لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سهڻل جا سينگار (لوڪ ادب شاعري)

هن ڪتاب جي سهيڙ “عاجز” رحمت الله لاشاري ۽ گل حسن “گل” ملڪ جن ڪئي آهي. هي ڪتاب تنظيم فڪر و نظر سنڌ پاران سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي سهڪار سان ڇپايو ويو آهي.ٿورائتا آهيون محترم علي حسن ملاح جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي آنلائين ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪئي.
Title Cover of book سهڻل جا سينگار (لوڪ ادب شاعري)

حرف اول ؛ سينگار جو پس منظر بقلم: علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

مغلن جي دؤر ۾ ھندوستان کي ھڪ پايدار نظام حڪومت نصيب ٿيو. اڪبر جي دؤر حڪومت ۾ ھندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ قريب تر تمدني لاڳاپو قائم ٿيو. ملڪ جو اقتصادي نظام سڌريو. علم ۽ فضل، حڪمت ۽ ھنر جي قدرداني ٿي. حسن جي تلاش ۽ تعريف ھڪ محبوب ترين مشغلو بنجي ويو. جيئن مصوري، موسيقي ۽ عمارت سازي حسن جي تلاش جا مظھر بنيا، تيئن شاعري، به محبوب جي حسن کي پنھنجوخاص عنوان بنايو. ھندي ٻوليءَ ۾ جيتوڻيڪ اڃان “ڀڳتي شاعري” جو د‍ؤر ھو، مگر ھاڻي ان سان گڏ نئين حسن نواز عشقيہ شاعري، “سينگار رس” جي دلچسپ نالي سان نعرو ھڻي نروار ٿي. مغليه دؤر کان اڳ جي ھندي شاعرن پڻ پنھنجي ڪلام ۾ گاھي به گاھي محبوب جي حسن ۽ سينگار جي مضمونن کي نھايت موثر نموني ۾ نباھيو ھو، مگر اڪبر بادشاھ جي دؤر حڪومت کان “سينگار رس” يا عشقيہ شاعري، ھندي شاعرن جي ذوق ۽ تخيل جو خاص عنوان بني، ۽ “ڀڳتي شاعريءَ” جي بجاءِ عام توڙي خاص جو ان ڏانھن زيادھ توجھ ٿيو.
عشق ۽ محبت جو عنوان ۽ محبوب جي حسن ۽ سينگار جو بيان، ٻئي ھن نئين شاعريءَ لاءِ نھايت ئي مواقف زمين ۽ ميدان بنيا، جن ۾ حسن نواز شاعرن دل کولي پنھنجا ڪؤنتل ڪڏايا. ڪرپا رام پھريائين ان ڏس ۾ قدم وڌايو، مگر مڙني جو مھندار۽ ھن ميدان جو شھسوار مھاڪوي بھاري لال ھو. ھو سنبت 1660 (1603ع) ۾ گوبند پور ضلعي گواليار ۾ ڄائو، ۽ سنبت 1720 (1663ع) ۾ گذاري ويو. جيپور جي راجا جئسنگ کيس جيپور ۾ گھرائي پنھنجي درٻار جي خاص شاعرن جي صف ۾ جڳھ ڏني، ۽ جڏھن بھاري لال پنھنجي مشھور شاعرانه شاھڪار”ست سئي” کي پورو ڪيو، ته راجا جئسنگ کيس ست سؤ اشرفيون انعام طور ڏنيون. بھاري لال جو عاشقانه ڪلام ھندي شاعريءَ ۾ اُتم مڃيو ويو آھي، ۽ “سينگار رس” ۾ سندس درجو مڙني شاعرن ۾ مٿاھون تسليم ڪيو ويو آھي.
