استاد
علمائن سڳورن جي اهڙيءَ تبليغ سبب سنڌ جي ڪنھن بہ ”خاندان“، پنھنجن ٻارن کي جديد تعليم ڪانہ ڏني. ان خلاءَ جو فائدو هندن ۽ شھري يا هيٺئين درجي جي مسلمانن کي رسيو، جن پنھنجن ٻارن کي انگريزي پڙهائي سرڪاري ملازمتن ۾ داخل ڪيو، ۽ اڳتي هلي، انگريز جي نالي ۾ سنڌ تي راڄ ڪيو، ۽ نہ فقط ”خاندانن“ بلڪ خود علمائن سڳورن ۽ سندن طريقهِّ تعليم جو پڻ ٿڏو ڪڍي ٻاهر ڪيو.
”خاندانن“، پنھنجن ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ، خانگي مڪتب پنھنجن ڳوٺن جي مسجدن اندر کولايا. سنڌ اندر شايد ئي اهڙو ڪو ڳوٺ يا واهڻ هو، جنھن ۾ مسجد، ۽ مسجد اندر مڪتب نہ هوندو هو. پڙهائيءَ جو ڪم ”ملان“، يا “آخوند“، يا ”مولوي“ صاحب جي سپرد هوندو هو. پڙهائيءَ کان سواءِ کيس پيش اماميءَ جا فرائض پڻ ادا ڪرڻا پوندا هئا جن کي عام زبان ۾ چيو ويندو هو ”ٻانگ صلات (صلوات) ۽ روزو نماز“ ڪرڻ.
علم جي لحاظ سان ”ملان“ ۽ ”آخوند“ جي گريڊن اندر ڪو گهڻو فرق ڪونہ هوندو هو. عام ماڻھو احتراماً ”ملان“ کي ”آخوند“ ئي سڏيندا هئا. ”آخوند“ عربيءَ کان قطعاً، ۽ فارسيءَ کان گهڻي حد تائين ناواقف هوندو هو، ٻارن کي فقط قرآن مجيد جو سبق ڏيئي سگهندو هو، بغير معنيٰ ۽ مفهوم سمجهڻ جي. البت نمازون پڙهائڻ، ٻانگون ڏيڻ، نڪاح پڙهڻ، مُردن کي ڪفن ڍڪائڻ ۽ کين ”قرآن بخشڻ“، سندس ڏائي هٿ جو ڪرتب هوندو هو. وٽس هڪ ڪتاب موجود رهڻ لازمي هوندو هو: اُهو ڪتاب هوندو هو مجموعو خطن ۽ دعائن جو، ماستر هريسنگهہ سکر واري، يا پوڪرداس شڪارپوري، يا مٺن شاھہ حيدرآباديءَ جو ڇپايل. باقي علمي ڪاروبار يا درس تدريس جو ڪم محض دماغ جي سوجهري تي پيو هلندو هو.
آخوندن کي ماهوار پگهار ڪانہ ملندي هئي، سندن گذارو هوندو هو خيرات جي ٽڪر ۽ ششماهي بٽئين وقت مليل ”حق ﷲ“ جي ٽويي تي. خيرات جي ٽڪر جو شرح هيءَ آهي: ڳوٺ جو هر حيثيت وارو گهر، شام ويلي، پنھنجن مئلن ڀاتين جي نيت، هڪ ماڻھوءَ جي خوراڪ جيتري ماني آخوند جي گهر موڪلي ڏيندو هو - ان طرح سان ملان جي گهر ۾ ايتريون مانيون گڏ ٿي وينديون هيون جو ورندڙ شام تائين خود سندس گهر اندر ماني پچائڻ جي ضرورت ڪانہ رهندي. ”حق ﷲ“ جي ٽويي جي وري هيءَ حقيقت هئي: هر فصل تي، بٽئيءَ وقت، هر ٻارِ مان، هر خرار پٺيان هڪ ٽويو ڪڍيو ويندو هو، جو ملان کي ڏنو ويندو هو. ان طريقي سان ملان کي هر فصل جي موقعي تي، يعني سال ۾ ٻہ دفعا، ججهي انداز ۾ اناج بہ ملي ويندو هو.
”ملان“ جي آمدنيءَ جا ڪجهہ ٻيا ذريعا بہ هوندا هئا: مثلا=، دعائون تعويذ لکڻ، جن جي وسيلي سوالين جون ڪيتريون مشڪلون آسان ٿي پونديون هيون. ڳئون يا مينھن پورو کير نہ ڏيندي تہ ملان جي تعويذ جو ”پليتو“ ساڙي ٿڻن کي واس ڏيندس، ڪا ”مھري“ ڇيڪوءَ کي هٿ نہ ڏيندي تہ ملان جو ڏنل تعويذ سندس اچ - وڃ واري رستي تي زمين اندر پوريو ويندو، مڙس زال جو مطيع نہ ٿيندو تہ تعويذ پاڻيءَ ۾ ڌوئي اهو پاڻي پياريو ويندس، زال کي ٻار نہ ٿيندو تہ تعويذ چيلھہ ۾ ٻڌڻو پوندس، ٻار کي روئڻ جي عادت هوندي تہ تعويذ مڙهي ڳچيءَ ۾ وڌو ويندس، ڪنھن شخص تي مقدمو ٿي پيو تہ تعويز وٺي پڳ جي پلاند ۾ ٻڌي ڇڏيندو، ڪنھن شخص کي پنھنجي دشمن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت پوندي تہ ملان ان کي ميڻ جو بوتو ٺاهي، ان ۾ سُيون هڻي، سندس حوالي ڪندو تہ وڃي دشمن جي گهر اندر پوري، جيئن جيئن بوتو ڳرندو ويندو، تيئن تيئن اهو دشمن بہ نجهرندو ويندو (ان قسم جي ملان کي عرف عام ۾ ڪيترن لقبن سان سڏيو ويندو هو: ”ڀوپو“، ”ڪاريھر نانگ“، ”واسينگ“، ”ارڙ بلا“، وغيرہ، وغيرہ).
