مقدمو
اڄ کان پنجاھ يا سٺ سال جي وٿيءَ کي سنڀاليندي تجربو ٿيو ته “لوڪ” جو لفظ سنڌي پڙھندڙن کي سامھون آيو ۽ آھسته آھسته مرحليوار ڪتابن جي زينت بڻبو ويو ۽ خاص طور اھو سڀ ڪجھ ورھاڱي کان پوءِ ئي ٿيو آھي.
ڏٺو وڃي ته سنڌ جي ھر ادب شناس پنھنجي ٻوليءَ جي عوامي يا قومي ادب لاءِ جاکوڙيو آھي ۽ لوڪ ادب جي سھيڙ ۾ ڪنھن نه ڪنھن طرح سان نالو ڳڻايو آھي پر انھن سڀني ۾ زياده “لوڪ ادب” جي کوج ڪرڻ ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ڪچھريون ڪوٺائي، لوڪ ادب جا جدا جدا روپ سھيڙڻ سان گڏ ان جو تنقيدي اڀياس ڪرڻ جي حوالي سان جن عالمن باقائده شروعات ڪئي تن ۾ مُحسنِ سنڌ علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جا نالا سونھري اکرن ۾ درج ٿيل آھن. جن جاکوڙين ڏونگر ڏوري، رڻ پٽ روڙي، ڪَمرڪَڇي سنڌ جو چپو چپو گُھمي، سنڌي لوڪ ادب جا املھ ماڻڪ گڏ ڪيا آھن ۽ انھن جو چونڊ حصو ڇپائي ظاھر به ڪيو آھي، جنھن وسيع پيماني تي تحقيقي ڪم ڪري پاڻ ملھائڻ ۾ ھنن ھزار ڀيرا کيرون لھڻيون.
اصل مقصد تي اچڻ کان پھرين ھڪ نظر سنڌ جي لوڪ رنگ کي ٻھڪائيندڙ ۽ بچائيندڙ ذريعي اوطاق ۾ ٿيندڙ “ڪچھريءَ” تي وجھنداسين ۽ سنڌ جي سماجڪ پسمنظر کي ڳولينداسين ته تاريخ جي ان سونھري باب جي سونھن توڙي سوڀيا کي ساريندي نيڻ اشڪبار ٿي رھيا آھن.
اڃان جڏھن سنڌ اندر ڪڙمڪي ڪم لاءِ مشينون ايجاد نه ٿيون ھيون ۽ نه ئي وري سئنيما ڪلچر جو عروج يا ڪئبل توڙي ڊش اينٽينا پھتي ھئي، بس خلائي رفتار ذريعي ريڊيو ئي ملڪي صورتحال جي واءُ سواءُ جو ذريعو ھو، تڏھن اڃاتائين انٽرنيٽ ۽ موبائل فون جو آزار نه ھو ته ان وقت ڳوٺن ۾ رھندڙ عالم لوڪن لاءِ “ڪچھري” وندر ۽ ڄاڻ جو مکيه وسيلو ھو. سنجھو پلاڻي ھرڪو ڪڙمي، ڪاسبي، ڪم ڪار کان واندو ٿي، رات جي مانيءَ جو اونو لاھي اچي ڪنھن اوطاق ۾ ڪٺا ٿيندا ھئا، جنھن ۾ ھڪڙا ھوندا ھئا ٻڌائڻ جا ملوڪ ته ٻيا وري سُڻڻ جا سالڪ، وچ ۾ رکيل چلم يا حُقو به ڇڪيندا ۽ ڪچھريءَ ۾ پنھنجي پنھنجي نموني جي سوکڙي به ٻڌائيندا جيئن جيئن ڪچھري پئي مچندي ھئي تيئن تيئن پيا باغ بھار ٿيندا ھئا، من ۽ تن کي ملوڪ گفتن ۽ سھڻن سُخنن توڙي سچن ٻولن سان پيا تازو ۽ توانو ڪندا ھئا ۽ ايترا ته محو ٿي ويندا ھئا جو سڄي ڏينھن جي ٿڪاوٽ جو احساس به کين نه ھوندو ھو، ان ڪچھريءَ ۾ ٻئي ادبي ماحول سان گڏ کل ڀوڳ ۽ راڳ رنگ به ٿيندو ھو، ان ڪچھريءَ ۾ وڏا چاھي ننڍا، ٻار چاھي ٻڍا، عالم توڙي اڻ پڙھيل بلڪل سڀئي ھڪ ئي سليقي سان با ادب رھندا ھئا، ڪچھريءَ ۾ پنھنجائپ ۽ ڀائپيءَ وارو ماحول ھوندو ھو، غير دستوري طور ڪجھ به ٻڌائي سگھبو ھو، ڪچھريءَ ۾ ھنر، فن جي اظھار جي عام اجازت ھوندي ھئي، ڪچھريءَ جي فضا ۽ ماحول ايترو ته وڻندڙ ھوندو ھو جو گھڻن ڏينھن تائين ان جي ياد تازي ھوندي ھئي شريڪ سُريلا ۽ سيبتا سگھڙ پنھنجن لوڪ ادب جي لاتين ذريعي پنھنجو لوڪ ثقافتي ورثو قائم ۽ دائم رکندا پئي آيا.
اھا به ھڪ حقيقت آھي ته جيڪو علم ۽ ادب، ڳوٺاڻن، ھارين، نارين، پورھيتن جي سيني ۾ سانڍيل ۽ سمايل آھي، اھو اسانکي ڪنھن به شھريءَ ۾ اصل ڪو نه ٿو ملي.
ٻھراڙين ۾ رھي ڪري لوڪ ادب جا بي مثال ۽ بيشمار خزانا سينن ۾ سانڍيندڙن جي سڃاڻپ سگھڙ طور ٿيندي آھي، معنى، سٺو، سھڻو يا سليقي مند جنھن جي ڏات ۽ ڏاھپ جا گوھر نرالا ۽ نوان ھجن، جنھن جي اکرن جو اچار نج ۽ لفظن جو گھاڙيٽو وزندار توڙي خوش اصلوبيءَ وارو ھجي نون نقطن جي پلٽار جي باني کي سگھڙ سڏبو آھي.
سگھڙ لفظ کي مختلف معنائن ۾ بيان ڪيو ويو آھي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي موجب سگھڙ سنسڪرت جي شوگھٽ مان ورتل آھي. شو+ گھٽ گھڙيندڙ- سيبتو. ٻئي معنى آھي، سؤگھڙ، معنى سوين قسمن جي گھڙت ڪرڻ وارو، سگھڙائپ جي فن کي پرکڻ مان پتو پوي ٿو ته واقعي به ان وٽ سوين گھڙون (جوڙون+تخليقون) آھن. لوڪ ادب جي رنگ ۾ سگھڙن سنڌي ٻولي کان سواءِ ڪيترين ٻولين ۾ شاعري ڪرڻ، ڳجھارتن جي ڪيترن ئي قسمن ۾ پروليون يا ٽه ڳڻا، (گروچيلو) چوڻ، ھُنر جا لاتعداد گھاڙيٽا بڻائڻ، بيت بنا نقطي، ھڪ لفظ تي واسع الشفتين (چپُ چَپَ سان نه ملي) وغيره جھڙا کوڙ سارا عنوان لوڪ ادب شاعري ۾ لکن ٿا جيڪي، “سؤگھڙ” جو دليل آھن.
عوامي راءِ موجب سُگھڙ کي “سو ئي گھڙ” ڪرڻ وارو به چيو ويو آھي، سوئي = چونڊي، گھڙ = ٺاھڻ، جنھن جي معنى چونڊي ٺاھيندڙ ٿئي ٿو، ته سگھڙن جون ڳجھارتون ھجن يا ڏور جا بيت ان ۾ ڳجھارتن جا بند يا پاوا، توڙي ڏور بيتن ۾ ڳُجھن، لڪيل لفظن جا انبار به ڏات ڌڻين پاران ھڪ ھڪ لفظ ڪري چونڊيا ويندا آھن، ساڳيءَ ريت سينگار شاعريءَ تي “ڏھس” وارن بيتن ۾ پڻ سوئڻ کان ڪم ورتو ويندو آھي.
سگھڙن لوڪن ۾ نئين جوت جاڳائي انھن جي زندگيءَ ۾ ڪار وھنوار جي سفر کي ڪنھن حد تائين سئولو ڪري ڇڏيو آھي. سگھڙن سنڌ جو اھم، اڻ ميو خزانو محفوظ ڪري پاڻ وٽ رکيو آھي. ان قيمتي خزاني کي ھنن نه صرف سانڍيو، سنڀاليو آھي پر وڌايو به پڻ آھي ۽ ھميشہ ان ۾ نت نوان خيال جوڙيندا رھيا آھن، ائين کڻي چئجي ته سگھڙ شاعريءَ جي ابتدائي يا پھرين منزل آھي. لوڪ ادب جي باغ جي آبياري ڪندڙ، باغبان سگھڙ آھن. ھن نوڙت ۽ نياز، سڪ ۽ محبت، فن ۽ فڪر جا ڌڻي آھن جيڪي ٻوليءَ جي ھنرمنديءَ جا ماھر سڏيا وڃن ٿا ۽ اھي لفظ اچارڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ناھي ته جيستائين اسانجا سگھڙ حيات آھن، تيستائين سنڌي لوڪ ادب کي ڪو به لوڏو لھر نه آھي.
افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته “سلات” جي ڏھن سالن جي جدوجھد دوران ڪيل مشاھدن موجب مون ڏٺو ۽ ٻڌو ته پاڻ کي اعلى اڪابر سمجھندڙ ڪجھ نام نھاد اديبن، سگھڙن بابت رايا ڏنا ته سگھڙ شاعر ناھي ۽ سندس ڏات کي ادب نٿو چئي سگھجي. ان ڪشمڪش ۾ منھنجي کوج جاري ھوندي ھئي ته آخر ان جو مستند جواب نظر آيو.
سگھڙائپ کي شاعريءَ کان جدا فن سڏيندڙن بابت سنڌ جو نامور محقق عبدالوحيد جتوئي پنھنجي 1998ع دوران تصنيف ڪيل ڪتاب، “سنڌي شاعري فن کان فڪر تائين”، جي صفحي نمبر 188 تي لکي ٿو ته:
اسان وٽ ھڪ معاملو تمام گھڻي وقت کان بحث ھيٺ رھيو آھي ته “سگھڙائپ شاعري ناھي” ۽ “سگھڙائپ شاعري آھي” ڪنھن دوست چيو ته سگھڙ پائي فن آھي، جڏھن ته شاعري ڏات آھي. پر آئون ان دوست کي ٻڌائيندوھلان ته ڏات جي ڀيٽ ۾ ڏانءُ يا فن ڏکيو ھوندو آھي. ڏات ڌڻي تي”آمد” ٿيندي آ. جڏھن ته ڏانو ۾ “آوردن” ڪم ايندي آ. يعني ھڪڙي ماڻھوءَ کي ڪا ٺھيل ٺڪيل شيءِ ٿي ملي، ۽ ٻيو وري ساڳي شيءِ پاڻ ٿو پيدا ڪري. اسان اھو چڱي طرح سمجھون ٿا ته ڏات ڌڻيءَ جي نسبت ۾ ڏانءُ ڌڻي (فنڪار) جو ڪم، ڪجھ گھٽ درجي جو ھوندو آھي پر ان جو اھو مقصد ته ناھي، ته فنڪار جو ڪم ان زمري ۾ شامل نٿو ڪري سگھي. ھرگز نه! ڇو جو سگھڙ پائي جيڪڏھن نظم (شاعري) ناھي ته مشڪل سان نثر به ته ناھي نه!جيئن ته اسان ھاڻي چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا ته سگھڙپائي ۾ منظوم خصوصيتون تمام گھڻيون ھونديون آھن، جن ۾ قافياگيري يا تُڪ بندي، رواني، لفظن جي نزاڪت انھن جي منظمي، شاعرانه سٽاءُ ۽ بيھڪ وغيره ۽ ھا رھي ڳالھ لفظي يا نظمي غنائيءَ جي جيڪڏھن سگھڙائپ، غنائيه ڳائجندڙ شاعري جي رنگين خوبين کان وانجھيل آھي ته اها بياني شاعري جي ھر خوبي سان وري سر شار ضرور آھي. ڇو جو اسان پنھنجي سگھڙ کي ڪڏھن ڪربلائي واقعي جو منظر چٽيندي ڏسندا آھيون، ته ڪڏھن پنھنجي محبوب جي واکاڻ ڪندي ڳوليندا آھيون، ڪڏھن ھوش محمد شيدي سان جنگ ۾ ھمراھ ڏسندا آھيون ته ڪڏھن وري کيس سسئي سان گڏ ڪوھياري ڳائيندي ٻڌندا آھيون. چوڻ جو مقصد اھو ته سگھڙپائي به بياني شاعري جي دائري ۾ اچي وڃي ٿي. ۽ دوستن کي اھو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجھان ته سگھڙ بياني شاعري جو روان درياھ ھوندو آھي. جيڪو ھڪ ئي وقت ڪئي قصا، عشقيه داستان ۽ الميه آھون بيان ۾ اُڻي ٿو سگھي. اھو ئي سبب آھي، جو اسانجي روايتي ڪچھرين ۾ جيڪو لطف ۽ رونق سگھڙ پيدا ڪندو آھي، اتي اسان جو شاعر خاموشيءَ کان ڪم وٺندو آھي. جنھن جي ڪري ئي سگھڙ کي ڪچھريءَ جو ڪوڏيو ۽ محفل جو مور چيو ويندو آھي. ھونءَ به ھڪ ئي وقت سوين منظوم واقعا ياد پڙھڻ انھيءَ ڳالھ جي چٽي نشاندھي ڪن ٿا ته سگھڙ شاعر به آھي ۽ سندس ڪم وري شاعرانه گڻن سان ڀرپور آھي. جيڪو ٻڌندڙ کي محظوظ ڪري ٿو ۽ مٿس اثر انگيز ٿئي ٿو. اسان وري جيڪڏھن ادب جي حوالي سان ڳالھ ڪريون ته سگھڙ اتي به مناسب لڳندو ۽ پنھنجي ڪم جي حوالي سان سورھن آنا ٺھڪندو. ڇاڪاڻ ته ادب به ٻن نمونن جو ٿيندو آھي. پوءِ اھو دنيا جي ڪھڙي به ٻولي ۽ قوم جو ادب ھجي پر ان جا ٻه نمونا ٿيندا آھن.