اڪبر جي عھد جا ٻيا شاعر جن عشقيہ شاعريءَ ۾ شھرت حاصل ڪئي، سي ھي ھئا: 1) نواب عبدالرحيم خان خانان جنھن پنھنجي شاعريءَ جي ٻين تصنيفن سان گڏ “سينگار سورٺا” نالي پڻ ڪتاب لکيو، 2) فيضي، 3) گنگ، 4) تان سين، 5) سيناپتي، 6) مبارڪ جنھن جا ڪي دوھا بھاري لال جي دوھن سان مناسبت رکن ٿا، 7) بلڀدر مشر جنھن جي تصنيفن مان ھڪ “سينگار گوبرڌن” آھي. انھن کان سواءِ سنه 1631ع ۾ سندر نالي ھڪ شخص کي”ڪوي راءِ” جو خطاب ڏنو ويو، ۽ ھن شاعريءَ جي فن تي “سندر سنگار” نالي ڪتاب لکيو جنھن جو ترجمو برج ڀاشا ۾ ٿيو. عالم، سنبت 1730 ڌاري، “سنگار رس” (عشقيه شاعري) جو نالي وارو شاعر ٿيو. ھو پھريائين برھمڻ ھو پر پوءِ ھڪ رنگريزڻ جي، عشق ۾ مسلمان ٿيو، “عالم کيلي” نالي سندس ڪتاب مشھور ٿيو. 1784- 1800 سنبت ڌاري “ديوڪي نندن” نالي مشھور شاعر ٿيو جنھن جو ڪتاب “سرنگار شرتر” نھايت مقبول پيو. سنبت 1796 وڪرميءَ ڌاري، اعظم خان نالي شاعر مشھور ٿيو، جنھن جو ڪتاب “سنگار درپن” مقبول پيو. سيد عبدالجليل بلگراميءَ جي ڀاڻيجي سيد غلام نبي بلگرامي جيڪو “رس لين” جي لقب سان مشھور ٿيو، تنھن سن 1701ع ۾ “انگ درپن” ۽ سن 1730ع ۾ “رس پر ٻوڌ” نالي ڪتاب تصنيف ڪيا.

رس جي حقيقت
“رس” سنسڪرت زبان جو ھڪ جامع لفظ آھي جنھن جي لفظي معنى آھي “انتھائي لطف، لذت، خوشي يا مسرت”. اصطلاحي معنى موجب “رس” سنسڪرت ۾ جماليات (Aesthetics) جي دائري ۾ ھڪ خاص فلسفي جي حيثيت رکي ٿو، جنھن جو تعلق خاص طرح شاعريءَ ۽ ناٽڪ جي اسباب، اثرات ۽ علامات سان آھي. “سنسڪرت ادب جي تاريخ” جي مصنف “بيرائيڊيل ڪِيٿ” ان کي “قلبي واردات ۾ ڪيفيات جي نظريه” سان تعبير ڪيو آھي. محقق پنڊت حبيب الرحمان صاحب “رس” کي “فلسفاءِ انبساط” قرار ڏنو آھي. جئن ته ھن صاحب مستند سنسڪرت ماخذن جي تصديق سان رس تي “رس” يعني “فلسفاءِ انبساط” جي نالي سان ھڪ مستقل ڪتاب لکيو آھي. انھيءَ ڪري اسان رس جي معنى ۽ ماھيت کي واضع ڪرڻ لاءِ ھيٺ سندس تحقيقي نتيجا پيش ڪريون ٿا.
