ڌڻ واري نڌڻڪي سنڌ
اڃان به گهڻيون تشريحون منهنجي ذهن ۾ لفظ ڌڻ لاءِ آهن. انُ پريشانيءَ جي حالت ۾ شاهه جو رسالو ڪڍيم ۽ سُر سارنگ پڙهڻ شروع ڪيم. ماروئڙا ڪيترا نه پريشان هئا اَبر جي واسطي. سارنگ جي انتظار ۾ سُڪل ٺوٺ زمين تي انسانَ، اُجڙيل ويران وڻن تي پکي، وٿاڻن ۾ ڌڻ، سڀ ڪو پيو عرش ڏي ڏسي. الا ڪڏهن ٿو اتر پار ڏي ڪڪر ڪيس ڪري؟ الا ڪڏهن ٿو باران رحمت اسان تي رحم ڪري؟ اِها پيڙا شاهه عبداللطيف ڀٽائي به محسوس ڪئي. پنهنجن جا ڏک ڏسي دل سان دُعا ڪيائين :
سارنگ ! سارَ لَهيج، اَلَهه لڳ اُڃين جي،
پاڻي پوچ پٽن ۾، ارزان اَن ڪريجُ،
وطن وسائيجُ، ته سنگھارن سُک ٿئي.
شاهه اُن عورت جي اندر جي آهه به ٻڌي ٿو، جيڪا پنهنجي وَر کي سمجھائي ٿي :
ڪانڌَ! مَ وڪڻ ڪُنڍيون، ڌڻُ سڀوئي ڌارُ،
اَڀريون سَڀريون پنهنجيون، سِسُيون سڀ سنڀار،
ٻنُ ڇڏي، ڇن پئي، وڃي ولهارن وارُ،
ته اچي اَڱڻا بهار، سرلا ڪندي سڏڙا.!
اُها سٻاجھي سنڌ جي عورت جيڪا پنهنجي ور جي ساٿياڻي آهي. ڪيڏو گهڻو آٿت ڏي ٿي پنهنجي ور کي ته منهنجا ڀوتار ڏکن جا ڏولا لهي پوندا، ڪنڍيون مينهون وڪڻي نه ڇڏ. مال جو سمورو ڌڻ پنهنجي قبضي ۾ رکُ. ڏٻريون توڙي متاريون نيٺ تنهنجيون پنهنجيون آهن. انهن مان هر هڪ جي سار سنڀال لهه. اسان سڀني جو حال هڪ جهڙو آهي. تون جو هنن کي وڪڻندين ته ٻين ڌارين وٽ ڪهڙا سُک آهن جيڪي انهن کي ملندا. انتظار ڪر ان وسڪاري جو جڏهن اسان سان گڏ انهن جا به ڏک، سور لهي ويندا......
شاهه عبداللطيف کي پڙهندي رهيس. منهنجو جيءُ جھرندو رهيو. دل چاهي پئي ته رڙيون ڪري روئان. شاهه سائين ته منهنجي ڏکن سکن جو ساٿي آهي. پريشانيءَ ۾ مون هميشهه ان جو ساٿ ورتو آهي. دل کي ڏاڍي آٿت ايندي اٿم. روح کي سڪون ملندو اٿم. شاهه سائين کي پڙهي. اڄ اُهو شاهه سائين منهنجو ساٿ نه پيو ڏئي . ..........
جيئن پئي سُر سارنگ پڙهان تيئن پيا اندر جا اُڌام وڌن. پڙهندي پڙهندي اچي اکيون اٽڪيون هن شعر تي:
ڏُڪاريا ڏيهن مان شال! موذي سڀ مرن،
وري وڏي وَس جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،
سيدُ، چئي سڀن، آهه توهه تنهنجو آسرو.
