پبلشرن پاران (هڪ نظر)
وري به جس آهي علمي ڄاڻ جي بي ڪنار بحر سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي، جنهن آمريڪا کان تعليم پرائي واپس ورڻ سان ئي، انهن ناساز گار حالتن، ذوق جي ڪمي ۽ پڙهيلن جي ڪوتاهي کي دور ڪندي سنه 1944ع کان لوڪ ادب جي تحقيق ۽ تلاش ۾ لڳي ويو، جنهن ان اعليٰ ۽ ناياب گفتن جي کوجنا ۾ سنڌ جي سگهڙن جي مشهور ماڳن ۽ دڪانن جي کنڊرن تي وڃي ڌوڙ ڌوين وانگر رک ۽ مٽيءَ جا ڍير وائريا جنهن مان سون کان به سرس ۽ قيمتي لفظن جا موتي ميڙي ڪي ٿوري انگ ۾ اڳوڻن استاد سگهڙن جو فن سالم توڙي ناقص حالت ۾ هٿ ڪري انهن جي ڪجهه شخصي ڄاڻ به سهيڙي “سينگار شاعريءَ” ۾ شايع ڪيو جيڪو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران شروع ڪيل لوڪ ادب سلسلي جو يارهون ڪتاب هو ۽ 1986ع ۾ ڇپيو.
ان ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب يارهين صديءَ جي شهنشاهه سگهڙ جلال کٽي سميت سندس همعصر اٺن سگهڙن جو تحقيقي فن، تعارف سميت ڏنو آهي ۽ ان دور کان پوءِ ٻارهين صدي هجري (18 صدي عيسوي) جي پوئين اڌ ۽ تيرهين صدي هجري جي پهرين پنجويهن سالن واري دؤر جا سورنهن سيبتا سگهڙ، اتر طرف ڳڙهي ياسين، شڪارپور ۽ ٺُل، روهڙي، ميرپور ماٿيلي، اوٻاوڙي ۽ ناري طرف جا (9) نَوّ نيارا ڏات ڌڻي، وچولي ۽ لاڙ طرف جا پنج پارکو، لس ٻيلي جا ست سڄاڻ سگهڙ، ساڪري ملير جا (9) نَوّ ناميارا وينجهار، ڪوهستان ۽ ڪاڇي جا ٽي سگهڙ ڪٺا ڪرڻ بعد ورهاڱي کان پوءِ وارن (1955ع کان 1986ع) ڏات ڌڻين ۾ وري لاڙ جا ست وڏا سگهڙ، خيرپور ۽ اتر طرف جا (11) يارنهن، لاڙڪاڻي طرف جا (29) اڻٽيهه سگهڙ شامل ڪيا جيڪي مجموعي طور (124) هڪ سؤ چوويهه پارکو سگهڙ هيا جن کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب “سينگار شاعري” جي زينت بڻايو.
هن وقت جيڪو ڊاڪٽر صاحب جو ڇڏيل لوڪ ادب آهي ان هينئر تائين ڊٻون ڊانگا، کڏون ۽ کوٻا سيراب ڪري ڇڏيا آهن ۽ سندس سانڍيل ثقافتي ورثي مان صدين تائين لوڪ کي رنگ لڳندو رهندو.
ياد رهي ته “سنڌ جو سينگار” جي نالي سان 1950ع واري ڏهاڪي ۾ به سگهڙن جي سينگار شاعري جو ڏيڍ سؤ صفحن تي هڪ ڪتاب ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي سهيڙ هيٺ شايع ٿيو هو جنهن ۾ هڪ گمنام نالي سميت ستن سگهڙن جي سينگار شاعري شايع ڪئي وئي هئي، جنهن کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب وري ٻيهر تفصيل سان پنهنجي ڪتاب ۾ شايع ڪرايو. اهڙي طرح بعد ۾ جن سگهڙن پنهنجا ڪتاب ڇپرايا تن پنهنجن ڪتابن ۾ “سينگار شاعري” جو ذخيرو شامل ڪيو آهي.
ان سڄي صورتحال کي ڏسندي اسان پنهنجي “تنظيم فڪرو نظر سنڌ” پاران هميشه جيان هن ڀيري به تنظيم جي مرڪزي دفتر سنڌ اسلامڪ سينٽر ميناره روڊ سکر ۾ “قومي سيرت النبي صه ڪانفرنس” جي موقعي تي “سگهڙ ڪانفرنس” جو پڻ بندوبست ڪرايو جنهن ۾ سگهڙن کي سڏائڻ توڙي ڪچهريءَ جو رنگ رچائڻ ۾ سڀني عهديدارن توڙي ميمبرن پنهنجو پاڻ ملهائي ڏيکاريو.
