حضرت مولانا تاج محمود امروٽي رحمة ﷲ عليہ
مون سندن زيارت فقط هڪ ڀيرو ڪئي. پير سائين تراب علي شاھہ مرحوم قمبر وارو مولانا سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو، ۽ پنھنجي خدمت ۾ مون کي بہ وٺي آيو. رڪ جنڪشن تان لھي، بگيءَ تي چڙهي، اچي امروٽ پھتاسون. مولانا مسجد جي ٻاهران، وڻ جي سايي هيٺ، کٽ تي چڙهيو ويٺو هو. نحيف البدن ۽ تمام پوڙهو ٿي لڳو. ڊگهو مڙس هو، پر انھن ڏينھن ۾ نظر ائين ٿي آيو تہ ڄڻ هڏن تي کل چڙهيل آهي. سُنھاري مبارڪ ڊگهي ۽ سفيد، پر نہ چاپوئين نہ گهاٽي. لباس کاڌيءَ جو. ٻنھي بزرگن محبت سان مصافحو ڪيو، ۽ گهڻو وقت پاڻ ۾ گفتگو ڪئي. افسوس اٿم جو ان گفتگوءَ جو مطلب منھنجي دل تان هينئر ميسارجي ويو آهي. سڄو ڏينھن رهي، شام جو واپس آياسين.
مولانا وڏو عالم هجڻ کان سواءِ پير طريقت بہ هو. ساريءَ سنڌ اندر سندس لاءِ عزت ۽ احترام جو جزبو موجزن هو. ڪانگريس خواھہ خلافت جا وڏا وڏا ليڊر سندن قدر ۽ ادب ڪندا هئا. “عدم تعاون (non-co-operation) جي تجويز، جنھن تي پوءِ ڪانگريس عمل ڪيو، اول اول مھاتما گانڌيءَ جي دماغ ۾ مولانا امروٽيءَ وڌي. ان تجويز جي معنيٰ هئي تہ انگريز سرڪار سان ڪنھن بہ ڪم ۾ تعاون ۽ شرڪت نہ ڪئي وڃي: سرڪاري ملازم انگريز جي ملازمت ڇڏي ڏين، مسلمان فوجي فوج مان نڪري اچن، ڍلون ڏيندڙ ڍلن ڏيڻ کان انڪار ڪن، لقبن ۽ خطابن وارا انگريز وٽان مليل اعزاز موٽائي ڦٽا ڪن، وغيرہ.
ٿورن ڏينھن ۾ هجرت جي تحريڪ شروع ٿي، جنھن جي معنيٰ هئي تہ انگريزن جي حڪومت هوندي هندستان ”دارالحرب“ بڻجي چڪو آهي، تنھنڪري مسلمان پنھنجي وطن مان هجرت ڪري وڃي افغانستان ۾ رهن، ۽ اتان فوج ٺاهي اچي انگريزن سان جنگ جوٽين. مولانا عبيدﷲ سنڌي اڳ ۾ ئي، مخفي طرح، پيرين پنڌ هلي، ٽڪر ٽاڪي ۽ جبل جهيلي، وڃي افغانستان پھتو هو. امان ﷲ خان تازو افغانستان جي تخت تي ويٺو هو. سندس دل ۾ بہ انگريزن خلاف تاءُ هو. هن پنھنجي ملڪ تان انگريزن جو تسلط ختم ڪرڻ ٿي گهريو، جنھن لاءِ انگريز اڃا تيار ڪين هئا.
ان پس منظر کي سامھون رکي، مولانا امروٽي صاحب سنڌ ۽ هند جي مسلمانن کي اپيل ڪئي تہ هو هجرت ڪن، ۽ هجرت جي تنظيم جو ڪم پير سائين تراب علي شاھہ مرحوم جي حوالي ڪيائين. هندستان مان تہ ڪي ڳاڻوان ماڻھو ويا، پر سنڌ مان هزارين ماڻھو، گهر ٻار، زمينون ۽ جائدادون وڪڻي، قافلا ٺاهي، افغانستان روانا ٿي ويا. پروگرام اهو هو تہ ڪافي تعداد ۾ مھاجرن جي نڪري وڃڻ بعد، پوئين قافلي سان خود مولانا صاحب ۽ پير تراب علي شاھہ پاڻ بہ روانا ٿي ويندا. پر ان وچ ۾ افغانستان ۽ انگريزن جي وچ ۾ سرحد تي باقاعدي جنگ شروع ٿي ويئي. انگريزن، افغانستان جي آزادي تسليم ڪري، تڪڙ تڪڙ ۾ امان ﷲ سان صلح ڪري ورتو. صلح جو هڪ شرط اهو بہ هو تہ هندستان مان آيل مھاجرن کي پناھہ نہ ڏني ويندي. چنانچ، امان ﷲ ۽ انگريزن جي صلح ٿيڻ بعد، پٺاڻن سنڌي مھاجرن سان هڪدم سخت بدسلوڪي شروع ڪري ڏني. اصلوڪا واعدا پاڙين سو تہ ٺھيو، پاڻ مھاجرن جيڪي ٽپڙ پاڻ سان آندا هئا، سي بہ کانئن کسي ورتائون. آخر دربدر ۽ خاڪ بسر ٿي، مھاجرن کي واپس وطن ورڻو پيو. مولانا جو پنھنجو قافلو روانو ٿئي، ان کان اڳ ۾ ئي هجرت جي تحريڪ ختم ٿي ويئي.
مولانا امروٽيءَ کي پٺاڻن جي ان روش ڪري ڏاڍو صدمو پھتو. ان ڏينھن کان پوءِ گهڻو وقت زندھہ ڪونہ رهيو. ﷲ تعاليٰ سندن روح مبارڪ تي رحمت ڪري!