آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اھي ڏينھن اھي شينھن (ٽئي جلد)

پير علي محمد راشدي ھڪ سياستدان، صحافي، وزير ۽ سفير ھجڻ سان گڏ ھڪ منفرد انداز وارو ليکڪ بہ رھيو آھي. هن ڪتاب ۾ پير صاحب سنڌ جي سياست، صحافت، ادب ۽ ٻين شعبن جي شخصيتن بابت نرالي انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ ھن ڪتاب کي تاريخ ساز ڪتاب جي حيثيت ڏني آهي. ھن ڪتاب ۾ ليکڪ پنھنجي دور جي وڏيرڪي زندگي جي تصوير ۽ سنڌ جي ڪيترين ئي مشھور ۽ عام شخصيتن ۽ واقعن جو ذڪر ڪيو آھي.

Title Cover of book اھي ڏينھن اھي شينھن (ٽئي جلد)

سر غلام حسين هدايت ﷲ مرحوم

وڏو بختاور انسان هو. ٽيھن سالن کان مٿي سنڌ جي سياسي فضا تي ڇانيل رهيو، بغير سرمايي صرف ڪرڻ جي، بغير ڪنھن سختي سھڻ يا قربانيءَ ڏيڻ جي. چون ٿا تہ سندس ولادت شڪارپور ۾ ٿي، پر وڪالت پاس ڪرڻ کان پوءِ ڌنڌو حيدرآباد مان شروع ڪيائين. مھمان نوازيءَ جو انگ اول کان ئي هوس. آئي وئي کي مانيءَ ٽڪر مڙيو ئي کارايو ڇڏيندو هو. ٿورن ئي ڏينھن اندر چڱو اثر پيدا ڪيائين. پھريائين ضلعي لوڪلبورڊ حيدرآباد جو پريزيڊنٽ چونڊيو. ان کان پوءِ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر،“ 1920ع ۾ ”سڌارا“ آيا، تہ سنڌ پاران بمبئي سرڪار جو وزير بڻجي ويو. اَٺ سال کن وزيري ڪيائين، ۽ پڇاڙيءَ وارا ڪجهہ سال ايگزيڪيوٽو ڪائونسلر ٿي رهيو. 1933ع ڌاري رٽائر ڪري سنڌ ۾ آيو، ۽ اچي ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو. سنہ 1934ع ۾ ليجسليٽو اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون. پاڻ سنڌ جي زميندارن ۽ جاگيردارن پاران اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1936ع ۾ سنڌ جو صوبو بمبئيءَ کان جدا ٿيو. 1937ع ۾ پھريون چونڊون ٿيون. وري بہ زميندار- جاگيردار سيٽ مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ چونڊجڻ شرط سنڌ جو وزيراعظم مقرر ٿيو- 1938ع ۾ سندس وزارت کي شڪست آئي ۽ مرحوم ﷲ بخش سندس جاءِ تي وزيراعظم بڻيو. سر صاحب اچي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ سارو سال مسلم ليگ تحريڪ ۾ هلندو رهيو. پر مسلم ليگ ﷲ بخش وزارت کي ڊاهڻ ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهي، جنھنڪري جنوري 1939ع ۾ سر صاحب مسلم ليگ ڇڏي وڃي ﷲ بخش سان شامل ٿيو ۽ وٽانئس هوم منسٽريءَ جو عھدو ورتائين. آڪٽوبر 1942ع ۾ ﷲ بخش مرحوم ڊسمس ٿيو. ان جي جاءِ تي پاڻ دوباره وزيراعظم مقرر ٿيو. 1943ع ۾ ﷲ بخش مرحوم شھيد ٿي ويو. 1945ع ڌاري مسلم ليگ خاصو زور ورتو. سر غلام حسين ان کان اڳ ئي منجهس وري شامل ٿي چڪو هو. 1947ع جي پڇاڙيءَ تائين وزيراعظم بڻيو رهيو. پاڪستان ٺھيو تہ قائداعظم جناح عليہ الرحمة کيس سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. 1948ع جي پڇاڙيءَ ۾ قائداعظم عليہ الرحمة جو انتقال ٿيو. اها خبر ٻڌي سر صاحب گورنر جنرل جي محل ۾ ويو. اتي ئي اوچتو دل جو دورو پيو، موٽي گهر آيو، هفتي کن اندر هن جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو. انﷲ و انا اليہ راجعون. جيترو وقت جيئرو رهيو، حڪومت ڪندو رهيو. پر اهي وقت ٻيا هئا ۽ ان زماني جا ماڻھو بہ ٻئي قسم جا هوندا هئا.
سر صاحب مرحوم جي زندگيءَ جو مون گهڻو مطالعو ڪيو. پويان تيرهن - چوڏهن سال تہ ساڻس خاصو سڌو تعلق بہ رهيو، پر اهو تعلق بطور سياسي مخالف جي هو نہ بطرح سياسي حاميءَ جي. اصلي سبب اسان جي اختلاف جو، هيءُ هو تہ مرحوم ويندو هو وقتي حالتن جي تقاضائن مطابق، ۽ اسان واريءَ پاليٽيڪس جو بنياد هوندو هو محض جذبات تي ۽ انھن اصولن تي جيڪي ڪتابن ۾ پڙهيا هئاسين. پر ان زماني جي سنڌ جي ماڻھن ۽ سياست سان انھن اصولن جي ڪا بہ مناسبت ٿي ڪانہ ٿي سگهي. هو صاحب هو realist يعني سخت حقيقت شناس ۽ اسان هئاسين visionary ۾ يعني سپنن جي دنيا جا سياح، هن جي اڳيان هو ”امروز“، اسان کي لڳل هو ”فڪر فردا“، هُو هو دماغ جو قائل ۽ اسان هئاسين دل سڳوريءَ جا گهائل. بڻجي تہ ڪٿان؟ ساٿ رهي تہ ڪھڙي بنياد تي؟
سڀ کان پھريون اختلاف جو سبب هيءُ هو تہ مون گهريو ٿي تہ سنڌ جدا ٿيڻ بعد ڪامورا شاهيءَ جو زور ٽوڙڻ گهرجي، ڇو تہ علحدگيءَ واريءَ تحريڪ جو هڪ بنيادي مقصد اهو بہ هو تہ انھيءَ مقصد جي بنياد تي ئي آءٌ ان تحريڪ ۾ ايتريقدر بھرو وٺي چڪو هوس.
انگريزن جي زماني ۾ عملدار شاهيءَ خوب جاوا ڪندي رهي هئي، پر- تمنا اها هئي تہ سنڌ جدا ٿيڻ شرط هڪدم ان جون پاڙون پٽي پڌر ۾ اڇلايون وينديون. پر سر غلام حسين مرحوم، وزارت عظميٰ جي پھرئين سال اندر، ان ڏس ۾ ڪو قدم ڪونہ کنيو- پاڻ عملدارن جي کڻي ﷲ ٻڌي، ”سائين سائين“ ڪندي هر هڪ موذيءَ اچي مرحوم جا پير جهليا- اُهي ئي پراڻا دستور، اها ئي اڳوڻي فضا، اهي ئي نوڪر شاهيءَ جا آزار، گويا سنڌ جي علحدگي ئي رائگان ويئي.
سر غلام حسين کي جنھن وقت گورنر، سر لانسلاٽ گراهم، وزيراعظم مقرر ڪيو ان وقت سندس پٺيان، سٺ ميمبرن مان فقط ڇھہ ميمبر هئا. پر چئن - پنجن مھينن اندر حالت اهڙي ٿي ويئي جو سواءِ ڇهن - ستن ڪانگريسي هندو ميمبرن جي، باقي سمورا ميمبر سر صاحب جا حامي بڻجي پيا. ظاهري طرح وزارت پارٽيءَ ۽ مخالف ڌر (جنھن جا اڳواڻ هئا، مرحوم ﷲ بخش ۽ مسٽر جي. ايم. سيد) جي وچ ۾ هڪ اقرار نامو ٿيو، جنھن ۾ ڪن مختصر انتظامي سڌارن رائج ڪرڻ جو وزارت طرفان واعدو ڪيو ويو ۽ ان واعدي عوض مخالف ڌر سر صاحب جي پٺڀرائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
مھينن پٺيان مھينا گذري ويا، پر اقرار نامي تي ڪو عمل ڪونہ ٿيو. سر صاحب پنھنجي دستور موجب ڪم هلائيندو رهيو. جي. ايم. سيد صاحب، نيٺ لاچار ٿي بغاوت ڪئي ۽ مارچ 1938ع ۾ سر صاحب جي وزارت فقط هڪ ووٽ جي فرق سان ڪِري پئي.