1) پڙھيل لکيل طبقي سان منسلڪ ادب، جنھن کي معياري ادب ٿا چئون.
2) گھٽ پڙھيل يا وري صفا اڻ پڙھيل طبقي سان وابسته، جنھن کي لوڪ ادب يا ماڻھن جو ادب چئبو آھي.
ڪھڙا ماڻھو؟ جيڪي ڪنھن به زبان جي آدم شماري جو گھڻو حصو والاريندا ھجن. ڏسڻو اھو آھي ته ڪنھن به ملڪ جي آدمشماري جو گھڻو حصو ڪٿي ھوندو آھي؟ ظاھر آھي ان جي ٻھراڙين ۾، ۽ ٻھراڙين ۾ وري اڻ پڙھيلن جو انگ ڪجھ سرس ھوندو آھي. جنھن ڪري اتان جو ماڻھو/ رھاڪو خاص نه، پر عام ماڻھوئي چوڻ ۾ ايندو آھي. اھڙي طرح جڏھن ڪنھن به ملڪ جي ڪا به صنف، پوءِ ڀلي ادبي ھجي، سياسي ھجي، معاشي ھجي يا معاشرتي ھجي، جنھن کي ساڳي ملڪ جي ٻھراڙين ۾ بيحد پسند ڪيو وڃي ته اھا صنف عوامي صنف طور ڄاتي ويندي آھي. پوءِ ضروري ناھي ته اھا صنف، (شاعر، اديب، فنڪار ۽ سرمائيدار وغيره) پيدائشي يا رھائشي طور ٻھراڙيءَ سان ئي واسطو رکندڙ ھجي اھا ڪٿان جي به ٿي سگھي ٿي.ساڳي ڳالھ اسان جي سگھڙ جي به ٿي وئي، جنھن جو واسطو ٻھراڙيءَ سان ھوندو آھي. ۽ ھوندو به صفا اڻ پڙھيل يا گھٽ تعليم وارو آھي. پر ھن ۾ لوڪ ادب جون لاتعداد ۽ لامحدود خوبيون موجود ھونديون آھن. جنھن جي ڪري کيس لوڪ ادب جي پاسبان ۽ لوڪ ادب جي مصنف طور ڄاتو ويندو آھي، يا ٻين لفظن ۾ کيس (لوڪ ادب جو) اڻ ڇپيل ۽ ڳالھائيندڙ ڪتاب چيو ويندو آھي. مطلب ته جھڙي طرح معياري ادب ۾ شاعر جو مقام ھوندو آھي. اھڙي طرح لوڪ ادب ۾ سگھڙ جو به مقام آھي.
نوجوان اديب عبدالوحيد جتوئي صاحب جي تفصيلي ۽ تحقيقي معلومات ڏيڻ کان پوءِ ھڪ نظر لوڪ ادب جي فن تي به وجھون ٿا ته ان جي شاعري جو ڏانءُ ۽ ڏاھپ جو گھاڙيٽو ڪيئن ۽ ڪھڙي طرح آھي.
لوڪ ادب کي سمجھڻ لاءِ ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري ڀرسان عبدالصمد چنه جي ڳوٺ جي رھواسي نوجوان ۽ تعليم يافتا سگھڙ راحب علي چني جو لکيل نج لوڪ ادب تي ٻڌل “ڏاندن جا قسم، انھن جا سجاوٽي سينگار” ۽ ڏاند گاڏيءَ سميت ڍڳن ذريعي استعمال ٿيندڙ ڪڇري، (سانھر) وغيره جو ھي بيت ڏجي ٿو جنھن مان ٻوليءَ جي حُسناڪي ۽ لوڪ ادب شاعري جو نجپڻو ظاھر ٿئي ٿو.
“ڏاندن جا قسم، انھن جا سجاوٽي سينگار”
جوڙي جوڙ جھان جي، آصاحب رب سڪندر
رمز وارا ھن راڻي جوڙيا، مالڪ سڀ منظر
انسانن مٿان آگي وڏا، رنگ لاتا رھبر
دوستو ڪيان ٿو دل سان، ھي گفتو ٻڌو گوھر
ته ڏاندن جون جنسون ڏاھپ سان، ڪيان ذوقئون ٿو ظاھر
جھرا، ڪارا، بگا، ڀولا، عام ڌارين اڪابر
نھرا، ناسي، ڳاڙھا، ڀوما، اعلى سي انٽر
ڪڪڙا، ڪٽا، ساوا، تيلا ٻيو ڀورا وڻن بھتر
سنڱر، چونئرا، واچين وٺائين ڪنڊا ساھ ثمر
ٻولائن کي ٻھڪن ڏسي، ڌاريندڙ دلبر
تاسرا، تجلا، ڪجلا ڪافي، وڌ جذبا تن جوھر
ڏاندن کي ڏني ڏاڍي آھي، طاقت ھي تونگر
ڀٽارا ڪم ٿا بي حد اچن، ڀائو سي ڀلر
گاڏيءَ جڏھن گوبر، جُٽن، ڪرڙا کڻن ڪر
ڏاند گاڏي برابر تن جي، ٺاھي قميتي ڪاريگر
ڳن وڌائينس کرڙي، سرڙي، جھريون جان جگر
ڪڇريون، تاڙيون، قميتي تنھن ۾، وڌس ارا اڪابر
ٻيو طاق تنھن ۾ طاقت وارا، اٿس زور زبر
ٿنڀريون، ڪڪريون، ڪرھو ڪيڏو، وڌو اٿس وينجھر
جھاليون، سرائي، لار لاکيڻي، ھنيانءُ ٺار ھر ھر
وھاڻي، منجو، پيرا پياري، وڌس مان ڀرئي ماسٽر
ٿانڀو، ونگ ۽ ڪليون، ڪوڪا وڌ ڪوڏن منجھ ڪثر
ڪلا، پَٽُ ۽ چِٽَ سھڻا سر رکيس لال لھر
ڊکڻ منھنجي روح جا راڻا، جن ھيرا ٺاھيا ھر
ڪڇريون ٺاھيئون قيمت ور ۽ سون جھڙا سانھر
پاڃاري واھ پرينءَ ٺاھي پر وڌ ڏورڻن کي ڏر
ھاڻي ٻڌو ھي خبر اي قربائتئو ڪونڌر
ته شوقين ٺاھن شوق مان، ٿا عجب ناڙو انور
ڳھ ڏاندن کي ڳانيون سَريون، اتم ٺھن اڪثر
نٿ، رسو ۽ پنجوڙيون پياريون، زور ڀلا زيور
جُھلون ڏاندن کي جام ٺھن، ٻيو جيءُ ٺاري جھالر
گوبرن جو گويون رکن، سالڪ سمجھ ور
پري پري کان پيارا اچن، ميڙي جا ماھر
جوڙو کٽي جڏھن جنھن جو، ٽھڪيو ڪن ٽھڪر
ڪي جُھمريون ھڻن ٿا جانبڙا، ٻڌي دھلن جا دڌڪر
ڪي فائر ڪن فقير چئي، مانَ ڀريا معتبر
“چنا” سب ڪو چين ٿو ڀائين، گنج ڏسي گوبر
ڇا لکي ۽ ڇا تون لکندين، شوق منجھان شاعر
راڻي توکي “راحب” ڏني، ڏات اٿئي ڏاتر
پاڪ ڌڻي پرور، اٿئي اڏيو “عبدالصمد” ۾
ساڳي طرح مٿئين بيت ۾ جھڙي طرح لوڪ ادب جو نجپڻو نظر اچي ٿو اھڙي طرح وڌيڪ سمجھائڻ خاطر راقم الحروف (عاجزلاشاري) جو لکيل “ڪُڙميءَ جي ڪِرت” سان لاڳاپيل استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ جا نج لفظ ھن بيت ذريعي لکجن ٿا.
ڪُڙميءَ جي ڪِرت
سدائين ھجن سَرھا، سانگي منھنجا سنگھار
ھاري سڀئي ھُنرائتا، ويڙھيچا وينجھار
“اَلۡڪَاسِبۡ حَبِيۡبُ الله” آچيو نبي ننگدار
ڪي ريج ڪن ڪئنالن جو، ڪي نر وھائن نار
آڌيءَ، اسر، صبح، سانجھي، ھُرلي تي ھوشيار
ٻيجاري واري ٻنيءَ ۾، لوٻي ڪن لڄادار
ھر ھلائن حرفت سان، ٿا چاھ رکي چوڌار
وڏا ڀتر وٽوھڙ سان، سي ڀورين ٿا ته ڀتار
سڌي نه ٿئي سموري، ته پوءِ ڪيڻ جي ڪنس ڪار
ڪوڏر کڻي کوٽائي ڪن، سي ڪلھا ھڻي ڪنڌار
ٻاھرئين پاسي ٻنا ٻڌن، ھي ڏاھا کڻي ڏاندار
ڪھاڙي سان ڪپي اچن، ڊنگھرن وارا ڏار
ٻيانو کڻي ٻاھران ڏين، ڪي لوڙھو وري ڌار
کھيڙي سان کوٽي ڪڍي، گاھ ڪن گلزار
ڪنھن ڇاٽو ڪيو ڇر ۾، ڪنھن رونبي جي ڪئي ونگار
فصل پوءِ فرحت سان، نسري ٿئي نروار
اونھارو، سيارو، سرءُ، يا ھجي مند بھار
کڻي کانڀاڻي پيھي مٿان، ھڪلن ويھي جھار
پوءِ ته ڏاھا ڏاٽي سان، ٿا لڻي ڪن لابار
ولِ کڻي وريام ڪن، ٻين کان وڏي ٻار
ڳاھي ڳاھ ڳوٺاڻا، ٿا راھ وڏي ڪن تيار
تورڻ لاءِ تڪڙو ويھي، ڪانٽي تي ڪمدار
کڻي ڪڻا ڪُڍيءَ جا، ھاري ٿي ھوشيار
“عاجز” ادا اھي اٿئي، ڪڙمي جا ڪردار
صاحب رب ستار، لطف ڪَيُس “لاشاري” چئي
ان لوڪ ادب جي خالق سگھڙن کي ھن ادب جو پاسبان يا تصنيف ڪندڙ سان گڏ “بياني شاعريءَ جو روان درياھ” سڏيندڙ نوجوان محقق عبدالوحيد جتوئي آخر ان ڳالھ کي به کولي ٿو ته ھي سٻاجھا سگھڙ پنھنجي علاقائي زبان جا ترجمان آھن ۽ سندن پڙھڻي به انھن عام ۽ سادن لفظن ۾ ھوندي آھي ته ھاڻي ان ٻوليءَ، جنھن کي اسان سنڌي ٻولي سڏيون ٿا، ان جي حقيقت کي سمجھڻ لاءِ اديبن جا رايا معلوم ڪريون.
سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن اُلھاس نگر (ڀارت) پاران شايع ڪيل ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻي جي ترتيب ڏنل ڪتاب “سنڌي لوڪ ورثو” جي مھاڳ ۾ ڀارت جو نامور ليکڪ ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي ڪتاب جي صفحه نمبر 44 تي لکي ٿو ته:
سنڌي ٻوليءَ جا اٽڪل ڇھ لھجا ليکيا ٿا وڃن. جيڪا سنڌي ٻولي، اسان سنڌي درسي ڪتابن ۾ پڙھون ٿا يا لکون ٿا، اھا ئي فقط سنڌي ٻولي ناھي پر سنڌ جي جدا جدا حصن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا الڳ الڳ لھجا آھن.
