ڪي وقتي عملدار
سکر جي ڪليڪٽرن جو ٻاٻو آدم ڪرنل ميھو هوندو هو، جنھن سڀ کان پھرين سکر کي ٺاهي ۽ سينگاري، موجودہ صورت وٺرائي. اسان جي زماني کان گهڻو اڳ ميھو جو دور ختم ٿي چڪو هو، پر سندس ڪھاڻيون اڪثر ماڻھن کي ياد هيون ۽ مان ٻڌندو رهيس. چوندا هئا، وڏو انصاف پسند انگريز هو. ويس بدلائي، رات ڏينھن پيو هلندو هو، ڪڏهن پنڌ ۽ ڪڏهن وهٽ تي. کيس سخت اونو هو تہ غريبن جي حالتن کان واقف رهي، ۽ سندن ڏک سک ۾ شريڪ ٿئي. گهڻو ڪري ڌنارن ۽ مال چاريندڙ ٻارن کان حال احوال وٺندو هو، ڇو تہ سندن خيال هو تہ اهي معصوم آهن، جا حقيقت ٻڌائيندا سا صحيح هوندي.
مون سکر جو پھريون ڪليڪٽر پنھنجن اکين سان ڏٺو، سو هو مائسي صاحب (E.L. Moysey). پنھنجي ڏاڏي مرحوم سان گڏجي وٽس ويو هوس. ٽَڪر واري بنگلي جي ڀر ۾، پنھنجي دفتر ۾ ويٺو هو. شريف انسان هو. استقبال لاءِ دروازي تائين آيو. وڏيءَ عزت جو سلوڪ ڪيائين. حال احوال پڇيائين. ڏاڏي مرحوم جو ڪم چيس، هڪدم ڪري ڏنائين. رخصت بہ ساڳيءَ طرح ڪيائين. آءٌ بلڪل ننڍڙو هوس. مون ۾ دلچسپي ورتائين. مٿي تي هٿ رکي پيار جا اکر چيائين.
ان کان پوءِ ٻيو انگريز جو مون سکر جي حلقي اندر ڏٺو، سو هو مانٽگمري، اسسٽنٽ ڪليڪٽر شڪارپور. سنھو، ڊگهو، ۽ ڏاڍو تند مزاج. گهڻي وقت تائين تہ شادي ڪانہ ڪيائين، ۽ جڏهن زال مليس تہ ان کي بہ سخت ضابطي هيٺ رکيائين. ڪھڙي مجال ميم صاحبہ کي، جو ڪنھن سان کلي ڳالھائي يا صاحب جي نظر کان پري ٿئي! هڪ دفعي مانٽگمري لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر مقرر ٿي آيو. اسين کيس ۽ سندس ميم صاحبہ کي شڪارپور جي دعوت ڏيئي پنھنجي ڳوٺ وٺي آياسين. سارو عرصو ويچاريءَ عورت جو ساھہ سُڪو پيو هو. اهو انگريز ٿور - ڳالھائو ۽ فيصلي جو تيز ۽ سخت هو. جنھن لاءِ خراب رايو ٿيس، بنھہ ويجهو اچڻ نہ ڏيندس. ڪنھن ڪوڙ ڳالھايس تہ ٻوٿ پٽي ڇڏيندس. جو شخص ڪمشنر يا ڪليڪٽر جو درٻاري(1) نہ هوندو، تنھن کي ڪرسيءَ تي هرگز ويھڻ نہ ڏيندو، پوءِ پنھنجي جاءِ تي اهو شخص ڪيڏو بہ معزز ڇو نہ هجي. اُڀي پيرين بيھي، حقيقت ”عرض“ ڪرڻي پونديس. ان زماني کان ٿورو اڳ تہ ملاقاتين سان پاڻ وڌيڪ بيعزتيءَ جو سلوڪ ٿيندو هو. مثلاً، بيڪر صاحب نالي هڪ ڪليڪٽر هوندو هو، ان وٽ ڪنھن بہ ملاقاتيءَ کي جُتي پير ۾ پائي اندر اچڻ جي اجازت نہ هوندي هئي. ملاقاتين کي پٽيوالا ٻانھن کان وٺي اندر پيش ڪندا هئا، ۽ دروازي کان ٻاهر جُتي لھرائي ڇڏيندا هئن.
اومني صاحب، پوليس کاتي جو وڏو ناميارو آفيسر هو. پھرين سکر جو پوليس سپريڊنٽ هو، ۽ پوءِ ٻين ضلعن مان ٿيندو، وڃي ساريءَ سنڌ جو ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل بڻيو هو. ڊگهو مڙس، رعبدار وڏيون مُڇون، نراڙ ۾ هميشہ گهنڊ، ڪرڙيءَ نظر سان ڪنھن ڏانھن ڏٺائين تہ ماڻھوءَ جا حواس گم ٿي ويندا. سندس ميم وري اوتريقدر ئي نرم مزاج هئي. جنھن تي صاحب ڏمربو، هيءَ مائي ان کي پرچائڻ ۽ دلاسي ڏيڻ جي پئي ڪوشش ڪندي. زال - مڙس جي زندگي هڪٻئي کان سواءِ نامڪمل هئي. مڙس تندخو، تہ مائيءَ جو سڀاءُ مٺو. صاحب جوش ۾، تہ ميم هوش ۾. صاحب باھہ ٻاريندو تہ مائي باھہ تي پاڻي پيئي ڇڻڪاريندي. انھيءَ طرح ئي، متوازن زندگي ۽ فضا پيدا ڪري سگهيا هئا.