ان وزارت کي ختم ڪرائڻ ۾، پس پرده، مون بہ ڪجهہ حصو ورتو. جي. ايم. سيد جو آءٌ سياسي رفيق هوس ۽ هو منھنجيءَ راءِ کي چڱي وقعت ڏيندو هو. سنڌ جي ”نوڪر شاهيءَ“ کي ناس ڪرڻ جو جيترو اونو مون کي هو، ان کان زياده خود کيس هو. جذبات جي سندس طبيعت جي تشڪيل ۾ اوتري ئي ڪارفرمائي هئي، جيتري منھنجي مزاج جي ترتيب ۾. سنڌ جي علحدگيءَ لاءِ ٻئي گڏجي ڪم ڪري چڪا هئاسين. علحدگيءَ بعد پھرئين عام اليڪشن ۾ پڻ ساڳي ئي يونائيٽيڊ پارٽي جي عَلم هيٺ گڏجي هنگاما برپا ڪيا هئاسين. پروگرام ٻنھي جو ساڳيو هو- ذاتي غرض نہ کيس هو ۽ نہ مون کي.
ڊسمبر 1937ع جي پڇاڙيءَ ۾، آءٌ جي. ايم. سيد سان ملڻ لاءِ، سندس ڳوٺ ويس- رات جو مجلس ٿي، ٻٻر جا بنڊ وچ ۾ پئي ٻريا، اسان تڏي تي هنڌن کي پٺي ڏيو پيا هئاسين، ڳالھين پٺيان ڳالھيون هلنديون ويون، نيٺ اچي بيٺاسين سنڌ جي سياست تي.
مون کين عرض ڪيو تہ سنڌ جي جدائي مورڳو اڪارتي ويئي، عملدار شاهي اڳ کان اڳري رهجي ويئي، سڌارو هڪڙو بہ ڪرائي ڪونہ سگهياسين، پورا ٻارهن مھينا اجاين اميدن جي نذر ٿي ويا، سو غلام حسين مان اها اميد رکڻ تہ هو محض اقرار پاڙڻ خاطر پنھنجي عمر جي پڇاڙيءَ ۾ پنھنجي پاليسي بدلائي انقلاب آڻيندو قطعاً ناداني هئي، اسان کي محسوس ڪرڻ کپندو هو تہ سر صاحب لاءِ اهڙو اقرار پاڙڻ ناممڪن هو، ڇو تہ سندس سياست جو مدار ئي آهي عملدارن جي مدد ۽ ”جُڙيءَ کي جس“ Status Quo واريءَ پاليسيءَ تي، جيڪڏهن هو پنھنجن هٿن سان انھن عملدارن کي ختم ڪندو تہ پوءِ سياست هلائڻ لاءِ کيس ٻي مدد ڪٿان ملندي؟
مون تقرير ڪافي دليلن، جوش ۽ جذبي سان ڪئي، بنان ڪنھن جواب ڏيڻ جي سيد صاحب اٿي گهر هليو ويو، مون سمجهيو تہ هينئر غلام حسين وزارت جو ڪم لٿو.
جنوريءَ جو مھينو خير سان گذريو، فيبروريءَ ۾ سيد صاحب وزارت ڪيرائڻ لاءِ پنھنجو نقشو تيار ڪيو. مارچ جي اوائل ۾ اسيمبليءَ جو بجيٽ اجلاس شروع ٿيو. مون ڏانھن خط آيو تہ ڪراچيءَ ۾ هليو اچان. مون سمجهيو تہ وزارت ڏانھن خير ڪونہ آهي، تنھنڪري مون سارو سفر، ڪراچيءَ تائين ٿرڊ ڪلاس گاڏيءَ جي مٿئين تختي تي سمهندي پورو ڪيو، ڇو تہ آءٌ سر صاحب جي وزارت جو مشھور مخالف هوس، جڏهن ٻين سڀني وڃي ساڻس ٺاھہ ڪيو هو تڏهن آءٌ ٻاهر رهيو هوس، هينئر بجيٽ هلندي منھنجو ڪراچيءَ وڃڻ، لازماً چوٻول پيدا ڪري ها ۽ سندس رفيقن کي خبردار ٿيڻ جو موقعو ملي وڃي ها. مون نٿي گهريو تہ وقت کان اڳ وزارت کي اسانجن ارادن جو پتو پوي.
ڪوٽڙي اسٽيشن تي چانھہ پيئڻ لاءِ اڃا ڪنڌ مس ٻاهر ڪڍيو هو، تہ پريان مرحوم سائين ميران محمد شاھہ کي ايندو ڏٺم. ميران محمد شاھہ، ان زماني ۾ اسپيڪر هو ۽ سر غلام حسين جو حامي، توڙي جو رهندو جي. ايم سيد جي بنگلي ۾ هو، ۽ صلاح صلاحيت ۽ امن امان جي مصلحت ان کي بہ پيو ڏيندو هو. کيس ڏسي مان وري بہ ڪنڌ هيٺ ڪري لڪي پيس. اهڙيءَ ريت ڪراچيءَ پھچڻ تائين پورا چوڏهن ڪلاڪ، نہ ڪٿ ماني کائڻ لاءِ اٿيس نہ چانھہ جو ڍڪ نصيب ٿيم. جي. ايم. سيد جي بنگلي تي پھتس تہ ميران محمد شاھہ صاحب ات اڳ ۾ ئي پھچي چڪو هو‍! مون کي ڏسي گهڻو ئي ڪن اُڀا ڪيائين، پر مان ظاهر ڪندو رهيس تہ منھنجو اچڻ محض ڊاڪٽري علاج جي سلسلي ۾ ٿيو آهي ۽ ڊاڪٽر کي پاڻ ڏيکاري ڏينھن - اڌ ۾ وري واپس هليو ويندس. پر شاھہ صاحب کي وري بہ اطمينان ڪو نہ ٿيو. رات جي هڪ بجي تائين وچ ۾ ويٺو رهيو. جي. ايم. سيد ۽ مون کي اصلي ڳالھہ ٻولھہ ڪرڻ جو موقعو ئي ڪونہ ٿي مليو. نيٺ اسان مجلس برخواست ڪري وڃي سمھياسين. جڏهن ميران محمد شاھہ بہ وڃي سمھيو ۽ اسان کي خاطري ٿي تہ هو هينئر محو خواب آهي، تڏهن جي. ايم. سيد ۽ آءٌ موٽي اٿي اچي هڪ اونداهي ڪمري ۾ ويٺاسون ۽ وزارت تي رٿيل حملي واري نقشي کي آخري طرح نظر مان ڪڍيوسين. بجيٽ تي آخري ووٽنگ ۾ باقي ٻہ ڏينھن هئا. جي. ايم. سيد صاحب ڪانگريس ۽ نهچلداس وزيراڻيءَ واريءَ هندو پارٽيءَ سان اڳ ۾ ئي، هڪ اصلاحي پروگرام جي بنياد تي، ٺاھہ ڪري ڇڏيو هو. رٿ هيءَ هئي تہ ووٽنگ جي آخري گهڙيءَ تائين جيڪو ميمبر جنھن بينچ تي ويھندڙ هجي، اتي ويٺو رهي. مسٽر سڌوا، ڪانگريس پارٽيءَ جو پارسي ميمبر، عدم اعتماد جي اظھار لاءِ هڪ رپئي جو ڪَٽ موشن ڏئي. تقريرون فقط ڪانگريسي ميمبر ڪن. ٻيا سڀ خاموش رهن. جنھن وقت آخري ووٽنگ جو ٽائيم ٿئي، ان وقت سڀ باغي ۽ انقلابي ميمبر اٿي وزارت جي خلاف ووٽ ڏين.