هن ڪچهريءَ جي خصوصيت تمام اعليٰ ۽ منفرد هئي جيڪا پهريون ڀيرو ان انداز سان ڪامياب رهي ته هن ڪچهريءَ کي ڀلاري مهيني ربيع الاول ۽ ٻنهي جهانن جي سردار جي ولادت با سعادت جي نسبت جي ڪري عام روايتي ڪچهريءَ جي ڀيٽ ۾ صرف سهڻي جي سينگار ۽ صفت وثنا تائين پابند بڻايو ويو جنهن ڏات جا جوهر ڏيکاريندڙن به مختلف ٻولين ۾ واهه جو ملهائي ڏيکاريو ۽ اسان سوچيو ته ان شاندار فن کي نه رڳو سکڻي وهواه تائين محدود رکجي پر ان جو ڪتاب ڇپرائي ايندڙ نسلن تائين ان فن کي پڄائجي ته جيئن هن محبت جي مٺاس کي اهي به چکي سگهن ۽ سرڪار دو عالم جي ثنا جو فيض ڏيهه توڙي پرڏيهه تائين به پکيڙي سگهجي، ان اٽل ارادي ۽ تنظيم جي سڀني همسفر ساٿين جي نيڪ نيتي واري فيصلي تحت سگهڙن جي “سينگار شاعري” سهيڙڻ توڙي ترتيب ڏيڻ جا جملي حقوق، سنڌ توڙي بلوچستان ۾ جاکوڙيندڙ سگهڙن جي تنظيم سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب تنظيم “سلات” جي سرواڻ، نوجوان اديب ۽ عالم عاجز رحمت الله لاشاري حوالي ڪيا ويا جنهن پنهنجي رات جي اوجاڳن ۽ ڏينهن جي جفا ڪشي سان هن ٿوري وقت ۾ ڪتاب کي سهيڙي اوهان ۽ اسان جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ دل ۽ دماغ جي عرق ريزي کان ڪم ورتو آهي ۽ سڀ بار پنهنجن ئي ڪلهن تي کڻي پاڻ ملهايو آهي.
ڏٺو وڃي ته 1986ع کان هن وقت 2014ع تائين 28 سالن ۾ جيڪو “سينگار شاعري” جو فن سنڌ اندر وڌيڪ اُسري آيو آهي ان کي هڪ جنس (صنف) طور شايع ڪرائڻ ۾ ڪوبه ادارو اڳتي نه آيو آهي ۽ اسان ان ڪميءَ کي محسوس ڪندي هي ڪتاب ڇپرائي اهل علمن آڏو ڪنڌ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڇو ته لوڪ ادب ڏينهون ڏينهن وڌندو ۽ ويجهندو رهي ٿو، جيڪڏهن ان جي ارتقائي عمل جي همت افزائي ڪبي ته ان ۾ اڃان به واڌارو ايندو ۽ ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ اسان جو قومي ادب وڌيڪ ڪاميابي جون حدون ڪراس ڪندو ۽ اها ئي سوچ ۽ فڪر اسان جي تنظيم جي باني مرحوم پروفيسر اسد الله ڀٽو جو هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ به ان اشاعتي ڪم کي جاري رکندي اسلامي ادب جا شاهڪار ڪتاب عوام آڏو آندا.
اسان به سندس مشن کي ان ساڳي ئي جوش جذبي ۽ همت سان اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن سڀني ساٿين جا جذبا جوان ۽ ارادا پختا رهندا ته هن قسم جي ڪتابن جو اشاعتي سلسلو جاري رهندو.
آخر ۾ هن جاکوڙ ۽ جدوجهد جي بنيادي ڪردارن نواب علي مهر ميمبر CEC ۽ استاد گل حسن “گل” ملڪ ميمبر شاخ مبارڪپور کي پڻ خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن جي اهم محنتن هن ڪتاب کي تاريخي ۽ تحقيقي رنگ ڏنو.
اوهان جا ٿورائتا
پروفيسر محمد علي راڄپر
صدر تنظيم فڪر و نظر سنڌ
خواجا جليل احمد
جنرل سيڪريٽري،تنظيم فڪر و نظر سنڌ