1) مثلاً: بھار جي موسم آھي، جھڙ بادل ڇانيل آھي ۽ ھڪ حسينه نھايت ئي مٺي آواز سان ڳائي ٿي. ٻڌندڙ جيڪو ھن نظاري ۾ محو آھي، تنھن جي دل ۾ محبت پيدا ٿئي ٿي. مڙيئي ظاھري اسباب سندس محبت کي ويتر ڀڙڪائين ٿا. ان جذبي جي اثر ھيٺ کيس لڙڪ لڙي پون ٿا پريشاني پيدا ٿئي ٿي. ان بعد سندس اھا نفسياتي ڪيفيت اميد، مايوسي، جنون ۽ شڪسته دليءَ ۾ تبديل ٿئي ٿي. ھاڻي ھن منظر ۾ محبت”جذ به مستقل” آھن، بھار، بادل، حسينه ۽ راڳ ان جذبي جا “محرڪات” آھن اشڪباري ۽ سراسيمگي (واردات قلبيه کي ظاھر ڪرڻ واريون ڪيفيات) ان جذبي جا “اثرات” آھن، ۽ اميد، مايوسي، جنون ۽ شڪسته دلي “منقلبات” يعني عارضي جذبات آھن. ناٽڪ ۽ شاعريءَ ۾، محرڪات، اثرات ۽ منقلبات جي منظر (Scene) پيدا ڪرڻ سان جذبهء مستقل ۾ ھڪ غير محدود لذت، وجداني لطافت ۽ پاڪيزه روشني پيدا ٿئي ٿي، ۽ ان وقت انھيءَ جذبهء مستقل کي “رس” چئجي ٿو. اھڙيءَ طرح نو 9 مستقل جذبات، پنھنجي ارتقائي منزلن مان گذري علي الترتيب (1) عشق (2) کل (ھنسي) (3) رحم (4) غضب (5) بھادري (6) دھشت (7) نفرت (8) حيرت ۽ (9) سڪون جا “رس” بنجن ٿا، جن کي سنسڪرت ۾ (1) شرنگار رس (2) ھاس رس (3) ڪرڻ رس (4) رود رس (5) وَير رس (6) ڀيانڪ رس (7) ويٿبس رس (8) اوڀت رس ۽ (9) شانت رس چيو وڃي ٿو. مطلب ته 9 مستقل جذبن جي سببان “رس” جا به 9 قسم بنيا.
مگر ھن فن جي استادن “رس” جي جا حقيقت سمجھائي آھي ان مان، ۽ پڻ تجربي مان، معلوم ٿئي ٿو ته رس واري لذت ھر حال ۾ ساڳي آھي: يعني ته نون رسن مان ڪنھن به ھڪ جي لذت ساڳي اھڙي آھي جھڙي باقي ٻين اٺن ۾ آھي. پنڊت وشوناٿ “ساھتيه درپن” ۾، معتبر عالمن جي سَند سان ھي نظريو پيش ڪيو آھي ته “تجربو ٻڌائي ٿو ته ھر ھڪ “رس” جو اصلي جوھر “تحير” آھي، ۽ انھيءَ ڪري ھر جاءِ “حيرت” جو ئي رس ھئڻ گھرجي.”
1. ويد جي قولن يعني “شرتين” ۾ آتما (خدا) کي رس چيو ويو آھي جيئن ته “تيتريہ اپنشد” ۾. عقلي دليلن موجب پڻ اھو نظريو صحيح آھي، ڇاڪاڻ ته “رس” ۾ به انتھائي مسرت (آنند) آھي ۽ پڻ خدا ۾. انھيءَ ڪري “شرتيءَ) ۾ خدا کي “رس” چوڻ بلڪل صحيح آھي. ساھتي شاستر (فن شاعري) جي ڪتابن “ڪاوي پرڪاش”، “رس گنگا ڌر”، “ساھتيه درپن” وغيره مان پڻ ھن نظريي جي تائيد ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته انھن مڙني ۾ “رس” ۾ انتھائي مسرت جو ھجڻ تسليم ڪيو ويو آھي. پڻ “برھم سوتر” (ويدانت فلسفي جي پھرئين باب جو ٻارھون سوتر)، جيڪو “شرتين” تي ٻڌل آھي، ان جو مطلب به اھو آھي ته خدا ۾ انتھائي مسرت آھي، ڇاڪاڻ ته ويدن ۾ خدا لاءِ “مسرت” جو لفظ ڪثرت سان استعمال ڪيو ويو آھي. “رس” جي ھن تشريح مطابق سنسڪرت جو ھيءَ مقولو بلڪل درست آھي ته “مطالب شاعريءَ ۾، محويت ذريعي خدائي مسرت جي لطف اندوزي “رس” آھي. جڏھن (محبت، بھادري وغيره جا) عملي واقعات شاعري يا ڊراما ۾، مصنوعي محرڪات، اثرات ۽ منقلبات ذريعي، ڏسندڙ (يا پڙھندڙ ۽ ٻڌندڙ) جي آڏو پيش ڪجن ٿا، ته اھي سندس وحدت نما احساس کي جا ڳائي ھڪ قسم جو عالم محويت ۽ تحير پيدا ڪن ٿا. ان محويت جي عالم ۾ شاعرانه لٽريچر پڙھندڙن ۽ ڊرامه جي ڏسندڙن جو وجدان جنھن “مسرت رباني” مان لطف اندوز ٿئي ٿو اھو ئي “رس” آھي.
