سردار واحد بخش خان ڀٽو
اميراڻي طرز تي رهڻ ۽ هلڻ ڪو کانئس سکي ها! زمينداري وڏي ۽ دولت ڪافي هيس، پر اُن جو ڏيکاءُ اصلي مُوڙيءَ کان بہ زياده پيو ٿيندو هو. اڌ سنڌ جي وڏيرن کي دوستيءَ جي دام ذريعي پنھنجيءَ سنگت ۾ شامل ڪري ڇڏيائين. مشڪل سان ڪو اهڙو ضلعو هو، جت ڪو نہ ڪو سندس سر ڦِريو سنگتي موجود نہ هوندو هو. دوستي گهڻو ڪري جوان مردن ۽ همت وارن ماڻھن سان رکندو هو. نہ وري سندس دوستي ٺلھي يا رُکي قسم جي ئي هوندي هئي. پنھنجن دوستن سان انتھائي ڪشاده دليءَ جو سلوڪ ڪندو هو. جيڏانھن نڪرندو، سنگتين جو ٽولو ساڻ وٺي هلندو. انھن جي خدمت ۽ خاطري ايڏي پيماني تي پئي ٿيندي، جو هلندي هلندي مھينا گذري ويندا، پر ڳوٺ ياد ڪونہ پوندن. شئل شڪار، سير تفريح، کانا گانا، سڀ شي موجود: پوءِ ڪير اهڙو بي سمجهہ هوندو، جو اهي مزا ڇڏي وڃي پنھنجن گهرو معاملن ۾ مبتلا ٿئي ها؟
ﷲ تعاليٰ ڪن ڪن ماڻھن ۾ اهڙيون خصوصيتون رکي ٿو، جن جو اثر تہ محسوس ٿيندو رهي ٿو، پر انھن کي ڪنھن معين نالي سان سڏي نٿو سگهجي. مثلاً، واحد بخش خان مرحوم ۾ هيءَ خصوصيت هوندي هئي تہ جتي موجود هوندو، اتي ميلو لڳو پيو هوندو - نہ فقط سندس رهائش واريءَ جاءِ تي، پر ان ساري شھر مٿان بسنتي رُت ڇانيل هوندي - ڳليءَ ڪوچي، وڻ ٽڻ مان ائين پيو بکندو تہ اڄ ڪو غير معمولي ماڻھو آيل آهي.
ڪجهہ عرصي جي پيڙھہ ٻڌڻ کان پوءِ، مرحوم پنھنجي اصلي مطمح نظر، يعني سياست طرف هلڻ شروع ڪيو. سينٽرل اسيمبليءَ جون چونڊون شروع ٿيون. پاڻ سنڌ جي زميندارن جاگيردارن واريءَ سيٽ لاءِ اميدواريءَ جو اعلان ڪيائين. سندس شخصيت ۽ تعلقات ۽ دولت جو اڳ ۾ ئي اهڙو پَرتو پيل هو، جو ڪنھن کي بہ سندس مقابلي ۾ بيھڻ جي مجال ڪانہ ٿي. وقت آئي هر ٻيو اميدوار ڀڄي ويو. دهليءَ پھچڻ بعد پڻ سندس طريقو ساڳيو ئي رهيو. اٿڻي ويھڻي، رعب ۽ تاب ۾ هندستان جي نوابن ۽ راجائن سان ڪلھا گسائيندو رهيو. سياسي علم گهڻو ڪونہ هوس، تنھنڪري اسيمبليءَ اندر تقرير ڪرڻ جو سوال پيدا ڪونہ ٿي ٿيو، پر ٻاهران ٻاهر ڪافي فضا پيدا ڪريو ويٺو رهيو. سينٽرل اسيمبليءَ جي ٽرم پوري ٿيڻ بعد بمبئي ڪائونسل جو ميمبر منتخب ٿيو، پر وري بہ بنا مقابلي.
همت ۽ هستيءَ ۾ پنھنجو مثال پاڻ هو. جنھن جي مخالف ٿيو، ان جي ننڊ حرام ٿي. سخت کان سخت مقابلو ڪندي بہ هرگز باز نہ ايندو. خوددار هو، تنھنڪري وقت جا ڪامورا گهڻو ڪري ساڻس ڪونہ ٺھيا.
