لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سهڻل جا سينگار (لوڪ ادب شاعري)

هن ڪتاب جي سهيڙ “عاجز” رحمت الله لاشاري ۽ گل حسن “گل” ملڪ جن ڪئي آهي. هي ڪتاب تنظيم فڪر و نظر سنڌ پاران سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي سهڪار سان ڇپايو ويو آهي.ٿورائتا آهيون محترم علي حسن ملاح جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي آنلائين ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪئي.
Title Cover of book سهڻل جا سينگار (لوڪ ادب شاعري)

مُھاڳ ؛ الله تو آ ھر...

اڄ اھو لکندي انتھائي خوشي ٿي رھي آھي ته ھڪ ڀيرو وري ڏات ڌڻين جي ڏاھپ سان ڀريل “سينگار شاعري” کي نئين سر جياري عوام آڏو آندو ويو آهي ۽ اھو اھم ڪارنامون سر انجام ڏيڻ ۾ اسلامي ادب جي آبياري ڪندڙ “تنظيم فڪر و نظر سنڌ” اڳڀري ٿي آھي. ھن تنظيم جا ھونءَ ته عملي، ادبي ۽ ديني لحاظ کان عالمي توڙي مُلڪي ۽ صوبائي سطح جون ڪانفرنسون، سيمينار ۽ مذاڪرا ٿيا آھن، جن ۾ ديني اسڪالرن سميت جديد ادب جا عالم، اديب، ڏاھا ۽ ڏات ڌڻي سگھڙ شريڪ ٿيندا رھيا آھن. انھن مجموعي پروگرامن جي سٽاءَ کان پوءِ تازو تنظيم جي مرڪزي دفتر اسلامڪ سينٽر مينار روڊ سکر ۾ ڀلاري مھيني ربيع الاول شريف جي مبارڪ ڏھاڙن ۾ پاڻ ڪريمﷺ جن جي شخصيت سان منسوب “قومي سيرت النبيﷺ ڪانفرنس” جي موقعي تي ھڪ شاندار”سگھڙ ڪانفرنس” پڻ ڪو ٺائي وئي جنھن ۾ سنڌ توڙي بلوچستان کان ڪھي آيل ڏاھن ڏات ڌڻين “لوڪ ادب” جي اھم خوبصورت صنف”سينگار شاعري” پيش ڪئي.
سگھڙائپ جي رنگ ۾ پاڻ سڳورنﷺجي ھستيءَ جي “وضحى” واري چھري ۽ “وَالليل” جي زلفن جو ذڪر ھڪ انوکي ۽ نرالي شاعري آھي، جنھن انداز سان ڏات ڌڻي سگھڙن پاران لفظن جو خوبصورت ورجاءُ ۽ ڀيٽا جو نمونو آھي، ان قسم جي شاعري دنيا جي ڪنھن به خطي ۾ ناھي.

ڏٺو وڃي ته وقت جي وھڪري نج سنڌي ٻوليءَ جي چيرڦاڙ شروع ڪري ڇڏي آھي، جنھن سبب اسان کان اسانجي برجستي ٻوليءَ جا اصلي لفظ منسوخ ۽ متروڪ ٿيندا پيا وڃن، جنھن کي ڏسي ھانءُ ڇڄي رھيو آھي.
اھو به ڪو وقت ھو جو اسانجا ڪُڙمي ڪاسبي نار ۽ ھُرلا ھلائي ڏاندن جا ھر ڪاھي، پوک پوکيندا ھئا ۽ نسري نروار ٿيڻ تي کانڀاڻيءَ جا پيھي مٿان ويھي ٺڪاوَ ڪڍي جھار ھڪليندا ھئا پر جڏھن کان مشيني دؤر اچي سھڙيو آھي تڏھن کان اباڻي ڪرت ۾ ڪتب ايندڙ ھزارين نج لفظ وڇوڙي جي ورلاپ ۾ اچي موڪلائيندا پيا وڃن، جنھن سبب اسان جي عوامي ٻولي غير مُرج گفتن جي ور چڙھي رھي آھي ۽ قديم ڪارائتا تُز اکر جملن مان نڪرندا پيا وڃن.
