ديوان بسنترام
وڪيل هو، پر دوستن جو جيڪو معاملو ٿيندو، بسنترام جو وڪالت نامو خود بخود داخل ٿي ويندو. بگيءَ جو ِڀاڙو پاڻ ادا ڪندو. ڪورٽ في اسٽانمپ پاڻ ڳنھندو. نقلاڻو پاڻ ڀريندو. وقت ايندو تہ کارائي پياري بہ ڇڏيندو. پنھنجي قسمت سارو دوست نرڳ وڃي يا سرڳ، پر بسنترام جي وفا بسنت جي حالت ۾ ئي رهندي.
ميونسپل جي اسٽئنڊنگ ڪاميٽيءَ جو چيئرمن ٿيو. ان کان پوءِ ستت ئي ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊيو، پر هڪ لحظي لاءِ بہ خيال دماغ ۾ ڪو نہ آيس تہ ڪو هو وڏو ماڻھو بڻيو آهي. ساڳيو ئي حال ساڳي ئي هلت، اُهو ئي سادو سوٽ، اهو ئي مٽيءَ لڳل ڪهنو بوٽ، اُهي ئي گهٽيون اُهي ئي گهاٽ.
ماڻھو سخت تنگ ڪندس تہ بہ تکو اکر نہ ڳالھائيندو، منھن ۾ گهنڊ نہ وجهندو، قميص يا ڪوٽ جي ڪنڊ کان جهليندس تہ جهٽڪو ڏيئي پاند نہ پري ڪندو. ڏاڍو پريشان ٿيندو ۽ ڄڀ سڪي ويندس، تہ نڪ مان ڦوهارا ڏيڻ شروع ڪندو. سمجهي وٺبو تہ ڀائي بسنت تي هينئر ڏکي گهڙي اچي ويئي آهي.
سکر جي تاريخ ۾ عوامي ماڻھن مان بسنترام ئي پھريون شخص هو، جو ميونسپل جو پريزيڊنٽ بڻيو - محض خدمت، سچائي، ۽ دوست نوازيءَ جي طفيل، ۽ سو بہ واسينگن جي وچ ۾. وڏا وڏا وڪيل، ديش ڀڳت، ديوان بھادر، پير، امير، آغا، سنت، سيٺيون، ۽ سمپادڪ ميدان ۾ موجود هئا، پر بسنترام جي مقابلي ۾ مڙني کي بس ڪرڻي پئي. ۽ نہ وري انگريزن اڳيان ئي وڃي ڪڏهن سيس نمايائين. سچ آهي تہ اهو زمانو انگريزن جي بہ پڇاڙيءَ جو هو، پر ان هوندي بہ ميونسپل پريزيڊنٽ کي سکر جي ڪليڪٽر جي مڙيو ئي ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪاڻ ضرور ڪڍڻي پوندي هئي. بسنترام ان آزار کان بہ آزاد رهيو.
مون ساڻ دوستي هيس، پر اسان ٻنھي جي اڳيان هڪڙو مقام ڏاڍو مشڪل اچي ويو.
پاڻ سکر ميونسپل جو پريزيڊنٽ ۽ سندس ميمبر ۽ مددگار اڪثر هندو. مان سنڌ پراونشل مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري ۽ مسجد منزلگاھہ جي واگذاريءَ واريءَ تحريڪ جي مکيہ اڳواڻن مان هڪ.
