مير علي نواز خان
شاعر هو، ۽ تنھنڪري عاشق مزاج. سندس عشق لاهور جي هڪ مائيءَ سان لڳو، ۽ عشق بہ اهڙو، جنھن کي واقعي ”عشق“ چئجي. مائي مير صاحب کان عشق جون مختلف منزلون تڪڙو تڪڙو طئہ ڪرائيندي رهي. لاهور هلي ويندي هئي تہ پوءِ ڪو ويھي ڏسي مير مھجور جو حال! نينھن جي نانوَ ۾ نوڙت ڀريا نو سؤ نياپا، سوز ۽ گداز جا دلدوز ثبوت، هجر جي رات جون ڪاريون ڪھاڻيون، شامِ غم ۽ صبحِ فراق جا قھري قصا، آزيون، نيزاريون، ميڙيون منٿون ۽ ان اپرانڌ رپين جون همياڻيون... هجر ۽ وصال، وصال ۽ هجر جي انھي ڪشمڪش واري زماني اندر ئي مير صاحب جي شاعريءَ جا ناپٽ وهي نڪتا، ٺھہ پھہ اردو غزلن جو هڪ ديوان، ۽ سنڌي ڪافين جو هڪ ڪتاب جوڙي راس ڪيائين. ”ناز“ تخلص هوس ۽ شعر ۾ چڱو سوز ۽ گداز سمايل. عشق مجازيءَ جي ان مصيبت کيس عشق حقيقيءَ ڏانھن بہ رغبت ڏياري. چنانچ اميريءَ سان گڏ، ڪڏهن ڪڏهن فقيري بہ ڪندو رهيو. گيڙو ڪفني، مٿو اگهاڙو، هٿ ۾ يڪتارو، زبان تي رندي ڪلام، ويرانن ۾ جهوپڙيون، ۽ جهوپڙين ۾ رهي عاشقانہ صدائون بلند ڪرڻ!
پنھنجي وقت جو سخي مرد هو. پئسو کٽندو هوس تہ پاڻ ڪاهي اچي خزاني جو دروازو زوريءَ کوليندو هو. ڪنھن وقت تہ چوندا هئا تہ ٽجوڙين ۾ فقط ٻہ - چار آنا پيل نظر ايندا هئس. وقت جو وزير شايد اصلي رقم آسي پاسي ٽاري ڇڏيندو هو. پويون دفعو مون ساڻس ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ ڪچھري ڪئي، هڪ ٻئي دوست سان گڏ. تحفي ڏيڻ لاءِ ٻي ڪا بہ وٿ وٽس ڪا نہ رهي هئي، هڪ تلور پکي شڪار ٿيل موجود هوس، جو بطور سوکڙيءَ جي پيش ڪيائين. حجاب کان اکيون هيٺ هئس، پر ملاقاتي پراڻي دوست کي هٿين خالي ڪيئن موٽائي؟
جوانيءَ جي زماني ۾ بيحد خوبصورت ليکيو ويندو هو. مون جڏهن ڏٺو، تڏهن عمر ۾ پڪو ٿي چڪو هو ۽ جسم ۾ بيحد متارو ٿي ويو هو، ايتريقدر جو هلڻ چلڻ بہ مشڪل لڳندو هوس. پر ان هوندي بہ چھري تي گذريل خوبصورتي جا نشان موجود هئس. قد ۾ ڊگهو، رنگ ڪڻڪ ونو، ڏاڙهي ڪوڙيل ۽ شھپر ڊگها - بنھہ ڪُوپو مڙس هو.
پھريون دفعو مون کيس هڪ محفل ۾ ڏٺو. خيرپور جي وڏي سرڪاري محلات، ”فيض محل ۾، مسٽر محمد ايوب کھڙي سندس اعزاز ۾ سرود سماع جي پارٽي ڏني هئي، جنھن ۾ ٻاهريون ڳائڻ واريون گهرايل هيون. سڄيءَ رياست ۽ پسگردائيءَ جا معزز موجود هئا. دير تائين راڳ ۽ رقص ٿيندو رهيو. مير صاحب پاڻ ڪوچ تي متمڪن هو، ۽ باقي شريڪ مجلس هيٺ غاليچن تي پلٿيون ماري، طول وهاڻن کي پٺي ڏيو ويٺا هئا. مير صاحب وقتاً فوقتاً گاني تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندو ۽ نيون نيون فرمائشون ڪندو ٿي رهيو. کيس خيال هو تہ هو پاڻ بہ موسيقيءَ جي فن جو وڏو ماهر آهي. حاشيہ نشين، برجستہ سلام ڪري سرڪار جي سخن شناسيءَ جو داد ڏيندا ٿي رهيا. ميزبان، يعني کھڙي صاحب ۽ ٻين وڏيرن ۽ ڪامورن، رپين جون مٺيون ڀري مير صاحب مٿان گهوري طوائفن ڏانھن پئي اڇلايون. چاندي جو هڪ ٿالھہ رپين سان ڀري خود مير صاحب جي اڳيان بہ رکيو ويو هو، جنھن مان مير صاحب بہ گاني وارين جي همت افزائي ٿي فرمائي.
