لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سهڻل جا سينگار (لوڪ ادب شاعري)

هن ڪتاب جي سهيڙ “عاجز” رحمت الله لاشاري ۽ گل حسن “گل” ملڪ جن ڪئي آهي. هي ڪتاب تنظيم فڪر و نظر سنڌ پاران سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي سهڪار سان ڇپايو ويو آهي.ٿورائتا آهيون محترم علي حسن ملاح جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي آنلائين ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪئي.
Title Cover of book سهڻل جا سينگار (لوڪ ادب شاعري)

پيش لفظ

سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ سگهڙ، شاعرن، استادن ۽ ليکڪن بنيادي/ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جو مطالعو ڪنداسين ته ٻوليءَ کي پکيڙڻ ۾ شروعاتي ڪم سگهڙن، چارڻن، ڀٽن ۽ ڀانن جو ڏسڻ ۾ ايندو. اهي ڀٽ، چارڻ ۽ ڀان شاعر به هئا ته ڳائڻا به هئا. عزت منجهان انهن کي سُگهڙ به سڏيو ويندو هو. جيئن جيئن دنيا اڳتي وڌندي وئي ته مختلف شعبن ۾ ترقي ۽ ڦوٽهڙو به جاري رهيو. هڪ شعبي مان ٻيا شعبا ڦُٽي نڪتا. ڳائڻا، شاعر ۽ سُگهڙ پنهنجي الڳ سڃاڻپ سان نروار ٿيا. ٽنهي جو تمام ويجهو رشتو آهي. ڳائڻو ڪنهن شاعر جي شاعري ئي ڳائيندو. گهڻي ڀاڱي شاعر پنهنجي شاعري ڳائيندا ناهن، رُڳو تخليق ڪندا آهن يا پڙهندا يا وري جهونگاريندا آهن. جڏهن ته سُگهڙ پنهنجي تخليق پيش ڪرڻ جو سهڻو ڏانءُ رکي ٿو. سُگهڙ به شاعر يا تخليقڪار آهي، جيڪو نه رڳو پنهنجي شاعري مخصوص انداز ۾ پيش ڪندو آهي. بلڪه ٻين شاعرن/ سگهڙن جي شاعري پڙهي ڪچهريءَ ۾ چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيندو آهي. سُگهڙ ٻوليءَ تي وڌيڪ ۽ شاعر وري تخيل تي وڌيڪ ڌيان ڏئي ٿو. ٻنهي جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي. سُگهڙ جو فن ادائگي (Performance) تي وڌيڪ دارومدار رکي ٿو.
ڪو زمانو هو جو سُگهڙن ظاهري تعليم نه هوندي به پنهنجي سيني ۾ شاعريءَ کي سانڍي زبان ذريعي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪري ٻوليءَ کي محفوظ رکيو. زماني جي ترقيءَ سان هنن همراهن به ترقي ڪئي آهي. هاڻي سگهڙائپ جي فن سان لاڳاپيل همراهه اڻ پڙهيا ناهن رهيا، تعليم حاصل ڪري نه رڳو دنيا جهان جو ادب، خبرون ۽ ڄاڻ پڙهن ٿا پر پنهنجو ڪلام پني تي پاڻ لکن ٿا. هُن زماني جي جدت کي به قبوليو آهي ته وري ٻوليءَ جي پراڻي ۽ نئين رنگ کي به پاڻ ۾ ملايو آهي. اهو سڄو اولڙ اوهان کي هن ڪتاب “سهڻل جا سينگار” ۾ نظر ايندو.
سينگار لوڪ ادب ۾ اهڙي بيت کي چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ محبوب جي سورهن سينگارن، ڳهن ڳٺن ۽ سونهن وغيره جي واکاڻ ٿيل هجي. هونءَ به سونهن ۽ سينگار شاعر توڙي سُگهڙ جي فطري ڪمزوري رهيا آهن. دنيا جو شايد ئي ڪو شاعر هُجي، جنهن محبوب جو ذڪر ته ڪيو هُجي پر سندس سينگار جو ذڪر نه ڪيو هُجي.