هڪ دفعي مٿس ڏاڍو نازڪ ڪيس ٿي پيو. ڇَتي ٻرڙي جو ذڪر، وڏيري رسول بخش خان ڀٽي سان تعلق رکندڙ مضمون ۾ اچي چڪو آهي - ان ڇتي جي زال ڀڄي ويئي. ڇتي وڃي گور والا نالي لاڙڪاڻي ڊويزن جي هڪ جوشيلي نوجوان پارسي اسسٽنٽ ڪليڪٽر کي درخواست ڏني تہ سندس زال کي گم ڪرائڻ ۾ واحد بخش خان جو هٿ آهي، ڇو تہ واحد بخش جي ساڻس دشمني آهي. گور والا وڏيرن جي خلاف هوندو هو، موقعي ملندي ڪنھن بہ وڏي ماڻھوءَ جي آبرو ريزي ڪندي ڪونہ مڙندو هو، تنھن اها درخواست جاچ لاءِ ضلعي جي ڪپتان مسٽر جج ڏانھن رواني ڪئي. جج جو سڀ کان زياده معتمد سب انسپيڪٽر، عبدﷲ خان نالي هڪ پٺاڻ هوندو هو. اهو عبدﷲ خان، پنھنجي مٿي، هڪ وڏو ڪيريڪٽر هو. ڪيترا سال رتيديري ۾ صوبيدار رهي چڪو هو. پوليس جو ڪاروبار هلائڻ ڪو کانئس سکي ها. مجال آهي ڪنھن چور کي جو ساڻس سچو احوال نہ ڪري، يا وري عبدﷲ خان جي حد اندر، عبدﷲ خان جي آئي کان پوءِ، ڪو ڏوھہ ڪري وجهي. هوندو فقط صوبيدار هو، پر ڏِک اڳوڻن مغل نوابن جھڙي پيو ڏيندو. رپورٽن لکڻ يا ڪيس تيار ڪرڻ ۾ استاد جو درجو حاصل هوس. قاعدي قانون جو زبردست ماهر هو. پنھنجن آفيسرن يا ڪنھن عدالت اڳيان بيھي ڪنھن ڪيس جو تجزيو ڪيائين، تہ ڪنھن کي مجال ڪانہ هوندي جو ان سان اختلاف ڪري سگهي. جنھن انگريز پوليس ڪپتان سان واهپو ٿيس، سو سندس عاشق ٿي پيو.
ڇَتي ٻرڙي جي درخواست جاچ لاءِ ان عبدﷲ خان جي سپرد ٿي، تہ ماڻھن کي يقين ٿي ويو تہ هينئر واحد بخش خان ڏانھن خير ڪونہ ٿيندو. آخر ٿيو بہ ائين. بدقسمتيءَ سان جاچ هلندي، اُها عورت (جنھن جو نالو هو مسمات خانزادي) مري ويئي، جڏهن پوليس وڃي سندس قبر کوٽي، تڏهن ڏٺو ويو تہ قبر مان لاش تازو نڪتل آهي.
سياري جي موسم هئي. هڪ شام جو اوچتو هيءَ خبر لاڙڪاڻي ۾ پکڙجي ويئي تہ پوليس واحد بخش خان کي گرفتار ڪري، ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ جي ڪورٽ اڳيان چالان ڪري رهي آهي. آءٌ بہ ڊوڙي وڃي ڪورٽ ۾ پھتس. هشام ماڻھن جا تماشي ڏسڻ لاءِ موجود هئا. ٿوريءَ دير ۾ عبدﷲ خان واحد بخش خان کي گرفتار ڪري، ڪورٽ ۾ وٺي آيو. ڪورٽ بند ٿيڻ تي هئي، مگر ماجسٽريٽ ان هوندي بہ ڪورٽ کولي ويھي رهيو. ضمانت لاءِ درخواست پيش ٿي، ڌرين جي وڪيلن تقريرون ڪيون، ماجسٽريٽ درخواست رد ڪئي، پر ان هوندي بہ واحد بخش خان کي ڪورٽ ۾ ويھاريو ويٺو رهيو، ڇو تہ کيس ٻڌايو ويو هو تہ ضمانت جي ٻي درخواست سيشن ڪورٽ اڳيان پيش ٿي رهي آهي ۽ ان جي نتيجي نڪرڻ تائين واحد بخش خان کي جيل ڏانھن نہ موڪليو وڃي. ان وچ ۾ رات پئجي ويئي، ڪورٽ جي اهلڪارن ڊڪي ڊوڙي گاسليٽ سان ٻرندڙ بتيون هٿ ڪري آڻي ڪورٽ ۾ رکيون. واحد بخش خان مرحوم، منھنجي قريب، ڪرسيءَ تي ويٺو رهيو. سندس چھري تي ڪنھن بہ قسم جي پريشانيءَ جا آثار ڪين هئا، پاڻ پوليس عملدارن ڏانھن ڏسندو ۽ پنھنجن شھپرن تي هٿ ڦيرائيندو ٿي رهيو. اٺين بجي ڌاري سيشن ڪورٽ وٽان سندس ضمانت تي آزاديءَ جو حڪم آيو، ۽ پاڻ اٿي پنھنجي بنگلي تي آيو. بعد ۾ معلوم ٿيو تہ سيشن جج، (مرحوم سر شاهنواز خان ڀٽي جي چوڻ تي، ٽينس جي راند ڇڏي، اچي پنھنجي ڪورٽ کولي هئي، ۽ اتي خود سر شاهنواز خان ڀٽي کي ضامن وٺي، واحد بخش خان جي رهائيءَ جو حڪم ڪيو هئائين.)