ووٽنگ کان اڳئين رات تي حسب دستور، سر غلام حسين پنھنجن سمورن مددگار ميمبرن جي اعزاز ۾ ڊنر ڏني. سوال اٿيو تہ جي. ايم. سيد صاحب ان ڊنر ۾ شامل ٿئي يا نہ؟ ڪن جو خيال هو تہ جنھن صورت ۾ سر غلام حسين کي ٻئي ڏينھن تي ڪيرائڻو آهي، تنھن صورت ۾ هينئر ان جو نمڪ نہ کائجي. پر بحث مباحثي بعد هن نتيجي تي پھتاسون تہ جيڪڏهن سيد صاحب ڊنر ۾ شريڪ نہ ٿيندو، تہ هڪدم شڪ شبھا جاڳندا، ميمبرن تي وزارت پاران چوڪسي شروع ٿي ويندي، ڪن کي تہ عھدن جا پڻ واعدا ملندا، غرض ان هڪ غلط قدم ڪري ساري ڪئي ڪمائي ختم ٿي ويندي. تنھنڪري سيد صاحب ڊنر ۾ ضرور شريڪ ٿئي.
ڊنر کان پوءِ سيد جي بنگلي تي اسان جي آخري ميٽنگ ٿي، جنھن ۾ نهچلداس بہ اچي شريڪ ٿيو. اها ميٽنگ اڃا هلي رهي هئي تہ ٻاهران خبر ملي تہ کھڙو صاحب (1) اچي رهيو آهي. کھڙي صاحب جو نهچلداس کي آڌيءَ رات وڳڙي اسان وٽ ويٺو ڏسڻ خطرناڪ سمجهيو ويو، تنھنڪري مون نهچلداس کي اٿاري وڃي غسلخاني ۾ بند ڪيو. کيس سمجهائي ڇڏيم تہ جيستائين کھڙو هت آهي تيستائين پاڻ غسلخاني اندر ڪمونڊ کي ڪرسي بڻايون ويٺو هجي، جنھن ويلي کھڙو اٿي ويو تہ آءٌ فوراً در کولي اچي کيس ٻاهر ڪڍندس. کھڙي صاحب کي ڳالھين ڪندي ڪي ڪلاڪ گذري ويا، آخر پاڻ روانو بہ ٿي ويو، ۽ اسان کي اچي ورتو ننڊ. اها ڳالھہ ئي مورڳو وسري ويئي تہ ڪو نهچلداس غريب غسلخاني ۾ بند آهي ۽ سمهڻ کان اڳ کيس اتان آزاد ڪرڻو آهي. ڪنھن ويلي قضا حاجت لاءِ غسلخاني ۾ داخل ٿيس تہ ڏٺم نهچلداس باقاعدي ڪمونڊ تي ويٺو آهي. مون ساڻس گهڻي همدردي ڪئي. کيس چيم تہ ”هن وقت تائين کھڙي اٿڻ جو نالو ئي ڪونہ ٿي ورتو، تنھنڪري اسان بہ ويٺا رهياسين. معلوم ٿئي ٿو تہ وزارت پارٽيءَ کي ڪو شڪ جاڳيو آهي، جنھن جي تحقيق لاءِ کھڙي کي مقرر ڪيو هئائون. اسان بہ کيس ويھاري خوب ويساھہ ڏنا آهن. هو هينئر اٿي ويو آهي ۽ مون اچي در کوليو آهي.“
نهچلداس جي دماغ تي وزارت جو شوق چڙهيل هو، سو هُن اُن ساريءَ رات جي ڪشٽ کي تڇ برابر بہ ڪونہ سمجهيو. کلندو اٿي گهر ڏانھن روانو ٿي ويو. هلندي فقط ايترو سو پڇيائين تہ ”پروگرام تہ آل رائٽ آهي؟“
”بلڪل آل رائٽ.“
پروگرام جو هڪ حصو هيءُ بہ هو تہ سردار سهراب خان سرڪيءَ کي اسيمبليءَ ۾ اچڻ نہ ڏبو ۽ کيس موٽر ۾ ويھاري منگهي پير ڏانھن ڪڍي وڃي بند ڪبو.
آخري ڏينھن تي آءٌ بہ وڃي گيلريءَ ۾ ويٺس. وزارت کي ڪيرائڻ جو انتظام مڪمل ٿي چڪو هو. ڪلاڪ - ٻن کان پوءِ ووٽنگ ٿيڻي هئي، تنھنڪري وڌيڪ لڪل رهڻ بيڪار هو. ساڳيءَ شام ”سنڌ آبزرور“ اخبار لکيو تہ ”سنڌ جي لارينس (1) کي گيلريءَ ۾ ويٺو ڏسي اسان اڳ ۾ ئي تاڙي ويا هئاسين تہ اڄ وزارت جو خير ڪونہ آهي.“
شام جو پنج بجي ووٽنگ ٿي، هڪ ووٽ تي وزارت ڪِري پئي. سر غلام حسين مرحوم جوش ۾ اچي ”Treachery Treachery“ (دغا، دغا) پڪاريندو ٻاهر نڪري ويو. بدقسمتيءَ سان ورانڊي ۾ آءٌ سندس سامھون پئجي ويس. بزرگانہ انداز ۾ ڪافي تنبيھہ ڪيائين - چي، ”تو ئي اچي هيءَ دغا ڪرائي آهي. پر منھنجي دل کي ڪا پرواھہ ڪانہ آهي. ووٽنگ ڇا بہ هجي پر منھنجي وزارت ڪانہ ويندي.“
مون کيس وراڻي ڏني: ”سر صاحب، اوهان جيڪي بہ چئو پر خدا جي حڪم سان اوهان جي وزارت ويئي پئي آهي. ٻڪري جي ماءٌ ڪيستائين خير منائيندي رهندي.“
مرحوم جي دل صاف هوندي هئي، تنھنڪري زبان کي آزاد ڇڏي ڏيندو هو. ان ڏينھن، سندس ان خصوصيت جو مون کي ڪافي تجربو حاصل ٿيو.
گورنر، سر لانسلاٽ گراهم، سر غلام حسين جو دلي دوست هو، ۽ پنھنجن هٿن سان کيس وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي ويھاري چڪو هو، مگر وري بہ انگريز هو، ان ڪري قانون ۽ آئين جو پابند. ڏينھن - ٻن اندر ئي سر صاحب کان استعفا وٺي مخالف ڌر جي اڳواڻ خانبھادر ﷲ بخش کي سڏي وزيراعظم مقرر ڪيائين. انھن ڏينھن ۾ ڪل ٽي وزير ٿيندا هئا. نئين وزارت ۾ باقي ٻہ وزير ٿيا: پير الاهي بخش ۽ مسٽر نهچلداس وزيراڻي.
سنڌ جي وزارت جي ان پھرينءَ تبديليءَ جا ٻہ - ٽي ٻيا پھلو پڻ قابل ذڪر آهن:
مثلاً وزارت جي هڪ اميدوار کي جو اسان وٽ بند هو، سندس هڪ بزرگ اوچتو اچي پيرين اگهاڙو اسان وٽان ڀڄائي ويو. جڏهن وري هٿ آيو تہ اسان کيس وٺي وڃي راڻي باغ جي هڪ ڪنڊ ۾ لڪايو.