هن شعر کي مون ڪيترائي ڀيرا پڙهيو ۽ پڙهندي رهيس. هن شعر کي مون اڄ جي حالتن سان ڀيٽيو. شاهه عبداللطيف جي هيءَ دعا ان وقت قبول پئي هوندي يا نه؟ ڏيهه جا سڀ موذي مئا هوندا يا نه؟ وڏي وس جون ڳالهيون ٿيون ته وسڪارو به ٿيو هوندو الائي نه؟ ها پر اڄ منهنجي چؤطرف وڏو وسڪارو ٿيو آهي. ڊنل هيسيل، لاوارث ماڻهن ۾ نئون ساهه پيو آهي ...... هڪ نئين زندگيءَ جي لهر آئي آهي. .... جنهن ۾ اسان چئون ٿا ته آهي ڪو جو اسان سان مقابلو ڪري؟ هڪ نالي واري شخصيت جيڪا سنڌ جي سڃاڻپ آهي ان جي پٺيان سڀڪو هليو. ٻيا به گهڻا ئي نالا آهن، جيڪي اسان جي سڃاڻپ آهن. انهن جو ساٿ به اسان لاءِ ضروري هو. پر انهن سڀني کي ڇڏي هڪ نانءَ جي پٺيان سڀڪو هليو. هڪ مظبوط “ڇت” جو سڀني سهارو ورتو ... اهڙا ته سگھارا ٺُل ٿي بيٺا جو اُن ڇت کي ڪو لوڏو ئي اچڻ نه ڏنائون.
جل ٿل، جھمريون، هڪ ٻئي کي مبارڪون . . . . . ها پر اڃان اُهي خوشيون چڱيءَ طرح ملهايون ئي نه ويون ته ٺلهن جي مٿان ڇت سرڪندي محسوس ٿي. . . . ٺل پريشان ٿي ويا، لوڏن جي مٿان لوڏا ايندا رهيا. .... اِهي لوڏا مون به محسوس ڪيا..... جُھري پيس، ڊُڪ پائي وڃي ڇت ۾ هٿ وڌم، ان کي پڪڙي بيهي رهيس ... . کيس سمجھايم، روئي ليلايم ۽ کيس چيم تون جو هتان سري وڃڻ جي پئي ڪرين، ڪرُ کڻي ٻين کي سلام پئي ڪرين، توهان هنن ايڪٽيهن (31) ٺلن کان اجازت ته ٺهيو پر رڳو راءِ به ورتي آهي ته مان سامهون وارن تيرهن ٺلهن واري ڇت کي سلام ڪيان يا نه ڪيان، مِلان نه مِلان؟ ڇت مون کي غور سان ڏٺو. مان به ان مان اکيون نه هٽايون . . . . . هاڻ مون رڙيون ڪيون، مون واڪا ڪيا، هٿ ٻڌي کيس چيم تون اسان کي ڇا ٿي سمجھين .....؟ هي ايڪٽيهه جيئرا جاڳندا ٺلهه آهن. مٽي ۽ سيمنٽ جا نه آهن جو تون انهن کي ڇڏي هوائن جي آڌار اڏامي وڃين ته هو توکي روڪي به نه سگهن . . . . وساري ڇڏ ته هي مظبوط سگهارا ٺلهه باهه جو سمنڊ اورانگھي تو وٽ پهتا آهن. توکي ته خبر آهي ته ڇا ته ڪِيس ٿيو آهي هن ڌرتيءَ تي . ڪيئن ته سَنڌ سَنڌ ڪپي قتل عام ٿيو آهي. عورتن جي عزتن جي جا پائمالي ٿي آهي. اڃان ڪلهوڪو ڏينهن آهي جو انهن جوانن ۽ عورتن جا لاش اسان دفن ڪيا آهن.. . . . .
جيڪڏهن وسري ويو هجئي ته اچ ته مان اِهي لاش توکي قبرن مان ڪڍي ڏيکاريان ڇو ته مون کي يقين آهي ته شرم ۽ غيرت وچان زمين جي ڪيڙن به انهن کي ڪين کاڌو هوندو. . . . . .
