ڪرائڻ، ۽ واٽن تي وڇايل ڪنڊن ۽ مشڪلاتن جي نشاندهي ڪرڻ آهي. اديب ۽ لکندڙ هپوڪريٽ ٿي نه ٿو سگهي. اگر اديب اهڙي واٽ وٺي ٿو مصلحت پسند ٿي ٿو وڃي ته هو پاڻ سان گهٽ پر پنهنجي قوم جي ماڻهن سان وڌيڪ زيادتي ڪري ٿو. هڪ لکندڙ ماضي، حال ۽ مستقبل تي نظر رکي پوءِ ئي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندو آهي. هونئن به ماضيءَ جي حالتن تي نظر رکي، مستقبل جا فيصلا ڪيا ويندا آهن. اچو ته ڏسون سنڌ جو سنڌ جي ماڻهن جو ماضي آ ۽ حال، پوءِ ويهي ڪنداسين مستقبل جو ڳالهيون.
ماضي قريب ۾ جيڪي يارهن سالن جو طويل عرصو سنڌ واسين گذاريو آهي اهو ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. هڪ سياسي پارٽيءَ جي دشمني ڪارڻ سنڌ جي ماڻهن کي اقتصادي توڙي سماجي طور پوئتي ڌڪيو ويو. جهڙي طرح حُرن جي هليل تحريڪ ۾ هر سنڌيءَ کي حر سمجهي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي اهڙي طرح ان سخت دور ۾ هر سنڌيءَ کي هڪ مخصوص سياسي پارٽيءَ جو سمجهي هر قسم جي زيادتي ڪئي وئي. هڪ منظم طريقي سان سنڌين کي هندستان جو ايجنٽ، را جو تخريب ڪار ڪري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڪارونجهر کان ڪياماڙيءَ تائين سنڌ صرف سنڌ آهي پر ان جا حصا پتي ڪيا ويا. ايم ڪيو ايم کي هٿيار ڏيئي اڳتي وڌايو ويو سنڌين جي طاقت کي ختم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي. سياسي ميدان ۾ اهي يارهن سال اهڙا ته اونداهي وارا رهيا جن ۾ هڪ ته پوڙهن کي جيڪي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ٿورو گهڻو تحريڪ پاڪستان ۾ مسلم ليگ ۾ رهيا انهن کي محب وطن جا سرٽيفڪيٽ ڏئي عهدا ڏنا ويا. مٿان وري مذهبي ٽولن کي مضبوط ڪري ٻيهر سنڌ کي ۽ سنڌ واسين کي جيڪي بقول انهن جي ڪافر ٿي چڪا آهن انهن کي مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. وڏن عهدن تي رٽائرڊ جنرل ۽ ڪرنل ويهاريا ويا. جن جو رويو سنڌين سان انتهائي ذلالت ۽ قابل نفرت هوندو هو . . . . اهي ئي حالتون هيون جن سنڌين کي ايم آر ڊي تحريڪ جي دوران رستن تي آندو ۽ انهن پاڻ تي ٿيل ظلمن جو حساب وٺڻ شروع ڪيو. آخر سوچڻ گهرجي ته ان ايم آر ڊي تحريڪ جو زور صرف سنڌ ۾ ڇو هو. ان جو واضح سبب سنڌ جون حالتون هيون جيڪي ٻين صوبن جي مقابلي ۾ بلڪل مختلف هيون. ان ڏاڍائي واري زماني ۾ سنڌين پنهنجا ڪونڌر ڪسايا گهر ٻار لٽايا، اباڻا ڪک ڇڏيا، وڃي وري نئيون وستيون آباد ڪيون. . . . ان هيبت ناڪ درد جو خاتمو خدا پاڻ ئي ڪيو جهاز ڪيرائي. جهاز ڇا ڪريو، ڄڻ ڪايا پلٽجي وئي. پر سنڌ جون حالتون سڌري نه سگهيون پر اڃان به وڌيڪ خراب ٿيون. اصل مسئلو هو ته سنڌ ۾ شيطاني قوتن کي ايترو ته طاقتور ڪيو ويو جو حالتون بجاءِ سڌرڻ جي اڃا به وڌيڪ خراب ٿينديون ويون. اهڙين حالتن ۾ سنڌي قوم نجات جو هر رستو ڳولهيو. اهو رستو هو ته ته انهن متحد ٿي اٺاسي واري اليڪشن ۾ هڪ پارٽي کي ووٽ ڏيئي پاڻ کي ۽ ان پارٽيءَ کي ايترو منظم ۽ متحد ڪيو جو ٻين پارٽين ۽ گروهن جا ترا ئي نڪري ويا.