پير الاهي بخش صاحب وزير بڻيو تہ مون کي، بطور سيڪريٽريءَ جي، ساڻس وابستہ ڪيو ويو. پير صاحب ساريءَ سنڌ جو دورو ڪيو ۽ آءٌ سندس خدمت ۾ رهيس. ڪاموراشاهيءَ جي خلاف خوب تقريرون ڪيونسين. پير صاحب تہ کليل ميٽنگن ۾ ظالم ۽ رشوتي ڪامورن کي ڏنڊا بہ ڏيکاريندو رهيو. پبلڪ تي اثر تمام چڱو پيو، ماڻھن ۾ ڪجهہ همت پيدا ٿي. هزارن جي تعداد ۾ ڪامورن خلاف درخواستون ڏنائون، عملدار شاهيءَ کي ساريءَ سنڌ اندر ڏڪڻي وٺي ويئي. مجموعي طرح پڻ نئين وزارت ويھڻ شرط ٻہ - چار تمام دلپسند قدم کنيا: درٻارين ۽ ڪرسين جي سلسلي کي ختم ڪيو ويو، اسپيشل ماجسٽريٽن کي رخصت ڏني ويئي، لوڪل باڊيز مان ٿاڦيل ميمبر ڪڍيا ويا، مولانا عبيدﷲ سنڌيءَ کي جلا وطني ختم ڪري واپس سنڌ ورڻ جي اجازت ملي، ۽ سياسي قيدي آزاد ٿيا.
پر ٽن - چئن مھينن اندر نوڪرشاهي نئين وزارت تي قبضو ڪري ويئي. گورنر ۽ هيٺين عملدارن محسوس ڪيو تہ جيڪڏهن وزارت تي جي. ايم. سيد جو اثر وڌيڪ هليو تہ پوءِ ڪامورا شاهي ختم آهي، تنھنڪري ڪوشش ٿي تہ جي. ايم سيد ۽ ﷲ بخش کي هڪٻئي کان جدا ڪن. اوچتو ئي اوچتو مرحوم ﷲ بخش کي آماده ڪيو ويو تہ سکر بئراج ايراضي اندر ڍلون وڌائي. جي. ايم. سيد ڍلن جي مخالفت ڪئي. ﷲ بخش پنھنجي ڳالھہ تي قائم رهيو. هوڏانھن ڍلون زوريءَ وڌايون ويون، هيڏانھن جي. ايم. سيد ۽ اسان جي وزارت پارٽيءَ کان جدا ٿي وياسون. ڪانگريسي هندو، سيد جي علحدگيءَ جو فائدو وٺي، ﷲ بخش کي چنبڙي پيا.
جي. ايم. سيد ۽ اسان، ڪانگريسين جا اهي لڇڻ ڏسي، وڃي مسلم ليگ ۾ شامل ٿياسون ۽ ان کان پوءِ سنڌ اندر مسلم ليگ ۽ هندستان اندر پاڪستان تحريڪ جو بنياد پيو، جنھن جو تفصيل مناسب جاءِ تي ڏنو ويندو.
سر غلام حسين، اها حالت ڏسي،اچي اسان سان مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. مسلم ليگ پاران، ﷲ بخش وزارت کي ٽوڙڻ لاءِ هڪ ”وار ڪائونسل“ ٺاهي ويئي، جنھن جو اڳواڻ، منھنجي تحريڪ تي، سر غلام حسين مقرر ٿيو ۽ آءٌ پاڻ ان ”ڪائونسل“ جو سيڪريٽري چونڊيس. ”ڪائونسل“ جا ٻيا ميمبر هئا: جي. ايم. سيد، سر حاجي عبدﷲ هارون، خانبھادر کھڙو، شيخ عبدالمجيد، ۽ مسٽر محمد هاشم گزدر.
مرحوم سر حاجي عبدﷲ هارون، ۽ سر غلام حسين جا پاڻ ۾ سخت اختلاف هوندا هئا. انھن اختلافن پٺيان سر عبدﷲ هارون جو پنھنجو ڪو ذاتي مقصد ڪونہ هو. مرحوم پراڻو قومي ڪارڪن هو، سندس دماغي تشڪيل ئي هن طرح ٿي چڪي هئي تہ جيڪو بہ ماڻھو قومي تحريڪ لاءِ مفيد آهي سو سندس نظر ۾ چڱو ماڻھو آهي ۽ ان جي برعڪس جو بہ شخص ذاتي مقصدن کي قومي مقصدن تي ترجيح ڏئي ٿو، سو ايتريقدر خراب آهي جو ان سان هوند هڪ ٽيبل تي ويھي ماني بہ نہ کائجي. سر غلام حسين مرحوم سان، تنھنڪري، اڪثر ڪانہ پوندي هئس.
جنھن ڏينھن سر غلام حسين وار ڪائونسل جو چيئرمن چونڊيو ان ڏينھن، ميٽنگ مان اٿي، آءٌ سر عبدﷲ هارون کي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏڻ لاءِ ويس. پاڻ شمله يا دهليءَ وڃي رهيو هو. صدر جي پليٽفارم تي پھچندي ئي سر عبدﷲ هارون، غصي وچان، وار ڪائونسل جا ڪاغذ مون کي اڇلائي ڏنا- چي، ”هينئر غلام حسين اڳواڻ ڪيو اٿوَ تہ پوءِ عبدﷲ هارون جي پٺيان ڇو پيا اچو“- مون دل ڀِڄائيندڙ اپيلون ڪيس. ﷲ بخش ۽ ڪانگريسين جي نئين سنٻنڌ سبب سنڌ جي مسلمانن لاءِ جي نوان خطرا پيدا ٿي چڪا هئا، تن کان کيس آگاھہ ڪيم. کيس يقين ڏنم تہ توڙي جو نالي ماتر سر غلام حسين اڳواڻ چونڊيو آهي، مگر حقيقي اڳواڻ پاڻ ئي رهندو. اسان سڀ سندس پئلڳ آهيون. سر غلام حسين کي محض مصلحتاً اهو اعزاز ڏنو ويو آهي، ڇو تہ سنڌ اسيمبليءَ اندر هو ئي ڪم ڏيئي سگهندو، وغيرہ وغيرہ. سر صاحب مرحوم نيٺ ٿڌو ٿيو ۽ فائيل موٽائي ورتائين. آءٌ ڪلمو ڀري واپس آيس. ان کان پوءِ ورندڙ جنوريءَ (1939ع) تائين (جڏهن سر غلام حسين اسان کي ڇڏي اوچتو ئي اوچتو وڃي ﷲ بخش سان شامل ٿيو) منھنجو فرض اهو رهيو تہ انھن ٻن شينھن سان هڪڙي ئي ٻيلي اندر منھن ڏيو ويٺو هجان ۽ کين هڪٻئي سان زور آزمائي ڪرڻ نہ ڏيان. ڪم مشڪل هو، پر پنھنجي طرفان پوري ڪوشش ڪندو رهيس.
ان وچ ۾ گهڻا ئي قصا ٿي گذريا. مسلم ليگ تحريڪ کي زور وٺرايو ويو. ڪراچيءَ ۾، آڪٽوبر 1938ع ۾، مسلم ليگ جي پھرين ڪانفرنس قائداعظم جي صدارت هيٺ سڏائي ويئي. ان ڪانفرنس ۾ پھرئين دفعي هيءُ ٺھراءُ پاس ڪيو ويو تہ جنھن صورت ۾ ڪانگريسي هندو مسلمانن سان ڪنھن بہ منصفانہ سلوڪ ڪرڻ لاءِ تيار نہ آهن، تنھن صورت ۾ مسلم ليگ کي پاڪستان قائم ڪرائڻ لاءِ ڪوشش شروع ڪرڻ گهرجي. پاڪستان اسڪيم جي تحقيق ۽ مقبوليت لاءِ ڪاميٽي ٺھي، جنھن جو چيئرمن مرحوم عبدﷲ هارون ۽ سيڪريٽري آءٌ مقرر ٿيس. سنڌ پراونشل مسلم ليگ جو پايو پيو، جنھن جو پڻ عبدﷲ هارون صدر ۽ آءٌ سيڪريٽري چونڊيس - وغيرہ وغيرہ.