سنڌي زبان (ٻولي) جي لھجن (محاورن) ۾ سرو، وچولو، لاڙي، ٿري، ڪوھستاني ۽ ڪڇي نمايان آھن.
وري انھن مان ھر ھڪ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ننڍن لھجن يا محاورن ۾ ورھايل آھي. جاگرافيائي حالتن سبب ائين ٿئي ٿو، ان کان سواءِ مختلف ھنر مندن ۽ ڪمين ڪا سبين جي اچارن ۾ گھڻو فرق ٿئي ٿو. ھر ھنر مند پنھنجي پنھنجي پيشي جي مناسبت سان ڪي انوکا لفظ ڪم آڻي ٿو، اھڙو فرق واڍن، ڪنڀارن، لوھارن ۽ موچين جي ٻولين ۾ نظر ايندو.
ان جو مطلب ٿيو ته سنڌ ۾ جاگرافيائي حالتن مطابق ڇھ محاورا يا لھجا ته آھن ئي پر انھن محاورن، لھجن ۾ به جدا جدا پاڙن يا برادرين وٽ پنھنجا پنھنجا لفظ آھن. جئين اتر سنڌ ۾ سنڌي زبان جو لھجو ڳالھائڻ ۾ اچي ٿو ان کي سَرو يا سَرولي (سَر معنى مٿو يا مٿاھون حصو) لھجو ٿو سڏيو وڃي ۽ سنڌ جي وچ واري حصي ۾ ڳالھائڻ ۾ ايندڙ لھجو وچولو. ان نموني سنڌ جي ھيٺئين حصي يعني لاڙ ۾ لاڙي، ٿر واري حصي ۾ ٿري، ڪڇ سان لڳندڙ حدن جي رھندڙن ۾ ڪڇي ۽ ڪوھستان جي پاسي وارن حصن ۾ ڪوھستاني لھجا ڳالھايا ٿا وڃن، پر انھن سڀني محاورن يا لھجن کي گڏي سڏجي ٿو “سنڌي ٻولي” يا “سنڌي زبان”.
ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي جي ٻڌايل معلومات کان پوءِ وري ساڳي ڳالھ کي کڻجي ته “لوڪ ادب” سنڌ اندر سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي سرجيو وڃي ٿو، جنھن کي ٻي طرح عام شاعري به ڪو ٺجي ٿو.
سنڌ جي لوڪ ادب جي صنف تي تحقيق ڪندڙ سڄڻن، لوڪ ادب جي صنفن ۾ ڪم آندل ٻوليءَ تي به معلوماتي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آھي. ھن سلسلي ۾ علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي تحقيق ھيٺ آندل ڪتاب “ٻيلاين جا ٻول” ۾ لکي ٿو ته:
عام شاعري لغت جي اڻ کٽ کاڻ آھي. عام جو شاعر سر زمين سنڌ جي ھر خطي ۾ ماحول جو نيپاڄ آھي. ھُو عام فھم زبان ۽ ان جي اصطلاحن کان علاوه پنھنجي تَرَ ۽ جُوءِ جي خاص لفظن ۽ محاورن جو به ماھر آھي، جن کي ھُو پنھنجي شعر ۾ فطري طور، ان جي اصلي ۽ تحقيق خواھ اصطلاحي معنى ۾ استعمال ڪري ٿو. اھڙيءَ طرح ھر ماحول ۽ ھر ڀاڱي جي شاعر پنھنجي ٻوليءَ کي شعر جي ماٽيءَ ۾ وِلوڙيو آھي ۽ ڪيترن ئي نون ۽ انوکن لفظن کي مکڻ جي ڦُٽين مثل پنھنجي کَٽي مِٺي جھڻ گڏي پارکن آڏو پيش ڪيو آھي. جيڪڏھن مُلڪ جي ھر ونھيين وِلوڙيندڙ شاعر وٽان، انھيءَ مَھي ۽ جَھڻ جي وِرڇ وٺجي ته ھوند لفظن ۽ لُغت جي گيھ مکڻ جا ڍِڳَ لڳي وڃن، ۽ اسان جي سنڌي زبان سائي، سرھي ۽ سڻڀي ٿي پوي.
ڊاڪٽر صاحب اڳتي فرمائي ٿو ته:
عام جا شاعر اصلي ۽ نج سنڌي ٻوليءَ جا ابا آھن. ھنن جي اِرد گِرد روز مره جي گفتگو ۾ لفظن جا وَڍ ٽُڪ ۽ اصطلاحن جي فطري گھڙ ڀڃ لڳي پئي آھي، نوان نوان محاورا ۽ الفاظ برجستہ زبانن مان نڪري، عام ڪچھرين ۾ پچي پُختا ٿي، پيا رواج ۾ اچن. ٻوليءَ جو اصلي لفظن جو قديم ذخيرو به جن ٻھراڙين ۾، جن کي شھري ھوا اڃا گندو نه ڪيو آھي، محفوظ ۽ سلامت آھي ۽ وڏڙن جي صدري دفتر ۾ سمايل آھي ۽ پُشت بپُشت موروثي طور ھلندو اچي. ھر ڪنھن فن ۽ ڌنڌي جي اطوران اوزارن، محاورن ۽ معنائن جا نج سنڌي نالا، اصلي سنڌي ڪاريگرن وٽ محفوظ ۽ مُروج آھن. لوھارن، واڍن، ڪورين، ڪنڀارن ۽ ملاحن وٽ انھن فني نالن جون فھرستون موجود آھن.
مطلب ته سنڌ جي لوڪ ادب ۾ اھڙو ته لطف ۽ سوز سمايل ھوندو آھي، ۽ اھڙو ته رس ۽ لئي ڀريل ھوندي آھي جو ٻڌڻ واري جي دل ۽ دماغ تاثر جي انتھائي گھراين ۾ گم ٿيو وڃن، ۽ ھو پاڻ کي انھيءَ گھڙيءَ اھڙي ماحول ۾ تصور ڪرڻ لڳندو آھي، جتي فطرت پنھنجي حقيقي ۽ لافاني لباس ۾ ڳائيندي نچندي، ٽَپندي ۽ مسڪرائيندي نظر ايندي آھي.
مٿي بيان ڪيل ڪچھريءَ جي اھميت، افاديت سميت سگھڙ جي فني مقام سگھڙ لفظ جي تشريح بعد سگھڙن جي زباني روايتن توڙي فن شاعريءَ ۾ عوامي ٻوليءَ جو استعمال ھجڻ ڪري سنڌي ٻوليءَ جي محاورن جو به ذڪر ٿيو ۽ گڏ وگڏ سگھڙن جي ٻوليءَ ۾ رواني مٺاس، نج پڻو، عوامي رنگ ۽ رونق جي اھميت بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ کان آگاھي حاصل ڪرڻ بعد سندس اڃا به قيمتي ۽ ڪارائتا گفتا پڙھنداسين پر ڊاڪٽر بلوچ سان گڏ ڪجھ ٻين اديبن سينگار شاعري جي حوالي سان ڇا بيان ڪيو آھي مختصر ۽ جامع طور سندن ڏاھپ کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم سا ھن ريت آھي:
سينگار لفظ جي وضاحت ۾ عالمن جا مختلف رايا آيل آھن جنھن ۾ ٻڌايو ويو آھي ته “سينگار” يا “سنگار” پراڪرت ٻوليءَ جو لفظ آھي ۽ ان کي سنسڪرت ۾ شرنگار لکيو ويو آھي، شرنگ = پيار جو وڌڻ + ر = وڃڻ. يعني اھا سجاوٽ جنھن جي ڪرڻ سان من ۾ پيار وڌي ٿو شوڀا سجاوٽ، سونھن، ٺاھ ٺوھ وغيره. ڪتاب “سنڌ جو سينگار” ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ھڪ ٻئي علمي ماھر پياري لال جي لکيل ڪتاب “شر نگار شاستر” جو حوالو ڏيندي ٻڌائي ٿو ته “اسان جي ديس ۾ استرين (عورتن) جا سورنھن سينگار، پراچين زماني کان ھلندا پيا اچن”.
“سينگار جا بيت، سنڌ جي سگھڙ شاعرن چيا آھن، سي دراصل ھندي بيتن جو تتبع آھن. سنڌي شاعرن، ھندي دوھن کان متاثر ٿي، پنھنجي ماحول ۽ فضا موجب، محبوب جي سينگارن کي خوب ڳايو آھي. جيتوڻيڪ تشبيھون گھڻو ڪري ساڳيون قائم رکيون اٿن، ساڳيءَ ريت سندن بيتن ۾ ماحول جو اثر نمايان آھي. محبوب جي وڻندڙ وصفن کي پنھنجي روز مره جي عام شين سان تشبيھ ڏيئي، پنھنجي بُلند خياليءَ ۽ ذھني ذوقُ جو خاڪو پيش ڪيو اٿن.
مطلب ته سنڌي شاعرن به ھندي شاعرن واري روش اختيار ڪئي. ھندي دوھن مان اھو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته محبوب جا سورنھن سينگار آھن. انھن سورنھن سينگارن کي وري ٻن نمونن ۾ تقسيم ڪيو اٿن.
(الف): فطري سينگار
(ب): مصنوعي سينگار
(الف): فطري سينگار ۾، شاعر، محبوب جي فطري وصفن کي، پنھنجي ماحول جي شين سان ڀيٽي، محبوب جو رتبو وڌائي ٿو. انھن سينگار جي بيتن ۾، اھي ساڳيا واسينگ وار، ساڳيا ڳل، ساڳيا ڀرون، ساڳيون بادامي ۽ بيڪاني اکيون، ساڳي روشن پيشاني، آمونڪ، لعل لب، سَرُوَقد، چابڪ چيلھ جي ڪبڪ رفتاري، ٻانھن جي لوڏ، رنگت ۽ خوش پوشاڪيءَ جو ذڪر سمايل رھي ٿو. جن فطري سينگارن کي سنڌ جي ڪيترن ئي سدا ملوڪ سگھڙن خوب ڳايو آھي.
فطري سينگار ۾ ڳاڻيٽو سڄاڻ سگھڙن “سورنھن سينگار” ڄاڻايا آھن. جن سان حُسن جون تشبيھون لڳايون اٿن. ھندي سگھڙن جا اھڙا دوھا، عام جام ان وقت اندر مُروج رھيا آھن جيڪي اڳتي ھلي سنڌ ۾ رڙھي آيا. اھڙن دوھن ۾ فطرت جون چار چار سُھڻيون شيون ورتيون ويون آھن، جن سان حُسن جون تشبيھون لڳايون اٿن.
جيئن ھي ھنديءَ جو دوھو آھي ته:
چار چَلوَنت، چار اُڏَنت، چار ڦُول، ڦل چار،
اي سولھن ئي سينگار، آ ڀرن ھين اٺ چار.
شاعر محبوب جي حُسن جون جملي سورھن وصفون بيان ڪيون آھن.
جيئن چار چلونت: معنى ھلندڙ جانور.
چار اُڏنت: معنى اُڏامندڙ پکي وغيره.
چار ڦــول: مــــــــعنى گــــــــلزاري گُل.
ڦل چار: معنى باغاتي ميوا.
۽ بعد ۾ وري محبوب کي وڌيڪ ٻھڪائڻ يا سندس حُسن کي دوبالا ڪرڻ لاءِ (آڀرن) زيورن جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي سندس خيال موجب اٺ + چار يعني ٻارنھن آھن.
فطري سينگارن ۾ سنڌ جي سگھڙن جيڪي تشبيھون يا استعارا ڪَتب آندا آھن انھن مان نموني طور ھيٺين سمجھاڻي ڏجي ٿي.
ھرڻ جھڙيون اکيون
شينھن جھڙي پتلي ۽ لڪدار چيلھ
گھوڙي جھڙو شانائتو ۽ ڳنڀير ناز توڙي نخرو
ھاٿيءَ جھڙي ڌيمي، ڌيمي (ھوريان، ھوريان) لوڏ.
(مٿيان چارئي ھلندڙ جانور بيان ٿيا)
طوطي جھڙو، ڪُنڍو ۽ چُوپڙو نڪ.
ڪوئل جھڙو، مٺوڳالھائڻ.
مور جيان، سنھي ۽ ڊگھي ڳچي.
چنبيليءَ جي گل تي، ڀيرا ڏيندڙ ڀؤنر جيان، وڻندڙ ڪارا ڀرون.
(ھن ۾ چار اڏامندڙ پکي ڪم آيل آھن)
گلاب جھڙا، ڳل ۽ چپ،
سُوسَن جي گل جھڙا، ڪارا وار، گويا سنھيون ليڪون،
ڪيسر جي گل جھڙو، نرم، نازڪ ۽ سھڻو بدن،
ڪَنول جي گل جھڙو، سدا بھار ۽ ھُٻسان وارو چھرو
(ھن ۾ چار گل بيان ڪيا ويا)
ڪيلي جھڙا، نرم ھٿ، ڏاڙھونءَ جي ڪڻ جھڙا، جڙدار، ڳاڙھسرا، خوبصورت ڏند، سوپاريءَ جيان، ننڍڙي کُڙي ناريل جھڙا، چولي جي ڍڪ ۾ ڍڪيل پيارا پستان.