هي فيصلو جنهن ۾ سنڌي قوم پنهنجي نجات سمجهي، ان کي توهان سنڌين جي جذبن جو فيصلو به چئي سگهو ٿا. سنڌين پنهنجي وارثي جو حق ڏيکاريو پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪيو هو ته سنڌي ئي سنڌ ۾ اڪثريت ۾ آهن. اڃا سنڌين جون خوشيون پوريون ئي ڪو نه ٿيون هيون ته مرڪز ۾ حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ سائين عزيز آباد جا چڪر لڳڻ شروع ٿي ويا. هڪ اهڙي قسم جو معاهدو ڪيو ويو جيڪو سنڌين کي قابل قبول نه هو سڀ کان وڌيڪ ڏک جي ڳالهه اها آهي ته اهڙن ماڻهن کي سنڌين جي چونڊيل نمائندن مٿان فوقيت ڏني وئي. جن جا هٿ سنڌ واسين جي رت سان رڱيل هئا. ياد اٿم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن وارن ان زماني ۾ سچل سال ملهايو هو. وڏا وڏا پروگرام ڪيا هئا. ان پروگرام جو افتتاح ان وقت جي ملڪ جي سربراهه کي ڪرڻو هو. ائين واهه واهه لڳي پئي هئي. سڀڪو ڪمن ۾ لڳو پيو هو. ڪارڊن تي سيڪيورٽي وارن جا ٺپا پيا لڳن. تان جو پروگرام وارو ڏينهن به اچي ويو. ان وقت هي هڪ اهڙو وڏو سنڌين جو پروگرام هو جنهن ۾ ملڪ جي سربراهه کي اچڻو هو ان ڪري سنڌين جو جوش ۽ جذبو به ڏسڻ وٽان هو. ان ڏينهن اخبارن ۾ به خبر اچي ويئي نمايان طور پر ٿيو ڇا؟ عين وقت تي ملڪ جي سربراهه جيڪا ان ڏينهن به ڪراچيءَ ۾ موجود هئي. پروگرام شروع ٿيڻ کان ڪجهه وقت پهرين اسلام آباد رواني ٿي ويئي. پروگرام جي پنڊال ۾ جڏهن اها خبر پهتي يقين ڪريو منهنجا ساٿيو منهنجو هي ڪالم پڙهڻ وارو ته اتي ويٺل ماڻهن شديد رد عمل جو مظاهرو ڪيو. اڪثر ماڻهن کلم کلا اهو چوڻ شروع ڪيو ته ڇو ته مارشل لا واري دور ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن تي پابندي وڌي وئي هئي. اردو دانشورن جي هڪ گروپ جي پروپيگنڊا جن هن تنظيم جي خلاف اردو اخبارن ۾ ڪالم ٿي لکيا. ان ري ايڪشن ۾ سگا سنڌين جي تنظيم ٿي پئي هئي ۽ هن ملڪ جي سربراهه جنهن عزيز آباد جي آشيرواد سان مرڪز ۾ حڪومت ٺاهي هئي سا ڪيئن هن تنظيم جي پروگرام ۾ اچي سگهي ٿي. ڇو ته عزيز آباد وارن کي ناراض به ته نه هو ڪرڻو .