سينگار ٺيٺ عشقيا صنف آهي، پوءِ اهو محبوب مجازي هُجي يا حقيقي، نبي ڪريمﷺ کي پنهنجو محبوب سمجهي سينگار ۾ ساراهيو ويندو آهي. سنڌيءَ ۾ ان جو بنياد هندي دوها چيا وڃن ٿا. انهن دوهن کي سنڌ جي شاعرن ۽ سُگهڙن پنهنجو رنگ ڏئي سينگار بڻائي ڇڏيو. اُردوءَ ۽ هنديءَ ۾ سينگار کي سِنگهار چيو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ ٺاهه ٺوهه ۽ سجاوٽ آهي.
سينگار جي بيتن ۾ تشبيهن ۽ استعارن جي اُڻت اهڙي ته من موهيندڙ هوندي آهي جو ٻُڌندڙ ۽ پڙهندڙ سرور ۾ اچي ويندو آهي ۽ اُن مان محبوب جي سونهن جو تجلو نظر ايندو آهي. سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ جيڪي محبوب جي سونهن جي باري ۾ بيت چيل آهن، انهن کي جيڪڏهن سينگار بيت سڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، اهو سلسلو اڄ جي جديد شاعرن تائين هلندو اچي پيو ۽ هلندو رهندو. ان سلسلي ۾ مثال لاءِ هڪ ڪلاسيڪي ۽ هڪ جديد شعر ڏجي ٿو.
چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان نه پرينءَ سين
تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نِت سوجهرا
(شاهه لطيف)

صاف کير جيئن، جوڀن تنهنجو
نرم مکڻ جيئن، تن من تنهنجو
کير مکڻ سڀ سهڻي آ
چنڊ ته آهي ڇاڇ ڇڙي وو!
(نارائڻ شيام)
مٿيان بيت سڌا سنوان سينگار جا بيت ته نه ٿا چئي سگهجن پر انهن ۾ محبوب جي سونهن ۽ سينگار جو ذڪر آهي. هاڻي هيٺ اهڙو بيت ڏجي ٿو، جيڪو سُگهڙ “بردي” جو آهي ۽ ان کي سينگار بيت سڏجي ٿو.
سون ورني سُهڻي، اڌر عجب گل رنگ
ڪيسرِ لنڪي ڪامڻي، ڪومل نين ڪُرنگ
ناس ڪڪيلو، ڪوئل بيني، ڀرون ڀئونر ڀَوَنگ
تَليهر وڌِ تَرنگ، ٿي بيهوش ڪِري “بردو” چئي.
(اَڌر: چپ، ناس: نڪ، ڪڪيلو: چتون/ طوطو، بيني: آواز، ڀَوَنگ: نانگ)
اها سون جي رنگ جهڙي آهي ۽ چپ گلاب جي گل جهڙا، نڪ طوطي جيان، آواز ڪوئل جهڙو ۽ ڀرون نانگ جهڙا اٿس.
عورت جي سورهن سينگارن جي جيڪا ڳالهه ڪئي ويندي آهي، سگهڙن پاران انهن کي چئن حصن ۾ ورهائي ڀيٽيو ويو آهي. (1) چار چلنت (هلندڙ جانور)، (2) چار اُڏنت (اُڏندڙ پکي)، (3) چار ڦول (گل)، (4) چار ڦل (ميوا)، انهن شين جي خوبين کي عورت جي سينگار سان ڀيٽيو ويو آهي.
چار هلندڙ: (1) مرگهه نيني (هرڻ اکي، (2) ڪيهر لڪي (شينهن جهڙي چيلهه)، (3) اَسپ (گهوڙي جهڙو ناز نخرو)، (4) رد/ هاٿي (هاٿيءَ جهڙو هلڻ)
چار اُڏندڙ: (1) ڪڪيلو (طوطو): نڪ طوطي جهڙو، (2) ڪوئل: ڳالهائڻ ڪوئل جهڙو مٺو، (3) مور: ڳچي مور جيان ڊگهي ۽ سنهي، (4) ڀونر (ڀونئر پکي ته ناهي اڏامندڙ ڪارو جيتامڙو آهي): ڀرون ڪارا ائين هجن جيئن چمپي گل تي ڀونر.