(ھن ۾ ميوا بيان ڪيل آھن)
مٿئين نموني طور ڏنل مثالي تشبيھن مان اھا ڳالھ به واضح ٿي ته اهي سڀئي وصفون فطري آھن جن کي محبوب جا سورھن سينگار ڪوٺجي ٿو.
(ب) مصنوعي (سجاوٽي) سينگار
ھن جو مطلب آھي ته ھٿرادو سينگار ڪرڻ، جيڪو حُسن جي اڻ کلي عيب کي به ڍڪي ۽ سون تي سُھاڳي جو ڪم پڻ ڏئي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، جي- ٽي- پلئٽس جي حوالي سان ھيٺيان سينگار ڄاڻايا آھن.
(1) ڏندڻ
(2) چورڻ (ڏند کي صاف ڪرڻ ۽ چلڪائڻ لاءِ پائوڊر) جيئن اڄ ڪلھ ڊنٽونڪ پاؤڊر يا ٽوٿ پيسٽ استعمال ٿئي ٿي.
(3) اُٻٽڻ (سرنھن ۽ ترن جي تيل ۾ ڪيسو ڦل وجھي، تيل سُرھو ڪري، ڪڻڪ يا جون جي اٽي سان ملائي، بدن کي ھڻڻ لاءِ، ته جيئن ميل يا گندگي لھي وڃي) ان جي جاءِ تي اڄ ڪلھ ڪيميڪل مان تيار ڪيل بيوٽي ڪريمون استعمال ٿين ٿيون جيڪي پسارڪي وکرن جي ڀيٽ ۾ نقصان ڪار آھن.
(4) سندور (سينڌ ڀرڻ لاءِ)
(5) ڪيسر (ڀرن جي وچ ۾ تلڪ ڪڍڻ لاءِ)
(6) سرمون يا ڪجل اکين ۾ پائڻ لاءِ
(7) بِندِي ( ٽڪڙو يا آلي، نرڙتي لٽڪي)
(8) سُرھو تيل (وارن لاءِ)
(9) ڦڻي (ڪَنگي) (ڪنگو) وارن ڇڏائڻ يا سينڌ ڪڍڻ لاءِ
(10) آرگجا، ڪيسر، چندن ۽ ڪافور جو چُورو يا ڪٽو، مُنھن ۽ ٻانھن کي لائڻ لاءِ
(11) پان – زبان جي ڳاڙھاڻ لاءِ
(12) مَسي، (ڏندن کي سھڻي ڪرڻ لاءِ ۽ عيب دور ڪرڻ لاءِ
(13) نير (گُلي) نيرو رنگ کاڏيءَ ۾ تر بڻائڻ لاءِ
(14) ميندي
(15) گل جي ڪَنڍي (وارن جي چوٽيءَ ۾ ٻڌڻ لاءِ)
(16) آ لتا، ڳاڙھو رنگ يا لاک جو رنگ، پيرن کي ڳاڙھو ڪرڻ لاءِ
ھڪ ٻئي راوي رام گلام ڪوش انھن مٿين سينگارن کي، ھيٺيئن ريت وڌيڪ کولي لکيو آھي.
(1) بدن جو ميل لاھڻ
(2) ڏندڻ ڏيڻ
(3) صاف ڪپڙا پھرڻ
(4) ڪجل لڳائڻ
(5) لاک جي رنگ سان ھٿ پير ڳاڙھا ڪرڻ
(6) وار سنوارڻ
(7) سينڌ ۾ سندور ڀرڻ
(8) ڀرن جي وچ ۾ تلڪ ڪڍڻ
(9) کاڏيءَ ۾ تر بنائڻ
(10) ميندي لڳائڻ
(11) خوشبو لڳائڻ
(12) پان چٻاڙڻ
(13) گلن جو ھار (وارن جي چوٽيءَ لاءِ)
(14) ڏندن کي ڳاڙھسرو ڪرڻ
(15) لبن کي لال ڪرڻ لاءِ سُرخي وغيره
(16) زيور پائڻ (ڳچيءَ جو ھار) ڦُلي، والا، جھالا، نٿ، نسبيون وغيره
مٿي بيان ڪيل دوھي ۾ اٺ چار وارو پد: سو، اٺ چار يعني ٻارھن، اشارو آھي، محبوب جي ٻارھن ڳُڻن (لڇڻن، خوبين) ڏانھن جنھن بابت مختلف محققن ھڪ جھڙي راءِ رکي آھي ته:
(1) پيرن جون پٽيون (پايل)
(2) چيلھڪي
(3) چوڙيون
(4) منڊيون
(5) ڪنگڻ
(6) بازو بند
(7) ھار
(8) ڪٺمال
(9) بينسر بولو
(10) ڳن (ڪن جو زيور) والا، واليون وغيره
(11) ٽڪڙو (ڀرون جي وچ ۾)
(12) چوٽي ڦل
مٿي بيان ڪيل ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جي راءِ کان پوءِ “سنڌي سينگار شاعري” ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب فرمائي ٿو ته:
“شر نگار رس” جي بنيادي اڀاريندڙ (عورت) جي سھڻي ۽ سينگاريل تصوير جي ذھن نشين ڪرائڻ لاءِ، نڪته دانن ھيٺيان اٺاويھ زيور، جوان عورت جي حُسن کي چمڪائڻ لاءِ، ڪارگر قرار ڏنا آھن:
(1) ڪيف شوق
(2) وجد محبت
(3) جوش محبت
(4) رنگ ۽ روپ يعني جسماني حُسن
(5) رَعناعي
(6) جمال
(7) محبوبيت
(8) پخته ڪاري
(9) نرمائي
(10) ثابت قدمي
(11) مما ثلت يعني ته اندام، لباس، زيورات ۽ محبت ڀرين ڳالھين ذريعي محبوب سان مشابھت پيدا ڪرڻ.
(12) ادا
(13) سينگار، يعني فطري حُسن کي چمڪائڻ خاطر ٿورو ظاھري سينگار ڪرڻ: مثلاً شفاف پاڻيءَ سان غسل ۽ بدن جي صفائي، پان سان لب ڳاڙھا ڪرڻ ۽ نرم، نازڪ ۽ صاف ڪپڙا پائڻ.
(14) غرورِ حُسن
(15) رنگين ڪرشما يعني ته انتھائي مرغوب شيءِ جي حاصل ٿيڻ واري خوشي سبب ذرا مُرڪ، ذرا گريه خشڪ، ذرا کل، ذرا خوف، ذرا ڪاوڙ ۽ ذرا انوکي ٿَڪ جو اظھار ڪرڻ
(16) محويت جي ادا
(17) جھجھڪ
(18) گھٻراھٽ
(19) نزاڪت
(20) ناز
(21) شر ميلائي
(22) ونجھل
(23) ڄاڻي اڻ ڄاڻائي
(24) آس
(25) اشتياق
(26) ٽھڪ
(27) ڇرڪڻ
(28) چلولائي
ظاھر آھي ته ھن اصلي ۽ اصولي نظريي موجب، جوانيءَ ۾ حُسن جا مٿيان چمڪائيندڙ اسباب زياده تر محبوب جي جذبات ۽ احساسات ناز و ادا جي نفسيات، مخصوص رد عمل ۽ حرڪات، حسن اطوار ۽ عادات سان تعلق رکن ٿا. محبوب جو جسماني ۽ ظاھري سينگار انھن اٺاويھ ذريعن مان فقط ٻه ذريعا آھن.
“سينگار رس” جي استاد شاعرن، پنھنجي شعرن ۾ مجموعي طور انھن سڀني حسين ادائن ۽ دلفريبين کي بيان ڪيو، مگر سندن خاص توجھ ٻن مخصوص خوبين يعني “حُسن جسماني” ۽ “ظاھري سينگار” ڏانھن ئي مائل رھيو.
محبوب جي جسماني حُسن جو موضوع بذات خود ڪافي ڪشادو ھو: قدقامت، شڪل شبيھ، چھري جي رونق، رفتار ۽ گفتار جي مختلف نمونن ۾ ڪيترائي مضمون مخفي ھئا، اکين جي اشارن ۾ زلفن جي پيچن ۾ ڪيترائي بيان بيتاب ھئا، ان کان سواءِ ڏندن، چپن، نڪ، پيشاني، آ ڱرين، ۽ ٻين اندامن ۾ تشبيھات جا دفتر سمايل ھئا. مطلب ته شاعرن لاءِ محض محبوب جي فطري حُسن جي تعريف جو مضمون ڪافي وسيع ھو. ان سان گڏ محبوب جي ظاھري ھارسينگار جي شامل موضوع ويتر ھن ميدان کي ڪشادو ڪيو. فطري حُسن جي گونا گون رعناين جي ته انتھا ئي ڪا نه ھئي، مگر ظاھري ھارسينگار جي قسمن کي شمار ڪرڻ نسبتاً آسان ھو، انھيءَ ڪري ھن فن جي ماھرن عورت جا جملي”سورنھن سينگار” قرار ڏنا. ان بعد “سورنھن سينگار” بذات خود ھن فن جو ھڪ خاص مضمون بنجي ويو.
لوڪ ادب جو ماھر ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو پنھنجي ڪتاب “وينجھار” ۾ لکي ٿو ته “سينگار شاعري” ذريعي سنڌ جا سگھڙ پنھنجي محبوب جي عادت ۽ اطوار، رفتار ۽ گفتار کي ڪن خاص ۽ موزون لفظن ۾ لڪائي پيش ڪندا آھن، جن جي کُلڻ سان جانب جي جلوي جِي جوت بَکندي آھي. سينگار جي بيتن ۾ تشبيھون ۽ استعارا ھوندا آھن. ۽ لفظي پوڄ ۽ نفاست به قابل تعريف ھوندي آھي، پو ان کي ڪي پنجتن پاڪ ڏانھن منسوب ڪن ته ڪي دنيوي محبوب ڏانھن.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي “سنڌي ادب جو تاريخي جائزو” ۾ لکي ٿو ته، سينگار جي بيتن ۾ محبوب جي سونھن ۽ سينگار جي سارهه ھوندي آھي. ھنديءَ ۾ ھن صنف کي”شر نگار رس” چيو ويندو آھي. جئين ته سنڌيءَ ۾ به ھندي شاعريءَ جي معرفت ھي صنف رائج ٿي، انھيءَ ڪري سنڌي زبان جي سينگار جي بيتن ۾ به ھندي شاعريءَ جون تشبيھون آنديون ويون آھن.
مشھور مؤلف الله بخش نظاماڻي پنھنجي ڪتاب “سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ” ۾ لکي ٿو ته، سينگار جي بيتن جي سھڻائي جو دارو مدار، سھڻين تشبيھن ۽ استعارن تي آھي، جن جي لفظي سٽاءَ ۽ پوچ قابل تعريف آھي ۽ انھن مان محبوب جي سونھن جو تجلو پيو نظر ايندو. سينگار جي بيتن ۾ در اصل مداح ۽ تعريف سمايل آھي، اھي بيت يا ڏوھيڙا ھندي “دوھن” جي تتبعي تي آھن، جي گھڻي وقت کان ھندي سگھڙن کان رڙھي سنڌ ۾ آيا ۽ سينگار جو فن مُروَج ٿيو.
مشھور ليکڪا پروفيسر ڊاڪٽر فھميده حسين پنھنجي لکيل ڪتاب “شاھ لطيف جي شاعري ۾ عورت جو روپ” ۾ مٿي بيان ڪيل ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ مشھور مؤلف الله بخش نظاماڻي جي ڏنل راين جي بر عڪس ھن طرح بيان ڪري ٿي ته:
لوڪ ادب جي سلسلي ۾ جنھن صنف ۾ عورت جو ڪردارئي ان جو خاص موضوع رھيو آھي ۽ ان کانسواءِ ان صنف جو تصور به ڪري نٿو سگھجي سا آھي “سينگاربيت” جي صنف.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي تحقيق موجب اھا صنف اصل ھنديءَ مان آيل آھي. ھو انھن بيتن کي “ھندي بيتن جو تتبع سڏي ٿو ۽ لکي ٿو ته “اسان جي سنڌي شاعرن ھندي عشقيه شاعريءَ کان متاثر ٿي پنھنجي واٽ ورتي. ھندي ٻوليءَ ۾ ھن صنف کي سينگار رس (اصل ھندي شرنگار رس) چئجي ٿو”.
ڊاڪٽر سنديلي مرحوم سان معذرت ڪندي آءُ ان خيال جي آھيان ته سينگار جا بيت اصل سنڌي صنف آھي، جا پوءِ ھندي جي ٻين علائقن ۾ پھتي ۽ ھنديءَ ۾ رائج ٿي. ھندي ٻولي ۽ ادب سنڌي ٻولي ۽ ادب کان گھڻو پوءِ جو آھي. ان ڪري قدامت جي ڪري نقل ۽ تتبع ھنديءَ وارن ڪيو ھوندو ۽ نه سنڌيءَ وارن! اھا عشقيه قسم جي شاعري ٿئي ٿي. سنڌي ۾ موجود سينگار بيتن ۾ ان ڪري ساڳيو ماحول ملي ٿو. لفظ تشبيھون، استعارا گھڻي قدر ساڳيا استعمال ڪيل آھن. ھنديءَ ۾ وڃي اتان جي روايت موجب ان ۾ گھڻي تبديلي آندي وئي ھوندي جيڪا پوءِ جي دورن ۾ وري سنڌيءَ ۾ ڦري آئي پر ان جو مزاج بدلجي ويو.