“رس” جي معنى ۽ ماھيت بابت مٿيان ٽي نظر يا اصولي حيثيت رکن ٿا. پھرئين ۾، سنسڪرت جي جمالياتي فڪر جي دائري ۾”فن شاعري” جي ماتحت “رس” جي علمي نظريي جي تشريح ٿيل آھي، ۽ “رس” جو لفظ استعمال ٿئي ٿو. حقيقت ۾ “رس” جو پيدا ٿيڻ، “رس” جي لذت جو پيدا ٿيڻ آھي، انھيءَ ڪري مجازاً چئي سگھجي ٿو ته “رس پيدا ٿيو” سنڌيءَ ۾ چوندا ته “رس لڳو”. سنڌيءَ م اھو اصطلاح “راڳ جي رس” لاءِ استعمال ٿئي ٿو. چوندا ته “فلاڻي ڳايو ۽ واھ جو رس لڳو” يا چوندا ته “فلاڻي (ڳائيندڙ) جو رس لڳو” ساڳيءَ طرح ڪنھن به محفل جي ميٺاج ۽ سرور کان متاثر ٿي ان کي مجازاً “رس ڀري محفل” يا “رس ڀري رھاڻ” چوندا. “رس رھاڻيون” ۽ “رس راوڻا” ساڳي معنيٰ ۾ سنڌي جا عام مروج اصطلاح آھن. انھن اصطلاحن مان ظاھر آھي ته سنڌيءَ ۾، لفظ “رس” جي اصل معنى ۽ ماھيت وارو تخيل موجود آھي. ٻئي نظريي ۾ “رس” جي سمجھاڻي نفسياتي نقطه نظر کان (Psychological Interpretation) ڏني وئي آھي، جنھن جو مقصد آھي ته جيتوڻيڪ مختلف جذبات (Emotions) جي بناءِ تي “رس” کي جدا جدا نالن سان سڏيو ويو آھي، مگر حقيقت ۾”رس” اھو لطف ۽ لذت وارو اصولي احساس (Sentiment) آھي، جيڪو ھر جذبي جي اثر ۽ ڪيفيت جو ماحصل آھي. (3) ٽئين نظريي جو تعلق “رس” جي حقيقي معنى سان آھي، جنھن کي ويدانت توڙي اسلامي تصوف جي روشنيءَ ۾ “ذات الاھي” سان تعبير ڪيو ويو آھي، ڇو ته “ذات الاھي” ئي لامحدود مسرت ۽ وجداني تجليءَ جو واحد سر چشمو آھي. “الله نُورُالسمٰوا تِ وَالارض” ۽ “اَللهُ جَمِيلٌ وَيُحِبُ الۡجَمَالُ.”

سينگار رس
مٿين وضاحت مان معلوم ٿيو ته انسان جا ) مستقل جذبات، جن جي بناءِ تي آسانيءَ خاطر”رس” جا به 9 قسم تجويز ڪيا ويا آھن، انھن مان ھڪ “شرنگاررس” آھي. “شرنگار رس” ھڪ نفسياتي ڪيفيت آھي، جنھن جي ارتقائي درجي کي عشق ۽ محبت سان تعبير ڪري سگھجي ٿو. اصل سنسڪرت نظريي موجب “شرنگ” محبت جي ديوتا “ڪامديو” جي اُڀرڻ کي چئجي ٿو. ھن جي اُڀرڻ سبب ۽ اعلى ترين ھيرو (Hero) جي رس کي عشق جو رس چئجي ٿو.