چار ميوا: (1) ڪيلو: هٿ ڪيلي جي ڦريءَ جهڙا نرمِ، (2) اڏار (ڏاڙهون) ڏند ڏاڙهونءَ جي داڻن جهڙا سهڻا، (3) سوپاري: کُڙي سوپاريءَ جيان ننڍڙي ۽ گول هجي، (4) ناريل: ڪامڻيءَ جي پستان سندس چوليءَ اندران ناريل وانگر لڳن.
چار ڦول: (1) گلاب: چپ ۽ ڳل گلاب جهڙا، (2) سوسن: وار سوسن جي گل جهڙا ڪارا، (3) ڪيسر: بدن ڪيسر (گل زعفران) وانگر سدا بهار ۽ خوشبوءِ وارو، (4) ڪنول: مُنهن ڪنول جي گل جهڙو خوبصورت.
ضروري ناهي ته هر ڪو سُگهڙ رڳو اهي ئي چار چلنت، چار اُڏنت، چار ڦول ۽ ار ڦل پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪم آڻي. پنهنجيءَ پسند مطابق تشبيهون تبديل ڪري سگهي ٿو. مٿي رڳو سمجهائڻ لاءِ نالا ڏنا ويا آهن.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي ڪتاب “لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو” مان مٿيون وضاحتون ڏنيون ويون آهن هو رام گلام رام جي ڪتاب “رام لگام شبد ڪوش”، جيڪو لڪشمي وينڪٽيشور ڇاپي خاني ڪلياڻ، سنبت 1967ع ۾ ڇپرايو، جي حوالي سان عورت جا هيٺيان سورهن مجازي يا مصنوعي سينگار بيان ڪري ٿو:
(1) بدن صاف ڪرڻ، (2) وهنجڻ، (3) صاف پوشاڪ پهرڻ، (4) ڪجل لڳائڻ، (5) لاک جي رنگ سان پير ڳاڙها ڪرڻ، (6) وار سنوارڻ، (7) سينڌ ڀرڻ، (8) نرڙ تي تلڪ ڪڍڻ، (9) ميندي لڳائڻ، (10) کاڏيءَ تي تل ڪڍڻ، (11) بدن کي خوشبوءِ لڳائڻ، (12) زيور پائڻ، (13) گلن جو هار وارن جي چوٽيءَ ۾ ويڙهڻ، (14) پان کائڻ، (15) ڏندن کي مِسي هڻڻ، (16) لبن کي لال ڪرڻ. (صفحو 143)
اهي سڀئي سينگار هاڻي جديد طريقن سان ڪيا وڃن ٿا. پراڻا وکر به نئين انداز سان بازار مان ملن ٿا. هر خطي ۾ طور طريقا به ڪجهه مختلف آهن. جيئن هندو ڌرم ۾ تلڪ ٿئي، جڏهن ته سنڌ ۾ شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ عورتون پنهنجي طريقي سان پاڻ کي سينگارن، جنهن جي شاعر عڪاسي پڻ ڪن ٿا.
سينگار بابت عاجز لاشاريءَ پنهنجي مقدمي ۾ تفصيل سان لکيو آهي. وڌيڪ ڄاڻ لاءِ ان جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو.
هِن ڪتاب جو نالو به ڏاڍو سهڻو رکيو ويو آهي. جڏهن مان ريڊيو پاڪستان تي هوندو هئس ته رونا ليليٰ جي ڳايل انهن ٻولن کي اڪثر پنهنجي پروگرامن ۾ ڏاڍي چاهه سان نشر ڪندو هئس.
سهڻل جا سينگار، وهه واهه دل کي وڻڻ ٿا.
دل کي وڻڻ ٿا، ڏاڍا سهڻا لڳن ٿا.