ھن قسم جي شاعريءَ ۾ عورت جي جسماني ساخت، سندس بدني بناوت، عضون جي ننڍ وڏائي، رنگ روپ، ھلڻي، مطلب ته ھر ڪنھن ڳالھ سان واسطو پوي ٿو. ھيءَ ھنديءَ ۾ ته ذھني عياشيءَ لاءِ چيل معلوم ٿئي ٿو. ان ڪري ھن ۾ عام سنڌي شاعريءَ جو مزاج ته اصل ڪونه لڀندو جنھن ۾ عورت کي جنس جي علامت طور ڪڏھن به پيش نه ڪيو ويو آھي. عورت جي سونھن سوڀيا ۽ سينگار کي پنھنجا ماڻ ۽ ماپا ڏئي معيار مقرر ڪيا ويا آھن. جيڪا عورت انھن تي پوري آئي سا پُر ڪشش يا جنسي علامت طور مڪمل عورت سمجھبي. ھيٺ ڪجھ مثال ڏجن ٿا جن مان ظاھر ٿئي ٿو ته اصل صنف سنڌي ھوندي به عورت جو اھو تصور پوءِ جو ۽ ٻاھريون آھي نه ڪي سنڌي، لڳي ائين ٿو ته ان قسم جا شعر مختلف بياضن ۾ اچڻ جي ڪري سنڌي شاعرن جي نالي ڳڻيا ويا آھن نه ته اھي اصل ٻين شاعرن جا آھن.
ھنس چلن، ڪدليھ جنگھ، ڪٽ ڪيھر، جم ڪھين،
مُـــــک سِھر، کنجرنين ڪُــــــچ شري ڦل، ڪنٺنه وين.
ھلڻ ھنجھ جھڙو، ڄنگھون ڪيوڙي جھڙيون، لسيون ۽ سڌيون، چيلھ شينھن جھڙي سنھڙي، چھرو چنڊ جھڙو، اکيون خنجر جھڙيون، ڇاتي ناريل جھڙي اڀريل ۽ اٿيل ۽ گلو ڪوئل جھڙو.
تقريباً اھو ئي مضمون سنڌ ۾ شاعر ھن ريت پيش ڪيو آھي،
ھنج ھلڻي، ڪَر ڪيلا، ڪٽ ڪيھر آليھر ڍار،
چـند مُک، خنجر نيڻ، سُچ انار، ڪوئل گفتار،
قــــد ســـــــروان، سُــــــــوڌو، نڪ آمــــي جي ڦار،
اھي ھن اطوار جانب جا ته “جــــــــــــــمال” چئي.
ھلڻي ھنج جھڙي، ھٿ ڪيلي جي ڦريءَ جھڙا، ڪمر شينھن جھڙي ۽ اليھر نانگ جيان ڊگھا ڪارا وار، منھن چنڊ جھڙو، اکيون خنجر جھڙيون، ڇاتي ڏاڙھونءَ وانگر، لات ڪوئل جھڙي، قد سرو کان سڌو، نڪ انب جي ڦار.
“ھنديءَ ۾ شرنگار رس جو اشتقاق ڪبو ته: شرنگ معنى ڪام ديو (عشق جو ديوتا) جو اڀرڻ ۽ معنى وڃڻ. معنى جنھن جي ڪرڻ سان من ۾ پيار وڏي ٿو”.
محبوب جي ھن خاص قسم جي قدرتي سونھن يا سينگار کي ساراھڻ کانسواءِ ظاھري ھارسينگار ۽ ٺاھ ٺوھ جي لاءِ به ھن قسم جي شاعري ۾ معيار مقرر ڪري ڏنا ويا آھن. جن کي “سورنھن سينگار” چيو وڃي ٿو.
ھڪڙي سونھن جيڪا قدرتي آھي ان جا معيار به سورنھن آھن ته وري ظاھري سينگار جا به سورنھن طريقا آھن.
نموني طور سمجھاڻيءَ خاطر گوريءَ جو سينگار بيت ڏجي ٿو؛
حُسن عجائب رنگ رچائي، گوريءَ ڪيا گلزار گھڻا
جھومر، ٽِڪو، چوٽيڦُل ۽، سڳين ڪيا سينگار گھڻا
چوٽيون، بڪل، بھتر پائي ونـــگ ڪيائين وار گھڻا
والا، واليون، جھالر، جھومڪ، دُر به پاتئين ڌار گھڻا
بئينسر، بولو، نٿ ۽ وينڊي، ڦليءَ ڪيا ڦٿڪار گھڻا
ڳل ڳچيءَ ڪـٺمال ۽ دھري، چمڪيا چندن ھار گھڻا
بازو بندن، ٻانــــــھونٽن، ٿيا چوڙين جا چمڪار گھڻا
چاندي ڇلڙو، سون جي منڊي، ھيري کاڌا ھزار گھڻا
پير ڪـــــڙيون، پازيب پيارا، ڇيرين جا ڇمڪارگھڻا
اھڙي طـرح ٿيا “عاجز” عاشق، سونھن مٿان سردار گھڻا
پر جي منھنجو پرين پسن ۽ پوءِ ته ڪن ويچار گھڻا
چون ائين سڀ چــــاھ منجھان، ھت جلوا ھن جنسار گھڻا
خالق خـــــوبيون، خوب رکايون، پيغمبر ۾ پيار گھڻا
“لاشاري” لــــڄادار جي آھن، چھري ۾ چــــمڪار گھڻا
ناز ڀريئي جي نيڻن ڪيا، ھت شھنشاھ شڪار گھڻا
تاب تجلا، ظاھر ڪـــــــيا ھئا، پڻيءَ جي پيزار گھـــــڻا
گورين ٻڌا گفــــتي ۾، ھئا حبيب جي ھـــــٻڪار گھڻا
ڦٽي ڪيئون ھٿيار گھــــــڻا، جانب جي ته جمال اڳيان
منھنجي عاجزانا عقل موجب سنڌي سينگار شاعري جو تمام گھڻو ويجھڙائي سان جائزو وٺجي ٿو ته ان ۾ حضرت جلال کٽيؒ ۽ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيؒ سميت پوئين دؤر جي سگھڙن جي سوچ لذت پرستي ۽ ذھني عياشيءَ واري ناھي جنھن جو ثبوت 20 صديءَ جي سمورن سگھڙن جي سينگار شاعري آھي، انھن سگھڙن جيڪڏھن ڪي”گوريءَ جا سينگار” چيا به آھن ته فقط ھڪ فني تشخص کي برقرار رکڻ لاءِ ته کين ان مصنوعي سينگارن کان متان ڪو اڻ ڄاڻ سَڏي، پر انھن ڏات ڌڻين عورت جي وصفي تو ڙي سجاوٽي سينگار جو گھاڙ يٽو گھڙي کيس اڳتي حقيقي محبوب جي ڀيٽ ۾ اھڙو ته مھٽو ڏنو اٿن جو عَرش کان کڻي فرش تي آندو اٿن اسان جي آقا سرورڪائنات حضرت محمد مصطفىﷺ اڳيان اھڙيون لکين بانوريون جان فدا ڪرڻ واريون ھيون پوءِ انھن جي حُسن ۽ آب و تاب ڪڏھن پاڻ ڪريمن کي ته ڪو نه موھيو.
قرآن پاڪ جي سوره يوسف به ان ڳالھ جي گواھ آھي ته حضرت يوسف عليه السلام لاءِ بيبي زليخا مست ۽ فدا ھئي، توڙي جو ھوءَ مصر جي عزيز جي راڻي ھئي تنھن جي باوجود به حضرت يوسف عليه السلام جي پاڪ دامنيءَ جي الله پاڪ ھڪ معصوم ٻار کان گواھي ڏياري.
ياد رھي ته مرد ۽ عورت وارو فطري ڪشش وارو جواز موجوده دؤر جي عوامي شاعرن وٽ ضرور آھي، پر سگھڙن جي سينگار جو محور ۽ مرڪز پياري پيغمبرﷺ جي ذات آھي جيڪو ھن ڪتاب جي سمورن گوريءَ جي سينگارن مان چڱيءَ ريت محسوس ڪري سگھجي ٿو.
سنڌ جي اسلام پسند ڏات ڌڻي سگھڙن وٽ اڄ به اھو تصور آھي ته ھر امڙ، ڀيڻ، نياڻي جي عزت ۽ عصمت کي بچائڻ ھڪ عزت دار معاشري جي ھر فرد جو ڪم آھي ته پوءِ ڇو ويھي ان جي عضون، اندامن کي نانگو يا نر وارڪجي، بار بار ويھي کيس فطري سونھن تان پردا ھٽائجن.
اڄ جي بي حيائي ۽ عُرياني واري دؤر ۾ فيشني ڳائڻن پنهنجي گائڪي ۾ بازاري شاعري ڳائي، مَردن جي سماج ۾ عورت کي محض رانديڪي واري دل وندرائيندڙ ھڪ وَٿ طور پيش ڪيو آھي، پر سگھڙن وٽ ان جي لڄ، لوئي، پردو ۽ پوتي آھي جا کيس نقابن ۾ نھارڻ ۽ اڪيلو گھارڻ کان پري رھڻ جا سبق سيکاري ٿي.
ھيءَ ته ھئي اڄ جي سگھڙن جي سوچ ۽ فڪر جو جائزو پر عشق جو ميدان وري اڃان به نرالو آھي، تاريخي عشقيا داستانن تي نظر پوي ٿي ته جذبات ۽ احساسات جي خيالات کان، مرد جي ڀيٽ ۾ ڪڏھن ڪڏھن عورت ئي بيبي زليخا وانگر حقيقي عاشق نظر اچي ٿي ۽ محبت جي ميدان ۾ عاشقيءَ جو لقب ھميشه عورت کي ئي ملندو آيو آھي، سسئي ھجي يا سھڻي، مومل ھجي يا ليلان اھڙين عاشقانه پرواز جي پنڌ تي پھتل ناريون، تمدني، معاشرتي ۽ نفسياتي لڪ لنگھي ھليون. اھو ئي سبب ھيو جو دنيا جو عظيم صوفي شاعر حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيؒ پنھنجي عاشقانا جذبات کي عورتاڻي انداز سان بيان ڪيو آھي ۽ ان نظريه جي يقيني نمائش ٿئي ٿي ته ڄڻ نفسياتي طور عورت ئي محبت جي علمبردار ھجي. لطيف سائين لکي ٿو ته:
سياري سيءَ (سِھ) رات ۾، جا گھڙي وسندي مينھن،
ھـــــــلو ته پڇون سھڻي، جا ڪـــــــــر ڄاڻي نينھن،
جـــــنھن کـــــــــي راتو ڏينھن، مــــــــيھار ئي من ۾.
(شاھ جو رسالو: سُر ڪلياڻ آڏواڻي، داستان ٽيون، بيت- 11 سُر سُھڻي)
سنڌ جي اڪثر “ڪافي” لکندڙ شاعرن پڻ پنھنجي عشق جي احساسن ۽ جذبن کي “مؤنث” ڪري پيش ڪيو آھي.
ڏٺو وڃي ته سنڌ جي سگھڙن وٽ وري عام عاشقن جي ڀيٽ ۾ محبت جو معيار تمام گھڻو بلند آھي، ڇو ته محبت جو مرڪز سڀني جو ساڳيو آھي جنھن کي ھي لاثاني ۽ لافاني سمجھن ٿا ۽ ھر لحاظ کان ھو پنھنجي محبوب مان بھتر ۽ ڀلائي جا اميدوار آھن، ڏات ڌڻين جي اھا يقيني اميد آھي ته اسانجو محبوب ڪڏھن بيوفائي نه ڪندو.
لطيف سائينءَ جي چواڻي ته:
منھنجي مداين جي، ڪل پريان پيئي،
ڪڏھن ڪوسا نه ٿيا، ڏوراپو ڏيئي،
ساجن سڀئي، ڍڪيم ڍول ڍلائيون.
لوڪ ادب جي تاريخ ۽ تحقيق جو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ۽ ھندي شاعريءَ جو لاڳاپو، جي عنوان سان 1955ع جي مھراڻ رسالي ۾ لڳاتار ٽن قسطن واري مقالي ۾ لکي ٿو ته:
ھنن عاشقن جي مذھب موجب محبت ۽ حجت روائي ڪانھي:
“حُجت ھوت پنھوءَ سان مون ڪميڻيءَ ڪيھي!، (شاھ)
“منھنجي ڇا مجال جو رکان حرف حبيب تي. (راڄن شاھ)
“حمل” حُب جَنھِيندي تنھن نال حُج ڪيھي جو پالڻ پرت ضرور پئي”
پر جي کڻي محبوب رنج ٿئي به کڻي، ته سچي عاشق کي خوشيءَ سان سَھڻ گھرجي! جيڪڏھن محبوب پاڻ ناتو ٽوڙي ڇڏي ته عاشق پاڻ رکيو اچي.