انھيءَ ساريءَ تند مزاجيءَ جي باوجود، اومني جنھن جو دوست ٿيو، تنھن شخص جو ڄڻ پارس پاهڻ سان پاسو لڳو. چوندس ڪجهہ بہ نہ، ٻڌائيندس رتي بہ ڪانہ، واعدي يا دلاسي جو تہ سوال ئي ڪونہ هوندو، پر پرپٺ، ۽ مخفي ريت، ان شخص کي اُڀارڻ، بلڪ آسمان تائين پھچائڻ جون ڪوششون هر وقت جاري رکيو ايندو. شڪار جو ڏاڍو شوق هوس. ان سلسلي ۾ جنھن بہ مسڪين کان مسڪين ماڻھوءَ سان واهپو ٿيس، پڇاڙيءَ تائين ان کي ڪونہ وساريندو. پوليس ۾ نوڪري ڏيندس، پنھنجي هڙان پئسا پھچائيندس، پر ڪنھن بہ حالت ۾ حاجتمند ٿيڻ نہ ڏيندس. پاڻ رٽائر ڪري هميشہ لاءِ ولايت هليو ويو، پر اتان بہ انھن غريب سنگتين سان چٺيءَ چپاٽيءَ ذريعي تعلق قائم رکيو آيو.
سندس بنسبت مشھور هو تہ سواليءَ جي ڳالھہ ٻڌڻ کان پوءِ جيڪڏهن مڇ تي هٿ رکيائين تہ سمجهبو تہ ڪم ٿي ويو. جنھن ضلعي ۾ هوندو، مجال آهي جو ڪو ڏوھہ ٿي وڃي. ڏوهاري نہ لڌو تہ حد جو پوليس آفيسر ڪاٽا ٿي ويندو. چونڊي، چڪاسي، معتمد عملدار رکندو، ۽ ان کان پوءِ هر طرح سندن پٺڀرائي ڪندو رهندو. ڪير جو انھن تي پڪار ڪري يا انھن جو نالو وٺي سگهي! حافظ سليمان، ساجنسنگهہ، ديوان چمنداس، عبدالستار، سندس معتمد پوليس عملدار هوندا هئا. پنھنجي ڪم ۾ ڏاڍا برجستا ۽ تِکَڙ هئا. ڌاڙي، ڦر، چوريءَ يا خون جي جانچ ۾ چڙهي پيا تہ پڙلئي ڪري ڇڏيندا. سڄي علائقي جي ماڻھن کي ڪنبڻي وٺي ويندي. وڏا اٽالا پوليس عملو، زميندارن ۽ پيراڍن جا پاڻ ساڻ وٺي ٻاهر نڪرندا. جنھن ڳوٺ ۾ وڃي منزل ڪيائون، ٿرٿلو مچي ويندو. نہ ڪو ڪڪڙ زنده رهندو، نہ ڇيلو، نہ ڪنھن جي گُنديءَ ۾ ڪو داڻو بچندو، نہ چاڏيءَ ۾ چانورن جي ٻُڪي. مکڻ جا ماٽا ۽ کير جا مَٽ اچي ويندا. مارڪٽ جو سلسلو ان اپرانڌ. پاڙي پنبي جا سمورا مشڪوڪ ماڻھو آڻي گڏ ڪندا. ڪنھن ماڻھوءَ ۾ خاص شڪ لاءِ سبب هوندو، تہ ان جون عورتون بہ گهرن مان سڏجي اچي موجود ٿينديون. جانچ جو پھريون دور ڏاڙهيءَ پَٽ سان شروع ٿيندو. بي تحاشا ڏاڙهين جي چَڳن جون چَڳون پٽي فضا ۾ اڏائيندا رهندا. ان کان پوءِ بہ ڪنھن ڏوھہ نہ باسيو تہ اونڌو ڪري ٽنگيندس، اوجاڳو ڏيندس، هٿن پيرن جون تريون ڪُٽيندس، برف وجهندس، وغيرہ وغيرہ.
ٻيو دور اڃا ان کان بہ وڌيڪ ظالماڻو هوندو هو. عورتن کي ڀرئي مجمعي اڳيان اگهاڙو ڪيو ويندو. اگهاڙي ڪرڻ کان اڳ، ڪجهہ وقت لاءِ، سندن سٿڻن ۾ جيئريون ٻليون وجهي ڇڏيندا. ڪڏهن ڪڏهن تہ ان کان بہ وڌيڪ بيحرمتيون ڪيون وينديون، جن جي بيان جي قلم اجازت نٿو ڏئي.
ان ساري ”ڪارخير“ ۾ پاڙي جا وڏيرا پوليس جا ٻانھن - ٻيلي ٿي بيٺا هوندا.
پوليس جي انھن سخت ڪارروائين ڪري، انھن ڏينھن ۾ وڏا ڏوھہ ڪي ورلي ٿيندا هئا. ڌاڙو لڳو يا خون ٿيو تہ سوين ميلن تائين سنسني ڦھلجي ويندي.