ھندي شاعري مان مثال: ھنديءَ جو استاد شاعر ملڪ محمد جائسي (وفات1049ھ/ 1639ع)، پنھنجي مشھور نظم “پدماوت” ۾، سلطان علاؤالدين جي آڏو پدماوت راڻيءَ جو حسن جو بيان، راگھو پنڊت جي زبان ھن طرح ڪري ٿو ته،
دير گھه چار، چار لگھه سوئي
سبھر چار، چھون کھيني سوئي.
(سندس بدن ۾ چار شيون ڊگھيون، چار ڇوٽيون، چار ٿلھيون (نرم) ۽ چار سنھيون آھن)
پرتھم کيس دير گھ سر مونھين،
اور ديرگھ اونگرين سونھين،
ديرگھ نين، تيکھ تيتھ ديکھا،
ديرگھ گبون کنڻھ تر ريکھا
(يعني ته: چئن ڊگھين شين ۾ پھريان سر جا وار، ٻيون آڱريون، ٽيون اکيون، چوٿين ڳچي ۽ ان جي ھيٺان خط)
پنھ لگھ دسن ھونھ جن ھيرا
او لگھ کچ او ننگ جن بھيرا
لگھ للاٽ دويج پر گاسو
اونا نھ لگھ چندن باسو
(ڇوٽين شين ۾، ھڪ سندس ھيرن جھڙا ڏند، ٻيو نارنگيءَ جھڙا پستان، ٽيون پھرينءَ جي چنڊ جھڙي پيشاني ۽ چوٿون چندن بوءِ دن.)
ناسک کھين کھرک کي دھارا،
کھين لنک جن کيھر بارا،
کھين پيٽ جانو نه آنتا،
کھين ادھر بدرم رنگ راتا.
(باريڪ شين ۾، ھڪ تلوار جي ڌار مثل سندس نڪ، ٻيو چيتي کي شھ ڏيندڙ چيلھ، ٽيون لڪل پيٽ جنھن ۾ ڄڻ آنڊائي ڪين آھن، چوٿان چپ جي مرجان مثل آھن.)
سوبھر کپول ديکھ ديکھ سوبھا
سبھر تنب ديکھ من لوبھا
سبھر کلائين ات بني، سبھر جنگھ گج پال
سوره سنگار برن کي کرنھ ديوتا مال
(ڀريل ۽ نرم شين ۾، پھريائين سندس ڀريل ڳل، ٻيو ڀريل ٻنڊڻ، ٽيون ڀريل ڪرايون، ۽ چوٿون ڀريل رانون: بدن جي سورھن سينگارن جي ديوتا به تعريف ۾ پوڄا ڪن ٿا.)
مٿئين مثال مان ظاھر آھي ته شاعر”پدماوت” جي سورھن سھڻن عضون ۽ اندامن جي تعريف ڪئي آھي ۽ انھن کي سورھن سينگار سڏيو آھي. ھت “سورھن سينگار” جي اصطلاح جو استعمال “بدماوت” جي فطري حسن سان تعلق رکي ٿو، ڇو ته سندس “ظاھري ھار سينگار” سان شاعر جي وصف بيانيءَ جو ڪو به واسطو ڪونھي.