ساڳئي ئي ڄاڻايل مقالي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سنڌي جي موجوده سُگھڙن جي سينگار شاعريءَ ۾ تصوف جو اثر ۽ حقيقي محبوب جو تخيل بيان ڪندي لکي ٿو ته: جھڙيءَ طرح سڄي ھندوستان لاءِ سنڌ اسلام جو پھريون دروازو بني، اھڙيءَ طرح اڳتي ھلي سنڌ جي سرزمين تصوف جو پڻ مکيه مرڪز بني، سڀ کان اول “سھروري” طريقو سنڌ مان ئي ھندُستان طرف پکڙيو، ۽ ان بعد “قادري” توڙي “نقشبندي” طريقي جا وڏا درويش ۽ روحاني بزرگ سنڌ ۾ پيدا ٿيا جن ملڪ کي پنھنجي فيض سان مالا مال ڪيو، سنڌ جي انھن خدا شناس بزرگن پنھنجي علمي توڙي عملي تبليغ ذريعي ھتي جي رھاڪن کي توحيد ۽ حق پرستيءَ جو سبق ڏيئي سندن دلين کي ھڪ مولى، ڏانھن متوجھ ڪيو، تان جو ھر ننڍو توڙي وڏو سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح توحيد جو مطلب بنجي ويو ۽ ھر ھڪ کي الاھي عشق جي گھڻي ورڇ نصيب ٿي. انھيءَ فيض جوئي اثر ھو جو سنڌ ۾ “شاعري” شروع کان ئي محض انھيءَ الاھي عشق ۽ محبت جي تبليغ جو ھڪ ذريعو بني، ۽ شاعري ۽ “درويشي” ٻئي لازم ملزوم جز بنجي ويا، جيڪڏھن ڪو شاعر ھو ته ساڳئي وقت “درويش” به ھو ۽ ھر صوفي درويش، تصوف جي اصولي نظريي موجب، “مجاز” کي حقيقت جي پُل تسليم ڪري، انسان جي محبت واري فطري جذبي کي بالآخر ھڪ مولى ڏانھن متوجھ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مشغول ھو.
جڏھن سنڌ ۾ شاعريءَ جي شروعات ٿي تڏھن اھو اعتماد عام ٿي چڪو ھو ته حقيقي محبوب اھو خالق آھي جنھن انسان کي حسين بنائي خلقيو، ۽ انسانن ۾ انسان ڪامل ۽ مولى جو سھڻي ۾ سھڻو محبوب نَبِيﷺ آھي جنھن جو نور ۽ جمال جي ورڇ ڪائنات جي ھر شيءَ کي ملي. سنڌ جي سليم الطبح شاعرن نبيﷺ جي معياري حُسُنَ واري عقيدي ۽ تخيل کان متاثر ٿي، سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ مجازي حُسُنَ جي تعريف جو رخ به انھيءَ حقيقي ۽ معياري حُسن ڏانھن موڙيو. ھندي “سينگار رس” شاعري محض مجازي دائري ۾ محدود ھئي، مگر سنڌي سينگار شاعري مجازي منزل طئي ڪري حقيقت ڏانھن مائل ٿي”سنڌي سينگار” جي اڪثر شاعرن بطور آخري مقصد جي، نبيﷺ کي پنھنجو حقيقي محبوب ڪري ڄاتو، ۽ نبيﷺ جي سونھن کي ئي معياري حسن ڪري مڃيائون، انھيءَ نظريي ۽ خيال جي زير اثر”فن سينگار” کي عام طور “نبيﷺ جو سينگار” ڪري تسليم ڪيو ويو اڄ تائين سنڌ جي سگھڙن وٽ “سينگار” جي تعريف “نبيﷺ جو سينگار” آھي، يعني اھي بيت جن ۾ نبيﷺ جي معياري حسن کي مجازي رنگ ۾ ڳائجي.
سنڌي سينگار شاعريءَ جي ھنر مند شاعرن ۽ سجاڳ سگھڙن جو اھو نظريو مجموعي طور صحيح آھي. ڪن شاعرن جا بيت بيشڪ خالص مجازي رنگ ۾ چيل آھن، مگر سنڌي سينگار شاعريءَ جي ھر نامور شاعر مجازي حسن جي تعريف جو رخ بالا آخر انھيءَ حقيقي محبوب ڏانھن موڙيو آھي. محبوب جي بي مثال ۽ لاثاني حسن وارو نظريو، جنھن کي مٿي بيان ڪيو ويو آھي، سو حقيقي محبوب جي حسن جي تخيل جي پيداوار آھي. سنڌي سينگار شاعريءَ جو پھريون بلند شاعر جلال کٽي، نبيﷺ تي عاشق ھو، انھيءَ ڪري ھن پنھنجي ھر بيت ۾ اھڃاڻ ڏنو آھي ته سندس محبوب جو حسن مڙني کان مٿاھون آھي. ڀٽائي صاحب به انھيءَ حقيقي محبوب جي حسن کي واکاڻيندي چوي ٿو ته”سپريان جي سونھن جو نڪو قد نه مد” غور ڪبو ته مجموعي طور سان سينگار جي اڪثر بيتن ۾ مجازي حسن جي تعريف جي ماتحت انھيءَ نظريي جا اھڃاڻ نظر ايندا.
ڏھس جي صنف سگھڙائپ جي فن جو انوکو ڏانءُ آھي جنھن بابت سنڌ جي عالمن پڻ مختلف رايا ڏنا آھن.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو پنھنجي لکيل ڪتاب ڏھس نامي ۾ لکي ٿو ته:
“لوڪ ادب” جون جيڪي به صنفو آھن، تن ۾ “ڏھس” کي وڏي اھميت آھي، “ڏھس” ميل آھي: ڏھ + س، جو “ڏھ” سنسڪرت جي “دَشن” مان نڪتل آھي ۽ “س” نسبتي علامت آھي: يعني ڏھن واري (صنف). اصطلاحاً: اھا صنف، جنھن ۾ ھڪ اسم جا، مختلف ٻولين مان ڏھ ھم معنى الفاظ آندل ھجن ۽ اھو پڻ ضروري آھي ته ان اسم جا، مختلف زبانن مان، ڏھ نالا ھجن، جن سان محبوب جي ڪنھن نه ڪنھن خوبي يا “وصف” کي ڀيٽي سگھجي مثلاً: محبوب جي خاص خوبي يا وصف، سندس وارن، ڀرون، اکين، ڳلن، چپن، ڏندن، ڳچي، چيلھ، وغيره ۾ سمايل رھي ٿي، جنھن ڪري انھن وصفن لاءِ شاعرن تشبيھي لفظ ڳوليا آھن. انھيءَ ڪري شاعرن، نانگ، رات، ڀؤنر، ڪڪر، ھرڻ، چنڊ، سج، کنوڻ، سونُ وغيره اسمن لاءِ، ٻين ٻولين مان، ھم معنى الفاظ ڳولي، ڏھس جي ڏاھپ ڏيکاري. جيڪڏھن بيت ۾، مختلف ٻولين جا ھم معنى الفاظ آندل آھن، پر انھن لفظن جو، محبوب جي ڪنھن به وصف يا خوبي يعني انگن ۽ عضون سان ڪو تشبيھي واسطو نه آھي ته اھو بيت “ڏھس” ۾ داخل نه آھي.
“ڏھس” لوڪ ادب جي چِند ۽ چُونڊ جنس آھي. صاف ۽ سوئيِل جنس آھي. اھا پيچيده ۽ مضبوط مشين آھي، جا مدت کان مختلف زبانن جي ادبي زمين کي کيڙي ۽ کوٽيندي رھي ٿي، جنھن ڪري ڪيترائي انوکا الفاظ، ميدان عمل تي اچي، سنڌي لغت جي وسعت ۾ اضافو آڻيندا رھن ٿا، “ڏھس” جا الفاظ، ھونءَ جي ٽڙيل پکڙيل ۽ ويڳاڻي حالت ۾ ھجن، پر “ڏھس” ۾ اچڻ ڪري، دُريءَ جي داڻن وانگر دل ۾ جلوا وجھي رھيا آھن. “سينگار” جي بيتن کي جيڪا سونھن ۽ سوڀيا ملي آھي، سا به “ڏھس” جي ڪري! جيڪڏھن “سينگار” مان “ڏھس” جا الفاظ ڪڍي ڇڏ جن ته سينگار جيڪر ٻسو ئي ٻسو رھجي وڃي، ڇاڪاڻ ته “سينگار” جي بيتن ۾ جيڪي پياريون تشبيھون اچن ٿيون تن جو مدار ئي “ڏھس” جي لفظن تي آھي.
“ڏھس” جو سَلو، پھريائين سرزمين سنڌ ۾ ڪنھن ھنيون ۽ ڪھڙي ھنڌ لڳو، سو قطعي طور تي فيصلو ڪرڻ مشڪل آھي. البته سگھڙن جي سينا به سينا روايات جي مدِعي نظر ڪجھ چئي سگھبو. سگھڙ جلال ڀُٽي ٻڌايو ته، “ننڍڙي لاڪون ٻڌندا ايندا آھيون ته ڏھس جي حق ۾، جلال کٽي، مڙني کان مٿاھون آھي.” ان مان ثابت ٿيو ته جلال کٽي جا ھمعصر شاعر، ھن نج سنڌي سگھڙپائي جي عظيم فن کان پوريءَ پر واقف ھئا، ليڪن سڀني جي سالاريءَ جو سھرو وري به جلال کٽي جي ئي سر تي سونھين ٿو. جلال کٽي “ڏھس” ٻڌا ھوندا ۽ ٻين شاعرن ۽ سگھڙن ٻڌا ھوندا، جن کان متاثر ٿي، ھنن به اھا ئي واٽ ورتي ھوندي، اھا نوڪ جھوڪ، خيالن جي ڏي وٺ ۽ ھڪ ٻئي کان ڪَڙ کڻڻ ۽ ميل مارڻ لاءِ، شاعرن ڪافي “ڏھس”چيو ھوندو. پر جيئن ته “ڏھس” محدود آھي محبوب جي خوبين ۽ وصفن جي تشبيھي لفظن تائين، تنھن ڪري ساڳئي “ڏھس” لاءِ مختلف قسم جا “ڏھس” ڏنائون. اھو ئي واحد سبب آھي، جو ھڪ “ڏھس” لاءِ ڪيتريون ئي مختلف پڙھڻيون موجود آھن.
“ڏھس” جي گھري مطالعي مان معلوم ٿيندو ته آيل لفظ: عربي، فارسي، سنڌي، سرائيڪي، پراڪرت، سنسڪرت، بلوچڪي، بروھڪي، ڍاٽڪي، لاسي، ٿري ۽ سنڌ جي چوڌاري وٽ جي محاورن تائين محدود آھن.
ان سلسلي ۾ ساڳي راءِ کي قائم رکندي، نوجوان محقق محترم ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو پنھنجي ترتيب ڏنل ڪتاب “ڪچھريءَ جا مور” جي مھاڳ ۾ ھيٺينءَ ريت تشريح ڪئي آھي.
ڏھس/ ويھس/ ٽيھس/ چاليھس
“ڏھس” لوڪ ادب ۾ اھڙي بيت يا ڏوھڙي کي چئجي ٿو، جنھن ۾ ڪنھن به ھڪ شئي جا ڏھ نالا ڏنا وڃن. ان وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي ذخيري ۽ سگھڙن جي ڄاڻ جي پروڙ پئجي سگھي ٿي.
گھڻو ڪري اڻ پڙھيل سگھڙن جي ڄاڻ جي پروڙ پئجي سگھي ٿي. گھڻو ڪري اڻپڙھيل سگھڙ، جيڪڏھن کين ڪنھن ھڪ شئي جا سنڌيءَ ۾ ڏھ نالا نه ملندا ته ٻين ٻولين جھڙوڪ: عربيءَ، فارسيءَ، ھنديءَ، بلوچيءَ، پنجابيءَ ۽ سنسڪرت وغيره مان ھٿ ڪري پورت ڪري وٺندا آھن يا وري ساڳيءَ جنس /شئي جا مختلف قسم بيان ڪندا آھن. الھ بخش نظاماڻيءَ جي راءِ ۾ ڏھس جا بيت سينگار وانگي اصل ھندي دوھن بيتن جو تتبع آھن. سنڌي شاعرن ھندي دوھن کان متاثر پنھنجي فضا ۽ ماحول موجب اھي بيت ۽ ڏوھيڙا چيا ۽ ڳايا آھن.