ڇت منهنجي ڪا به ڳالهه نه ٻڌي نه سمجھي. وڏا ڪر کڻي نه صرف سلام ڪيائين پر هلي به وئي انهن جي در تي ...... ڳالهيون ٿيون، معاهدا ٿيا. ڪاميٽيون ٺهيون. ڪاميٽين ۾ انهن کي ڪين رکيائين جن سان ويڌن ۽ ظلم ٿيا هئا. اُنهن جي ڪميٽي ٺاهيائين جن کي خبر ئي نه هئي ته هنن ٻين ويچارن ٺلهن سان ڪهڙي ويڌن ٿي آهي ..... مان پريشان ٿي ڏسڻ لڳس انهن ٺلهن کي ..... عرش جيڏا ٺلهه، مظبوط سگھارا .... مان عزت ۽ غيرت وارا، ڪا به ڪمي انهن ۾ ڪونهي ...... مان وري شاهه عبداللطيف جي رسالي مان سُر سارنگ پڙهڻ شروع ڪيو:
اوڄڻ گھرجي آجڪو، جھوپو سهي نه سيءُ،
سُڻائيج سوَڙ کي، حال منهنجو هيءُ،
اڱڻ آيو ٿي، ته ڍُوليا! ڪنهن ڍَنگِ ٿيان.
ڪڪهر منجھه ڪپار، جُھڙ نيڻئون نه لهي،
جهڙا منهنجا سُپرين، تهڙا ميگهه ملارَ،
کڻ اکيون، کل يار! ته وڃن سور سَنڌا ڪيو.
سوچون، پريشانيون، ڇا ڪجي ڇا نه ڪجي؟ منهنجي اميد ۽ آسرو اهي ٺلهه آهن. سگھارا مظبوط اڏول ...... ڪاش ائين ٿي پوي ، ٺلهه ارڏا ٿي پون، باغي ٿي پون. جنهن زمين ۾ انهن جون پيڙهيون دفن آهن، اُن جي حقن لاءِ وڙهن. ڌرتي وارن جي عزتن ۽ ننگن جا محافظ ٿي پون. نه صرف پنهنجي زبان کولين پر ڪا جدوجهد به ڪن، ظالم جي تلوار اڳيان ڍال ٿي پون. اهو ڪجهه ڪري ڏيکارين جو سڀڪو چوي ته “ هي آهن اڏول، ارڏا، جبلن جيان مظبوط سنڌ جا پُٽ . . . . .” اگر انهن ائين نه ڪيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ هن ڌرتيءَ جو مستقبل هنن جي هٿن ۾ آهي . . . . . ..
مان اهو چئي اُنهن کي ڪين ڏيڄارينديس ته جن هن ڌرتيءَ سان وفاداري نه ڪئي، انهن جو حشر ڇا ٿيو؟ ڌرتيءَ ڪيئن انهن کي ڌڪي ٻاهر ڦٽي ڪيو هو ....... ڪجهه به چوڻ جي، ڪجهه به سمجھائڻ جي ضرورت نه آهي. گهر گهر ۾ ماتم آهي، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ قبرستان ...... اهڙين حالتن ۾ هي ايڪٽيهه ٺُلهه رت جو درياهه اُڪري پنهنجين نياڻين، ڀينرن جي لاشن کي ڪفن پهرائي اچي بيٺا آهن. وڏا فرض پورا ڪرڻا آهن، وڏا قرض چڪائڻا آهن هنن کي .....
لفظ ڌڻ جنهن جي باري ۾ مان پهرين به ٻڌائي چڪي آهيان ۽ شاهه لطيف به فرمايو آهي :
آگميو آهي، لَڳهه پَسُ! لطيف چئي،
وٺو مينهن وڏ ڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي،
ڇنَ ڇڏي پَٽِ پئو، سمر سنباهي،
وِهو مَ لاهي، آسرو الله مان.
شاهه عبداللطيف جو فرمان آهي ته وٺو مينهن وڏ ڦڙو ڪڍو ڌڻ ڪاهي. ڌڻ ڪاهڻ وارا هي ايڪٽيهه ڌنار ڏسون ته ڇا ٿا ڪن پنهنجي ڌڻ لاءِ؟ مان هت اِهو به واضح ڪندي هلان ته هنن ڌنارن کي ته انهن کي ڪڏهن به هي وسارڻ نه گهرجي هي ڌڻ هاڻ پراڻو ڌڻ نه رهيو آهي جنهن کي هو هڪ ڏنڊي سان هڪليندا هئا. هن ڌڻ اڳيان هنن کي پنهنجي هر قول ۽ فعل جو حساب ڏيڻو پوندو. هي نڌڻڪو ڌڻ هاڻ جاڳي پيو آهي. هاڻ هو گنهگار ڌنارن کي هي ڌڻ ڪڏهن به معاف نه ڪندو.