هڪ ٻئي فن جي وسيلي پڻ ”ملان“ کي ڪافي ڪمائي ٿِي ٿي سگهي. - يعني زوريءَ نڪاح وجهڻ، ۽ زوريءَ نڪاح ٽوڙڻ مان.
ڪا ”رن جو“ ”نئين مڙس ڪرڻ تي راضي نہ ٿيندي تہ سندس عزيز قريب کيس ٻڌي گهر ۾ بند ڪندا، ۽ ”ملان“ کي سڏائي، سندس نڪاح ڪنھن شخص سان پڙهارائي ڇڏيندا. عورت ڀل دانھون ۽ انڪار ڪندي رهي، پر ملان نڪاح پڙهي وڃي ٻاهر پوندو. نڪاح کان پوءِ، مڙس زوريءَ زال تي قبضو ڪري ويندو. ملان مناسب “نڪاحاڻو وٺي، گهر هليو ويندو.
ساڳيءَ طرح، ملان، نڪاح ٽوڙي بہ سگهندو هو، پر ان لاءِ ضرورت ٿيندي هئي تہ تحرير لکي وڃي، ۽ ان تي ٻين ملن مولوين جون پڻ مھرون لڳن.
غرض تہ ڳوٺاڻي زندگيءَ اندر ”ملان“ کي ڪافي اثرائتو مقام حاصل هوندو هو. ڳوٺن اندر، انھن ڏينھن ۾، گوشت ملڻ مشڪل هوندو هو. هوڏانھن ”ملان“ هر روز مٺاڻ کائي کائي ٿڪجي پوندو هو، تنھنڪري هر ”ملان“ دعا تعويذ عيوض، پئسن ۽ ”پنج هٿ“ ڪوري ڪپڙي کان سواءِ، هڪ عدد ڪڪڙ بہ وصول ڪندو رهندو هو. جنھن کي رستي کان پاسي تي ”حلال“ ڪري ديڳڙيءَ ۾ داخل ڪرڻو پوندو هوس. شريعت سڳوريءَ جو اهڙو حڪم هو، ڪڪڙ جي رت وهڻ کان سواءِ، دعا اثر ڏيکارڻ کان عاجزهئي!
ڪن ”ملن“ سڳورن کي عورتن مان جنن ڪڍڻ جو اختيار پڻ حاصل هوندو هو. عورت کي ”جن“ وٺندو تہ وار ڇوڙي ”لھر“ هڻڻ لڳندي، ڪڏهن ڏندڻ پئجي ويندس، ۽ ڪڏهن زبان اهڙي کلي وينديس جو زمين آسمان جا راز پئي ٻڌائيندي. ”جن“ گهڻو ڪري نوجوان ۽ خوبصورت عورتن کي اچي وٺندا هئا، ۽ اوستائين جان نہ ڇڏيندا هئن، جيستائين ”ملان“ واردات تي پھچي ڪو ”ساٺ سڳڻ“ ۽ ”جهاڙ ڦيڻو“ نہ ڪندا هئن. اڪثر “جن اهڙا هوندا هئا جي ملان جي ڦيڻي کان پوءِ هڪدم رخصت ٿي ويندا هئا. پر ڪي اهڙا ”نامراد“ بہ هئا، جي خود ”ملان“ کي گاريون ڏيئي، کيس ڌڪ هڻي اٿاري ڇڏيندا هئا. ان حالت ۾، مريض کي ڪنھن مماتيءَ واري پير جي درگاھہ تي وٺي وڃي ڪجهہ ڏينھن رهائڻو پيو ٿي.
دنيا جو دستور آهي، طاقت يا اثر حاصل ٿيندو تہ حسد ۽ دشمنيءَ کي پڻ منھن ڏيڻو پوندو. ان عام قانون مطابق، ”ملن“ جي زندگي بہ دشمنين کان محفوظ ڪانہ ٿي رهي. ڪنھن بہ معاملي ۾ هڪ ڌر جي طرفداري ڪيائون تہ ٻي ڌر سندن حق ۾ نامناسب زبان درازي ڪندي وتندي. سنڌ جي ڳوٺاڻي لٽريچر اندر مُلن ۽ آخوندن خلاف ٺاهيل ڪيترا شعر ۽ پھاڪا موجود آهن، جن جو خواھہ مخواھہ استعمال شروع ٿي ويندو. مثلا=، خود حضرت شاھہ لطيف عليہ الرحمة سان هيءُ بيت منسوب آهي:
ملان ملان نہ ڪيو، آهيڙي آهين،
مرونءَ سندي ماس تي ٿا ماڻڪ مٽائين!
هڪ ٻئي شاعر جو فرمودو آهي:
لڳي اُلي تہ آخوندن کي،
ڍرڙ نٿا ڍاپن، ڙي اديون!
سچل سائين درازائيءَ تہ ملن سان منھن ڏيڻ جو عملي رستو بہ ٻڌائي ڇڏيو:
ڪُٽ مُلان جي ٺوڙ قاضيءَ واري مسئلو!
وغيرہ، وغيرہ.
