لاڙڪاڻو ساھہ سيباڻو
ريلوي اسٽيشن تان لھندي ڪليڪٽريءَ جي بلڊنگ ٿي اکين اڳيان آئي. اها عمارت انگريزي حڪومت پنھنجي جوانيءَ جي زماني ۾ تعمير ڪرائي هئي (1904 ۾) اڃا تائين نہ پھرين عالمي جنگ لڳي هئي ۽ نہ خود ملڪ اندر آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي هئي. انگريزن ائين پئي سمجهيو تہ کين قيامت تائين هن ملڪ تي راڄ ڪرڻو پوندو. لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽريءَ واري اها عمارت انھن ئي اميدن جي بنياد تي کڙي ڪئي هئائون. ساريءَ سنڌ اندر ٻئي ڪنھن بہ ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر لاءِ اڃا تائين اهڙي بلڊنگ تعمير ڪرايل ڪانہ هئي. ڪليڪٽريءَ جي پريان ٻيا ٽي سرڪاري بنگلا هوندا هئا. هڪ سيشن جج جي رهائش لاءِ، ٻيو ڪليڪٽر جو، ۽ ٽيون سپرنٽينڊنٽ پوليس واسطي. اهي بنگلا وسيع باغن جي وچ ۾ ٺھرايل هئا، جن جي سنڀالڻ ۽ وڌائڻ تي بنگلن اندر رهندڙ انگريز، دل کولي خرچ ڪندا ٿي رهيا. لاهورين جي ڳوٺ ۽ هاڻوڪيءَ لوڪلبورڊ بلڊنگ جي وچ ۾، انھن ٽن بنگلن، ڪليڪٽريءَ ۽ آرمڊ فورس هيڊ ڪوارٽر کان سواءِ، ٻي ڪا بہ عمارت ڪانہ هوندي هئي- ڀٽو ڪالوني، هاءِ اسڪول ۽ خود لوڪلبورڊ بلڊنگ گهڻو بعد ۾ ٺھيون.
* * *
ريلوي لائين جي ٻئي طرف کان، شھر ڏانھن هلندي، تجر باغ مان گذرڻو ٿي پيو. وڏو باغ هوندو هو، جنھن جي وچ ۾ پراڻي تجر نموني جي ٺھيل عمارت هوندي هئي، جنھن ۾ لائبرري کوليل هئي. لائبرري، هڪ اڳوڻي ڪليڪٽر مسٽر جائلس جي نالي سان منسوب ٿيل هئي، ۽ منجهس انگريزي ڪتابن جو قيمتي ذخيرو موجود ٿي رهيو. اخبارون بہ جام گهرايون وينديون هيون، جن جي مطالعي لاءِ صبح - شام ماڻھن جي ڀيڙ لڳي پيئي هوندي هئي. آءٌ سڀ کان اول ان لائبرريءَ جو ميمبر بڻيس. مون کان سواءِ ٻيو ڪو بہ مسلمان اڃا تائين ان لائبرريءَ جي رُولن تي ميمبر طور داخل ڪونہ ٿيو هو. ديوان لالچند نولراءِ وڪيل، جيڪو بعد ۾ وائسراءِ جي اسيمبليءَ جو ميمبر بہ منتخب ٿيو، لائبرريءَ جو سيڪريٽري هوندو هو. جيتريقدر مون کي ياد آهي، لائبرريءَ جو مستقل پريزيڊنٽ ضلعي جو ڪليڪٽر ئي هوندو هو. لاڙڪاڻي جي هندن اندر سياسي ۽ قومي شعور پيدا ڪرڻ ۾، ان لائبرريءَ ۽ ريڊنگ روم وڏو ڪم ڪيو. اخبارن پڙهڻ بعد شھر جا ديوان لائبرريءَ ٻاهران، يا باغ جي بينچن تي ويھي، ملڪي حالتن تي تبادله خيالات ڪندا هئا ۽ مقامي معاملات متعلق پنھنجون پاليسيون ٺاهيندا هئا. جن اخبارن ۽ رسالن کي ان حلقي اندر خاص اثر حاصل هوندو هو ۽ جن جي پڙهڻ لاءِ شوقين سخت آتا هوندا هئا، سي هي هئا: (1) ڪلڪتي جو ”ماڊرن ريويو“، جنھن جو ايڊيٽر هوندو هو رامانند چئٽرجي، هندستان جي آزاديءَ جي متعلق انتھائي جذبي جاڳائيندڙ مضمون پيا منجهس شايع ٿيندا هئا، (2) لاهور جي روزانہ ”ٽربيون“، جنھن جو ايڊيٽر هندستان جو مشھور اخبار نويس، ڪاليناٿ ري، هوندو هو. ان جي پاليسي بہ ساڳي ”ماڊرن ريويو“ واري هوندي هئي، (3) ڪراچيءَ جي روزانہ ”نيو ٽائيمس“، جنھن جو ايڊيٽر هوندو هو. ٽي. ڪي. جيسواڻي، مگر ان جو اصلي روح روان هوندو هو ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي، جنھن ”تحريڪ آزادي“ متعلق ڪيترا رسالا شايع ڪيا ۽ اڳتي هلي حيدرآباد ۾ ”ميران ٻائي گرلس اسڪول“ جو بنياد وڌو. لائبرريءَ اندر، هر روز اهي اخبارون ٽپال ۾ اچن ان کان اڳ ۾ ئي شوقينن جو انبوھہ لائبررينِ جي ارد گرد جمع ٿي ويندو هو.