ڏھس ۾ محبوب جي ساراھ ۽ مختلف جانورن ۽ پکين جي نالن کان سواءِ سائينءَ جي قدرت، نبي ڪريمﷺ ۽ ٻين نبين، امامن، ولين ۽ بزگن جو شان به بيان ڪيو ويندو آھي. “ڏھس” کي “ڏھس سينگار” به سڏن. ان لحاظ سان اھو سينگار جو ھڪ قسم آھي.
اھا صنف آھي ته تمام گھڻي آڳاٽي پر ان کي ارڙھينءَ صديءَ ۾ تمام گھڻي ھٿي ملي، جنھن جو سبب اھو آھي ته ان وقت سنڌ جي تعليمي نصاب ۾ سنڌيءَ سان گڏ مختلف ٻولين جھڙوڪ: عربيءَ ۽ فارسيءَ جا لفظ به پڙھايا ويندا ھئا. ٻارن کي درسگاھن ۾ دُوايو (ٻه وايو = ٻن معنائن وارو) ۽ سِوايو (ٽوايو = ٽن معنائن وارو) پڙھائيندا ھئا. اھڙيءَ ريت ٻار سنڌيءَ کانسواءِ وڏا ٿي ڀر پاسي ۾ ڳالھائجندڙ ٻوليون به ڄاڻي وٺندا ھئا.
ھونءَ به اسلام جي ڪري عربيءَ ۽ حڪمرانن جي ڪري فارسيءَ سنڌ تي راج ڪيو آھي، تنھنڪري عام ماڻھو به انھن ٻولين جا لفظ سولائيءَ سان ڪتب آڻيندو ھو/آھي. ھن وقت به سنڌي ٻار سنڌيءَ سان گڏ عربي، اردو ۽ انگريزي ٻولي پڙھي ٿو ۽ انھن ٻولين جو اثر قبولي ٿو. اھو اثر سڄي زندگي برقرار رھي ٿو.
اسان جا سگھڙ ھاڻي ڏهس کان اڳتي نڪري ويھس، ٽيھس ۽ چاليھس تائين وڃي پھتا آھن، جنھن تي کين جَسُ هجي. ھن ڪتاب ۾ اھڙا مثال پيش ڪيا ويا آھن.
ھيٺ ڏھس ۽ ٻٽو ڏھس نموني خاطر پيش ڪجي ٿو.
“ڏھس”
گُلا لخ گوھر غازيءَ جا، وار ويتر ونگ وجھن
فٽ فـــــياض فـــــضيلت ور جــــــا ڏسي مار مرن
ڪاڪُل، ڪيس، ڪـاريھر کي، تفنگ تير ھڻن
ڀڙ ڀــــــنڊا ڀاڳ ڀرئي جا، ڏسي ڀيرا ڀونگ ڏين
زلـــــف زياده ذھـــــــب کان، ربـــــــاني رنگ ٺھن
اڳ اڳرا اپســــــرا گيســـــــو، شــــــھر تلنگ وڻن
جي مار سياھ کلي ميم مراقبي، ڏسي پٽ پون
جن کي لڳا امنگ عجيبن ڪندا بيان “بحرالدين” چئي
- بحرالدين شنباڻي
ٻٽو ڏھس
پٻ، پڳ، پائون، پايا، پد، پــاڪ پرينءَ جا پير
ريٽا، رتول، رتڙا، ارتا، مڃٺ، ڀنڀا ڀلي ڀير
ڦاز، فيٽ، چـــــــــرن، چمان، لـــــــھن من مونجهارا مير
ڪڪا، ڪڪور، کنهنبا، جيئن ڳاڙھا ٻيرين ٻير،
تيئن نازڪ- نتاڪ- ناز ڀرئي جا سھڻا جن جا سير
سي “گل ملڪ” مور مٿير، جن جي آهي اُڪير عرش کي
- گل حسن “گل” ملڪ
“سنڌي سينگار شاعري” ۾ مشھور محقق علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڏھس بابت تمام گھڻو تفصيل تحقيق سان سمجھايو آھي سندس ڏنل راءِ جيئن جو تيئن لکجي ٿي:
“سنگار رس” لاءِ استعمال ٿيل ھندي ٻوليءَ جي لغت محض سنسڪرت ۽ ھندي محاورن تائين محدود ھئي. سنڌ جي سڄاڻ سگھڙن پنھنجي “سنڌي سينگار” فن لاءِ ھڪ طرف پنھنجا انوکا سنڌي الفاظ اختيار ڪيا، ٻئي طرف “سنگار رس” شاعريءَ ۾ عام استعمال ٿيل سنسڪرت ۽ ھندي اسمن کي پنھنجو ڪيو، ۽ ٽئين طرف وري عربي، فارسي، ۽ بلوچي وغيره ٻولين مان انوکن اسمن جو ھڪ وڏو سرمايو ھٿ ڪيو. اھڙيءَ طرح “سنڌي سينگار” شاعريءَ کي انوکي ۽ ڳوڙھي اسلوب بيان ۾ ادا ڪرڻ لاءِ پنھنجي لغت ۾ ھڪ وڏي وسعت پيدا ڪيائون، بلڪ ائين چئجي ته خاص “سنڌي سينگار” فن لاءِ ڄڻ ھيءَ نئين لغت تيار ڪيائون، جنھن ۾ سنڌي، سنسڪرت، عربي، فارسي، بلوچي، براھوئي، سرائڪي، ٿري ۽ ڍاٽڪي ٻولين جي انوکن اسمن جو سرمايو شامل ھو. مختلف ٻولين جي مطلوب اسمن جي واقفيت ۽ ڄاڻ کي سنڌ جي سگھڙن ھڪ خاص “سگھڙپائي جو فن” قرار ڏنو، جنھن کي “ڏھسنامو” ڪري سڏيائون.
سنڌ جي موجوده سڄاڻ سگھڙن جي متفقه نظريي موجب “ڏھسنامو”سنڌي سگھڙپائي جو آ ڳاٽو فن آھي، جنھن جو مطلب آھي: لفظن جي اھا ڄاڻ ۽ بيان جو اھو نمونو جنھن ۾ “ڏھ ٻوليون ۽ ڏھ معنائون ھجن”. سندن متواتر روايت موجب “کٽي ڏھسنامي جي فن جا پھريان ڄاڻو ۽ ماھر ھئا. سنڌ جي ھن سيني-به-سيني ھلندڙ روايت مان ظاھر آھي ته ڏھسنامي جي فن جي شھرت جلال جي ڏينھن کان ٿي، سنڌي سينگار شاعريءَ جو فن به ان وقت اوج تي پھتو، انھيءَ ڪري سمجھجي ٿو ته ڏھسنامي جو فن، جنھن جي ذريعي مختلف ٻولين جي انوکن اسمن جي ڄاڻ پيدا ٿي، سنڌي سينگار شاعريءَ جي عروج لاءِ بنيادي ڏاڪو ھو.
غالباً سنڌ جي سگھڙن “ڏھسنامي” جو نالو ان وقت فارسي تعليم جي اصطلاحن کان متاثر ٿي اختيار ڪيو. فارسي سکڻ لاءِ “دووايو”، “ٽه وايو” ۽ “ آمدنامو” مشھور اصطلاحي نالا ھئا. سنڌ جي سگھڙن جو معياري نظريو ھو گھڻي ۾ گھڻن ٻولين جا انوکا الفاظ سکڻ، انھيءَ ڪري “ٻن” يا “ٽن” جي بدلي “ڏھن” جو عدد نظر ۾ رکيائون، ۽ “ آمدنامي” جي لحاظ سان پنھنجو نئون اصطلاح “ڏھسنامو” ايجاد ڪيائون.
سگھڙن جي ذريعي “ڏھسنامي” جا جيڪي مثال اسان تائين پھتا آھن، انھن مان معلوم ٿئي ٿو ته “ڏھسنامي” جي ڄاڻ خصوصاً “سنڌي سينگار” شاعريءَ جي خدمت واسطي پيدا ٿي. سنڌ جي سگھڙن خاص طرح انھن اسمن جا ھم معنى الفاظ ٻين ٻولين مان ڳولي ھٿ ڪيا، جن جو تعلق محبوب جي سھڻن عضون ۽ اندامن سان يا انھن جي مشابھات سان ھو. مثلاً محبوب جا وار، اکيون، ڏند، چپ، نڪ، چيلھ ۽ پير خاص طرح تعريف جي لائق ھوندا آھن، انھيءَ ڪري انھن اسمن جا ھم معنى الفاظ ٻين ٻولين مان ھٿ ڪيائون. تشبيھات جي دنيا ۾ محبوب جي حُسن، چھري جي رونق ۽ بدن جي صفائيءَ جي ڀيٽ سج، چنڊ، کنوڻ، سون وغيره سان ٿي سگھي ٿي، وارن جي ڀيٽ ڪاري رات ۽ ڪارن نانگن سان ٿي سگھي ٿي، اکين جي ڀيٽ ھرڻ جي اکين سان ٿي سگھي ٿي، ڏندن جي ڀيٽ موتين سان ٿي سگھي ٿي، لبن جي لالائي جي ڀيٽ “مينھن وساڙي” جيت ۽ لعلن وغيره سان ٿي سگھي ٿي، سندس سھڻي ھلڻي جي ڀيٽ ھاٿي، ھنجھ ۽ مور وغيره سان ٿي سگھي ٿي، سندس سنھي چيلھ جي ڀيٽ شينھن جي سنھي چيلھ سان ٿي سگھي ٿي،. انھيءَ لحاظ سان سج، چنڊ، کنوڻ، سون، مينھن وساڙي جيت، رات، نانگ، موتي، ھرڻ، ھاٿي، ھنج، مور ۽ شينھن جي اسمن جا ھم معنى الفاظ مختلف ٻولين مان ڳولي ھٿ ڪيائون، انھيءَ لاءِ ته انھن انوکن لفظن جي مؤثر ۽ موزون استعمال سان سنڌي سينگار شاعريءَ جي اسلوب بيان ۾ اھا ساڳي انوکائي ۽ ڳوڙھائي پيدا ڪري سگھن، جا کين ھنديءَ جھڙي ڌاري ٻوليءَ ۾ نظر ٿي آئي.
اسان ھت “ڏھسنامي” جا ڪي مثال قلمبند ڪريون ٿا، انھيءَ لاءِ ته لغت جو ھي مخصوص فن، جنھن تي سنڌي سينگار شاعريءَ جي اسلوب بيان جو دارومدار آھي، ان جي ماھيت قدري معلوم ٿئي. “ڏھسنامي” جي ڄاڻ ۽ رھاڻ جا عملي مثال اسان جا سگھڙ سيني به سيني سانڍيندا پئي آيا آھن.
آڳاٽي ۾ آڳاٽا سگھڙ جن جي ذريعي ھي مثال اسان تائين پھتا آھن، سي ھي آھن:
1) لس ٻيلي جي سڄاڻ سگھڙ ۽ شاعر نم فقير مڱڻھار(1750/1700- 96/1893) جي روايت، جا سندس عزيز صالح محمد کان معلوم ٿي.
2) لس ٻيلي ۽ ڪراچي طرف جا گذريل صديءَ جي نصف جا سگھڙ جن جي زباني ڪي چند: مثال آخوند عبدالرحيم “وفا” سنه 1273ھ ۾ سندس ھڪ ھٿ لکيل قلمي ڪتاب ۾ ڏنا آھن.
3) حمل فقير لغاري جنھن پنھنجي عرصه حيات (1225 - 1296ع) ۽ ڏھسنامي جا مثال مختلف سگھڙن وٽان ٻڌا، جن کي ھن پنھنجي شعر جي قلمي بياض جي چئن پنجن صفحن ۾ تفصيل سان قلمبند ڪيو آھي. غالباً اوائلي روايتن ۾ ھر ھڪ اسم جي ھم معنى لفظن کي ھڪ منظوم مصرع ۾ پويو ويو، انھيءَ لاءِ ته اھي نالا آسانيءَ سان ياد ڪري سگھجن - البته زماني جي گذرڻ سبب ڪن اسمن جون منظوم مصراعون سلامت نه رھيون آھن.
ھيٺيان مثال عضون جي ھم نام نالن جا آھن:
وار = اُڳ، رَڌان، ڪيس، ڪَچ، تَرنگ، چِڪُر، وار
شُعٰرَ، موءِ، ڦُٽ، زلف، ساجن سِر سينگار.
اکيون = آنک، اَکيان، نيک، ڪنول، چاھ، چشم، بن، رَين
ڀِڀ، کَنجَن، چُڀَ، کَن، اک، پِيﱡ، لوچَن دونَين.
يا
اَنک، اکيان، نيٽ ڪنول، نيتر، چاھ، چشم،
چتر، چڪس(؟)، پِيﱡ، دُرگَ، لوچن(؟) کنجن، ڇَم.