خصومت جي حالت ۾، ملن جي دشمنن هروڀرو محض شعر شاعريءَ کان بہ ڪم ڪونہ ٿي ورتو، بلڪ ڪڏهن ڪڏهن تہ ”ڊائريڪٽ ايڪشن“ بہ کنيو ٿي وڌائون. ان ”ڊائريڪٽ ايڪشن“ جون ڪجهہ صورتون هي هونديون هيون: ملان جي گهر ڏانھن رات ويلي ڦورن جو وسڪارو ڪرڻ، سندس ”ٻڪري ٺڪري“ تڳائي ڇڏڻ، اک وٺي سندس دعائن جا ڪتاب گم ڪري ڇڏڻ، نماز وقت سندس جُتي چورائي وڃڻ، وغيرہ وغيرہ.
علم ۽ معلومات جي لحاظ سان، ملن بنسبت، مولوي صاحبن جو درجو گهڻو بلند هوندو هو. فارسيءَ کان شروع ڪري، عربيءَ تي انتھا ڪيل هوندي هُين. سنڌيءَ کي بنھہ هٿ ڪونہ لاتل هوندن، ڇو تہ سنڌي ”اسڪولي“ زبان هوندي هئي، ۽ ان جو ”دين محمدي“ ۽ ”علم شرعي“ سان ڪو بہ لاڳاپو ڪونہ هوندو هو. منجهانئن گهڻن کي تہ مولويت جي دستار ٻڌڻ کان پوءِ بہ صحيح سنڌيءَ ۾ فقط خط لکڻ بہ ڪونہ ٿي آيو. پر ان زماني ۾ زور هوندو هو ديني (عربي) ۽ علمي (فارسي) ٻولين جو، جنھنڪري سنڌي نہ اچڻ ڪري مولوي صاحبن جي علمي مقام ۾ ڪا گهٽتائي ڪانہ ٿي رهجي ويئي.
پاڻ سڳورا فارسيءَ ۾ ”ڪريما“ ۽ ”پندنامہ“ کان شروع ڪري، ”گلستان“، ”بوستان“، ”سڪندر نامہ“ پڙهندي، وڃي ”بھار دانش“ تي پڄاڻي ڪندا هئا، عربيءَ ۾ صرف - نحو کان هلي قرآن، حديث ۽ فقہ تي تعليم ختم ڪري، مولويت جي ”پڳ“ حاصل ڪندا هئا. مولانا جاميءَ جو ”يوسف – زليخا“ فقط خانگي وقت اندر مطالع فرمائيندا هئا، ڇو تہ ان ۾ ”جامي صاحب“، بيبي سائڻ يعني حضرت زليخا جي جسماني جغرافي بيان ڪندي ڪندي، تصوف ۽ عشق الاهي جا ڪي اهڙا نازڪ نڪتا اهڙن مجازي محاورن ذريعي آشڪار ڪري ويو آهي، جي حقيقت کان ناآشنا عام مجهول ماڻھن جي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ کان ٻاهر هئا.
درس تدريس کان سواءِ، عام مولوي صاحبن جي ٻي ”هابي“ هوندي هئي فقهي مسئلن جي سلسلي ۾ هڪٻئي خلاف ڪفر جون فتوائون جاري فرمائڻ ۽ مناظرا رچائڻ، جن جي دوران هروڀرو پارليامينٽري زبان ڪانہ استعمال ٿيندي هئي.
پر ان جي معنيٰ اها نہ هئي تہ ان زماني جا سمورا مولوي صاحب انھن سطحي جهيڙن ۾ مبتلا ٿي رهيا. منجهانئن ڪيترا اهڙا بہ هئا، جن پنھنجون ساريون حياتيون ﷲ تعاليٰ جي واٽ ۾ وقف ڪري ڇڏيون هيون، ۽ سندن زبان مان جو بہ ڪلمو ٿي نڪتو، سو ڪلمه حق هوندو هو، فرمان الاهي جي عين مطابق، ۽ مدني مير جي سنت موجب.
ان عام ”پس منظر“ کي سامھون رکندي، ڪن بزرگن جو ذڪر ٻڌو.
اسان جي پنھنجي ڳوٺ جو آخوند هوندو هو. فارسي ۽ طب کان واقف، ٻارن پڙهائڻ سان گڏ مطب بہ هلائيندو رهندو هو. پھرين پڙهائيءَ جو ڪم خود مطب اندر ڪندو هو، پر جڏهن خبر پيس تہ سندس غير حاضريءَ جو فائدو وٺي، ٻار سندس معجونن جون برنيون کولي پنھنجي زبان مٺي ڪندا ٿا رهن، تڏهن مجبورا= مطب ٻاهران ڇپرو اڏائي ان هيٺان درس ڏيڻ شروع ڪيائين. رنگ سانورو هوس، پر دل اڇي، جنھن مريض ”ملان مٺو“ سڏيس، اُن جي نبض بہ نہ ڏسندو، پر جنھن ”آخوند مٺل“ ڪوٺيس، ان کي ٻين دوائن سان گڏ ”ڪاڪت جو مازون“ (طاقت جو معجون) بہ اوڌر تي، بلڪ مفت بہ، ڏيئي ڇڏيندو. نھايت نيڪو ڪار شخص هو. ٻچڙيوال، ٻن زالن جو ور، ۽ وڏي ڪٽنب جو پاليندڙ، پر لالچ ۽ لوڀ کان قطعا= خالي هوندو هو. هڪ هٿ سان ڪمائيندو هو تہ ٻئي هٿ سان ساڳي رقم نادار ڳوٺاڻن جي دوا سُتيءَ تي صرف ڪري ڇڏيندو هو. ٻارن جي پڙهائيءَ جو ڪو بہ معاوضو نہ وٺندو هو، پاڻ پنھنجي هڙان ڦرهيون ۽ ڪتاب بہ وٺي ڏيندو هون.