اومني صاحب برجستن زيردستن جي وڏي سرپرستي ڪندو هو. سندن خلاف پڪار ٿيندي تہ بنھہ ڪونہ ٻڌندو - پاڻ انعام اڪرام ۽ اضافا ڏيندو رهندن. جا شي کيس کپندي هئي، سا اِها تہ زيردست ساڻس سچ ڳالھائي، ۽ پنھنجي حد اندر ڪنھن بہ قسم جو ڏوھہ ٿيڻ نہ ڏئي.
آٽو راٿفيلڊ (Otto Rothfield) پڻ منھنجيءَ سانڀر واري زماني ۾ سکر جو ڪليڪٽر هو. ان صاحب وڏا ڪتاب لکيا آهن، مثلاً ”هندستان جون عورتون“ (Women of India).
ڪليڪٽريءَ جي زماني ۾، خاندانن ۽ شريفزادن کي ڏاڍو همٿائيندو هو. عالم قسم جو انگريز هو. تحقيق جو خاص شوق هوس. مقامي ريتين رسمن جي کوجنا ڪندو وتندو هو. ڪابہ نياري يا دلچسپ شي ڏٺائين تہ ان جي ماهيت معلوم ڪرڻ لاءِ، سرڪاري ڪم بند ڪري، گوڏو کوڙي ويھي رهندو هو. گول ٿلھو منھن، ۽ قد ڊگهو هوس. مون کيس ڪيترا ڀيرا ڏٺو.
عالم ۽ محقق قسم جي انگريزن مان جو ٻيو صاحب سکر جو ڪليڪٽر ٿي آيو، سو هو ڊاڪٽر سارلي صاحب(1)، جنھن شاھہ عبداللطيف عليہ الرحمة تي انگريزيءَ ۾ ڪتاب(1) لکيو آهي. جن ڏينھن ۾ سکر جو ڪليڪٽر هو، اسان ڪونہ ٿي سمجهيو تہ ڪو هو ايڏي پايي جو عالم آهي. بعد ۾ معلوم ٿيو تہ سکر وارن ڏينھن ۾ بہ هو پيو شاھہ عبداللطيف متعلق خاموشيءَ سان تحقيق ڪندو هو. انھن ڏينھن ۾ محض منتظم پيو نظر ايندو هو. ضلعي جو وڏيرو ڪيتريقدر بہ ڇو نہ سندس دوست هجي، پر جي ڪو غلط ڪم ڪيائين تہ هرگز معاف نہ ڪندس.
سارلي ٻيو دفعو، تازو پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ، بورڊ آف روينيو جو ميمبر بڻجي ڪراچيءَ آيو. مون هڪ دفعي سندس تقرير ”سنڌي زبان جي خصوصيتن“ تي ٻڌي. سندس تحقيق ۽ نتيجن جي ڳوڙهائي ڏسي حيرت وٺي ويئي. سندس راءِ هئي تہ دنيا جي ڪابہ ٻولي، ۽ ڪنھن بہ ٻوليءَ جو ڪو بہ اُچار، اهڙو ڪونہ آهي، جو سنڌي رسم الخط ۾، سندس اصلي صورت ۾ قلمبند نہ ٿي سگهي.
مون پنھنجي سنڌ جي روينيو منسٽريءَ جي زماني ۾ کيس آڇ ڪئي تہ ”سنڌ جي گزيٽيئر“ تي نظر ڪري، نئون ايڊيشن لکي ڏئي، پر اڃا لکپڙھہ هلي ئي ٿي، تہ آءٌ مرڪزي حڪومت پاڪستان ۾ وزير ٿي ويس، ۽ اها تحريڪ اُتي ئي ختم ٿي ويئي.
سارلي قد جو ڊگهو ۽ بُت ۾ سنھو نہ ٿلھو، وچٿرو هو. عالم هو، تنھنڪري گهٽ ڳالھائيندو هو. سڄو وقت سوچ ۾ غرق رهندو هو.
جن ڏينھن ۾ آءٌ ”سنڌ زميندار“ جو ايڊيٽر هوس، سکر جو ڪليڪٽر، مسٽر هوڊ نالي هڪ انگريز هوندو هو. هندن ۽ مسلمانن جا جهيڙا شروع ٿي چڪا هئا. انھن جهيڙن ۾ ڪن هندو عملدارن پنھنجي قوم جي کُلي کُلائي طرفداري ٿي ڪئي.
هندو عملدارن مان هڪ صاحب هو ايڇ.ايم.پٽيل، آءِ.سي.ايس.، اسسٽنٽ ڪليڪٽر، سکر - شڪارپور ڊويزن. اهو صاحب پوءِ هندستان جي گورنمينٽ جو ڊفينس سيڪريٽري ۽ ڪئبنيٽ جو سيڪريٽري جنرل وڃي بڻيو. سکر وارن ڏينھن ۾ اڃا سندس ابتدائي زمانو هو. آءِ.سي.ايس. پاس ڪري، تازو اسسٽنٽ ڪليڪٽر مقرر ٿي آيو هو. اصل وطن گجرات هوس، ۽ ان لحاظ سان سردار ولڀ ڀائي پٽيل، هندستان جي وڏي ڪانگريسي ليڊر ۽ آزاد هندستان جي ڊپٽي پرائم منسٽر، جو هموطني ۽ گهڻيءَ حد تائين سندس همخيال هو.