اهڙا ڪيترا واقعا ٿيندا رهيا جن ۾ مرڪز جي ليول تي ته ڇڏيو پر سنڌ ۾ سنڌين کي ان وقت جي حڪومت اهڙي طرح ٿڏيو ڄڻ لڳندو ائين هو ته سنڌي اسان کي ووٽ نه ڏيندا ته پوءِ ڪاڏي ويندا. مٿان وري ڪاپاري ڌڪ سنڌين کي اهو لڳو ته جڏهن لساني هنگاما ٿيا. سنڌين جو رت پاڻيءَ وانگر وهيو. نياڻين سياڻين جون بي حرمتون ڪيون ويون ان ويل ڪنهن به چونڊيل نمائندي هلي ڪري وڃي پنهنجي علائقي ۾ ڪنهن سان عذر خواهي ڪئي ۽ نه وري ڪنهن نياڻيءَ کي پوتي ڍڪائي مان ڏنو. سنڌين هاءِ گهوڙا ڪئي ته جواب اهو مليو ته اسان جي پارٽي علائقائي پارٽي نه آهي، قومي پارٽي آهي، ان ڪري سنڌي مرن يا ڪُسجن اسان جو ڇا؟ . . . . .! اهو ظلم اهو منطق اڃا تائين سنڌي ماڻهو نه سمجهي سگهيو آهي. ووٽ حاصل ڪيو، وزارتون حاصل ڪريو سنڌ جي علائقن مان باقي سنڌ جي ماڻهن جي ڏکن سکن جي ڳالهه ڪرڻ مهل توهان سڀ قومي ٿي ٿا وڃو. پاڪستان جا چار صوبا آهن. چئني صوبن جي علائقن جا چونڊيل نمائندا پنهنجي علائقي جي ڳالهه نه ڪندا ته ڀلا ڪنهن جي ڪندا. ٻين صوبن ۾ وڃي ڪري اتان جي ماڻهن جون ڳالهيون ڪرڻ انهن جي بنيادي حقن جي پورائي لاءِ دعويٰ ڪرڻ سڀ صحيح آهي پر سنڌ ۾ رت جي هولي به جيڪڏهن کيڏي ٿي وڃي ته ات ناهي ڪڇڻو متان اسان جا آقا ناراض نه ٿي وڃن.
اهڙي قسم جون حالتون هيون جن سنڌين کي ذهني طور باغي ڪري ڇڏيو. نوي واريون اليڪشنون توهان ڏٺيون ته ٿورو مختلف هيون اٺاسي وارين اليڪشنن کان. توهان سڀ ان ڳالهه تي متفق هوندا ته اگر ڄام صادق علي پنهنجي دور ۾ زيادتيون نه ڪري ها. غلط روش اختيار نه ڪري ها ته اڄ ٽيانوي جون اليڪشنون اڄوڪين حالتن کان بلڪل مختلف هجن ها. ڪجهه به چئجي ته به موجود اليڪشنون کٽيندڙ پارٽي لاءِ عبرت جو مقام آهن. ڇو ته اٺاسيءَ ۾ جنهن سنڌ جا هو بي تاج بادشاهه هئا اڄ انهن سنڌ ۾ وڏي مقابلي کان پوءِ ٿوري اڪثريت کنئي آهي. ڇا هنن حالتن مان سبق نه ٿو پرائي سگهجي. . . . .؟ سائين منهنجا اها ته ٿي مختصر تمهيد گذريل حالتن جي. هاڻ اچون ٿا موجوده حالتن تي. موجوده حالتون به نراس ڪندڙ ئي آهن ڇو ته لڳي ائين ٿو ته اهو ئي وايو منڊل منڊجي رهيو آهي. جيڪو اڳ ۾ هو، کٽيندڙ پارٽي، کٽڻ کان پوءِ پنهنجي ڊرائنگ رومن ۾ ويهي جيڪي جوڙ ۽ توڙ جي سياست کيڏي ٿي. ان کي اهڙي قسم جي سياست جو حق ڪنهن ڏنو آهي؟ هي هڪ اهڙو سوال آهي جيڪو اٺاسي جي اليڪشنن کان وٺي ٽيانوي جي اليڪشنن تائين گردش ڪري رهيو آهي. سائين منهنجا وري اخبارن ۾ بيان بازي تجزيا به ته پڙهڻ جي قابل آهن. ان حقيقت کان انڪار ته ڪري ئي نه ٿو سگهجي ته ڪارونجهر کان وٺي ڪياماڙي تائين سنڌ آهي ۽ صرف سنڌ آهي. ان سنڌ ۾ جيڪا پارٽي اڪثريت ۾ اچي ٿي ته ان کي سڄي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جو حق آهي. هاڻ سائين منهنجا سنڌين جي طاقت کي جيڪي قوتون ٽوڙي نه سگهيون اهي هاڻ نفسياتي جنگ پيون وڙهن.