مون پاڻ پھريون سبق کانئس ورتو. هڪ ڏينھن آءٌ نل هيٺان وهنجي رهيو هوس، ڏاڏي مرحوم مون ڏانھن ڏسي حڪم ڪيو تہ جنھن صورت ۾ آءٌ هينئر پڙهائيءَ واريءَ عمر کي پھچي چڪو آهيان، تنھن صورت ۾ مون کي هڪدم لٽا ڍڪائي ملان مٺل وٽ حاضر ڪيو وڃي. ان زماني جي دستور موجب، منھنجي مٿي تي لونگي ٻڌائي ويئي، ۽ جسم تي نون لٽن مٿان مخمل جو ڪوٽ، جيتري قدر ياد اٿم، ڳوڙهي آسماني رنگ جو. ملان مٺل ڏانھن حڪم اهو روانو ڪيو ويو تہ الف - ب جي تختيءَ تي وقت ضايع ڪرائڻ بدران، مون کي پھريائين ”زليخا“ سان شروع ڪرائي.
ملان مون کي ڏسي، مٿي تي پيار جو هٿ گهمائي، گوڏن ڀر سامھون ويھاري، منھنجي حق ۾ دعا گهري. ان کان پوءِ ڪتاب ”يوسف – زليخا“ ڪڍي اڳيان رکيائين، ۽ چيائين، ”پڙھہ:
الاهي غنچه اميد بڪشا،
گل از روضه جاويد بنما.“
پھرئين ڏينھن اهو شعر ياد ڪرايائين، ٻئي ڏينھن شعر جو ترجمو سمجهايائين. چي:
”اي ﷲ تعاليٰ کول مکري اميدن منھنجن جي،
ڏيکار مون کي ڦل ڪنان باغ بهشت جي.“
ان طرح سان ڪيترا مھينا ”زليخا“ جي تعليم هلندي رهي. هڪ ڏينھن ڏاڏي مرحوم پاڻ امتحان ورتو. سندس راءِ ٿي تہ ملان مٺل کان سندس شاگرد وڌيڪ ذهين ثابت ٿي رهيو آهي، تنھنڪري سندس پڙهائيءَ لاءِ هاڻي مولوي سومر بوهڙو ڊکڻن جي شھر (تعلقي ڳڙهي ياسين) مان گهرايو وڃي.
مولوي صاحب آيو. بنھہ ڳوٺاڻو، سادو ۽ ﷲ لوڪ، پر پڙهائيءَ جي معاملي ۾ خبردار ۽ سختگير. تجربي جو اهو عالم جو پسگردائيءَ جا اڪثر تعليم يافتہ ماڻھو، سڌيءَ طرح يا سندس شاگردن ذريعي، سندس شاگرد هئا، خود منھنجي والد مرحوم ڪجهہ عرصو وٽس تعليم ورتي هئي. پڙهڻ پڙهائڻ کان سواءِ، ٻيءَ ڪنھن بہ دنيا جي شي سان قطعا= ڪا دلچسپي ڪانہ هيس.
صورت ۾ وقت جو پورو پورو مولوي هوندو هو. قد جو ڊگهيرو، جسم ڀريل، رنگ ڪڻڪائون، ڏاڙهي چاپوئين اڇي، نڪ هيٺان مڇون ٻن آڱرين تائين ورتل، مٿي تي اڇي بافتي جي پڳ، جسم تي ڊگهو پيراهن ۽ ٻہ - تختي شلوار، جنھن جا پاچا مُري کان مٿي بيٺل، پير ۾ سنڌي نموني جي موچڪي جُتي، هٿ ۾ لئي جي ڊگهي لٺ، ڪلھي تي کومون بوڇڻ، جنھن جي ڪنڊ ۾ ناس جي دٻلي ٻڌل رهندي هيس. لٽن جو فقط هڪ وڳو هوندو هوس، جو هفتي ۾ هڪ دفعو ڳوٺان وڃي ڌئاري ايندو هو. خميس جي شام جو پيدل اَٺ ميل پنڌ ڪري پنھنجي ڳوٺ پھچندو هو، جمعي ڏينھن گهر ۾ رهي، لٽا ڌئاري، غسل ڪري، ڇنڇر جي صبح جو ساڳيو فاصلو طئہ ڪري موٽي اچي اسان وٽ پھچندو هو. ان لحاظ سان، اسان، سندس شاگردن لاءِ، خميس جو ڏينھن روز عيد، ۽ ڇنڇر جو صبح ڏهين محرم جو صبح هوندو هو.
پڙهائيءَ جو ڪم مسجد شريف اندر ٿيندو هو، جت استاد ۽ شاگردن جي ويھڻ لاءِ تڏا وڇايل رهندا هئا. پڙهائي شروع ٿي تہ مولوي صاحب لٺ مسجد جي محراب ۾ اڀي بيھاري، تختيءَ تان ٻہ - چار لئي جا سنھا لڪڻ لاهي آڻي پنھنجي سامھون رکندو هو، جن جي ذريعي سست ۽ غافل شاگردن جي وقت بوقت طبع پرسي ٿيندي رهندي هئي.