باگڙجيءَ جي ڀر ۾ بيچانجي نالي هڪ ڳوٺ هو. اتان جا بنيادي زميندار پٺاڻ هوندا هئا. منجهانئن هڪ شخص علي احمد خان، وڏو بھادر شخص هو. ڳوٺ جا هندو کانئس سخت خائف هوندا هئا، ۽ ڪوشش ڪندا ٿي رهيا تہ ڪنھن طرح کيس باهڙائي، حڪومت هٿان برباد ڪرائي ڇڏين. پٽيل صاحب بہ سندس ڪڍ ڪاهي پيو. بدمعاشيءَ جي قلم هيٺ گرفتار ڪيائينس. ان کان سواءِ بہ ڪيتريون ڪارروايون هندن جي پڪارن تي، سندس خلاف چالو ڪري ڏنائين. آءٌ بحيثيت ايڊيٽر ”سنڌ زميندار“، علي احمد جو مددگار هوس. اسان محسوس ڪيو تہ پٽيل سان سڌي مقابلي ڪرڻ کان سواءِ پٺاڻن جو بچڻ محال آهي. هڪ دفعي پٽيل پاڻ بيچانجيءَ ويو. اتي علي احمد جي سؤٽ، بچل خان پٺاڻ سان تکو پيو. ڪجهہ گهٽ وڌ بہ ڳالھايائينس، ۽ بچل خان جي چوڻ موجب، کيس ڪجهہ جسماني ايذاءُ بہ پھچايائين. بچل خان اچي مون ساڻ احوال ڪيو. ميان عبدالرحيم کرل (جو صاحب بعد ۾ خيرپور جي هاءِ ڪورٽ جو چيف جج ۽ ويسٽ پاڪستان هاءِ ڪورٽ جو جسٽس بڻيو) کي وڪيل ڪري، اسان بچل خان کان، پٽيل جي خلاف، مسٽر هوڊ ڪليڪٽر وٽ مارڪٽ ۽ گارگند جو سڌو فوجداري فرياد داخل ڪرايو. فرياد داخل ٿيڻ کان اڳ اسان ائين پئي سمجهيو تہ هوڊ پنھنجي آءِ.سي.ايس. اسسٽنٽ ڪليڪٽر خلاف هڪ رعيتي غريب ماڻھوءَ جي دانھن ڪانہ ٻڌندو، چجائيڪ اهڙي دانھن ٻڌي مٿس ڪو فوجداري مقدمو بہ چالو ڪري ڇڏي.
پر هوڊ صاحب ڪيو ڇا؟ خاموشيءَ سان عبدالرحيم کان فرياد جي درخواست وٺي، غور سان پڙهيائين. فريادي بچل خان جو زباني اظھار وٺي، فرياد رڪارڊ تي رکيائين، ۽ حڪم ڪيائين تہ جوابدار پٽيل، سندس عدالت اڳيان، جواب ڏيڻ لاءِ روبرو اچي سندس اوٻاوڙي جي منزل تي حاضر ٿئي! ڪانوَ گهنڊيرا ٿي ويا. پٽيل ڊوڙي وڃي هوڊ سان ملاقات ڪئي، ۽ چيائينس تہ فرياد وٺڻ سان تو ڊويزن اندر منھنجي رعب ۽ انتظام جي وقار کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، ان ڳالھہ جو خراب اثر خود حڪومت جي ڪاروبار تي پوڻو آهي، وغيرہ وغيرہ. هوڊ صاحب جواب ڏنس تہ “هي فوجداري ڪيس ۽ انصاف جو معاملو آهي. ان باري ۾ آءٌ خانگي ليول تي توسان ڪا بہ گفتگو ڪانہ ڪندس. مقرر تاريخ تي، کليل ڪورٽ ۾ حاضر ٿي اچي پنھنجو طرف پيش ڪج.“ ائين چئي پٽيل کي روانو ڪري ڇڏيائين.
پٽيل جو حوصلو پوءِ هارجي ويو. خانگي طرح، بچل خان کي سندس عزيزن کان ”چو چوائت“ ڪرائي، ساڻس رضانامو ڪيائين. بچل خان فرياد ڪڍرائي ورتو. هوڊ صاحب سمجهي ويو تہ فرياد ڇو نڪتو! بمبئي سرڪار کي لکي، پٽيل کي سکر مان بدلي ڪرائي ڇڏيائين. ان کان پوءِ پٽيل کي گهڻو ڪري ڊويزن يا ضلعي جي چارج ڪانہ ڏنائون.
اهو هو اُن زماني جي انگريزن جو انصاف!
پوين ڏينھن ۾ انگريز ڪليڪٽرن جو تعداد گهٽجڻ شروع ٿيو. ٽن ديسي ڪليڪٽرن، جي هڪٻئي پٺيان سکر ۾ آيا، جِي ياد منھنجي دماغ ۾ اڃا تازي آهي.