سهڻل هڪ جامع لفظ آهي هر ڪو اهو لفظ پنهنجي پنهنجي محبوب لاءِ ڪتب آڻي ٿو هن ڪتاب ۾ سگهڙن پنهنجي محبوب جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي آهي. اڪثر سگهڻن جو محبوب هن ڪائنات جو ڪارڻي حضرت محمدﷺ آهي، جنهن جي ساراهه ۾ سگهڙن وسان نه گهٽايو آهي. مجاز محبوب جي تعريف به واهه جي ڪئي وئي آهي. سونهن ۽ سينگار جون سُرڪون ڀريون ويون آهن.
هتي مثال لاءِ “گل حسن گل” جو هڪ ٽيهس سينگار ڏجي ٿو، جنهن ۾ چنڊ جا ٽيهه نالا آهن:
قمر، بدر، طوبا جوڙ نه اڳيان جاني،
درڳ، ڌڄراج، مڌاشِ، نشاقر نوڪ نوراني،
اند، هلال، هسند، سَسُ نه سڄڻ ثاني،
چن، چندرما، چاند، بڻيو ستارن باني،
پورن، پونم، پهلو، جڏهن سونهن ڏٺي سلطاني،
نوخ نمايو سهڻي صورت جلوي جوت جواني،
مڪرند، اُماس، عَجيبَ قدمين، سن، چندورو فاني،
پونو، پانو، پنرو، چڱڙو، لعلڻ پرلا ثاني،
مون، ماهه، مهتاب، تنهن کان سرس سڄڻ سبحاني،
چنڊ چٽائي مرڪ مٽائي، راز هتي هو رباني،
حَسين ويا “گل ملڪ” هٽي، ٿي حورن کي حيراني،
خان هُجي ڪو خاني، ته به حُسن وڌ حبيب جو،

ڪتاب شايع ڪرڻ تي ڇپائيندڙ اداري ۽ مرتب عاجز لاشاريءَ کي واڌايون ڏيان ٿو. عاجز لاشاري صاحب جون لوڪ ادب ۾ تمام گهڻيون خدمتون آهن. هتي سندس مختصر تعارف ڏجي ٿو.
عاجز رحمت الله گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. هڪ ئي وقت هو مذهبي عالم، نعت خوان، مولودي، قاري، صحافي، سگهڙن جو اڳواڻ، مختلف ڪتابن جو ليکڪ، ٽي وي ڪمپيئر ۽ سلجهيل سگهڙ آهي. سندس ڄمار ته ننڍڙي آهي پر هُن ڪم وڏا ڪيا آهن. خاص ڪري سگهڙائپ جي شعبي ۾ تمام ٿورڙي عرصي ۾ هُن گهڻا ۽ معياري ڪم ڪيا آهن.
هيءُ همراهه سگهڙن جي سُکن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو، پنهنجن سينيئر سگهڙن سان گڏ مختلف تنظيمن ۾ رهڻ کان پوءِ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي باني مميبرن ۾ به شامل ٿيو، هينئر ان جو مرڪزي اڳواڻ آهي. ان تنظيم جي پليٽ فارم تان هو سگهڙن لاءِ جاکوڙيندو رهي ٿو، سندس ديني خدمتون به جاري آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب عاجز لاءِ لک ٿو ته: “سنڌ جو سگهڙ بنيادي طور مذهبي شاعر رهيو آهي. پر هن سگهڙ ۾ اعليٰ گڻن واريون سڀئي خوبيون سمايل آهن. مذهب سان گڏ ادب، صحافت، خطابت، امامت، تدريس جي ڄاڻ سميت نظم ۽ نثر به سٺي نموني سرجيندڙ آهي. هي سڀئي مڻيا جا موتي ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ملندا آهن. (رنگ رحمت الله جا، 2 129)
دعا آهي ته سندس ڪم جي رفتار ۽ معيار جاري رهي ته جيئن خاص ڪري لوڪ ادب جي وڌ ۾ وڌ خدمت ٿي سگهي.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
چيئرمن
سنڌي شعبو، وفاقي اردو يونيورسٽي
عبدالحق ڪئمپس، ڪراچي