سرائي ڏنل خان مرحوم
جڏهن منھنجو واقف ٿيو، تڏهن ستر کن ورهين جي ڄمار کي رسي چڪو هو، پر سندس هاٺي اڃا بہ رڪ مثل هئي. قداور، ڀريل جسم، اڇي سلوار، اڇو چولو، اڇي پڳ. ڪنھن سان ملاقات ڪرڻي هونديس تہ فراڪ ڪوٽ پھريندو. احوال شروع ڪندو تہ ڄڻ ماکيءَ جي لار پيئي وهي. ميرن جي خاندان جو بنيادي خدمتگار هو. ڌاريجو ذات جو هو. مير علي مراد خان جو زمانو بہ ڏٺو هئائين. سندس تربيت علي مراد جي ڪچھريءَ ۾ ئي ٿي. وڏا مير مري ويا تہ نوڪري ڇڏي خيرپور ۾ رهڻ لڳو. گذران لاءِ ڪافي زمين هيس. مانيءَ جو ملھہ هو. اوطاق سا پراڻي ۽ ڊٺل هونديس، پر ماني اهڙي آڻيندو جو گويا محلات جي رڌل آهي، آخر شاهي مھمانداريون ڏٺل هيس!
هڪ دفعي 1938ع ۾، آءٌ قائداعظم پاڪستان جناح صاحب سان گڏ اپر سنڌ جي دوري تي ويس، جڏهن جيڪب آباد پھتاسون تہ وقتي حڪومت جي ڀؤ کان اسان جا ميزبان بہ ڀڄي ويل هئا، نہ ڪنھن ماِنيءَ جي صلاح ڪئي نہ اجهي جي. چيٽ جا ڏينھن هئا، ڪانوَ جي اک ٿي نڪتي، مرحوم عبدﷲ هارون بہ ساڻ هو، ۽ ٻيا بہ ڪيترا مسلم ليگي تحريڪ جا ڪارڪن گڏ هئا. بکئي پيٽ سان پوئين پير موٽڻو پيو. مون ڏنل خان کي تار ڪئي تہ خيرپور اسٽيشن تي ماني آڻي ريل ۾ ڏئي. وقت ٿورو مليس، پر ماني ڇا آندائين! پلئٽفارم تي ديڳڙن جا ڊھہ لڳا پيا هئا. جڏهن گاڏيءَ ۾ آندائون، تہ سڄو فرش، سموريون سيٽون، ۽ سامان رکڻ وارا طاق بہ ڀرجي ويا! جناح صاحب جھڙي ڪم گو انسان جي واتان بہ تعجب جا اکر نڪري ويا. عبدﷲ هارون مرحوم کي چيائين: ”سيٺ صاحب، ڏسو، بک ۽ ڏک جو قدرت پڇاڙيءَ ۾ ڪھڙو نہ انعام ڏئي ٿي!“ مون ڏنل خان کي چيو تہ مٿي چڙهي اچي جناح صاحب سان هٿ ملاءِ، وراڻي ڏنائين: ”منھنجو جناح تون آهين، مون لاءِ اهو ڪافي آهي. هر ڪنھن جي هٿ ۾ هٿ نہ ڏبو آهي!“
سخن جو اهڙو سچو هو جو اليڪشن توڙي ڪنھن بہ ڪم جي باري ۾ جنھن سان بہ واعدو ڪندو، ان تان هرگز نہ ڦرندو، پوءِ ڀل واريون وير وهي وڃن، ۽ نہ وري ڪا لالچ ئي رکندو.
پنھنجي حاجت وٺي ڪڏهن نہ ايندو. مون سان تعلق واري زماني ۾، ڪڏهن ڪڏهن خيرپور جا وزير يا ٻيا ڪم حاج وارا ماڻھو کيس مون ڏانھن بطور سفارشيءَ جي موڪليندا هئا. انھن ڏينھن ۾ هي دستور شروع ٿيو هو تہ ماڻھو ٻاهران تہ سفارش ڪرڻ جو واعدو ڪري ايندا هئا، پر جڏهن سفارش جي گهڙي ايندي هئي تہ ڳالھہ ئي نہ ڪندا هئا ۽ ٻاهر وڃي ڪوڙ ڳالھائيندا هئا تہ ”سفارش زور سان ڪري آيا آهيون. صاحب چيو آهي تہ همدرديءَ سان غور ڪنداسين“ اها عادت ڏنل خان ۾ هرگز ڪا نہ هئي. جنھن جي ڪم سان چڙهي پيو، پنھنجي طرفان پڄاڻي ڪري ڇڏيندو، پوءِ کٽائنس ڀاڳ. چوندو هو تہ ماڻھو دوغلا ۽ بيحيا ٿي پيا آهن. زبان تي هڪ ۽ دل ۾ ٻي پيا رکن. دلاسو ڏيئي بہ دوکو پيا ڪن. ڪنھن جي حاجت روائي ڪري سگهجي تہ ڪجي، پر حاجتمند جي دل ۾ اجايون اميدون جاڳائي سندس تختو ڇو ڪڍجي؟
غريب هو. نہ تاريخ جي صفحن تي ڪو نشان ڇڏيائين، ۽ نہ سندس ياد قائم رکڻ لاءِ ڪنھن کي گهنٽا - گهر کڙي ڪرائڻ جي ئي ضرورت محسوس ٿي. پر جيڪڏهن داتا جي دفتر ۾ انسانن جي اعمالن، افعالن، نيتن ۽ لڇڻن متعلق ڪو رڪارڊ رهي ٿو، تہ ان رڪارڊ ۾، مون کي يقين آهي، ڏنل خان جو نالو سونھري اکرن ۾ لکيل هوندو، ۽ چوٽيءَ تي!