شاگردن جي لکڻ لاءِ مڪتبن اندر انھن ڏينھن ۾ ڪاپيون استعمال ڪين ٿينديون هيون. ڪاغذ مھانگو هوندو هو ۽ پئسي ۾ هڪ يا ٻہ فلوسي پنا ملندا هئا، ان کان سواءِ ڪاغذ پاڪ شي هو، ۽ ٻارن جي استعمال واريءَ حالت ۾ ڪاغذ سان بي ادبي ٿيڻ جو امڪان هوندو هو. مولوي صاحب پاڻ ڪاغذ جي معاملي ۾ ايتريقدر احتياط ڪندو هو جو رستي هلندي ڪاغذ جو جيڪو بہ پرزو زمين تي پيل نظر تي چڙهندس، سو کڻي ڪنھن ڀت جي ڏار ۾ وجهي ڇڏيندو يا گڏ ڪري کوھہ ۾ اڇلائيندو. فرمائيندو هو، ”جنھن شخص کان ڪاغذ جو ادب نہ ٿيو، تنھن کان قرآن پاڪ جي ادب جا حق بہ ادا نہ ٿي سگهندا.“
پٿر جون سليٽون رواج ۾ اچي چڪيون هيون، پر مولوي صاحب انھن جي استعمال جي بہ اجازت نہ ڏيندو هو، سندس خيال هو تہ سليٽ تي لکڻ سان شاگرد جو خط خراب ٿيندو ۽ هو ڪڏهن بہ خوشخط نہ ٿي سگهندو. سندس پنھنجو خط تمام سھڻو هوندو هو، ۽ پڙهائڻ کان جو بہ وقت بچندو هوس سو ڪتابن نقل ڪرڻ ۾ صرف ڪندو هو.
اسان جي حوالي وڏيون ڦرهيون هونديون هيون. انھن جي مھڙ تي پاڻ وڏن اکرن ۾ ڪونہ ڪو شعر يا قرآني عبارت لکي ڏيندو هو، ۽ چوندو هو تہ ان کي ڏسي پنھنجا اکر پڪا ڪريو. ڪن فارسي شعرن سان خاص دلچسپي هوندي هيس، مثلا=:
روز محشر ڪه جان گداز بود،
اولين پرسش نماز بود،
اگر خواهي ڪه خطت خوب گردد،
نويس و مينويس و مينويس.
قلم گويد ڪه من شاهِ جهانم،
قلم ڪش را بدولت مي رسانم.
مولوي صاحب جي تنخواھہ فقط پنج رپيا مھينو هوندي هئي، ان سان گڏ ٽوقتي ماني ۽ ڇهين مھيني لٽن جو هڪ وڳو ملندو هوس. ماني بہ سادي ڳوٺاڻي قسم جي هوندي هئي: صبح جو ڪڻڪ جي مکيل ٿلھي ماني ڏڌ جي وٽي ساڻ، منجهند جو ماني ۽ دال يا ساڳ، رات جو چانور ۽ کير. ان نعمت ميسر ٿيڻ تي مولوي صاحب بار بار پيو شڪرانا ادا ڪندو هو. ناس سان ڏاڍو شوق هوندو هوس. دٻلي هيٺ مٿي ٿي ويندي هيس تہ هڪدم ڦرهيءَ تي هي شعر لکي ڇڏيندو هو، جو غالبا= سندس پنھنجو ٺاهيل هو:
ڪجا شد درجڪ نسوار من،
بيائيد يابيد پسران من.
ٻارن جي تعليم ۽ هشياريءَ متعلق وٽس ٽي درجا هوندا هئا: (1) ”اڃا پر نہ ڄاوا اٿس“، (2) ”هاڻي پر ڄاوا اٿس ۽ کنڀڙاٽيون پيو هڻي“، ۽ (3) ”هاڻي آسمان ۾ پيو پرواز ڪري“. ڪو شاگرد خاص طرح هشيار نظر ايندو هوس تہ ان جي پڙهائيءَ تي گهڻو زور ڏيندو هو، غير هشيار شاگرد سان بنھہ ڪانہ پوندي هيس.
ملان ٽلو جيھو اسان سان گڏ وٽس پڙهندو هو. ذهن جو غير معمولي طرح مُڏو هوندو هو. اڄ سبق ورتائين تہ ڪالھوڪو سبق دل تان ميسارجي ويندو هوس. اکر بہ بلڪل ڪَچا هئس. مولوي صاحب جيتري بہ محنت ٿي ڪئي، سا رائگان هئي. آخر تنگ ٿي فرمايائين، ”ٽلوءَ کي هنيانءَ تي وارا آهن، ڪيتري بہ محنت ڪندؤ، دل تي اثر ڪونہ ٿيندس“. ملان ٽلو ورهين جا ورهيہ پڙهندو رهيو، ايستائين جو ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار بہ اڇا ٿيڻ لڳس، پر علم ۾ ڪو سوجهرو ڪونہ ڪيائين. پڇاڙيءَ ۾ پنھنجي متعلق پاڻ فيصلو ڪيائين تہ هاڻي هو ”ملان ٽلو“ نہ، پر ”مولوي محمد رمضان“ ٿي چڪو آهي. ان کان پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻھو ”ملان ٽلو“ سڏيندو هوس تہ هڪدم لٺ کڻي پٺيانس ڪاهي پوندو هو: ”عقل جا انڌا، ناماقول (نامعقول)، اها بہ خبر ڪانہ ٿي پويئي تہ مان هينئر جنديديرہ مان تاسيل (تحصيل علم) ڪري پڳ ٻڌي آيو آهيان! منھنجو سڄو نالو آهي مولانا مولوي محمد رمضان صاحب جيھو ابڙو، تون اڃا پيو بڪين - ٽلو، ٽلو، ٽلو! ڪاٿي آهي هاڻي ٽلو؟ هڪڙي تحرير ڪڍان تہ ماڻھين پڻھين جو نڪاح سندن قبرن ۾ بہ ٽُٽي پوي!“
ملان ٽلوءَ جي علم جا اهي جلوا مولانا محمد سومر جي انتقال بعد ظاهر ٿيا، تنھنڪري ڪڏهن ڪڏهن مون کي اچي چوندو هو: ”سائين علڻ شاھہ! ڪر خبر، اڄ اسان جو علم ڇا ٿو ڀانئين؟ جيڪڏهن اڄ پنھنجو استاد مولوي محمد سومر جيئرو هجي ها، تہ جيڪر ڇا چوي ها؟“
انھن ڏينھن ۾ علمي ڪمال جي هڪ ڪسوٽي اها بہ ليکي ويندي هئي تہ ماڻھو فارسي زبان ۾ شعر، خاص طرح سان سجع چئي، ۽ ڄمڻ مرڻ جي تاريخ ابجد جي حساب سان ڪڍي. اهڙين سجعن چوڻ ۽ تاريخن ڪڍڻ تي وڏا ماڻھو شاعرن کي پھرائيندا هئا ۽ کين انعام ڏيندا هئا.