پر ڏيھي ٻولين جي والار سبب اسانجي اُسرندڙ عُروج مند ٻوليءَ کي نپوڙي، گھوگھاٽيو پيو وڃي پر اسيمبلين ۾ پھتل اسان جا ميمبر صاحبان سڻڀي گرھ جي لالچ سبب ٻڙڪ به ٻاھر نٿا ڪڍن، اسان وٽان قديم رسم ۽ رواج وارا پراڻا سئوڻ ساٺ به ڳجھارت جو روپ ڌاريندا پيا وڃن، اسيمبلي ميمبرن سميت، اڄ جي استادن توڙي جديد ادب جي جاکوڙيندڙ اديبن جي نوجوان اولاد سامھون جڏھن پراڻي تھذيب يا ثقافت جي ڪا ڳالھ ڇڙي ٿي ته اھو ان جي اصلي حقيقت کان واقف نه ھجڻ ڪري ان جي ذري ذري بابت پڇاڻو ڪري ٿو. جيئن ڪنھن بنا سُر جي ڏنل ڳجھارت کي ڳولڻ لاءِ سيبتا سگھڙ ان ڳجھارت جا بند ۽ پاوا ڳوليندا آھن تيئن ھي نوجوان به فلحال ان ڪشمڪش ۾ گم ٿي ٿو وڃي. نئين نسل جا نوجوان ويچارا ته انھن اسڪولن ۽ ڪاليجن اندر پڙھيا ۽ ڪڙھيا آھن جن ۾ ته سنڌي ٻوليءَ جو اير نه ڀير، نالي ڪاڻ ٻه ٽي انڌا منڊا، اجايا سجايا ڪتابڙا پڙھي آئي بلا سمجھي ڪم ٽپايو، اصل ٻولي سکڻ جا اھي طريقا، لفظ معنائون، اُچار ۽ اڻانگا اکر ته سمجھيائي ڪو نه، پوءِ مادري ٻولي ڇڏي ٻي ٻوليءَ جا پڙھندڙ ته اھو به نه سمجھندا ته “رَٻ” ۽ “چٻ” ۾ ڪھڙو فرق آھي.
ان ڳالھ کي کولڻ ضروري ٿو سمجھان ته اسان وٽ ڳجھارت جو روپ ڌاري ويل سنڌ جي ثقافت توڙي تھذيب سان لاڳاپيل سنڌ جو لباس، اوڏڪيون اوساريون، ڇپرا، لانڍيون، مَنَھَ، مَڏَ، جھوپڙا، پيھا، ڪنواٺي، ساندارا، نار، ھُرلو، ٽِڀو، کارو، مارنگ، گُنديون، ليڙو، وڃڻو، گُگھيون، مَٽَ، ماٽوڙا، دلا، گھڙا، دليون، گَڏون، ڪرمنڊل، چئونري، وٽا، وٽيون، ڪٽورا، ڪٽوريون، تاسريون، ٿالھ، ٿالھيون، ڍاڪون، پاٽ، پاٽڙو، تس، جَمني، جَمن، ٽڦڻي، ڏوئي، چمٽو، پُرڻ، ڪڙاھي، روھي، مُبري، پائُڪي، اُکري، مُھري، ويلڻ، ڇڄ، دَٻڪي، پنڊي، چوٿائي، پاٽي، ٽويو، ڪاسو، ساھمي، کٽون، کٽولا، پيڙھا، صندليون، بُجڪي، داٻڙو، ڏونڱري، صندوق، رليون، رلڪا، پٿرڻيون، کٿيون، ٽٻڻيون، ڊڳڙي، ڦُلڪا، تنجڻ، مُھن رکي، مانڌاڻي، منڌيڻو، چاڏي، دَکي، چلم، حُقو، چٺ، ٺھڪڻ، ڳٽار، ٻُچڪار، ونگار، بيگر، گھاڻا، چيچڙا، دانگي، ٿوٻي، ڪَنڍي، ٻُنڀو، سميت ھزارين لفظ آھن جن ۾ ٻوليءَ جي حُسنا ڪي سمايل آھي تن تي به لَٽ چڙھندي پئي وڃي ۽ اھي خوبصورت لفظ به موڪلائيندا پيا وڃن.
جديد علمي دنيا جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل ڪجھ ترقي پسند اديبن، پاران سگھڙن کي دھقاني ۽ اڻ ڄاڻ سڏي لوڪ ادب تي ڳنوارن، ٻڪرارن ۽ ريڍارن جي ادب جي تُھمت مڙھي، مورڳو “لوڪ ادب” کي ئي ادب تسليم نه ڪرڻ جا ھَر با ھلائي رھيا آھن. پنھنجي مُنھن ڀُڻڪا ڪرڻ وارن کي سگھڙن جي لکيل “سينگار بيت” جي معنى به سمجھ ۾ ڪا نه ايندي آھي، حالانڪ سگھڙائپ جا گفتا ڪي سؤلا ناھن، لوڪ ادب جي ھڪ ھڪ صنف لاءِ سگھڙن پاران خون پسينو ھڪ ڪري ادبي زمين کي رت مان ريج ڏيڻو پوي ٿو ته جيئن اسانجو قومي ادب سدائين سکيو ۽ ستابو رھي.