مسٽر يو.ايم.ميرچنداڻي، آءِ.سي.ايس.، حيدرآباد جو عامل هو. ايماندار، منتظم، ۽ پنھنجي ڪم ۾ ڏاڍو هوشيار. هر ڪنھن کي اک ۾ رکندو، کيچل ڪنھن سان نہ ڪندو. هندن سان ڀل همدردي هجيس، پر دل انھن جي بہ هروڀرو وڌڻ ڪانہ ڏيندو. هندو جماعتن ۽ شيوا - منڊلين جي ڪم ۾ خاص دلچسپي وٺندو هو. جتي بہ موقعو ملندس، پنهجيءَ قوم جي پيڙھہ پُختي ڪرڻ جي پيو ڪوشش ڪندو، پر بغير وڏيءَ نمائش جي.
خانگي زندگي صاف شفاف هيس. ساري عمر شادي نہ ڪيائين، جو خوف هوس تہ سندس زال مبادا سندس ماتا سان سٺو سلوڪ نہ ڪري. پنھنجيءَ ماتا جي تقريباً پوڄا ڪندو هو. سندس اعتقاد هو تہ انسان ”امڙ جي آسيس“ سان ئي دنيا ۽ آخرت سنواري سگهي ٿو. ٿوري عرصي لاءِ سنڌ جو روينيو ڪمشنر بہ بڻيو.
مسلمان ڪليڪٽرن مان شيخ يعقوب پھريون صاحب هو، جو سکر ضلعي ۾ ڪليڪٽر مقرر ٿي آيو. وڏو تجربيڪار ۽ موقعي شناس هو. زماني سيکاريو هوس تہ انسان لاءِ ”اول خويش بعد ۾ درويش“ وارو اصول ئي ٺيڪ آهي. ڪليڪٽر هو، تنھنڪري قومي وابستگين کان گهڻو بالا ٿي چڪو هو. مسلمانن سان اهڙي ڪشمڪش جي زماني ۾ همدردي ڪري ها تہ سندس نيڪنامي کي نقصان پھچڻ جو انديشو هو. پنھنجو جيءُ جنجال ۾ وجهي پنھنجي قوم جي خدمت ڪرڻ، مورڳو وقت ۽ دورانديشيءَ جي تقاضائن جي سراسر خلاف سمجهيو ٿي ويو. البت موقعو ملندو هوس تہ هندو قوم تي ضرور ڪرم ڪري وٺندو- اقليت هئي، منظم هئي، سجاڳ هئي، مالدار هئي، زبان هيس، ۽ سياسي اقتدار حاصل هوس.
حضور جن جي حديث شريف آهي ”هڪٻئي وٽ اچو وڃو تہ تحفا تحائف کڻي وڃو، ان ذريعي هڪٻئي ڏانھن محبت جو جذبو وڌي ٿو“. شيخ صاحب نمازي هو، ۽ نيڪ بخت. ان حديث مبارڪ ۾ پورو وشواش هوس. سندس دشمن بڪواس ڪندا رهندا هئا تہ جيڪڏهن ڪو حاجتمند وٽس ”ناس جو شيشو“ بہ بطور تحفي جي کڻي وڃي ٿو، تہ هي فقير منش بزرگ ان تحفي کي بہ، بطيب خاطر، قبول فرمائي ٿو. ايترو مون پاڻ بہ ڏٺو هو تہ شيخ صاحب ناس ڪثرت سان استعمال ڪندو هو.
اڻوڻندڙ ۽ رُکن ملاقاتين کي نيڪال ڪرڻ لاءِ عجيب طريقو ايجاد ڪيو هئائين. ملاقاتي دروازي کان لنگهندو، ۽ هي صاحب تقرير ۾ ڇٽڪي پوندو. تقرير سارو وقت جاري رهندي، ۽ ملاقاتيءَ کي هڪ اکر چوڻ جي بہ مھلت نہ ڏيندو. تقرير پوري ئي نہ ٿيندي، تہ اوچتو اٿي بيھي ملاقاتيءَ کي رخصت ڪري ڇڏيندو. فرمائيندو، ”گهڻي گفتگو ڪري چڪا آهيون، وقت پورو ٿي ويو آهي، ٻيو ضروري ڪم ڪرڻو آهي، ڪنھن ٻئي موقعي تي وري ملنداسين ۽ وڌيڪ حال احوال ڪنداسين.“ ائين چئي، پاڻ پٺي ڏيئي بيھي رهندو، ۽ ملاقاتي مسڪين، جھڙو سو تهڙو، منھن ٻڌي، ٻاهر نڪتو ويندو، دل جي رٿيل دل ۾ ئي رهجي وينديس.
ﷲ تعاليٰ بخشيس! شيخ صاحب رنگ جو بہ سانورو هو.
شيخ يعقوب، يو.ايم. مير چنداڻيءَ ۽ سردار بھادر قيصر خان کي گڏي، معجون مرڪب بڻائيندا تہ ان تي نالو ”ڪوٺاوالا“ رکڻو پوندو. ڪوٺاوالا صاحب بمبئيءَ جو پارسي هو. ٻہ دفعا سکر جو ڪليڪٽر بڻجي آيو. هر چرندڙ پرندڙ انسان جي نڪ ۾ نوڙي ۽ ناڪيلي وجهيو ويٺو هوندو. البت نوڙين ۽ ناڪيلين جا رنگ ۽ وزن سو ضرور جدا جدا هوندا. وڏو وزير هوندو تہ ان لاءِ ريشمي ۽ رنگدار نوڙي هوندي: استقبال، آڌرڀاءُ، ائڊريس، ائٽ هوم، ڊنرون، ميونسپل رستن ۽ باغن تي نالا، بندوق جي هڪ ليسن لاءِ سفارش ٿيندي تہ هڪ ڊزن ليسن تيار ٿي ويندا، ۽ ليسن جي في بہ هڙان پياري ويندي - غرض تہ ڪھڙي مجال هوندي ڪنھن وڏي وزير کي جو نوڙي ڇنائي، صحيح سلامت وڃي گهر ۾ پھچي! خواب ۾ پيو ”ڪوٺاوالا، ڪوٺاوالا“ ڪندو.