ھاڻي اديبن ۽ لغت نويسن جي مٿين تحقيق، توڙي خود ھنديءَ جي استاد شاعر ملڪ محمد جائسي جي شعر مان پدماوت راڻيءَ سونھن جي تعريف وارو مثال، ثابت ڪن ٿا ته ھندي شاعريءَ ۾ “سورھن سينگارن” جي قسمن بابت ڪو متفقه طور فيصلو ڏنل نه آھي ته اھي فلاڻا فلاڻا آھن. محض سورھن جي عدد بابت ئي اتفاق آھي. ٻيو ته آيا “سورھن سينگارن” جو تعلق محض “جسماني حُسن” سان آھي، يا فقط عورت جي ظاھري ۽ مصنوعي “ھار سينگارن” سان آھي، ان بابت به ڪو متفقہ نظريو موجود ناھي. بلڪ ائين معلوم ٿئي ٿو ته انھيءَ باري ۾ ٻه مختلف نظريا آھن. (1) پھرئين نظريي جو اندازو: “شرنگار رس” جي محرڪ اساسي يعني “ھيروئن” جي فطري حسن کي جي 28 وڌيڪ اسباب چمڪائين ٿا، تن مان ۽ خود “پدماوت” جي حسن جي تعريف بابت ڏنل اٺاويھن اسبابن ۾ جسماني حسن توڙي ظاھري ھار سينگار شامل آھن. “پدماوت” واري بيان جو تعلق پڻ فطري حسن سان آھي، ان مان ھيءُ نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته “سنگار رس” شاعري جي اصلي سرچشمي توڙي ان جي ھڪ استاد شاعر جي تخيل موجب “سورھن سينگارن” ۾ فطري حُسن توڙي ظاھري ھار سينگار جون وصفون اچي وڃن ٿيون. (2) ٻئي نظريي جو مدار اديبن ۽ لغت نويسن جي ڪيل تحقيق تي آھي، ۽ ان تحقيق جو مدار غالباً ھندي شاعريءَ جي پوئين تڪلف ۽ تصنع واري دؤر تي آھي، جڏھن عام شاعرن “سورھن سينگار” جي بيانن کي محض عورت جي ظاھري ھارن سينگارن تائين محدود ڪري ڇڏيو.
ھندي عشقيہ شاعري جي شروعات واري تاريخ دؤر جي واقفيت، ۽ “سينگار رس” نالي جي حقيقت کي سمجھڻ لاءِ “رس”، “سينگار” ۽ “سورھن سينگار” جي ايتري اصولي وضاحت بعد، اسان ھن ڳالھ کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪنداسون، ته ھندي عشقيہ شاعريءَ جي ھن مخصوص تخيل ۽ ان جي مختلف مضمونن ۽ عنوانن جو سنڌ ۾ ڪيئن ۽ ڪيتري قدر چرچو پيدا ٿيو، ۽ انھن ۾ ھندي ۽ سنڌي تخيل جي آميزش ڪھڙي صورت اختيار ڪئي.

“سورھن سينگار” شاعري جو سنڌ تائين پھچڻ
سنڌ ۾ جوڳ واري شاعريءَ جو تخيل ۽ ھٽ يوگي فقيرن جا نظريا ان طبقي جي سيلاني جوڳين فقيرن جي ذريعي پھتا، “ڀڳتي شاعري” وارا نظريا صوفي تارڪن ۽ درويشن جي ذريعي رائج ٿيا، ۽ ھندي “سنگار رس” يا عشقيہ شاعريءَ جا عنوان ۽ اشعار سگھڙن ذريعي پھتا. اسان جي خيال ۾ حسن ۽ عشق جا اھي مضمون غالباً اول اول راجسٿان جي سگھڙن ڀٽن ۽ چارڻن اُتي جي راجائن، سردارن ۽ عوام جي وندر ۽ ورونھ خاطر ياد ڪيا ۽ اھڙيءَ طرح سنڌ جي سرحدي ۽ پاڙيسري رياستن، بيڪانير، جوڌپور ۽ جيسلمير ۾ انھن جو چرچو پيدا ٿيو. ان بعد “سنگار رس” شاعريءَ جا اھي دلچسپ عنوان ۽ اشعار سنڌ جي سگھڙ ڀٽن ۽ چارڻن، منچلن مڱڻھارن ۽ ٻين سجاڳ سگھڙن سنڌ ۾ رائج ڪيا. مغلن جي دؤر حڪومت ۾ “سنگار رس” شاعري عروج کي پھتي ۽ ڀائنجي ٿو ته انھيءَ دؤر جي آخر ڌاري مغل سلطنت جي ٻين صوبن ۾ به ان جو عام چرچو ٿي ويو. سنڌ ۾ ڪلھوڙن جي (ميان نورمحمد) دؤر ۾ ان جو نئون ۽ نرالو سنڌي تخيل پنھنجي عروج تي نظر اچي ٿو. ڪلھوڙن جي دؤر حڪومت ۾ سنڌ ۽ ان جي مذڪور پاڙيسري رياستن، يعني بيڪانير، جوڌپور ۽ جيسلمير جي درميان نسبتاً گھاٽا سياسي ۽ تمدني تعلقات پيدا ٿيا ۽ انھيءَ ڪري غالباً سنڌ ۽ انھن رياستن جي سگھڙن جون باھمي محفلون متيون، ذھن کليا، ۽ نه فقط ھن نئين شاعرانه فن ترقي ڪئي پر ان ۾ نوان نوان نقطا پيدا ٿيا انھن ڏينھن دوران لس ٻيلي ۽ لاڙ طرف به “سينگار” شاعريءَ جو چرچو ھو، ۽ انھن اراضين مان پوءِ جلد ئي فن “سينگار” جا وڏا استاد شاعر پيدا ٿيا. بھرحال ميان نورمحمد ڪلھوڙي واري دؤر ۾ “سينگار” شاعري اھڙي ته اؤج کي پھتي جو وڏا درويش صوفي شاعر ان کان متاثر ٿيا.
اسان جي خيال ۾ پھريائين پھريائين ھندي “سنگار رس” شاعريءَ جا عنوان ۽ اشعار سنڌ جي ٿرپارڪر واري حصي ۾ رائج ٿيا، ڇاڪاڻ ته اھو ڀاڱو، جيسلمير، جوڌپور رياستن جي علائقن سان مليل ھو ۽ انھيءَ ڀاڱي جي ڀَٽن، چارڻن ۽ سگھڙن جو راجسٿان جي سگھڙن سان زياده گھاٽو تعلق ھو. ٻيو ته انھي ڀاڱي جا سگھڙ جي سنڌي ٻوليءَ جي “ٿري- ڍاٽڪي” محاوري سان آشنا ھئا تن لاءِ ھندي اشعار سمجھڻ نسبتاٺ آسان ھئا. انھن سگھڙن جي پنھنجي طبعي شگفتگي خواه سندن مجلسن جي مخصوص رنگ رھاڻ سبب، اھي اشعار جي حسن ۽ مجاز متعلق ھئا سي انھن خاص طور ازبر ڪيا. انھي لحاظ سان پدمڻيءَ جي وصفن ۽ “سورھن سينگارن” جھڙن رنگين عنوانن سان سندن خاص دلچسپي رھي ۽ انھن بابت جوڙيل افسانن ۽ بيتن کي پنھنجي سگھڙپائيءَ جي محفلن ۽ مجلسن ذريعي عام رائج ڪيائون.
اھو ئي سبب آھي جو اھي عنوان اڄ ڏينھن تائين سنڌ جي سگھڙن جي مارڪن جا خاص موضوع آھن. ٻيو ته انھن عنوان بابت جي اشعار ملن ٿا تن کي جي گھريءَ نگاه سان ڏسجي ٿو ته انھن ۾ سنڌي ۽ سنڌيءَ جي “ٿري- ڍاٽڪي” محاورن جا الفاظ ۽ اصطلاح ملن ٿا، جن مان اسان جي مٿئين نظريه جي تائيد ٿئي ته غالباً انھن شعرن جي روايت سنڌي ٻوليءَ جي “ٿري- ڍاٽڪي” محاوري ذريعي ئي سنڌ ۾ عام رائج ٿي: يعني ته اول اول سنڌ ۾ اھي عنوان ۽ اشعار ٿرپارڪر جي ڀٽن، چارڻن ۽ مڱڻھارن جي زباني عام رائج ٿيا.