دين کان دوري رکندڙ ان سوچ ۽ فڪر جي حامين پاڻ سدائين پرڏيھ کان آيل غزل ۽ قطعه جي قيد ۾ رھي ڪري نثر کي به آزاد نظم سڏيو آھي، کين اھا خبر به ناھي ته شعرٿيندو ئي سالم آھي جنھن ۾ قافيه ۽ رديف جي پابندي لازمي آھي، ساڳئي وقت ڪجھ جديد ادب جي ماھر سڏائيندڙن، سگھڙن کي ان ڪري به شاعر تسليم ناھي ڪيو ته انھن وٽ بحر ۽ وزن ناھي، پر مان انھن کي ٻڌائڻ گھران ٿو ته ڀٽ ڌڻيءَ جي بيتن ۾ اوھان جو ٻڌايل فاعل مفعول وارو قانون ته ڪونھي! پوءِ ان کي به شاعرن جي صف مان خارج ڪريو. ڇو ته اھو آھي ئي پنھنجي رنگ جو شاعر، سندس تعلق نسبي طرح سان الله جي آخري رسول ڪريمﷺ جي ذات سان آھي.
مان ائينءَ چوندس ته سچل ھجي يا سامي، دلپت ھجي يا روحل، ڇاجاپد، ڇاجون ماترائون، جذبي کي ڪير روڪي؟ اندر جو آواز نڪرندو ۽ وڌندو ويو جيڪڏھن پاڻ کي بحر وزن جي قيد ۾ قابو ڪن ھا ته ايترو اثر شايد نه ھجي ھا.
لوڪ ادب جي لاتين سان واڳيل ڏات ڌڻي سگھڙن جي لاکيڻي ۽ من مُھڻي ٻوليءَ ۾ سليس ۽ سادا، مٺا ۽ ملوڪ گُفتا ھوندا آھن، ھنن جا نماڻا سُخن به عقلمديءَ سان ڀريل ٿين ٿا. سپورنج سگھڙن جي فني اُڏام به اعلى درجي جي آھي،ڳجھارت جي ڳھيرن آڏو ڳجھارت جھل ئي ڪانه ڏئي، آئي ۽ وئي. ڏور کي ڏورڻ ڇا جو؟ آيو ۽ ويو، ڪامل ذھن ۽ يگانه خيال جي ماھرن وٽ پھاڪا به تمام پُختا ھوندا آھن. جن کي ٻوليءَ جو مغز چيو وڃي ٿو، جي کڻي سوچجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جو علم حقيقت ۾ آھي ئي انھن وٽ، جن پنھنجن سينن ۾ ٻوليءَ کي تڏھن کان سانڍيو آھي جڏھن کان اڃان تائين سنڌي ٻولي ڪاغذ ۽ قلم جي وچ تي ھئي، ٻوليءَ جي صورتخطي به نه ھئي تڏھن به ھي سگھڙ ھئا جن جا نقل نظير بادشاھن جي درٻارن ۾ تمام وڏي خوش اصلوبيءَ سان پيش ڪبا ھئا جن ۾ فھم ۽ فضيلت جي جوت جَر ڪندي ھئي. پوءِ اھڙن مھمير مردن جي سينگارن سان سجايل ھي شاھڪار ڪتاب ڪنھن محققانه معيار کان گھٽ ناھي.
ڏٺو وڃي ته ماضيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران لوڪ ادب اسڪيم ۾ چاليھ جلد، زيب ڪتاب گھر، سنڌي ساھت گھر، مھراڻ اڪيڊمي، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، اڪادمي ادبيات يا سنڌالاجي جھڙا ادارا نالي ماتر ٻه چار ڪتاب شايع ڪرائي، نقلن ۽ ترجمن، انتخاب ۽ اقتباس جي محدود ڪتابن کي لوڪ ادب جي جامع تاريخ سمجھي بي نياز ٿي ويھي رھيا ته اسان وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آھن.