خود تجرباغ جي رونق ڏسڻ وٽان هوندي هئي. هر قسم جا ميويدار وڻ ۽ گل ٻوٽا منجهس پوکيل هوندا هئا. ”تجر جا زيتون“ تہ خاص طرح سان مشھور هوندا هئا، جن جا هوڪا، گهورڙين واتان شھر جي هر حصي مان پيا ٻڌبا هئا.
ساڳئي رستي تي ”لاڙڪاڻي مدرسي ۽ بورڊنگ هائوس“، جون عمارتون هونديون هيون. وسيع، شاندار، ۽ پختيون. مدرسي جي حاطي کان ٿوري پنڌ تي، شھر جي وچ ۾ پاڻيءَ جو وڏو تلاءُ هوندو هو، جيڪو پوءِ ميونسپل وارن هٽائي، ختم ڪري ڇڏيو.
* * *
شھر جون مکيہ بازاريون هونديون هيون: سيئو بازار، ۽ ڍڪيل بازار. وڏيون وڏيون ”شاپون“ سيئو بازار ۾ هونديون هيون، پر گهڻي ۾ گهڻو ۽ عام واپار هلندو هو ڍڪيل بازار ۾. سيئو بازار جا ٽي - چار دڪان خاص طرح سان مشھور هوندا هئا. پھلاجراءِ شيوڪرام جي دڪان تي جديد زندگيءَ جي ضرورتن جو سمورو سامان موجود هوندو هو. وڏو ڊپارٽمينٽل اسٽور هو. ضلعي جا انگريز عملدار ۽ وڏا وڏا زميندار اڪثر ان اسٽور جا گراهڪ هوندا هئا- اڳتي هلندي، هڪ ئي بلڊنگ اندر پاسي سان قائم ڪيل ٻہ ٻيا اسٽور ايندا هئا، جن جا مالڪ ٻہ ڀائر، نانڪرام ۽ دوارڪاداس هئا. عام مڃار کان سواءِ، انھن دڪانن تان انگريزي دوائون، بندوقون ۽ ڪارتوس بہ ملندا هئا. جنھنڪري وڏيرن ۽ شڪار جي شوقينن جو مٿن ميلو لڳو پيو هوندو هو. ساري ضلعي اندر بندوقن ۽ ڪارتوسن جو ٻيو ڪو دڪان ڪونہ هوندو هو.