ايندڙ جنوريءَ تائين ٻہ - چار ڳالھيون بلڪل ظاهر ٿي چڪيون:
(1) مسلم ليگ جو وڌندڙ زور ڏسي، ڪانگريسي ﷲ بخش مرحوم جا پير جهلي بيھي رهيا،
(2) سنڌ جا اڪثر وڏيرا ايم. ايل. اي. ﷲ بخش وزارت جا مددگار رهيا،
(3) وزارت جي ڪِرڻ جو ڪو امڪان باقي ڪونہ بچيو.
(4) مسلم ليگ تحريڪ اندر سر عبدﷲ هارون جو اثر ۽ رتبو وڌندو ويو، ۽ سر غلام حسين لاءِ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ نا اميديءَ جي فضا پيدا ٿيندي ويئي.
(5) سر غلام حسين کي زندگيءَ ۾ پھريون دفعو يڪا ڏھہ مھينا وزارت ۽ اقتدار کان ٻاهر رهڻو پيو، ۽ کيس اڳ لاءِ ڪا بہ گهڻي اميد ڪانہ رهي، ڇو تہ هن محسوس ڪري ورتو تہ جيڪڏهن مسلم ليگ کي ڪنھن موقعي تي وزارت ٺاهڻ جو موقعو بہ مليو، تہ جناح صاحب وڏي وزيري کيس نہ ڏيندو، پر جي. ايم. سيد يا عبدﷲ هارون جي حوالي ڪندو،
(6) سر صاحب جي ساٿين ۽ حامي عملدارن تي مشڪل گهڙيون اچي ويون هيون، تقريباً ڏھہ مھينا انھن پونئرن کي پاڻي ڪونہ مليو هو، سڀني مڙي مٿس زور آڻڻ شروع ڪيو تہ ليگ کي ڇڏي، ﷲ بخش سان ٺاھہ ڪري، ننڍي وزيري ئي هٿ ڪجي، جيئن وڌيڪ وقت لاءِ کيس ”اقتدار“ کان ٻاهر رهڻو نہ پوي.
جنوريءَ (1939ع) ۾ اسيمبلي - اجلاس ٿيڻو هو. اسان پنھنجي پاران خوب تياريون ڪيون، ﷲ بخش وزارت ۽ سندس مددگار ميمبرن تي اثر وجهڻ جون. سر غلام حسين ناتال جي موقعي تي بمبئيءَ ويو. ويندي مون کي چوندو ويو تہ اسيمبليءَ جي اجلاس وقت گئلريءَ ۾ پبلڪ کي آڻي ويھارڻ جو بندوبست اڳواٽ ڪري ڇڏيان. ريل ۾ ويھڻ وقت بہ چٺي لکي ڇڏي ويو تہ مسلم ليگين لاءِ گهڻي ۾ گهڻيون گئلري - پاسون ڪڍرائي رکان. اسان سڀني کي يقين ٿيو تہ سر صاحب بلڪل پختو آهي. انھن ڏينھن تائين پارٽين بدلائڻ جو رواج اڃا ڪونہ پيو هو، تنھنڪري اسان جي تصور ۾ بہ ڪونہ ٿي آيو تہ سر صاحب جي پايي واري ليڊر کان ڪا لغزش واقع ٿيندي، ۽ هو ساڳئي ﷲ بخش کان، جنھن کيس وزارت مان لاٿو هو، ننڍي وزيري وٺي، پنھنجي جماعت کي پُٺي ۾ ڇُري ۽ اقرارن تي ٻُڙي ڏيئي ويھي رهندو.
اجلاس کان اڳئين ڏينھن تي هو بمبئيءَ کان واپس آيو ٻئي ڏينھن اجلاس شروع ٿيو. پاڻ مخالف بينچن تي، بطور اپوزيشن ليڊر جي ويٺو رهيو. وزارت خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ٿي، پاڻ اُٿي ان جي پٺڀرائي ڪيائين.
ٻئي ڏينھن جي اجلاس ۾ مورڳو شامل ئي ڪونہ ٿيو.
ٽئين ڏينھن اجلاس ۾ آيو، پر سڌو اچي وزارت جي بينچن تي ويھي رهيو. ۽ جڏهن مسلم ليگين طرفان تعجب، حيرت ۽ قدري نفرت جو اظھار ٿيو، تہ جوش ۾ اچي کين ٻہ - ٽي سخت جملا چئي ڏنائين، ۽ اڳتي هلي، ساڳئي عدم اعتماد واري ٺھراءَ تي ووٽنگ ٿي تہ پنھنجو ووٽ وزارت جي فائدي ۾ ڏنائين. ان کان پوءِ، ٻن - چئن ڏينھن اندر هوم منسٽر بڻيو، ۽ 1942ع تائين ﷲ بخش سان گڏيو رهيو.
1942ع ۾ ﷲ بخش کي انگريزن ڊسمس ڪيو تہ پاڻ ان جي جاءِ تي وزيراعظم بڻيو ۽ ٿورن ئي ڏينھن اندر دوباره مسلم ليگ ۾ داخل ٿيو. ان کان پوءِ، رفتي رفتي، حالتون پڻ مسلم ليگ لاءِ سازگار ٿينديون ويون ۽ سر صاحب مرحوم پنھنجي باقي زندگيءَ جا ڇھہ - ست سال مسلم ليگ اندر ئي خاصو مقام وٺيو، ويٺو رهيو. وقت گذرندي، جناح صاحب جو پڻ ڀروسو ٿي ويو. عبدﷲ هارون مرحوم ان وچ ۾ انتقال ڪري ويو هو. جي. ايم. سيد ۽ مون کي تہ مورڳو مسلم ليگ مان ڪڍي ڇڏيو هئائون، ڇو تہ اسين، سنڌ جي قيادت سر غلام حسين جي سپرد رهي، تنھن جي سخت مخالفت ڪندا ٿي رهياسين، ۽ آخر بيزار ٿي، کليل بغاوت بہ ڪئي هئيسين.
سر غلام حسين مرحوم پڇاڙيءَ ۾ فنا في المسلم ليگ جو درجو حاصل ڪري چڪو هو. ڪئبينيٽ مِشن جي پلان خلاف، 1946ع ۾ مسلم ليگ سڌي قدم جو فيصلو ڪيو، تہ ان تجويز جو پيش ڪندڙ پاڻ بڻيو. نہ فقط ايترو، بلڪ انگريزن جي لقبن ڇڏڻ لاءِ پڻ رٿ ڏنائين، ۽ سڀ کان اول خاص پنھنجن لقبن (خانبھادر، ڪي. سي. ايس. آءِ. وغيرہ) اڇلائڻ جو فيصلو ڪيائين. ساري هندستان جي مسلمانن اندر واه واه ٿي ويئي. سر صاحب ساريءَ قوم جو هيرو بڻجي ويو. اسين سنڌ جا اصلوڪا مسلم ليگي، محض واجهائيندا ۽ جُتيون چٽخائيندا رهجي وياسين.
اهڙي هئي سر صاحب مرحوم کي ”وقت جي سڃاڻ“، ۽ ايتريقدر عملي هئي سندس سياست! انگريز هئا، تہ پاڻ اڳ ۾: ﷲ بخش ۽ ڪانگريس جو زور ٿيو، تہ بہ پاڻ وچ ۾: مسلم ليگ جو وارو وريو، تہ مورڳو ساريءَ ملت اسلاميه جي مٿي جو موڙ!