پير الاهي بخش صاحب، بطور تعليمي وزير جي، بالغن کي تعليم ڏيارڻ جي مھم جاري فرمائي. پير صاحب اوستائين مستقل وزير سمجهيو ويندو هو. انھن ڏينھن تائين سنڌ ۾ اڻڳڻت دفعا وزارتون ڦري چڪيون هيون، مگر اتفاقاً پير صاحب هر وزارت ۾ موجود هوندو هو. ڪوٺاوالا صاحب کي خيال ٿيو تہ اهڙي لازوال وزير جو يادگار بہ لازوال ئي قائم ٿيڻ گهرجي. هڪدم چندي جي فراهميءَ لاءِ زيردست عملدارن کي هدايتون ڏنائين. ضلعي جا وڏيرا، ڪوٺاوالا صاحب جي حڪم پھچندي، ائين ڇڻي پيا جيئن چيٽ ۾ پڪل ٻير جو وڻ. ٿورن ئي ڏينھن ۾ ”پير الاهي بخش لٽريسي ٽاور“ ٺھي تيار ٿيو. ولايت مان هڪ وڏو گهڙيال گهرائي، اهو بہ ٽاور جي چوٽيءَ تي لڳايو ويو. پر ٽاور ٺھڻ کان پوءِ، ٽاور جي چوطرف جيڪي پٿرن ڪڍڻ لاءِ کڏون کوٽايل هيون سي پورجن، تنھن کان اڳ ۾ ئي خود ڪوٺاوالا صاحب بدلي ٿي ويو. اتفاقاً، تفريح جا ڪي طالب، رات وڳڙي ۾ ٽاور جو ديدار ڪندي، وڃي انھن کڏن ۾ ڪريا ۽ ٽنگون ٻانھون ڀڄي پين. وٺي ڪيائون ديواني دعوائون تہ کين هرجانو ڀري ڏنو وڃي! ڪيترن سالن تائين تہ اهي دعوائون هلنديون ٿي رهيون. پير الاهي بخش صاحب پاڻ وزارت تان لھي ويو تہ ٽاور جو گهڙيال بہ بيهجي ويو. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ڪي شاهينگ مورڳو گهڙيال جا آنڊا گجيون ئي ڪڍي هليا ويا. پوئين دفعي جڏهن مون اهو ٽاور ڏٺو، تہ معلوم ائين ٿيو تہ چؤطرف واري ايراضي تفريح لاءِ نہ، پر غير تفريحي مقصدن لاءِ پئي استعمال ٿئي، تنھنڪري ٽاور جي ڀر ۾ بيھي ڪنھن جي ياد ۾ چئن ڳوڙهن ڳاڙڻ جي بہ مجال ڪانہ ٿي ٿِي سگهي.
منزلگاھہ مسجد واري ستياگرھہ پڻ ڪوٺاوالا جي ڪليڪٽريءَ واري زماني ۾ ٿي. ابتدا ۾ وقت جي وزير، خانبھادر ﷲ بخش مرحوم، کي يقين ڏياريو هئائين تہ اها تحريڪ ڪامياب نہ ٿيندي، مقامي مسلمان قومي ورڪرن سان اڳ ۾ ئي سندس ڳالھيون وغيرہ طئہ ٿي چڪيون آهن، ان هوندي بہ ڪو ٻاهريون جٿو وچ ۾ ٽپي پيو، تہ جيل اندر وڌيڪ ٽن سوَن قيدين کي باند ڪرڻ لاءِ جاءِ جو خاطر خواھہ بندوبست رکيل آهي. خانبھادر مرحوم، ڪوٺاوالا کي سندس اهڙي ڦڙتائيءَ تي کيرون ڏنيون، ۽ مسلم ليگ سان ٺاھہ ڪرڻ کان انڪار ڪيائين. جڏهن ستياگرھہ شروع ٿي تہ ڪوٺاوالا صاحب مسلم ليگ سان بہ ڪونہ ڦٽايو. صبح جو سرڪاري ڊيوٽيءَ تي هوندو هو، تہ شام جو مسلم ليگ ستياگرهين سان بہ پيو ملندو هو ۽ کين دوستانہ مشورن سان مستفيد ڪندو هو. آخر نوبت وڃي خونريزيءَ ۽ فساد تي پھتي. ﷲ بخش جي وزارت ختم ٿي ويئي، ان جي جاءِ تي قائم ٿي مسلم ليگ جي وزارت. ڪوٺاوالا جو وجود مسلم ليگ گورنمينٽ لاءِ بہ اوتريقدر ئي مفيد ثابت ٿيو، جيتريقدر اڳئينءَ ﷲ بخش وزارت لاءِ.