قصيدن پڙهڻ لاءِ ڪجهہ شاعر بہ آيل هئا. انھن ۾ لاڙڪاڻي وارو ماستر غلام سرور قادري مرحوم (تخلص ”فقير“ ) بہ هو. خوبصورت، گلدار ڪاغذن تي هڪ طويل مدحيہ نظم ڇپارائي آيو هو، جنھن جي هڪ تڪ مون کي اڄ تائين ياد آهي:
”ايم. اي. کھڙو بہ آهي صادقانِ مير مان!“
کھڙو صاحب خيرپور رياست جو زميندار هو، ۽ ان ڪري ڪنھن حد تائين مير صاحب جو رعيتي. اوائلي زمانو هوس. سندس والد مغفور مرحوم، وڏيرو شاھہ محمد خان، تازو فوت ٿي ويو هو. پاڻ ڪاليج ڇڏي اچي خانداني ڪاروبار سنڀالڻ لڳو هو، ۽ سياست ۾ بہ اوائلي پير ٿي کنيائين. خيرپور جي وزير شيخ محمد قادر سان دوستي هيس، جنھن هر موقعي تي کيس اڳتي ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. اهو ئي سبب هو جو هن وزير صاحب جي مشوري مطابق، مير صاحب جي اعزاز ۾ اها پارٽي رچي هئي. حقيقت هيءَ آهي تہ منھنجي پنھنجي سياسي تربيت پڻ ساڳئي ئي ماحول ۾ ٿي. شيخ محمد قادر منھنجو بہ دوست هو. سياسي ميدان ۾ وس آهر آءٌ سندس خدمت ڪندو هوس، ۽ هن پاڻ بہ منھنجو چيو ڪڏهن ڪو نہ موٽايو.
مير علي نواز خان جي زماني جو هڪڙو جشن مون کان ڪڏهن ڪو نہ وسرندو. اهو جشن مير صاحب جي ”باليءَ“ سان شاديءَ واري موقعي تي ٿيو. سال پوريءَ طرح ياد نہ اٿم، پر شايد 1923ع هو، يا 1924ع. باليءَ سان مير صاحب جي عشق جو ڪھڙو عالم هو، تنھن جو ذڪر اڳ ٿي چڪو آهي. وڏيءَ محنت ۽ مشقت بعد وڃي باليءَ ۽ سندس ڀائرن (بگو خان ۽ فيروز خان) شاديءَ جي ڳالھہ قبول ڪئي - ڄڻ مئي مڙھہ ۾ ساھہ پئجي ويو. مير صاحب دل کولي خرچ ڪيو. مھمانن لاءِ ڪئمپون کلي ويون. گرميءَ جو زمانو هو، تنھنڪري ڪکايون لانڍيون ٺاهيون ويون، جن تي پاڻي اڇلايو ٿي ويو تہ جيئن ٿڌيون رهن. خيرپور ريلوي اسٽيشن واري ڦاٽڪ کان وٺي شھر تائين، ان زماني ۾ ميدان ئي ميدان هوندو هو: اهو سارو ميدان لانڍين ۽ ڪئمپن سان ڀريو ويو. مير صاحب جي پنھنجي رهائش ۽ شاديءَ جي مجلس لاءِ خاص لانڍيون پڻ انھيءَ ئي ميدان ۾ ٺاهيون ويون. طوائفن جي رهائش لاءِ هاءِ اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جون بلڊنگون خالي ڪرايل هيون. اٽڪل اسي کن طائفا لاهور، امرتسر، دهلي ۽ بمبئيءَ منجهان اچي ويا. هاءِ اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جي ڪنڊ ڪڙڇ مان طبلي جي ٿاڦ ۽ سارنگيءَ جي رون - رون ٻڌڻ ۾ ٿي آئي. ساري خيرپور ڄڻ لاهور جي هيرا منڊي بڻجي ويئي هئي. ماڻھن جا ڳاهٽ هئا. هر مھمان جي لانڍيءَ ڏانھن هڪ طائفو روانو ڪيو ٿي ويو. اها ورهاست شام ويلي پئي ٿي. تماشہ بين ساري هندستان مان ڇڪجي اچي خيرپور ۾ جمع ٿيا هئا. ناچ، گانا، کانا، آتشبازيون، جادوءَ جا کيل، مشاعرا، قصيدہ خوانيون - غرض تہ عيش ۽ تفريح لاءِ جا شي تصور ۾ اچي ٿي سگهي، سا موجود هئي. ڪيترا وڏا ماڻھو ۽ آفيسر بہ دعوت تي آيل هئا. جناب پير صالح شاھہ صاحب مرحوم راڻيپور وارو، مرحوم حڪيم مولوي محمد صادق صاحب راڻيپور وارو، ۽ هز هائينس مير نور محمد خان مرحوم حيدرآباد وارو، مون پھريون دفعو اتي ڏٺا. مرحوم خانبھادر الھہ بخش سان (جيڪو 1938ع ۾ جدا سنڌ جو چيف منسٽر بڻيو) منھنجي پھرين واقفيت ان موقعي تي ٿي. شام جو منھنجي پنھنجي رهڻ واريءَ جاءِ تي گاني جو انتظام ٿيو. گاني واري هئي مختار بيگم امرتسري، جنھن اڳتي هلي وڏو نالو پيدا ڪيو. اڃا سندس اوائلي زمانو هو. سندس حسن ۽ جوانيءَ واري ٻوٽي کي تاهنوز ڪوسو واءُ ڪو نہ لڳو هو. هڪ ٺمري خاص مزي سان ڳايائين:
”مين توسي ناهين بولون ري!“
بمبئيءَ مان هيراٻائي نالي هڪ طوائف آيل هئي، جنھن جا وار ايڏا ڊگها هئا جا اُڀي قد بيھي(”قد جي بہ ڪافي ڊگهي هئي) وارن جو مچو کڙين هيٺان ڏيئي ڇڏيندي هئي.
مجلس هلندي، خزانو خالي ٿي ويو - ڪيترن ڏينھن تائين پنھنجين فين وصول ڪرڻ خاطر طوائفن کي خيرپور ۾ رهي ڌڪا کائڻا پيا.