سال 1940ع ۾ منزلگاھہ جي سوال تي اچي متو هو ممڻ. مسلمانن گهر ڪئي تہ منزلگاھہ جي ميدان واريون ٻہ عمارتون مسجد ۽ ان جو حجرو آهن، تنھنڪري انھن جو قبضو موٽائي مسلمانن جي حوالي ڪيو وڃي. هندن ڪئي ان مطالبي جي زوردار مخالفت. سنڌ جو چيف منسٽر هو خانبھادر ﷲ بخش، ۽ خانبھادر مرحوم جو سنڌ اسيمبليءَ اندر مدار هو ڪانگريسي هندو ميمبرن جي ووٽن تي. فيصلو ڪيائين تہ اها عمارت مسجد نہ آهي، تنهڪري ان جو قبضو سرڪار وٽ ئي رهندو. مسلم ليگ فيصلو ڪيو ستياگرھہ جو. ڪجهہ ڏينھن جي هلچل بعد شروع ٿي ستياگرھہ. ستياگرهين وڃي ورتو قبضو مسجد جو. هزار کن پيا جيل ۾. جيل مان آزاد ٿي، وڃي ويٺا مسجد سڳوريءَ ۾. ﷲ بخش گورنمينٽ ڪيو ٻيو حڪم تہ بيقاعدي ورتل قبضو ڇڏايو وڃي. زوريءَ اچي گهڙي پوليس مسجد ۾. ڪن مسلمانن کي لڳيون لٺيون، ڪن تي اُٺي گئس، ڪن جا وهيا رت. پوءِ تہ شروع ٿيا هندو- مسلم فساد- ڪشت ۽ خون، ساڙ، ٻار، اوندھہ ۽ انڌوڪار! سوين ماڻھو، سکر شھر ۽ پسگردائيءَ اندر، ويا قتلام ٿي. لکن ڪروڙن جون جائدادون ٿي ويون باهين وگهي ڀسم. هزارين مسلمانن کي ڇڪي وڌائون جيلن ۾. ان وچ ۾ هندن پاڻ بيزار ٿي ڏني موڪل خانبھادر ﷲ بخش جي وزارت کي ۽ ان جي جاءِ تي قائم ڪرايائون مسلم ليگ جي پھرين وزارت. ان نئين وزارت کان ورتائون واعدو تہ هڪ ٽربيونل کڙو ڪري، ڪرايو ويندو فيصلو تہ فسادن ۾ اڳرائي ڪنھن ڪئي ۽ ٿيل نقصان جو هرجانو ڪير ڏئي ۽ ڪنھن کي. ٽربيونل جو جج مقرر ٿيو جسٽس وليسٽن - سنڌ چيف ڪورٽ جو هڪ جج. ٽربيونل اڳيان مسلمانن جو وڪيل آءٌ. هندن پاران مکيہ شاهد، سکر ميونسپل جو پريزيڊنٽ، يعني ديوان بسنترام. اهو هو منزلگاھہ جو قصو ۽ اهو هو امتحان منھنجي ۽ بسنت جي دوستيءَ جو!
جنھن وقت ٽربيونل جي ڪارروائي شروع ٿي، هندن خواھہ مسلمانن جي دلين ۾ اسان ٻنھي ڏانھن شڪ شبھا هئا. هندن کي خوف هو تہ مبادا بسنترام منھنجي دوستيءَ ڪري ڪوڙ ڳالھائي، مسلمانن کي فائدو پھچائي! ساڳيءَ طرح ڪن جوشيلن مسلمانن کي بہ خطرو هو تہ بسنترام سان تعلقات جي بنا تي مبادا مان کانئس زور سان آڏي پڇا نہ ڪريان ۽ ان ڪري مسلمانن جي مفاد کي ڇيھو رسي وڃي! هيون ٻيئي ڌريون غلط. اسان ٻنھي مان هر هڪ کي پنھنجو پنھنجو فرض بجا آڻڻو هو.
ٽربيونل اڳيان هندن پاران پھريون شاهد هو بسنترام. بسنت اڳ ۾ ئي هندن کي چئي ڇڏيو هو تہ هو ڪوڙ ڪو نہ ڳالھائيندو، البت جيڪي ڏوھہ سچ پچ مسلمانن ڪيا آهن، تن کي ڍڪڻ جي بہ ڪوشش ڪو نہ ڪندو. ڪورٽ جي ڪارروائي شروع ٿي. هندن پاران درجن کن وڪيل، سرڪار پاران اوسليوان بيرسٽر، خانبھادر ﷲ بخش طرفان ڪراچيءَ جو ناميارو هندو وڪيل سري ڪشنداس لولا، ۽ مسلمانن پاران فقط آءٌ - نہ وڪيل هوس، نہ ڪڏهن ڪنھن وڪيل جو منشي ئي ٿي رهيو هوس. حقيقت هيءَ هئي تہ مسلمانن کان وڪيل جي فيءَ جا پئسا ڪو نہ ٿي ِٿي سگهيا، تنھنڪري ئي ِاها ڦاهي منھنجي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏي هئائون.