سر غلام حسين مرحوم جي ڪاميابيءَ جو راز سندس ڪھڙين وصفن ۾ سمايل هو، تنھن تي مون گهڻو غور ڪيو، ۽ آخر هيٺين نتيجن تي پھتس:
(1) فيصلي جو صحيح ٽائيم مقرر ڪرڻ. مثلاً، سياسي وڳوڙ جي ابتدا ٿي ۽ مخالف ڌر سندس وزارت ڪيرائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. ڪيڏو بہ هل مچي ويو، سنگتين ۽ ساٿين اچي خبرون پھچايس تہ وزارت وڃي رهي آهي، ۽ مخالفن، ميمبر سڀ ڦيرائي ڇڏيا آهن، وغيرہ وغيرہ، مگر پاڻ پيو فقط کلندو ۽ ساڻن چرچا گهٻا ڪندو. چي، ”آءٌ فقير آهيان، خدا منھنجي مدد ڪندو.“ شام بنان ناغي ”ڪراچي ڪلب“ ۾ ويندو ۽ آفيس ۾ وڃڻ بہ چالو رکيو ايندو، سندس منھن مان ڪا بہ پريشاني ظاهر ڪانہ ٿيندي. مخالف، سندس اهڙيءَ بيپرواهيءَ کي بيخبري تي محمول ڪري، وڌيڪ جرئت سان وزارت ڪيرائڻ جو ڪم هلائيندا رهندا. سر صاحب ويٺو سندن مخالفت جي نقشي تي ويچار ڪندو. ۽ پنھنجي پاران اوستائين ڪو قدم نہ کڻندو، جيستائين مخالفن پنھنجو سارو نقشو ظاهر نہ ڪري ڇڏيو آهي. ان کان پوءِ، آخري ساعت تي هڪڙو ئي گهاتڪ ڌڪ هڻندو، جنھن جي وسيلي مخالف ڌر جي ساريءَ ڪئيءَ ڪمائيءَ تي پاڻي ڦيرائي ڇڏيندو. سندس طريقه ڪار اهو هو تہ ”اڳواٽ پريشان نہ ٿجي. مخالف کي ڊگهي رسي ڏجي تہ ڀل پنھنجو سارو منصوبو ظاهر ڪري بيھي رهي. ان کان پوءِ آخري گهڙيءَ تي قدم کڻجي، ۽ اهو قدم اوچتو کڄي، زبردست هجي، ۽ ان جو سارو زور منصوبي واريءَ زنجيريءَ جي ڪمزور ترين ڪڙيءَ تي اڇلائي وجهجي“. سندس ساريءَ سياسي زندگيءَ اندر، سندس اهو طريقه ڪار هڪڙو دفعو بہ ناڪامياب ٿيندو نظر نہ آيو.
(2) ننڍين ننڍين ڳالھين ۾ انتقام ۽ بدلو وٺي، نہ دشمنن جو تعداد وڌائجي ۽ نہ دشمنيءَ ۾ تيزي پيدا ٿيڻ ڏجي. دنيا تي عام اثر اهو ويھارجي تہ ”سر صاحب نيڪدل انسان آهي، ساڻس بڇڙائي ڪجي ٿي تہ بہ پنھنجي پاران چڱائي ڪريو ڇڏي“. سخت دشمني ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن ساڳيو دشمن ڪنھن ڪم لاءِ هلي ويس تہ پھريائين جوش وچان ڪجهہ قدر گهٽ - وڌ چوندس، مگر ان سان گڏوگڏ ڪم بہ ڪري ڏيندس. مانيءَ جو وقت هوندو تہ ماني بہ کارائيندس ۽ کيس هي بہ ٻڌائي ڇڏيندو تہ ”تنھنجا فلاڻا وڏا منھنجا دوست هوندا هئا، مون سان هر طرح وفاداري ڪندا رهيا. سندن فلاڻو مقدمو ٿيو، جنھن ۾ مون سندن مدد ڪئي هئي. تنھنجا بزرگ تمام مھربان هوندا هئا. تون ئي هڪ اهڙو شخص پيدا ٿيو آهين، جنھن پنھنجن وڏن جي دوستن سان بيوفائي شروع ڪري ڏني آهي.“ ڪم ٿيڻ ۽ مانيءَ کائڻ کان پوءِ اهو ماڻھو گهڻي وقت تائين دغدغي ۾ پيو رهندو.
(3) مھماننوازي سندس خاص وصف هئي. في الحقيقت، دسترخوان جي ڪشادگيءَ وسيلي ئي هن پھرئين زماني ۾ اثر پيدا ڪيو هو، ۽ بعد ۾ ان اثر کي قائم رکيو آيو.
(4) مخالف کي ڌڪ نہ هڻندو، پر جي هڻندو تہ بلڪل ڪاري، ۽ حتي المقدور اڻسڌو - پڇاڙيءَ تائين کيس پنھنجنّ ارادن جي خبر پوڻ نہ ڏيندو. کھڙو صاحب سندس ڪئبينيٽ جو ميمبر هو، پر سر صاحب محسوس ڪيو تہ اڳتي هلي کھڙو کيس تڪليف رسائيندو. اوچتو ئي اوچتو ﷲ بخش مرحوم جي خون جي جانچ شروع ٿي ويئي، نئين سر، تقريباً هڪ سال کان پوءِ. جانچ جو رخ هن دفعي کھڙي جي خلاف هو، پر کھڙو وري بہ سر صاحب سان صلاح مصلحت ڪندو رهيو. اوچتو ئي اوچتو، هڪ ڏينھن گورنر کھڙي صاحب کي گهرائي کانئس وزارت جي استعفا ورتي، ۽ ساڳئي ڏينھن (يا وڌ ۾ وڌ ٻئي ڏينھن) پوليس اچي کيس گرفتار ڪيو. ٻارهن مھينا ڪيس هلندو رهيو، ۽ کھڙو صاحب جيل ۾ بند رهيو. ان وچ ۾ مسلم عوام جي همدردي کھڙي صاحب سان پيدا ٿي ويئي، ۽ جڏهن ڪيس مان آزاد ٿي بطور ڪامياب هيرو جي ڪراچيءَ رسيو تہ سندس استقبال لاءِ اسٽيشن تي سر غلام حسين صاحب خود موجود هو ۽ کيس جلوس ۾ وٺي آڻي گهر پھچايائين. ان کان پوءِ چونڊون ٿيون، کھڙو صاحب ۽ سر غلام حسين ساڳيءَ ڪئمپ ۾ رهيا، ۽ اليڪشن جي ڪاميابيءَ بعد کھڙو صاحب دوباره سندس ڪئبينيٽ ۾ وزارت وٺي ويھي رهيو. سر صاحب وري ساڳيءَ ڪئبينيٽ جي هڪ ٻئي ميمبر، مسٽر محمد هاشم گزدر تي ناراض ٿي پيو. اوچتو ئي اوچتو، قائداعظم وٽان بمبئيءَ مان حڪم اچي ويو تہ گزدر استعفا ڏيئي ٻاهر نڪري وڃي، ٻيءَ صورت ۾ کيس وزارت مان ڊسمس ڪرايو وڃي. گهڻيون ئي اپيلون ڪيون ويون، گهڻا واجهہ وڌا ويا، مگر جناح صاحب باز نہ آيو، ۽ ٻن ڏينھن اندر گزدر صاحب کي ٻاهر نڪرڻو پيو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سر صاحب گورنر مقرر ٿيو، ۽ کھڙو صاحب سنڌ جو چيف منسٽر. ٻنھي جي وچ ۾ سخت اختلافات پيدا ٿي پيا. قائداعظم پاڻ سر غلام حسين کي اجازت ڏني تہ کھڙي صاحب کي ڊسمس ڪري مٿس (بدانتظامي وغيرہ جي الزامن جي سلسلي ۾) ڪورٽ آف انڪوائري ويھاري. ان وچ ۾ قائداعظم ۽ سر غلام حسين ٻنھي جو انتقال ٿي ويو، پر کھڙي صاحب لاءِ ان کان پوءِ بہ اِها پيڙا ڪيتري عرصي تائين هلندي رهي. جڏهن سر صاحب جو انتقال ٿيو تہ کھڙو صاحب بہ جنازي سان گڏجي عيدگاھہ واري قبرستان تائين هليو، ۽ اتي ٻين وانگر پاڻ بہ قرآن مجيد ڪڍي ويھي پڙهڻ لڳو. دعا ڪھڙي گهريائين، تنھن جو مون کي پتو ڪونہ رهيو، پر ايصال ثواب جي سلسلي ۾، ٻين وانگر، سندس هٿ پڻ فضا ۾ متحرڪ رهيا.