پڙهون پيا اخبارن ۾ ته سائين شهرن جي علائقن ۾ ڪا نمائندگي ڪانهي. ان ڪري شهر وارن کي پاڻ سان گڏ رکڻو پوندو. سنڌ جو ڀلو ان ۾ آهي ته گڏجي هلجي وغيره وغيره. . . . . سائين منهنجا ڪير نه چاهيندو ته سنڌ ۾ امن نه هجي، ڪير نه چاهيندو ته سنڌ ۾ سڪون نه هجي. پر هن سوال جو جواب ڪير ڏئي سگهندو ته هيڏي و شال سنڌ ۾ صرف ٻه شهر آهن. هڪ ڪراچي ۽ ٻيو حيدرآباد؟ اگر اها حقيقت تسليم ڪيو ٿا ته پوءِ سنڌ جا ٻيا وڏا شهر جن جي نالي وٺڻ جي ضرورت نه آهي انهن جي ڪهڙي اهميت آهي؟ يا وري توهان کلم کلا ان ڳالهه جو فيصلو ڪيو ته ڪراچي حيدرآباد ئي صرف شهري علائقا آهن. باقي ٻيا سڀ سنڌي علائقا رڻ پٽ ويران ۽ جابلو آهن. جت هڪ تمام پوئتي پيل، جاهل ۽ ڄٽ ماڻهو رهن ٿا.
سائين منهنجا اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ڪارونجهر کان ڪياماڙيءَ تائين سنڌي ماڻهن کي فتح ٿي آهي. ان ۾ اهي ٻئي شهر به اچي ٿا وڃن. سنڌي اديبن، دانشورن ۽ سنڌي قوم جو شروع کان وٺي اهو فيصلو رهيو آهي ته سنڌ سڀن جي آهي جيڪي به هتي رهن ٿا سي سڀ سنڌي آهن. جنهن به هن ڌرتي تي پاڻ کي ڪا الڳ شڪل ڏني سا قبول نه آهي. سنڌي قوم سڀ کان وڌيڪ محب وطن آهي ڇو ته اها ڪا تفريق رکڻ ئي نه ٿي چاهي اگر ڪي ماڻهو ناني ڳوٺڙو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته اهڙي ڪوشش کي رد ڪيو وڃي، اهڙين ڪوششن جي همت افزائي نه ڪئي وڃي. هاڻ سائين موجوده حالتن تي نظر رکي مستقبل جا فيصلا ڪرڻا آهن. هي مستقبل جا فيصلا کٽيندڙ پارٽي لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا. ان پارٽيءَ کي کپي ته هوءَ سنڌ ۾ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري ٻين گروهن کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ته هاڻ توهان جون ڏاڍايون ڪو نه هلنديون. توهان جي بليڪ ميلنگ جي سياست جو خاتمو ٿي چڪو آهي. هاڻ اڪثريت ۾ کٽيندڙ پارٽي کي نه پر ننڍن گروهن کي انهن جي پنهنجي مفاد خاطر گوڏا ٽيڪڻا پوندا . . . . آخر اهو باندر ۽ ڊگڊگيءَ وارو تماشو ڪيترا ڏينهن هلندو رهندو. اسان جي سنڌ اسيمبلي ۾ عبرت جو مقام آهي ته ننڍن گروهن جي هٿن ۾ ڊگڊگي ڏيئي اڪثريت ۾ ويٺل ناچ نچن. . . .؟!!! اهو به ته سوچڻ گهرجي ته اگر ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ وارا سنڌ ۾ اهي ئي سيٽون کڻن ها جيڪي نوي جي اليڪشن ۾ کنيون هين ته پوءِ حالتون ڪهڙيون هجن ها . . . ؟ وسري ويو آهي کٽيندڙ پارٽيءَ کي ته گذريل اسيمبليءَ ۾ انهن کي ڪهڙي حيثيت ڏني وئي هئي . . . .!!! اسيمبلي ۾ انهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ به ڪير تيار ڪو نه هو. اهي گروهه جن سان هاڻ وري ميل ملاقاتون پيون ٿين. انهن دشمني نڀائڻ ۾ حد ڪئي هئي. سنڌ جون حالتون تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيون. سائين منهنجا پهرين پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪيو. اهو حق استعمال ڪيو جيڪو سنڌي قوم اوهان کي ڏنو آهي. ان کان پوءِ ٻين سڀني کي پاڻ سان گڏجي کڻو. باقي توهان شروع ۾ ئي اها پاليسي اختيار ڪندو ته اسان ڪجهه به نه آهيون ته پوءِ يقين ڪريو ته نه سنڌ ۾ امن ٿيندو نه وري اليڪشن ۾ اوهان جي اهڙي فتح ٿيندي.

ڇنڇر 16 آڪٽوبر 1993ع