نڪ = نڪ، بيني، ڦونز، پامسَ، انف
(ناسَڪۡ، ناسا، ناڪ، ناٿڪ، پُزم، ڦاڪ، نيف، نوز، باس، ٻامس،)
چپ= ھونٽ، لب، شفت، چپ
(اوشٺ، رک، ھَونٺ، اڌر، اوٺ، جوڙ، اُونٺِ، لپس،سُندانِ، شفتين،)
ھيٺيان مثال تشبيھات وارن اسمن جي ھم نام نالن جا آھن:
الف) ڪاري رات ۽ ڪارا نانگ جن سان محبوب جي ڪارن وارن کي تشبيھ ڏيئي سگھجي ٿي.
رات = تُڳي، تُھاري، تامني، تَمھر، تام، تمس،
رات، رجني، رَين، ليل، پَھپ، چنيھر، نِس
شب، شام، شف، تامسرَ، تاڳي، پَھَنب، اَنس
(مس، تُلھاري، نائيٽ، تامت، تُمي مَسرين، نَنۡ)
نانگ= ڦُن، پنَيگ، ڀَوَنَگ، اَزگر،
ڪرشن، بدويس، نانگ، وسيھر
مار، ثَعبان، اَليھرَ، تَليھر.
(سِنيڪ، پين، راجلا، بشيھر، اُرڳ، وينس، سَپُ، اجگر، حَيَّ ثِھۡمار، ڪوبرا، دُوشُ، سَرۡد)
ب) سج، چنڊ، سون، ۽ کنوڻ، جن سان محبوب جي حسين منھن جي رونق کي تشبيھ ڏيئي سگھجي ٿي:
سج = شارق، شمس، وجون، ويذا، سجبرَن،
دِيۡ، سُرخي، ديِتاب،
آڏت، وَرن، سج، رَڀَن، خورشيد، بانا، بانَر
(يا بانسر؟) اَرن، آفتاب.
(سورج، آرڪ، تَپَنۡ، آڏتون، روش، سن، رَوِ، ھورُ، ڀانُ، خاور، سُوھو، سِجبَرۡنِ، مِھر، سِراجُ)
چنڊ = پُونو، پُنرو، پُونم، چاند، چَندورو، چنَد،
درڳ، سَسوئو، دَڄراج، پورب، سس، مڪرند
نوخ، قمر، ماھتاب، بدر، ماھ، ھلال، ھسندُ،
(برڳُ، ڪرنت، پانو، شِشڌَرُ، اِندُ، سِيسُ، بدر، مُونُ، نِشاقر، مڌاشُ، پُورَن، اُماس، چَنۡ، چندرما، نوڪِ، طوبا، سن (قديم عربي)
سون= ذَھب، سوسن، سُھُرو، ڪَنچن، سون، ڪُندَن
فيم، وتِافر، ٿھنگو، رُچِي، طلا، رتن.
(ڪَنڪَن، ھيم، زَرِ، سووَنۡ، خيسُنُ، جھينگن، گولڊ، ٿَنگہُ،)
کنوڻ = برق، دامني، بِج، سمڻه، جھانڪ، چي، ڪنگور،
کنوڻ، وڄ، بجلي، ڪروخ، ملار گھنه، چچور.
(ترني، چمڪت، اوپسر، وتاڦر، ڌِم، چاھا، ڪَشڻَدا، ڌَچين، بيجڙي، لائيٽننگ، گروڪِ، چيھي)
ج) ھرڻ، جنھن جي اکين سان محبوب جي اکين کي مشابھت ڏيئي سگھجي ٿي:
اُدگَر، آھُو، کرڊبدن، ھرن، ڪُرنگھان، ڇِيل،
جھوڪا، مِرگھ، غزاله، اَلڪه، آسھا، اسھول، نِيل.
(چيھل، ھِنَنۡ، ھِرڻ، اَسۡڪا، ارڳنڌ، کرڊنڊڻ، نَھَلۡ، نيل، خزم، آسَڪۡ، ايڻ، چيڻ، مرگھانيڻ، ٿانگر، ڪرنگھ، ڊيئر، ڊو، فان، ھارٽ، رو، روبڪ)
د) طوطو، جنھنجي ڪنڍي چُھنب سان محبوب جي ڪُنڍي نڪ کي تشبيھ ڏيئي سگھجي ٿي:
ڪِيل، اُنَنگ، تيمر، بُدر، سوندله.
(مٺُو، طوطو، ڪڪيلو، ڪونتر، چَتون، اَلبيغَا، پَپِيھر، پئرٽ، پال)
ھ) موتي جن سان سھڻن ڏندن کي ڀيٽي سگھجي ٿو:
تنگن، پدماوت، مرواريد، دوڏر
تاھل، سُندر، دُر، موتي، احمر.
(تنگو، دَڌۡسُتُ، گوھر، مڪتا، الماس، جوھر، رتن، موڪتڪ، نگين، لُؤۡ لُؤۡ، پرل، خُوارِ)
و) ھاٿي، جنھن جي سھڻي رفتار سان محبوب جي سھڻي ھلڻي ۽ لوڏ کي ڀيٽ ڏيئي سگھجي ٿي:
ڪُنجل، ڪُنجن، ھنوت، ھاٿي، گج، سنکرَ، غيدان
ھستي، چنچل، ھرنو، فيل، گَنير گت گيان.
(ڪُنچر، پيل، ڦِرَندُ، کيٿان، وَسُو، وارڻ، مَڪنو، گونٽو، پربت، مينڊل، ماتنگ، نيل، ايليفنٽ، دانا، اُسۡحَنۡ، گج لو، ھَسۡتِن، ڪُنجر، ناگ)
ز) شينھن، جنھن جي سنھي چيلھ سان محبوب جي باريڪ ڪمر کي تشبيھ ڏيئي سگھجي ٿي:
سنگ، ڪُنير، ڪارڌو، قيصر، لَيث، مَزار
اَسد، چيٽا، شير، شينھن، اَينٽرَ نانءُ نروار.
(چتره، ببر، ڪيھر، چيتو، ڪَنۡيل، لاين، ٽائيگر، ليو، لپرڊ، ڪَنٽِيرَوَ، ھَرِ، سِنگُ، خليغا، ڪينٽل، سارڌو، ضرار، پنچنک، پنچان، ھريک، مرگپ،پينتھر)
ھن وقت اٽڪل اڍائي سون ورھين کان پوءِ به ڏھسنامي جي لغت جي انھن مثالن ۽ مصراعن جو باقي رھڻ ثابت ڪري ٿو ته جلال ۽ سندس ساٿين جي وقت ۾ ھن فن جو ڪافي چر چو ھوندو- لغت جي ھن ذوق ۽ ڄاڻ ذريعي سنڌ جي سڄاڻ سگھڙن ۽ شاعرن اھي انوکا الفاظ ڄڻ پنھنجا ڪري چڏيا، ۽ انھن جي موزون ۽ مؤثر استعمال سان پنھنجي سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ اھا ڳوڙھائي پيدا ڪيائون جو ان جي ڀيٽ ۾ سندن اھل وطن واسطي “سنگار رس” جي ھندي ٻوليءَ واري انوکائي ھيچ بنجي وئي، ۽ ھو ھندي “سينگار رس” جي بدران، ھاڻي ڪلي طور “سنڌي سينگار” ڏانھن متوجھ ٿيا.
ھن ڪاميابيءَ جو سھرو يقيني طور حضرت جلال جي سر تي سونھي، جنھن پھريون دفعو “فن سينگار” کي نھايت مؤثر ۽ ڳوڙھي اسلوب بيان ۾ بھترين نموني سان نباھيو، جنھن ڪري انوکو ۽ ڳوڙھو اسلوب بيان سنڌي سينگار شاعريءَ جي ھڪ خاص خصوصيت بنجي ويو. اھا حقيقت اڳتي آندل بيتن مان پوريءَ طرح واضح ٿيندي، مگر اسلوب بيان جي ڳوڙھائيءَ کي ھت ابتدائي طور سمجھڻ لاءِ، جلال جو ھڪ بيت مثال طور ڏجي ٿو:
تَمھرَ روُپ تُرنَگ، آھن ڪنول ڪيس قريب جا
سِھ ڳچي، قد سرو سنئون، ڪَنونتر نيف نِسنگ
ڦوڳَرَ ڦوڳَ پِريانہَ جا، مزگان ڪيس خدنگ
لَڪ لَيثِي، ڏَھَرَ ڪَپُور، ڀِروان ڀؤنر ڀَوَنگ
تَنھن سُسايا سارنگ، جلوي ساڻ “جلال” چئي.
ظاھر آھي ته لغت جي وسيع ڄاڻ کان سواءِ ھن بيت جي ڳوڙھائيءَ کي سمجھڻ مشڪل آھي. قابل ھنر مند شاعر محبوب جي حسن جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته:
1) ڪاري اونداھي رات (تمھر) مثل، محض محبوب جا ڪارا ڊگھا وار (ترنگ) ڪنول گل جھڙا نرم وار (ڪيس) آھن.
2) سندس سھڻي ڳچي ڪونج (سھ) جھڙي، قد سنئون سروَ جھڙو، ۽ نڪ (نيف = ع. انف) طوطي (ڪئونتر) جي چنھب مثل نر وار ڪُنڍو آھي.
3) پرينءَ جا ڳل (ڦوڳر) مينھن وساوڙي جيت (ڦوڳ) جھڙا ڳاڙھا لال، ۽ سندس پنبڻين (مزگان) جا وار (ڪيس) تيرن (خدنگ) مثل آھن.
4) سندس ڪمر (لڪ) شينھن (ليث) جي چيلھ جھڙي سنھي، ڏند (ڏھر) اڇا ڪافور (ڪپور) جھڙا، ۽ ڀرون اھڙا ڪارا آھن جھڙا ڀونئر ۽ نانگ.
5) بقول جلال، (ھن سڀني صفتن سھڻي سڄڻ) سندس حسن جي جلوه ساڻ سانوڻ (سارنگ) جي سھسين رنگ سونھن کي به جھڪو ڪري ڇڏيو آھي!
جلال جي ھن بيت ۾ عربي، فارسي، سنسڪرت، ھندي ۽ سنڌي زبانن جي لغت سمايل آھي، ۽ غالباً سندس ئي ھن سِٽاءِ ذريعي سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ انوکن لفظن جو استعمال ھڪ مڃيل معيار بنجي ويو. نه فقط ايترو مگر ھن انوکي اسلوب بيان کان ھمعصر صوفي شاعر پڻ متاثر/ٿيا. ڀٽائي صاحب، جو جلال ۽ سندس ساٿين جو ھمعصر ھو، ۽ جنھن پنھنجي ذاتي فڪر ۽ طبع زاد بيان جي علاوه، ضرورت آھر ھر گل مان واس وٺي پنھنجي فڪر کي عالمگير ۽ بيان کي جامع البيان بنايو، تنھن پڻ پنھنجي ھمعصر شاعرن جي ھن نئين شاعرانه فن ۽ انوکي اسلوب بيان کي قدري پنھنجي زباني ڳايو ۽ چمڪايو.
مثلاً: سر ڪوھياري جا ھيٺيان ٻه بيت جن ۾ عمداً انوکن عربي لفظن کي استعمال ڪيو اٿس، سي ھن معاصرانه سينگار شاعريءَ جي ڳوڙھي اسلوب بيان جو عڪس ڏيکارين ٿا:
1) “ليل” نه جاڳئين لِک سين، ڪلي “نوم” ڪياءِ
“قم” ٿي پھچ قريب کي، “اجلس” تو نه جڳاءِ
مٺي! مھمانن سين ويھي رات وھاءِ
جيلانہ ننڊ ڪياءِ، تيلانہ روز رئين ٿي راھ ۾.
2) “اجلس” ڪري اٿيا، تنواريو توڏن
“نوم” نوازي ان کي، مرحبا موڏن
رڙھي رس روڏن، “اَليَومُ سِيرُو” سسئي!
نه فقط ايترو پر خود معاصرانه سينگار شاعريءَ جي دلچسپ مضمونن کان متاثر ٿي، ڀٽائي صاحب ھيٺيون بيت بلڪل انھيءَ رنگ ۾ چيو آھي ته:
گَنيَرَ گَت سکن، چلڻ جي چاھ پئي
ھِنڊوا حيرت ۾ پيا، لالي ڪي لبن
چمڪن چوڏس چنڊ جيئن وڄڙيون وھسن
لوچن ٿيون “لطيف” چئي، پسڻ لاءِ پرين
ڪيسر قريبن، سنباھي ساڻ ڪيا
(سر سارنگ، داستان ٽيون)
ھن بيت ۾ “گنيرگت” (ھاٿيءَ جي چال) ھنڊوا (ڳاڙھا مينھن وساوڙا جيت) ۽ ڪيسر (زعفران جنھن جي ڳاڙھي رنگ ۽ خوشبوءِ سان محبوب جي بدن جي لال ٻھڪندڙ رنگ ۽ ھٻڪار کي مشابھت ڏجي ٿي) خاص طرح ڏھس نامي جي لغت جا الفاظ آھن جي سينگار شاعريءَ ۾ عام استعمال ٿيل آھن.
تاريخ: 6- اپريل 2014ع
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ورسيءَ واري ڏينهن) “عاجز” رحمت الله لاشاري
باني/ مرڪزي صدر
سلات، (سنڌ بلوچستان)