ڪوٺاوالا صاحب کي ماڻھن جي نفسيات سمجهڻ لاءِ خاص ملڪو حاصل هو. منھن ڏسندي سمجهي وٺندو تہ اڳلي جي دل ۾ ڇا پيو وهي واپري، ڪھڙيون تمنائون اٿس، ۽ ڪھڙي ڳالھہ ٻڌڻ سان خوش ٿيندو. انھن نُڪتن کي سامھون رکي، آيل ماڻھوءَ سان، عين سندس مقصد ۽ طبيعت مطابق، پاڻ گفتگو شروع ڪري ڏيندو، ۽ کيس خوش ڪري گهر روانو ڪندو. سکر ضلعي ۾ ڪو بہ اهڙو چُرندو پُرندو ماڻھو ڪونہ هو، جنھن ڪوٺاوالا کي خاص پنھنجو دوست ۽ مھربان نہ ٿي سمجهيو. صبح ٿيندو، ۽ موٽرون، ٽانگا ۽ وڪٽوريا ٻگهيون ڪوٺاوالا جي بنگلي طرف هلڻ شروع ڪنديون. سج مس اڀرندو تہ ماڻھن جا ڪٽڪ لڳي ويندا. سنڌي چوڻيءَ موجب، هر ڪنھن کي ”پُٽ ڏيئي روانو ڪندو، ڌيءَ ڏيڻ جو تہ سوال ئي ڪونہ هوندو!“ اها پاليسي ان ڪري ڪاميابيءَ سان هلائي ٿي سگهيو، جو سندس طبيعت ۾ چِڙ يا غصو قطعاً ڪونہ هو. صبح کان رات تائين، ڪم جو ڪيترو بہ بار ڇو نہ هجيس، منھن ڪڏهن ڪونہ گهنجائيندو. دل ۾ جيڪي بہ هوندس، پر ظاهريءَ طرح هر ڪنھن سان پيو کلندو ڳالھائيندو. جيڪڏهن غصي ڪرڻ جي عادت هجيس ها تہ هڪدم ظاهر ٿي پوي ها، ۽ سندس اها پاليسي ڪامياب ٿي ڪانہ سگهي ها.
کيس آرٽ ۽ تاريخي يادگارن گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. شوق کي ڇڏي بہ، اهي شيون بجاءِ خود قيمتي ٿين ٿيون. اُڀي جي هڪ مخدوم صاحب جو اچي منجهس ڪم پيو. هوشياريءَ ۽ زماني شناسيءَ ۾ اهو مخدوم صاحب ڪوٺاوالا کان بہ ٻہ - چار قدم اڳڀرو هو. هڪ ڇنل پراڻيءَ ٽپڙيءَ جو ٽڪر آڻي ڏنائينس، چي، هيءُ شاهجهان بادشاھہ جي نماز پڙهڻ جو مصلو هو، جو اسان جي خاندان ۾ اڄ تائين محفوظ رهندو آيو آهي! تبرڪ وٺي، ڪوٺاوالا صاحب ڏاڍو خوش ٿيو. هڪدم ڪم ڪري ڏنائينس! - جتي لوڀي هوندا، اُتي ٺوڳي بک نہ مرندا.
ان ڪاروبار ۾ سندس صاف ۽ وڻندڙ چھري خاص مدد ٿي ڪيس.
هڪ دفعي مولوي ضياءُ الدين صاحب، سکر ضلعي جو پوليس سپريڊنٽ مقرر ٿي آيو. اصل پنجاب جو هو، پر ملازمت سنڌ ۽ بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ ڪئي هئائين. گول، چاپئين سونھاري، مٿي تي وڏي، ڪاري، بوجري، علامہ اقبال واري ٽوپي، جسم تي عربي ڍنگ جي عبا. ملاقاتي ويندس تہ ساڻس زماني جي ڳالھين کان وڌيڪ ﷲ ۽ رسول جون ڳالھيون ڪندو. نوانوي فيصدي ملاقاتي وٽانئس پنھنجو ايمان تازو ڪرائي ٻاهر نڪرندا، ڪم تہ حوالي قادر جي. زيردست پوليس عملدارن جي ڪم ۾ دست اندازي ڪانہ ڪندو هو. هندن ۾ بہ مقبول هوندو هو. مسلمان تہ اڳ ۾ ئي مولوي صاحب جي عالمانہ وصفن کان متاثر هئا، پر تصوف ۽ ويدانت جي علم ۽ گفتگو وگهي هندڪار بہ سندس قائل ٿي ويو هو.