(5) خوشيءَ خواھہ غم جي اثر کي ڳوڙهو وڃڻ ڪونہ ڏيندو هو. وڏي ۾ وڏو صدمو تڏهن رسيو، جڏهن سندس هوم منسٽريءَ جي زماني ۾ حرن، ٽنڊي آدم وٽ، لاهور ميل ڪيرائي، سندس فرزند کي بيگناھہ شھيد ڪري ڇڏيو. ماڻھن سمجهيو ٿي تہ ان صدمي جي بار هيٺ سر صاحب ختم ٿي ويندو، مگر جلد ئي کين راءِ بدلائڻي پئي. سر صاحب کي ڏک رسڻ لازمي هو، ۽ واقعي ڏک بہ سخت رسيس، مگر سندس زندگيءَ جي معمولات ۾ ڪو بہ فرق ڪونہ آيو. بدستور صبح جو آفيس ۾ ويندو رهيو، ۽ شام جو ڪراچي ڪلب ۾. سندس فرزند جي شهادت 1942ع ۾ ٿي، ۽ سندس پنھنجو انتقال ان کان ڇھہ سال پوءِ، يعني 1948ع ۾.
(6) خانگي ۽ غير سياسي دوستن سان ڏاڍو نيبھہ ڪندو هو. اوائلي عمر ۾ جيڪي دوست ٿيس، انھن سان پڇاڙيءَ تائين ڳنڍيو آيو.
(7) ڪامورن ۽ عملدارن جي عزت ڪندو هو ۽ انھن کي هٿ ۾ رکندو هو. جيتريقدر ٿي سگهندس، ڪنھن بہ عملدار جي مرضيءَ خلاف، سندس ڪم ۾ دست اندازي نہ ڪندو، ۽ نہ جهٽ ۾ ناراض ٿي نقصان ئي پھچائيندس. پر وقت پئي جيڪڏهن منجهانئن ڪنھن کي ڪو حڪم ڪندو تہ ان جي تعميل ۾ اهو عملدار مرڻ جيئڻ جي بنھہ ڪانہ ڪندو.
(8) طاقت جو وقت سر، جيڪو بہ مرڪز هوندو، سر صاحب جا ان سان بھترين تعلقات هوندا. جيستائين طاقت جو منبع بمبئيءَ جو گورنر هو، سر صاحب ان جو معتمد خاص هوندو هو. سنڌ جدا ٿي تہ وري بہ اصلي طاقت جو سر چشمو گورنر سنڌ ئي رهيو، ۽ جيڪو بہ گورنر آيو سو سر صاحب جو سرپرست ٿي رهيو. ان کان پوءِ آيو دؤر قائداعظم ۽ پاڪستان جو. ان دؤر اندر بہ سر صاحب سخت اعتبار جي قابل سمجهيو ويو. جنھن ڳالھہ ۾ سر صاحب مرحوم کي خاص ملڪو هوندو هو، سا هيءَ تہ کيس وقت کان گهڻو اڳ محسوس ٿي ويندو هو تہ طاقت جو رخ ڪھڙي طرف ڦري رهيو آهي، ۽ ان احساس جي بنياد تي هو وقت کان اڳ ۾ ئي پنھنجا تعلقات ان ڌر سان پيدا ڪري ڇڏيندو هو. سياسي موسم شناسيءَ (political metereology) ۾ سندس ثاني مون ڪونہ ڏٺو آهي، حالانڪ ان فن ۾ مھارت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش گهڻا ئي سياسي همعصر ڪندا پئي رهيا آهن.
(9) دفتري ڪم (فائيل پڙهڻ ۽ نوٽ لکڻ) سندس پرسنل اسسٽنٽ (مسٽر ڪارڊيرو) جي سپرد هوندو هو، ۽ انتظامي معاملات سيڪريٽرين جي حوالي. جيڪڏهن پاڻ کي ڪو خاص ڪم ڪرڻو هوندو هوس، تہ بہ اشارو سيڪريٽرين کي ئي ڪري ڇڏيندو هو. پاڻ پنھنجو وقت سياسي معاملات متعلق غور يا فڪر ڪرڻ تي صرف ڪندو رهندو هو. کيس چڱيءَ طرح معلوم هو تہ جيڪڏهن ڪنھن پارٽي - ليڊر يا وزير سياست بہ هلائي ۽ ساڳئي وقت دفتري ڪم بہ پنھنجي سر تي کنيو، تہ کيس سوچڻ لاءِ ڪو بہ وقت نہ ملندو، ۽ خبر تڏهن پونديس، جڏهن اوچتو وڃي ڪنھن کڏ ۾ ڪِرندو. پاڻ ابتدا ۾ ئي ماڻھو قابل اعتماد هٿ ڪندو هو، ۽ ان کان پوءِ کين ڪم هلائڻ لاءِ ڊگهي رسي ڏيئي ڇڏيندو هو- ۽ ان ڪري سندس زيردست کانئس خوش بہ هوندا هئا- هر ڪو ائين پيو سمجهندو هو تہ سر صاحب جو منجهس پورو پورو ڀروسو آهي، ۽ تنھنڪري سر صاحب جو پاور ۾ رهڻ گويا سندس پنھنجو پاور ۾ رهڻ آهي. مسٽر ڪارڊيرو سر صاحب جي اوائلي وڪالت وارن ڏينھن کان وٺي ساڻس وابستہ رهيو هو، ۽ پڇاڙيءَ تائين کانئس ڪو نہ ٽُٽو. سر صاحب پاران لکپڙهن نيڪال ڪرڻ ۽ فائيلن تي نوٽن لکڻ جو سمورو ڪم ڪارڊيرو ڪندو هو. مون پنھنجين اکين سان ڏٺو تہ ڪن ڪاغذن تي هو سر صاحب جي صحيح بہ پاڻ ئي ڪري ڇڏيندو هو. ڪمال اهو هو تہ پنجٽيھن سالن جي تعلق اندر ڪارڊيري کان اهڙو ڪو بہ فعل سرزد ڪونہ ٿيو، جنھنڪري پنھنجي آقا جو اعتبار وڃائي ويھي.
(10) سر صاحب هر شام سنڌي نموني جي ڪچھري ڪندو هو، يار دوست، ڪامورو ڪڙو، وڪيل وڙو، آيو ويو، پيو وٽس ڍرندو هو. پاڻ ويٺو خبرون پڇندو، ڳالھيون ٻڌندو، ۽ کل مذاق ڪندو. ان ڪچھريءَ جي ذريعي، روزاني کيس ساري ملڪ جو واءُ سواءُ گهر ويٺي پيو معلوم ٿيندو هو.
سر صاحب جي رهڻي ڪرڻي صاف سٿري هوندي هئي. ڪپڙا سٺا پھريندو هو. کائيندو چڱو چوکو هو. ڪنھن بہ وقت وٽس وڃبو تہ ٻہ - چار قسم ماني تيار ملندي، ۽ روزاني جي ضرورت کان وڌيڪ انداز ۾ ٺھيل هوندي. مھمان کي ماني کارائيندي کيس خوشي محسوس ٿيندي هئي.
نہ وري مغرور يا متڪبر ئي هو. هڪ دفعي مون کي ڪنھن پارٽيءَ جي سلسلي ۾ دوستن لاءِ ڪارڊ وٺڻا هئا. مون وڃي کيس چيو. پاڻ گهر جا ڪپڙا پھريو ويٺو هو، پاجامو ۽ سنھو لنڊو ململ جو پيرهن. مرحوم انھيءَ حال ۾ ئي موٽر ۾ چڙهي هلي مون کي ڪارڊ وٺي ڏنا.
سياسي طور تي آءٌ هميشہ سندس مخالف رهيس. پر ان هوندي بہ وقت پئي مون کي ڪڏهن ڪونہ ڏکويائين. منزلگاھہ فسادن جي زماني ۾ مون هڪ ڪتاب لکيو، جنھن ۾ ڄاڻايم تہ ان ساريءَ خونريزيءَ جي جوابداري سنڌ وزارت تي آهي ۽ ان وزارت اندر لا ائنڊ آرڊر جو پورٽفوليو سر صاحب جي حوالي آهي. اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ان ڪتاب جو ذڪر آيو. پاڻ جوش مان اٿي، سر عبدﷲ هارون ۽ مون لاءِ گهڻو گهٽ - وڌ چيائين. ماڻھن سمجهيو تہ هاڻي ”لڳو ڌڪڙ تي اٽو“، پر ٿيو ائين ڪونہ. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ منھنجي ساڻس ملاقات ٿي: ساڳي خنده پيشاني، ساڳي نوڪ جهوڪ، گويا ياد ئي ڪونہ هوس تہ مون ڪو اهڙو ڪتاب بہ لکيو هو.