ڪيس هلندي ساري سنڌ ٿرٿلي ۾ هئي. هر ڪنھن جون اکيون ان مقدمي تي کتل هيون. سرڪار، خاص ان ڪيس هلائڻ لاءِ، آغا غلام حسين کي اسپيشل ماجسٽريٽ مقرر ڪيو. آغا غلام حسين وڏي رعب سان ڪيس هلايو. ٻنھي طرفن کان وڏا وڏا وڪيل پيروي ڪندا رهيا. واحد بخش خان جو وڪيل مسٽر ٽي. جي. الفنسٽن ٿيو، جو انگريز هو ۽ سنڌ جو پبلڪ پراسيڪيوٽر پڻ هو. انھن ڏينھن ۾ پئسي وارا وڪيل ڪري ايندا هئا. اهي انگريز وڪيل قانوندانيءَ ۾ ڪيترن ديسي وڪيلن کان گهٽ هوندا هئا، پر اڇي چمڙيءَ جو وڏو مانُ هوندو هو ۽ ديسي ماجسٽريٽ سندن گهڻو خيال رکندا هئا.
آغا غلام حسين اوائلي جاچ ختم ڪري، ڪيس سيشن ڪورٽ ڏانھن ڪمٽ ڪيو. ڪيس حيدرآباد جي سيشن ڪورٽ ۾ هلڻو ٿيو. ڪيس کي اڳ ۾ ئي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هو. انگريز جج هو، تنھن ڪيس جو هڪ حصو هلائي، جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو. ان فتويٰ کي ڏسي، بمبئي گورنمينٽ ڪيس جو ٻيو حصو، جنھن ۾ واحد بخش خان پاڻ ماخوذ هو، پاڻ وٿڊرا (Withdraw) ڪرائي ورتو ۽ ان طرح مرحوم واحد بخش خان، ڪيتري عرصي جي پيڙا بعد وڃي آزاد ٿيو.
انھن ڏينھن ۾ ”سنڌ آبزرور“ نالي (1) هندن جي هڪ روزانہ اخبار ڪراچيءَ مان نڪرندي هئي. ڪي. پنيا نالي هڪ سخت متعصب مدراسي هندو ان جو ايڊيٽر هوندو هو. ان اخبار جي پاليسي هوندي هئي تہ هر طريقي سنڌ مان مسلمانن جو زور ڀڳو وڃي. تنھن، واحد بخش خان جي ڪيس جي خارج ٿيڻ جو ٻڌي، هڪ سخت ايڊيٽوريل لکيو (2) جنھن ۾ بمبئي سرڪار تي هيءُ الزام لڳايو هئائين تہ هن سر ڀٽي جي سياسي اثر هيٺ اچي، واحد بخش خان، سندس سؤٽ تان ڪيس ڪڍائي قانون ۽ انصاف سان سخت هاڃي ڪئي آهي. ان ايڊيٽوريل ڪري چوٻولو گهڻو پيدا ٿيو، ۽ خود بمبئي ڪائونسل جي اجلاس اندر بہ بحث مباحثو ٿيو، پر مقدمو اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪو هو.
اهو مقدمو، مقدمو نہ هو، هڪ مستقل مصيبت هئي. پر واحد بخش خان مرحوم جو حوصلو ڪڏهن بہ پست ڪونہ ٿيو - ساڳيو شان، ساڳي لاپرواهي، ۽ ساڳيون چئلينجون دشمنن کي. البت، پس پرده، ياد خدا ۽ نماز جي ادائگي خاص خيال سان ٿيندي ٿي رهي.