سکر جي عملدارن جو قصو جماندار درياخان جي ڪھاڻي بيان ڪرڻ کان سواءِ مڪمل ٿي نٿو سگهي. درياخان هوندو تہ فقط پوليس جو جماندار هو. پر سندس دماغ وڏين وڏين اسڪيمن سان پُر رهندو هو. مثلاً، جنھن بہ ٿاڻي جو انچارج ٿي ويندو، تہ اُت مھماني ۽ رسائي فنڊ ڪٺي ڪرڻ لاءِ عجيب غريب تجويزون رٿي عمل ۾ آڻيندو، ۽ ڪمال اهو تہ سندس هر تجويز آئيني (Constitutional) قسم جي هوندي، ۽ قانوني لحاظ سان ناقابل شڪايت! مثلاً، پھرين ساريءَ حد اندر مشھور ڪرائي ڇڏيندو تہ ”بدمعاشن جي رجوعات“ لاءِ ”مٿان“ سخت حڪم پھچي ويا آهن، تنھنڪري جماندار صاحب کي جلد گرفتارين ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻو پوندو. ان کان پوءِ، هٿڪڙيون ۽ زنجير صاف ڪرائڻ شروع ڪندو. ڏينھن جا ڏينھن نمائشي نموني ۾ پيو اهو ڪم هلندو، ۽ ان ۾ علائقي جي سمورن ڪاٽڪن کي خبرون پھچي وينديون تہ هزارن جي تعداد ۾ ماڻھو گرفتار ٿيڻا آهن، تنھنڪري ٿاڻي ۾ هٿڪڙين ۽ زنجيرن جي ”ماڃ ماڃا“ پيئي ٿئي. هٿڪڙيون ۽ ٿاڻي جا زنجير صاف ٿي ويندا، تہ وري عام ماڻھن کان گهوڙن جا نيل گهرائڻ شروع ڪندو. چي: “سخت حڪم اچي ويا آهن. بيشمار ماڻھو گرفتار ٿيڻا آهن. ٿاڻي جون سرڪاري هٿڪڙيون پوريون ڪين پونديون، تنھنڪري وانگار ۾ ڪجهہ ڏينھن لاءِ پنھنجن گهوڙن جا نيل اڌارا ڏيو. جڏهن هٿڪڙيون رُجهي وينديون تہ اهي نيل گرفتار ٿيل ماڻھن جي پيرن ۾ وڌا ويندا. پوءِ نيل اچڻ شروع ٿيندا.
ان وچ ۾ ڪاٽڪو ۽ وڏيرا، ان ايندڙ پليگ کان پاڻ بچائڻ خاطر، هڪدم جماندار صاحب سان ”منھن ڏيڻ“ ۽ ”منھن رکڻ“ جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيندا. اڃا بہ ڪا ڪسر رهجي ويئي، تہ هٿڪڙين، زنجيرن ۽ نيلن ساڻ بيل گاڏي ڀرائي، ٿاڻي جو سارو اٽالو ساڻ کڻي، گشت تي نڪري پوندو. پوءِ اهڙو جلوس ڏسي، ڪھڙي ڳوٺاڻي جي دل دهلجي نہ ويندي؟ جتان گهمي ايندو، ڄڻ ماڪڙ ڦيرو کائي ويئي!
هيٺئين درجي جي پوليس عملدارن مان ٻيا بہ ڪيترا نالي وارا هوندا هئا: مثلاً، محمد بخش صوبيدار، جيڪو ڏھہ - پندرهن ورهيہ ساندھہ ڳاهيجن تعلقي ڳڙهي ياسين جي ٿاڻي تي رهيو. مٿير مڙس هو. پنھنجن عملدارن خواھہ وڏن زميندارن خواھہ ڪاٽڪن کي هڪڙيءَ ئي بوتل ۾ بند رکيو ويٺو هوندو هو.
ان ڪڙيءَ جا ٻہ - چار ٻيا صوبيدار بہ ان زماني ۾ هوندا هئا. صوبيدار جمعو خان، مديجيءَ جو ويٺل هوندو هو. تقريباً اڻپڙهيل، پر انڊين پينل ڪوڊ سارو حفظ ڪري ڇڏيو هئائين. علي بخش خان ماهوٽو، ماهوٽن ضلعي لاڙڪاڻي جو ويٺل هو، پر صوبيداري سکر ضلعي ۾ ڪيائين. شڪل ڪانہ هيس، پر پوليسي ڪم جو ڪاريگر هو. رٽائر ڪرڻ کان پوءِ ويھارو ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ گهڻو ڪري سارو ڏينھن پنھنجي ڳوٺ ۾، شاهي رستي تي، وڻن هيٺان ڪرسيون وجهيو، ڪچھري لايو ويٺو هوندو هو. غلام اڪبر خان، اصل پنجاب جو ويٺل هو. گهڻو وقت سکر شھر ۾ صوبيدار ٿي رهيو. ان کان پوءِ ترقي ڪندي ڪندي، آخر ۾ وڃي پوليس سپريڊنٽ بڻيو. صوبيداريءَ ۾ بہ ڪرڙو آفيسر هو. حضرت پير صاحب پاڳاري عليہ الرحمة تي پھريون مقدمو سندس صوبيداريءَ جي زماني ۾ قائم ٿيو، جنھن ۾ پوليس جي ڌر ڪامياب رهي. مرحوم خانبھادر محمد پناھہ خان ڊکڻ جي ڪيس جي جانچ بہ ان صاحب ڪئي. ساڳيءَ طرح خانبھادر ايوب کھڙي کي، خانبھادر الھہ بخش سومري جي قتل جي سلسلي ۾، ان صاحب رجوع ڪيو، پر خوشقسمتيءَ سان کھڙو صاحب آخر بيگناھہ ثابت ٿي باعزت آزاد ٿيو.
اهي صوبيدار نہ هئا، پر پنھنجي وقت جا نواب هئا - عام علم کان زياده عقل ۽ سيني جي زور تي.