ڄاڻايل ادارن سميت سڀني لاڳاپيل ادارن کي سمجھڻ کپي ته لوڪ ادب مرتب ڪرڻ جي اھا بنيادي ڪڙي ھئي. اصل ترقي ته ھاڻ ٿي آھي جو سگھڙن بابت اڻ پڙھيل واري ڇاپ ھٽي چڪي آھي ۽ لکيا پڙھيا عالم توڙي استاد سگھڙ ھن ڪڙيءَ ۾ داخل ٿيا آھن. جيڪي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ منظم تنظيمون ٺاھي ميدان تي لٿل آھن ۽ اوطاقن جي صحنن کان شروع ڪيل جدوجھد کي ادبي ادارن توڙي علمي مرڪزن جي ايوانن تائين پھچايو آھي، ڪميونيڪيشن جي جديد سھولت جو فائدو وٺندي سال، مھيني يا ھفتن جي ڪچھرين کي ڪال ڪانفرنس ذريعي ھر روز نئون رنگ رچائي ٻوليءَ ۾ جديد دؤر جا رنگ ڀرين ٿا، ھڪ خبر لاءِ صحافين پٺيان ڊوڙون پائيندڙن اڄ پاڻ صحافتي ايوانن ۾ جاءِ والاري آھي ۽ پنھنجي جاڳرتا جون پاڻ اخبارون شايع پيا ڪن. نه رڳو ايترو پر سرڪاري ادارن توڙي وس وارن ڏي نماڻيون نگاھون کڻي نھارڻ بدران پنھنجي مدد پاڻ جي جذبي تحت ڪتاب پڻ ڇپرائي رھيا آھن.
حڪومت سنڌ يا ثقافت کاتو ڪنھن موقعي تي سنڌ فيسٽيول يا سگھڙ ڪانفرنس منعقد ڪرائيندو آھي پر ھي ڏات ڌڻي ته ھاڻي “لوڪ ادب ميلا” “صوفي سگھڙ ڪانفرنسون” “روحاني سگهڙ ڪانفرنسون” صوبائي سطح جا “بين الصوبائي سگھڙ ڪنوينشن” توڙي گذاري ويل استاد سگھڙن جون ورسيون پڻ پنھنجي پيرن تي بيھي ملھائي رھيا آھن. جن پروگرامن ۾ ڪنھن اعلى ڪاموري يا وزير، مشير جي صلاحڪار جي شرڪت نه ھجڻ سبب وقتي ڪوريج يا پذيرائي نه به ملي پر تاريخي حيثيت ضرور ھوندي آھي جنھن کي ٻوليءَ جا قدردان وقت اچڻ تي سونھري اکرن ۾ ضرور لکندا.
سنڌ سرڪار جي اڻ ميي خزاني، ثقافت کاتي جي بي پايان بجيٽ ۽ لوڪ ادب جي جاکوڙ لاءِ قائم ڪيل گورنمينٽ جي گرانٽ تي ھلندڙ ادارن جي ذميواري باوجود “تنظيم فڪر و نظر سنڌ” پاران ھن ڪتاب جي اشاعت پنھنجي ڪارڪردگيءَ ۾ ھڪ بھترين باب قائم ڪرڻ سان گڏ ھي سواليا نشان به ڇڏيو آھي ته سنڌي ٻوليءَ جي محافظ ۽ لوڪ ادب جي وارث ڏات ڌڻي سگھڙن جي وارثي ۽ فني اشاعت جو ذميوار آخر ڪير آھي؟....
“تنظيم فڪر و نظر سنڌ” اسلامي ادب جي آبياري ۾ ھي نبي ڪريمﷺ جن جي تعريف سان ڀرپور”سينگارشاعري” جو لافاني ڪتاب ڇپرائي کوڙ سارن ڏاھن ڏات ڌڻين ۽ سائينءَ جي ثناگرن جون دلي دعائون ماڻيون آھن، جن ۾ خاص ڪري ھن ڪتاب ڇپجڻ جو ذريعو بنجندڙ “سگھڙ ڪانفرنس” جي انچارج استاد نواب علي مھر ۽ سندس ساڄي ٻانھن وارو ڪردار نڀائيندڙ ڀلوڙ سگھڙ ۽ “سلات” جو سچو ساٿي استاد گل حسن “گل” ملڪ به کيرون لھڻن جو ھن محنت جو سھرو سندن ئي سرن تي سجايل رھندو.
آخر ۾ مان “تنظيم فڪر و نظر سنڌ” جي صدر جناب پروفيسر محمد علي راڄپر، جنرل سيڪريٽري خواجا جليل احمد، پروفيسر لياقت علي ڀٽو، پروفيسر اصغر مجاھد مھر، ڊاڪٽر صفي الله “غزالي” ڀٽو، سميت سموري سٿ کي مبارڪ ڏيان ٿو جن ھن ڪاوش ۾ اڳڀرائي ڪري تاريخي رڪارڊ قائم ڪيو آھي. اميد ته ڏات ڌڻين جي آئينده به عزت افزائي ڪندا رھندا.


تاريخ: 23 مارچ 2014ع
(سلات جي سالگرهه واري ڏهاڙي) “عاجز” رحمت الله لاشاري
باني/ مرڪزي صدر
سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب تنظيم (سلات)
(سنڌ بلوچستان)