سيئو بازارلتاڙيندي، ڍڪيل بازار ڏانھن وڌبو هو، تہ کٻي پاسي کان مولانا محمد عاقل، عاقليءَ، جي ڪتابن جو دڪان ايندو هو. دڪان ننڍو هوندو هو، پر گهڻو ڪري فارسي عربيءَ جا سمورا درسي ڪتاب موجود رکيل هوندا هئا. مولانا پاڻ بہ اڪثر دڪان تي ويٺل نظر ايندو هو. اڳئين زماني جو بزرگ هو- سادو، ڏاڙهي مٺ کان ٿورو وڏي، جنھن تي مينديءَ جو رڱ ڏنل هوندو هو، ڊگهو پيراهن، سٿڻ ٻہ - تختي مُرين کان مٿي، مٿي تي پڳ، ڪپڙا سڀ بافتي جا. فارسيءَ جو وڏو شاعر هوندو هو. پير صاحب پاڳاري سائين حزب ﷲ شاھہ رحمة ﷲ عليہ، جو درٻاري شاعر رهي چڪو هو. جنھن زماني ۾ مون کيس ڏٺو، سندس رفيق شاعر سڀ گذري چڪا هئا ۽ انھن اڳوڻين محفلن جو باقي بچيل اهو ڏِيئو پاڻ بہ آخري گهڙين تي هو! چوندا هئا، هڪ موقعي تي پير صاحب حزب ﷲ شاھہ رحمة ﷲ عليہ، پنھنجي مصاحبن جي وچ ۾ ويٺي هيءَ مصرع جهونگاري:
صحرا چہ خوش است ڪہ در ندارد
سندن صاحبزادي، ميان علي اصغر شاھہ مرحوم، برمحل ٻي مصرع ٻَڌي:
عاشق چہ خوش است ڪہ سر ندا رد
سندن محفل جي هڪ بذلہ سنج شاعر، جيڪو ”چڻگي“ تخلص ڪندو هو، عرض ڪيو:
”چڻگي“ چہ خوش است ڪہ گهرندارد
محفل جو اهو خاص رنگ ڏسي، مولانا عاقل بہ پنھنجو ”پرابلئم“ پيش ڪري ڏنو، فرمايائين:
مفلس چہ خوش است ڪہ زر ندارد
پير صاحب ”چڻگيءَ“ کي گهر ٺھرائي ڏنو ۽ مولانا محمد عاقل کي مالي مشڪلات مان آجو ڪري ڇڏيو.
مولانا محمد عاقل جي دڪان لڳ وري ڪَمن درزيءَ جي ٽيلرنگ شاپ هوندي هئي. ڪَمن درزي نہ فقط وقت جو بھترين ٽيلر ماسٽر هوندو هو، پر ڪامورن ۽ زميندارن جو بہ يار غار هوندو هو. خاص طرح سان پوليس صوبيدارن سان سنگت هوندي هيس. ان وقت جا صوبيدار بہ ”راجائون“ هوندا هئا. حلال جو پگهار فقط پنجاھہ - سٺ رپيا در ماهو ملندو هون، پر مٿا پيا ڌوئندا هئا هزارن تي. انگريز ضلعي عملدارن جو حاصل هوندو هون اعتبار، انگريز ڪماني ڪنھن بہ صوبيدار خلاف ڪنھن بہ پبلڪ جي ماڻھوءَ واتان شڪايت ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونہ هوندا هئا، جنھنڪري ساري ٻَڌي ڇوڙي، نيڪي ۽ بدي حوالي هوندي هئي سب انسپيڪٽرن جي. مٿي تي زريءَ جا ڪُلاه، ان مٿان مشھدي لونگي، جسم تي اعليٰ ڪپڙا، هٿ ۾ سيم چڙهيل بيد جو لڪڻ، پٺيان اردلي بغل ٿيلھي ۽ بندوق کنيو پيو هلندو، وڏي شان سان پيا شھر ۾ هلندا. جنھن دڪان تي اچي ٻہ گهڙيون ساھہ پٽيائون، ان دڪاندار جي عيد ٿي ويئي، هرڪو وڏيرو سڏيرو پيو اچي ساڻس منھن رکندو، جيئن وقت آئي ٻہ اکر سفارش جا صوبيدار جي سامھون چئي وڃي. انھيءَ لحاظ کان ڪَمن جي هاڪ ساري ضلعي ۾ هوندي هئي. ان دؤر جو سڀ کان زيادہ مٿي ڦريل صوبيدار هوندو هو، عبدﷲ خان پٺاڻ. جنھن جو نالو ٻڌي وڏن زميندارن ۽ سردارن کي ڪنبڻي وٺي ويندي هئي -- ان عبدﷲ خان جو يار غار هوندو هو ڪَمن، پوءِ ڇو نہ ماڻھو ڪَمن کان ڪَؤ کائين ها؟
جيستائين زندھہ رهيو ڪَمن لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪاروبار اندر مشاهير جو درجو ماڻيو.