مولانا محمد سومر منھنجي ۽ حسام الدين جي ڄمڻ جي تاريخ ڪڍي، هڪ ڊگهي نظم تيار ڪري، ڏاڏي مرحوم اڳيان پيش ڪئي. آسرو هوس تہ پھراڻيءَ ۾ مينھن نہ، تہ گهٽ ۾ گهٽ ململ جي پڳ ضرور ملنديس. پر بدقسمتيءَ سان ڏاڏي مرحوم جي راءِ ٻيءَ طرح هئي. نظم ڏانھن ڏسي، مولوي صاحب ڏانھن پيغام موڪليائين تہ:
”مولوي صاحب کي چئو تہ شعر گوئيءَ تي وقت ضايع ڪرڻ بدران، اهو وقت بہ جيڪڏهن ڇوڪرن جي تعليم تي ڏيو ها تہ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿئي ها“.
ان ڏينھن بعد مولوي صاحب وري ڪڏهن شعر جي ميدان ۾ طبع آزمائي نہ فرمائي. شاگردن کي استاد انھن ڏينھن ۾ خوب ماريندا هئا. مار جا ڪيئي نمونا هوندا هئا: چماٽ، چهبڪ، ڪن گوشي، اٿ ويھہ، سج ڏانھن منھن ڪرائي بيھارڻ، آڱرين جي وچ ۾ پينسل ڏيئي مٿان زور ڏيڻ.
مارڪٽ جي جواز ۾ مولوي صاحب دليل پيش ڪندو هو:
”جور استاد بہ ز مھر پدر.“
آءٌ هرو ڀرو ڪاهل شاگرد ڪونہ هوندو هوس جو مولوي صاحب کي منھنجي مرمت ڪرڻي پوي، پر ڪڏهن ڪڏهن غلطيءَ جو ٿي وڃڻ لازمي هو. هڪ دفعي مولوي صاحب چماٽ هنئي يا دڙڪو ڏنو، سو ياد ڪو نہ اٿم، پر ايترو يقين اٿم تہ مولوي صاحب ناراضگيءَ جو اظھار فرمايو. ۽ هڪدم تڏو مٿان پائي، سنئون نئون ٿي سمھي پيس، ۽ مولوي صاحب کي چيم: ”ڪيترو بہ ماريندا، پر آءٌ هرگز ڪونہ اٿندس. نڪي پڙهندس ئي!“ هنگامو برپا ٿي ويو، گهر تائين وڃي خبر پھتي. منھنجو اصرار هو تہ مولوي صاحب مون کي ماريو يا مون سان سختي ڪئي، تہ آءٌ ڪڏهن بہ وٽس نہ پڙهندس. آخر فيصلو منھنجي حق ۾ ٿيو ۽ مولوي صاحب وري ڪڏهن بہ درشتي کان ڪم ڪونہ ورتو- گهڻو ڪري کيس سبب آءٌ بہ ڪونہ ڏيندو هوس. پر مون تان بلا لٿي، تہ حسام الدين مٿان وڃي پئي. هڪ ڏينھن مولوي صاحب کيس چماٽ هڻي ڪڍي. حسام الدين ٽپ ڏيئي کڻي ڏاڙهيءَ کان جهليس. مولوي صاحب ٻي چماٽ هڻي ڏاڙهي تہ ڇڏائي، پر ان کان پوءِ حسام الدين سان بہ ڪڏهن سوڙهو ڪونہ پيو.
مولوي صاحب مرحوم ڪيترا سال مون کي پڙهايو. دنيا جو سفر ڪھڙيءَ ريت طئہ ڪجي، سو ڪو کانئس سکي ها. زندگيءَ جون ضرورتون گهٽائي وڃي هڪ وڳي ڪپڙن، هڪ لٺ ۽ هڪ دٻليءَ تائين پھچايون هئائين. رلھي نہ مليس تہ مسجد يا اوطاق جي نک تي سمھي آرام سان ننڊ ڪري اٿندو. سواريءَ جو نانءُ نہ ڳنھندو، جيڏانھن ڪم پوندس، پيدل هليو ويندو. سوال بنھہ نہ ڪندو. سارو ڏينھن درس تدريس، ڪتابن نقل ڪرڻ، ۽ عبادتگذاريءَ ۾ گذاري ڇڏيندو. اوائل ۾ شادي ڪئي هئائين. ٻہ پٽ ٿيا هئس، جي جوانيءَ کي رسي ڪاٽڪو بڻجي پيا هئا- گهٽ ۾ گهٽ مٿن الزام تہ اهڙا هئا. مولوي صاحب کي ساڻن ڏاڍو پيار هوندو هو، پر ساڳئي وقت ڪڏهن ڪڏهن هيءُ بہ زبان مان نڪري ويندو هوس:
”شاديءَ جي غلطي ٿي ويئي، اهي سڀ ان هڪ جرم جون سزائون آهن، ﷲ تعاليٰ اولاد ڏئي تہ صالح، ورنه
پسر نوح با بدان بنشت،
خاندان نبوتش گم شد!“
آءٌ نٿو سمجهان تہ مولوي صاحب ساريءَ عمر اندر ڪڏهن ڪو ڪوڙ ڳالھايو هوندو، يا ڪنھن انسان کي رنجايو هوندو. جنم جو جنتي هو، اتفاقا= اچي هن دنيا منجهان گذر ٿيو هوس. ﷲ تعاليٰ جون مٿس رحمتون هجن!