سَڄو صاف نه اُڀري، سَرلي وچان سڄ،
مُنهن چڙهيو ماڻهن کي، ڏئي واڌائي وڄ،
هينئڙا کپ مَ کَڄُ، سِگها مِلندءَ سپرين.
هلال پاڪستان 26 نومبر 1988ع
نوٽ: اُن ڏينهن صبح جو اخبار پڙهيم ته محترمه بينظير صاحبه سڀاڻي عزيز آباد وڃي رهي آهي ..... خبر نه آهي ڇو دل کي رنج پهتو. ڪاليج ۾ به مزو نه پيو اچي. ڪلاس وٺڻ کان پوءِ قلم ڪاعذ کڻي هي مضمون لکيم. اُن ڏينهن مان ڪلاس جي ڇوڪرين کي سُر سارنگ پئي پڙهايو. بس پوءِ مان هي سڀ لکي ڇڏيو. اُهو رف لکيل شام جو چئين بجي ڌاري هلال پاڪستان ۾ عبدالرحمان نقاش صاحب کي ڏنم. کين چيم ته هي سڀاڻي ڇپجڻ کپي. مان آهيان جيتامڙي پر منهنجا اخباري دنيا جا ساٿي مون کي ڏاڍو مانُ ڏيندا آهن. گهر آيس ته عبدالرحمان نقاش جو فون آيو. ان مون کان هڪ سوال ڪيو ته ادي مون کي اِهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته توهان جو عنوان “ڌڻ واري نڌڻڪي سنڌ” جو مطلب ڇا آهي؟ ڌڻ هوندي سنڌ نڌڻڪي ڪيئن ٿي سگهي ٿي. مان توهان جو مضمون ڪمپوز پيو ڪرايان سو توهان کان سوال پڇي رهيو آهيان. مان به ذهني طور تي ٿڪل هيس سو کيس چيم ته هي رف لکيل آهي. جيڪو سمجهه ۾ آيم اهو لکيو اٿم. ...... سو سائين ٻئي ڏينهن هي مضمون اخبار ۾ ڇپجي ويو........ فون جي مٿان فون. مختلف رايا تبصرا. هڪ سوال مون کان سلطانه تون سمجھين سگهين ٿي ته شاهه لطيف جي سُر سارنگ کي تو اڄ جي حالتن سان ڪيئن جوڙيو آهي ..... خبر مليم ته حيدرآباد جي يونيورسٽين ۾ ان ڏينهن سون جي تعداد ۾ فوٽو ڪاپي ڪرائي هي مضمون ورهايو ويو. هت ڪراچيءَ ۾ به مونکي هڪ وڏي نالي واري آفيسر فون ڪري ڇڏيو ته ادي خبر اٿو ته صبح سان هت ڪيترن ماڻهن جي هٿ ۾ اها اخبار هئي جيڪي بينظير صاحبه سان عزيز آباد وڃي رهيا هئا.....
هاڻ وڌيڪ ڳالهيون ڳجهه ۾ رهن ته سٺو آهي، پر اها ڳالهه وسارڻ جهڙي نه آهي ته بينظير صاحبه (جيڪا منهنجي روح ۾ رچيل آهي) اُن جو اُهو وڃڻ اڄ تائين جو طعنو آهي ته ڪنهن چيو هو توهان کي ته اسان وٽ اچو ..... ؟
(اڄ هن ڪالم کي پڙهندي هي سڀ ڪجهه لکندي چؤطرف ڏسان ٿي ڪجهه به ته ناهي بدليو. هي هيڏو وڏو سنڌين جو ڌڻ اڄ به نڌڻڪو آهي....)