* * *
ڍڪيل بازار ۾ داخل ٿيندي، سيد سڪندر علي شاھہ ۽ محمد شاھہ جو مڃارڪو دڪان سامھون ايندو هو. شاهي دڪان هو، هر قسم جي شي ملندي هئي، خاص طرح سان سندن دڪان جي هڪ شي مون کي اڄ تائين ياد آهي، اهو هو مٿي ۽ منھن کي مکڻ جو تيل، جيڪو خالص مٺيءَ سرنھن جو هوندو هو، ۽ منجهس عجيب قسم جي خوشبوءِ مليل هوندي هئي. اهڙو تيل مون ساري هندستان - پاڪستان بلڪ دنيا جي ٻئي بہ ڪنھن ملڪ اندر ڪونہ ڏٺو! سندن دڪان ختم ٿيڻ سان گڏ، تيل جو اهو نسخو بہ شايد گم ٿي ويو.
ان کان پوءِ ايندا هئا صرافن، سرازن ۽ ٺاٺارن جا دڪان. لاڙڪاڻي جا سراز ڪاريگر ڏاڍا مشھور هوندا هئا، گهوڙن ۽ اُٺن جا ساز اهڙا ٺاهيندا هئا، جن جو مثال ٻئي هنڌان دستياب ٿيڻ ناممڪن هو. اوستي عبدالنبي سراز جو دڪان خاص طرح سان مشھور هو. ان گهر جا اسان سان دوستانہ تعلقات هوندا هئا. سندس سس، مائي لعل ماءُ مرحومه، بطور مريدڻ جي پئي هلندي هئي. جيستائين جيئري رهي ڀيرو نہ ڀڳائين، هر ڀيري منھنجي لاءِ کيڏوڻا، مٺايون، ۽ تحفا ورتيون ايندي هئي.
ساڳيءَ طرح لاڙڪاڻي ۾ ٺهندڙ ڪُٽ جو سامان بہ ساريءَ سنڌ ۾ ويندو هو. ان زماني ۾ چينيءَ جي ٿانوَن جو رواج اڃا ڪونہ پيو هو، بلڪ چينيءَ جي رڪابين ۾ مھمانن کي ماني ڏيڻ پاڻ گهٽتائيءَ جو سبب ليکيو ويندو هو. ڪُٽ جا ٿانوَ بہ قسما قسم جا هوندا هئا: ڪٽورا، وٽا، وٽيون، ٿالھيون، ڍاڪون وغيرہ، وغيرہ. چانھہ پيئڻ جو رواج پيو تہ بہ ماڻھو اڃا ڪُٽ جي وٽن کي استعمال ڪندا رهيا.
شھر جي ٻاهران پراڻي قافلي سراءِ هوندي هئي، جنھن ۾ اڳوڻي زماني ۾، افغانستان ۽ ايران کان ايندڙ واپارين جا قافلا اچي رهندا هئا. جنھن وقت جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، ان وقت لاڙڪاڻي جي قافله سراءِ اُجڙيل حالت ۾ هئي، ۽ اُن جي چوڌاري ضلعي جي زميندارن ۽ ٻين ماڻھن پَٽ خريد ڪري، اوطاقون ۽ مستقل رهائش جون جايون ٺھرائڻ شروع ڪيون هيون.
* * *
قافلي سراءِ کان ٿوري فاصلي تي، ٻن پاسن کان چڪلا هوندا هئا: هڪ کي نئون ۽ ٻئي کي پراڻو چڪلو سڏيندا هئا. رستن تان گذرندي ڏسبو هو تہ ڪڃريون کٽون ۽ آرام ڪرسيون وجهيو، گهرن ٻاهران وڻن جي ڇانوَ هيٺان پيون آنند ڪنديون هيون. گهڻو ڪري ڪُراڙيون هونديون هيون ۽ عملا= رٽائرڊ. نوجوان ۽ عملي قدم کڻندڙ اندر گهرن ۾ رهنديون هيون. ان مناسبت سان شوقينن، لاڙڪاڻي تي شعر چيا ۽ چوڻيون گهڙيائون - مثلا=:
لاڙڪاڻو ساھہ سيباڻو، معشوقن جو مڪان آهي.
-----