مولوي محمد سومر جي رخصت وٺي وڃڻ بعد، ڏاڏي مرحوم، مولوي محمد صديق نالي هڪ ٿاريلي استاد کي منھنجي وڌيڪ تعليم لاءِ گهرايو. محمد صديق مرحوم اصل ٻاڙمير طرف سروپي جي تڙ تي رهندڙ هو، ۽ مولوي عبدالرزاق مرحوم جو شاگرد هو. مولوي عبدالرزاق، وڏيري بلاول هاليپوٽي جي ڳوٺ ۾، ڍوري ناري (ضلعي ٿرپارڪر) جي نزديڪ، پڙهائيءَ جو ڪم ڪندو هو، ۽ پنھنجي دؤر اندر وڏو عالم ليکيو ويندو هو.
مولانا محمد سومر مرحوم وانگر، مولانا محمد صديق مرحوم بہ سادگي پسند انسان هو، جھڙا ٿر جا ماڻھو عام طرح ٿين ٿا. مار - ڪٽ کان وڌيڪ، پيار سان پيو شاگردن کي پڙهائيندو هو. انگريزن جو سخت دشمن هوندو هو. ان زماني ۾ پھرين عالمگير لڙائي هلي رهي هئي. مولوي صاحب مسجد جي ٻاهران ميدان ۾ ڀترن جون ٺُلھيون ٺھرائي، شاگردن کي چوندو هو تہ انھن کي ڀتر هڻي ڊاهيو. هر ٺلھيءَ تي ڪنھن نہ ڪنھن انگريز جرنيل جو نالو رکندو هو، ۽ جا ٺلھي ڊهي پوندي هئي تہ چوندو هو تہ اهو جرنيل مارجي ويو. هڪ وڏو ڪئلينڊر انھن ڏينھن ۾ آيو هو، جنھن تي لارڊ ڪچز جي تصوير ڇاپيل هئي. اهو ڪئلينڊر ڀت تي هڻائي، مون کي هوائي بندوق ڏيندو هو تہ اُن سان ڪچز جي صورت کي چُٽيان. هر روز اها ورزش ٿيندي رهندي هئي، تان جو ڪئلينڊر پرزا پرزا ٿي ويو.
سرؤ جي موسم ۾ مليريا جي تپ جا راڱهڙا هوندا هئا. انھن ڏينھن تائين اڃا فقط ”ڪونين“ بہ ميسر ڪانہ ٿيندي هئي. غريب ويچارا مرندي مري ويندا هئا، پر علاج ڪرائي ڪونہ سگهندا هئا. مولوي صاحب مرحوم پاڻ بہ مليريا جو مريض هوندو هو، پر جڏهن بخار اچي حملو ڪندو هوس تہ مسجد ۾ تڏي تي ليٽي ۽ انتھائي خوش الحانيءَ سان ڪلام پاڪ جي سورت يوسف پڙهڻ شروع ڪري ڏيندو هو. سورت شروع ڪرڻ شرط کيس پگهر اچڻ لڳندو هو. هوڏانھن قرئت پوري ٿيندي، ۽ هيڏانھن مولوي صاحب جو بخار ختم.
مرحوم کي ڳاڙهن گوگائي مرچن کائڻ جو سخت شوق هوندو هو. ڳنڌڻ نہ ملندس تہ ڳاڙها مرچ، پاڻيءَ ۽ گيھہ جي ذري ۾ وجهي، ٽانڊن جو تؤ ڏيئي، سموري ماني انھن سان کائي پوري ڪري ڇڏيندو.
سندس ”هابي“ هوندي هئي خط لکڻ. هر هفتي هيڏانھن هوڏانھن پيو پنج - چار خط لکندو هو، جا تمام وڏي ڳالھہ هئي انھن ڏينھن جي لحاظ سان. مون کي ياد آهي تہ انھن ڏينھن ۾ پوسٽ ڪارڊ تي هڪ پئسو ۽ لفافي تي ٽڪو لڳندو هو. پر پئسي جو بہ ان زماني ۾ مانُ هوندو هو، ٽڪو تہ بنھہ وڏي رقم هوندو هو. مولوي صاحب، سرڪاري دفترن وانگر، پاڻ وٽ ٽپال جي آمدني - روانگيءَ جو رجسٽر ٺاهي رکيو هو: جو خط روانو ٿيندو تنھن جي داخلا ٿيندي، ۽ جڏهن جواب ايندو تہ داخلا جي سامھون ”جواب موصول شد“ جو نوٽ ٿيندو.
پئسو ٿيندو هوس تہ فارسي عربي جا ڪتاب گهرائيندو هو. ان باري ۾ دهليءَ جي هڪ ڪتبخاني سان مستقل لکپڙھہ جاري رکيو ايندو هو. ڪتبخاني جو نالو هوندو هو ”مطبع مجتبائي“، دهلي، جنھن جو مالڪ هوندو هو مولانا عبدالاحد صاحب.