آيو پھريون شاهد ديوان بسنترام. جيترو ڏٺو يا ٻڌو هئائين، سو سڀ چئي ويو. هندو ڏاڍو خوش ٿيا. سرڪاري وڪيل آڏي پڇا ڪيس. ساڳيءَ طرح ﷲ بخش جي ايڊووڪيٽ بہ. ان کان پوءِ آيو منھنجو وارو. سچ هيءُ آهي تہ مون کانئس آڏي پڇا تمام بيرحميءَ سان ڪئي. ڪو بہ لحاظ دوستيءَ جو ڪو نہ رکيو مانس. پورا ٻہ ڏينھن کيس ڇيڇاڙيندو رهيس. غريب وڃي تہ ڪاڏي وڃي؟ مان هوس ڪڙمي ڪارائو. هر هڪ واقعو منھنجين پنھنجين اکين اڳيان ٿي گذريو هو، پوءِ ڪيئن ٿي بسنترام انھن ڳالھين کي لڪائي سگهيو؟ نتيجو اهو نڪتو، جو پھرين ٻن ڏينھن جي ڪارگذاريءَ منجهان ئي جج کي اصل حقيقت جو پتو پئجي ويو. ڪيس مسلمانن جي فائدي ۾ فيصل ٿيو.
مون کي خطرو هو تہ بسنترام ۽ منھنجي دوستيءَ جو پويون ڏينھن اچي ويو. مون نٿي سمجهيو تہ سندس دل ۽ دماغ ۾ ڪا ايتري وسعت آهي، جو هو منھنجي ڪيل ساريءَ سختيءَ ۽ بي مروتيءَ کي وساري سگهي. ڪيترن ڏينھن تائين تہ سندس منھن ڏسڻ کان بہ گسائيندو وتيس. پر جڏهن وري مليو تہ معلوم ٿيو تہ کيس اهو واقعو ياد ئي ڪو نہ هو، ۽ نہ وري پڇاڙيءَ تائين ڪڏهن ان جو ڪو ذڪر ئي ڪيائين. هندن ڏاڍيون ميارون ڏنيس - چي ”راشدي تنھنجو دوست ٿي، توسان ڇا نہ ڪري گذريو؟“ جواب ڏيندو هونِ: “راشديءَ پنھنجي ڊيوٽي ادا ڪئي. ان ۾ دوستيءَ يا ميار جو ڪھڙو سوال هو؟”
ساڳئي ٽربيونل اڳيان، هندن پاران، ڪي ڏسڻا وائسڻا مسلمان ليڊر بہ بطور اچي پيش پيا هئا ۽ پير کوڙي مسلمانن جي ٻيڙي ٻوڙي هئائون. مون کانئن بہ آڏي پڇا ڪئي هئي ۽ ساڳيءَ سختيءَ سان. اڄ ان ڳالھہ کي چوويھہ ورهيہ گذري ويا آهن، پر اڃا مون کي معاف نہ ڪيو اٿن! - اهو هو فرق هنن مسلمانن ۽ بسنترام جي ڪيريڪٽر ۾!
افسوس اهو آهي تہ پاڪستان ٺھڻ بعد بسنترام کي بہ پنھنجو اباڻو وطن ڇڏڻو پيو. جيڪڏهن رهجي وڃي ها، تہ سکر بلڪ ساريءَ سنڌ جي پبلڪ لاءِ ڏاڍو ڪارگر ثابت ٿئي ها. سندس دل ۽ دوستيءَ جو هيءُ عالم آهي، جو ايترن ورهين گذرڻ کان پوءِ بہ دوستن کي ڪو نہ وساريو اٿائين. اسان مان ڪو کيس ياد ڪري يا نہ، هو ضرور چٺي چپاٽي لکندو رهندو.
چڱيءَ دل ۽ خراب دل وارا انسان، مائن جي پيٽن مان پنھنجون خاص طبيعتون وٺي ٻاهر نڪتا آهن. انھن طبيعتن ۾، جا سندن اصلي فطرت آهي، زماني جي حال موجب ڪو بہ ڦيرو ڪو نہ ٿو اچي. سياڻن سچ چيو آهي:
”جيڪي ڪني ۾ هوندو، سو ئي پاٽ ۾ پوندو!“