موسيقيءَ ۽ ڪلب لائيف کان سواءِ کيس ٻيو ڪو بہ شوق ڪونہ هو، تنھنڪري ورزش کان پري رهيو. پر ان هوندي بہ سندس صحت تمام چڱي هوندي هئي. هر صبح فقط تيل - مالش ڪرائيندو هو، ۽ ان ڪم لاءِ هڪ خاص ملازم رکيل هوس.
1938ع جي آڪٽوبر مھيني ۾، ڪراچيءَ جي عيدگاھہ ميدان تي مسلم ليگ جي ڪانفرنس ٿي. سر صاحب انھن ڏينھن ۾ مسلم ليگ ۾ شامل هو. پر ڪانفرنس جي انتظامي يا استقباليہ ڪاميٽيءَ ۾ کيس ڪو عھدو ڏنل ڪونہ هو. ڪانفرنس شروع ٿيڻ وقت عھديدارن بخمل جون رنگين بئجون پنھنجن ڪوٽن تي چسپان ڪيون. سر صاحب جي نظر بئجن تي پئجي ويئي، پڇيائين، ”منھنجي بئج ڪٿي آهي؟“ ڪنھن ماڻھوءَ جواب ڏنس تہ ”اوهين استقباليہ ڪاميٽيءَ جا عھديدار نہ آهيو، تنھنڪري اوهان لاءِ ضروري نہ آهي تہ ڪا بئج لڳايو.“
”پر مون پنج سؤ (يا هزار) رپيا چندو جو ڏيڻو ڪيو آهي؟“
”چندي تي بئج نہ ملندي آهي.“
بس، پوءِ تہ سر صاحب غصي ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. سر عبدﷲ هارون (چيئرمين استقباليہ ڪاميٽي) کي، مون کي، ۽ ٻين مسلم ليگين کي، ڪيترائي لقب ڏيندو، ڪانفرنس ڇڏي هليو ويو. ڪجهہ وقت بعد مون کي خبر پئي تہ سر صاحب بئج جي ڳالھہ تي ڪاوڙجي پيو آهي. آخر، جيتريقدر مون کي ياد پوي ٿو، شايد جي. ايم. سيد، يا ڪو ٻيو مسلم ليگي کيس بئج لڳائي، منٿ ميڙ ڪري، واپس ڪانفرنس ۾ وٺي آيو.
انھن ڏينھن ۾ هڪ دفعي جناح صاحب پنھنجيءَ جاءِ رهائش (سر عبدﷲ هارون جو وڪٽوريا روڊ وارو بنگلو) تي مسلم ليگي اسيمبلي ميمبرن جي ميٽنگ سڏائي. ان مقصد لاءِ تہ پارٽي جا عھديدار سندس موجودگيءَ ۾ چونڊيا وڃن. ان زماني ۾ امڪان پيدا ٿيو تہ شايد ﷲ بخش مرحوم استعفا ڏئي ۽ نئين وزارت ٺاهڻ جو موقعو مسلم ليگ کي ملي. ميٽنگ اندر گفتگو هلندي، سر غلام حسين مرحوم محسوس ڪري ورتو تہ جناح صاحب پارٽيءَ جو ليڊر جي. ايم.سيد کي چونڊائڻ گهري ٿو، ۽ نہ کيس. جناح صاحب پاڻ ان حد تائين ظاهر ڪري ڏنو تہ جيڪڏهن ليڊريءَ لاءِ سر غلام حسين جو نالو پيش ٿيو تہ پاڻ مورڳو ميٽنگ ئي ڇڏي هليو ويندو. اها حالت ڏسي سر صاحب، حسب دستور غصي ۾ پئجي، intrigue intrigue (سازش! جوڙ توڙ!) پڪاريندو، اٿيو هليو ويو.
اسان پاڻ اهو ئي ٿي گهريو تہ سر غلام حسين دوباره سنڌ جو وزيراعظم نہ ٿئي، ڇو تہ جنھن انقلاب جي درپئي اسين هئاسين، سو انقلاب سندس هٿان ٿيڻ بلڪل ممڪن نہ هو. جيتوڻيڪ ان ڏينھن سر غلام حسين ميٽنگ کي بائيڪاٽ ڪري هليو ويو، مگر ڪجهہ خطرو اڃا موجود هو تہ شايد، اتحاد خاطر، جناح صاحب خود کيس ليڊري ڏيئي وري موٽائي آڻي، ۽ چيف منسٽري سندس ئي سپرد ڪري.
ٻئي صبح تي، سر عبدﷲ هارون وٽ جناح صاحب جي اعزاز ۾ ناشتي جو انتظام ٿيو. آءٌ بہ ٽيبل تي موجود هوس. سر غلام حسين جي ڳالھہ نڪتي. مون وڏي واڪي چئي ڏنو تہ ”سر غلام حسين ظاهر ڪري رهيو آهي تہ هو قائداعظم کي ان راءِ تان باز آڻيندو، ۽ ان مقصد لاءِ هو کيس سندس ڀيڻ، يعني مس فاطمه جناح، کان سفارش ڪرائيندو.“
منھنجو ايترو چوڻ ۽ جناح صاحب غصي ۾ اچي ويو. وڏي گرجدار آواز ۾ چيائين: ”جيڪڏهن منھنجي ڀيڻّ اهڙي ڪا ڳالھہ مون سان ڪئي تہ آءٌ سندس ڳچي مروٽي ڇڏيندس.“
سر غلام حسين توڙي جو ميٽنگ ڇڏي ويو هو، مگر ان هوندي بہ سردست مسلم ليگ تان استعفا ڪانہ ڏنائين، ۽ نہ وري مسلم ليگ ئي انھن ڏينھن ۾ وزارت ٺاهي سگهي. اهو زخم سر غلام حسين پنھنجيءَ دل اندر سانڍي رکيو. ﷲ بخش سان صلح جون ڳالھيون هلايائين. ايندڙ جنوريءَ ۾ جڏهن اسيمبلي اجلاس شروع ٿيو تہ اوچتو مسلم ليگ ڇڏي وڃي ﷲ بخش پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، ۽ اتان هوم منسٽري حاصل ڪيائين. ان واقعي جو ذڪر ٻيءَ جاءِ تي ٿي چڪو آهي.
ان کان پوءِ زمانو گذرندو ويو. هڪڙو ڏينھن اهڙو بہ آيو، جڏهن ساڳيو سر غلام حسين، ساڳئي قائداعظم جو معتمد خاص بڻجي ويو، ۽ ساڳيءَ مسلم ليگ مان، ساڳيو جي. ايم. سيد، ساڳئي قائداعظم هٿان خارج ڪيو ويو‍!
ايتريقدر بي پناھہ، ۽ اهڙي گهاتڪ هوندي هئي سر صاحب مرحوم جي پاليٽڪس!
قد جو پورو پُنو ۽ جسم ۾ ڀريل هوندو هو. هٿ نسبتاً ننڍا، نرم ۽ نازڪ، رنگ ڀورو. اڪثر چوندو هو تہ ”بابا، آءٌ فقير آهيان، مون سان نہ ڦٽايو، مون کي ستائي سک نہ پائيندؤ.“
مرحوم پنھنجو وارو وڄائي ويو، زندگيءَ جو مقصد جيڪو مقرر ڪيائين، سو ”ازمهد تالحد“ ماڻيندو رهيو. ڪراچيءَ ۾، بندر روڊ تي، عيدگاھہ ميدان جي هڪ ڪنڊ ۾ مدفون آهي.