مرحوم ڪنھن بہ پاڻ جھڙي انسان اڳيان هٿ ڊگهو نہ ڪيو، باقي پنھنجي آقا اڳيان نوڙت ڪندي، يا ان سان حاجت بيان ڪندي، ڪنھن بہ شرم يا حجاب جو ڪو سوال پيدا ڪونہ ٿي ٿيو.
ڪپڙي لٽي ۽ ساز سامان جو مرحوم کي بيحد شوق هوندو هو.
انڊين اسيمبليءَ ۾ چونڊجي دهلي ويو. اتي ڳاڙهي رنگ جي هڪ تازي آيل شاهي موٽر ڪار، پئڪارڊ، ورتائين - جيڪا اوستائين ٻئي ڪنھن بہ راجا راجواڙي وٽ ڪانہ هئي. ان ۾ وري هڻايائين وڏيون وڏيون شمعون ۽ غير معمولي قسم جا هارن، جن مان موسيقيءَ جا آواز ٿي نڪتا. پوئينءَ سيٽ جي اڳيان، هوا کي روڪڻ لاءِ وڏو شيشو هڻائي، ان تي وڏن اکرن ۾ پنھنجو نالو لکارايائين، تہ جيئن ڏسندڙن کي موٽر سان گڏ موٽر جي مالڪ جو نالو بہ معلوم ٿيندو رهي. جڏهن اها موٽر ڪراچيءَ ۾ هلندي هئي، تہ ماڻھن جا هشام مڙي ويندا هئا. پاڻ لباس بہ راجائن جھڙو ئي پھريندو هو. راجپوت قسم جي، پاسي تي آهليل رنگا رنگي پڳ، سوٽ يا شيرواني ۽ شلوار، ڪڏهن ڪڏهن شلوار سان گڏ ريشمي گلدار پھراڻ ۽ زريءَ سان ڀريل جُتي. ڌڻي تعاليٰ صورت بہ ڏسڻ جھڙي ڏني هيس، جنھن تي هر قسم جو ڪپڙو پيو ٺهندو هو- قد ڊگهو ۽ موزون، چھرو موڪرو، شھپر وڏا، ڀرون جاڙيون، ۽ رنگ کليل.
پنھنجي ڳوٺ (ڳوٺ پير بخش ڀٽو تعلقو رتو ديرو) اندر، رهڻ واريءَ جاءِ کي محلات جي نموني تي سينگاريائين. روشني ۽ پکن هڻائڻ لاءِ خاص پنھنجي خرچ تي بجليءَ جو جنريٽر هڻارايائين. نوڪرن چاڪرن، بٽلرن ۽ ڊرائيورن کي مونوگرام سان ورديون ڏنائين. جنھن صورت ۾ حڪومت اڃا کيس ڪنھن بہ وڏي خطاب ڏيڻ لاءِ تيار ڪانہ هئي، تنھن صورت ۾ هن صاحب پاڻ ڀٽي قوم کي گڏ ڪري، انھن جي سرداري قبول ڪئي. ان ڏينھن کان پوءِ، عام ماڻھو کيس سردار واحد بخش خان سڏڻ لڳا. پسگردائيءَ جا غريب ۽ نوڪر چاڪر کيس ”نواب صاحب“ سڏيندا رهيا. نوابن کي سڱ ڪونہ ٿيندا هئا، جيڪڏهن واحد بخش خان نوابيءَ جي لائق ڪونہ هو، تہ سنڌ اندر يقيناً ٻيو بہ ڪو نوابيءَ جي لائق ڪونہ هو.
سندس قضيو، جو شروع جوانيءَ ۾ ٿيو، ضلعي جو سخت درد انگيز واقعو هو. مرحوم چڱو ڀلو بمبئيءَ ويو، ۽ اتان موٽندي رستي ۾ نمونيا ٿيس. لاڙڪاڻي جي مقامي ڊاڪٽرن علاج ڪيس. پر ڪامياب ڪونہ ٿيو. انھن ڏينھن ۾ نمونيا لاءِ هاڻي وارا علاج اڃا تجويز ڪين ٿيا هئا، نہ ائنٽي بايوٽڪس هوندا هئا، نہ پينسلين. ﷲ تعاليٰ جون سندس روح مٿان رحمتون هجن! سخي مرد هو، سوَن هزارن نادارن، بيوھہ عورتن ۽ يتيمن جي پرورش ڪندو رهندو هو.
________________
(1) پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اها اخبار مسٽر کھڙي ورتي، ۽ 1948ع کان 1953ع تائين آءٌ ان جو ايڊيٽر ٿي رهيس.
(2) ان ايڊيٽوريل جي هيڊنگ هئي: ”A Scandal of the First Magnitude.“