مولانا محمد صديق جي زماني ۾ منھنجي فارسي عربي پڙهائي ختم ٿي. ايستائين زمانو بہ ڪجهہ ترقي ڪري چڪو هو، انگريزي تعليم جي ضرورت خاندانن کي محسوس ٿيڻ لڳي هئي. اسان جي گهر ۾ ڪنھن انگريزدان نہ هجڻ ڪري، ڏاڏي مرحوم کي هڪ - ٻن معاملن جي سلسلي ۾ تڪليف رسڻ لڳي. کيس شوق هوندو هو شڪار ۽ بندوقن جو. بندوقن جي سلسلي ۾ سندس لکپڙھہ لنڊن جي بندوق سازن سان هميشہ پئي هلندي هئي. خاص پنھنجيءَ منشا مطابق، آرڊر ڏيئي بندوقون ٺھرائيندو هو ۽ سالن جا سال ان باري ۾ نوشت - خواند جاري رهندي هئي. ان کان سواءِ، وقت جي عملدارن ڏانھن بہ ڪڏهن ڪڏهن چٺي چپاٽي رواني ڪرڻي پوندي هيس، جيڪا اوستائين سوال سٽي تي پيو لکائيندو هو.
مون کي انگريزي اسڪول ۾ موڪلڻ جو خيال تنھن هوندي بہ پيدا ڪونہ ٿيس. اتفاقا= پاڻ آبو روڊ شڪار تي ويو، جتي سيد همت علي نالي، آبو هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر سان دوستي ٿي ويس. سيد صاحب کي چئي، هڪ نوجوان انگريزي ماستر هٿ ڪيائين، جنھن کي ٽيھہ رپيا درماھہ پگهار تي مقرر ڪري، پاڻ سان گڏ وٺي آيو. ان ماستر جو نالو هو محمد رفيق، اصل ويٺل هو رياست ٽونڪ (راجپوتانا) جو.
انگريزي ماستر محمد رفيق صاحب ئي مون کي پھريون سبق ڏنو. پاڻ بہ شايد مئٽرڪ تائين پڙهيو هئائين. نماز، روزي، صفائيءَ ۽ طهارت سان خاص چاھہ هوندو هوس. گفتگو اردوءَ ۾ ڪندو هو، سنڌيءَ کان ناآشنا هجڻ سبب. جنھن تي بہ ناراض ٿيندو هو تہ اُن کي ”چغد“ سڏيندو هو. مون کي پرائمر پڙهڻ بعد اڃا انگريزي درسي پھريون ڪتاب ئي مس پورو ڪرايو هئائين تہ هڪ معاملو ٿي پيو، جنھنڪري هو ناراض ٿي واپس پنھنجي وطن هليو ويو. بنگلي جي اڱڻ ۾ هڪ ڪنڊ ڏانھن چوديواريءَ اندر پاخانو هوندو هو، جنھن جي استعمال جي مانوپلي ماستر صاحب کي ميسر هوندي هئي. ڳوٺ ۾ ڀنگي ڪين هوندا هئا، جنھنڪري ان پاخاني جي صفائي ڪانہ ٿي ٿي سگهي. هوا لڳي ٿي تہ صحن ۾ ويھندڙن کي بدبو ٿي آئي. تنھنڪري ڏاڏي مرحوم، ماستر صاحب جي زوردار احتجاج هوندي بہ، پاخاني کي ڪيرائي ختم ڪري ڇڏڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. هيڏانھن ڪاڪوس جون ديواريون ڪِريون. ۽ هوڏانھن ماستر صاحب جو بسترو گول ٿيو.
ماستر صاحب جي روانگيءَ بعد، منھنجيءَ والده جي اصرار تي، ڏاڏي مرحوم انتظام ڪري ڏنو تہ آءٌ هر صبح جو نصرت اسٽيشن تي وڃي اتانھون جي اسٽيشن ماستر کان سبق وٺي اچان. فاصلو ميل کن جو هو. پھرين پنڌ ويندو هوس، پوءِ هڪ ننڍي گهوڙي وٺي ڏنائين. گهوڙيءَ جو نالو هوندو هو ”بجلي“، جا عملاً بہ بلڪل اسم بامسميٰ هوندي هئي. منھنجي مٿانئس لانگ وري، ۽ پاڻ سرپور وٺي گهر ڏانھن ڊوڙڻ شروع ڪندي هئي. رستي ۾ ڪو سائي گاھہ جو ٻوٽو نظر آيس، تہ ڊوڙندي ڊوڙندي، هڪدم ۽ اوچتو اچي ان ٻوٽي وٽ بيھي رهندي، تنھنڪري لوڏي تي آءٌ هيٺ ڪِري پوندس. جيستائين آءٌ ڌڌڙ ڇنڊي ڪتابن جو ٿيلھو هٿ ڪري وري مٿانئس سوار ٿيندس، اوستائين گاھہ جو ٻوٽو کائي پاڻ بہ فارغ ٿي ويل هوندي. ان طرح سان، هفتي ۾ ٻہ - چار دفعا زمين بوسي ڪرڻ جو اتفاق پيو ٿيندو هو.
نصرت اسٽيشن جي بابوءَ جو نالو هوندو هو مسٽر ڄيٺانند ٺارومل هڱوراڻي، ويٺل هو ٺارو شاھہ ضلعي نوابشاھہ جو. انگريزيءَ جا ٻہ - چار درجا پڙهيل هو، پر وڏيءَ عمر سان گڏ وڏي تجربي جو صاحب بہ هوندو هو. ماستريءَ جا ڍنگ پورا پورا ياد هئس. منھنجي پڙهائيءَ تي سخت ڌيان ڏيندو رهيو. نظر بہ ڏاڍي ڪرڙي هيس. ڇا مجال منھنجي، جو سندس اڳيان فقط مرڪي بہ سگهان. پگهار سرڪار مان فقط ٽيھہ رپيا کڻندو هو، ۽ اسان وٽان پنج رپيا ماهوار، مگر نصيب وارو شخص هو. انھن ڏينھن ۾ مال جي چڙهائيءَ لاءِ ريلوي گاڏن جي سخت تنگي ٿي پئي. ڀر واريون وڏيون اسٽيشنون (نئون ديرو ۽ مدئجي) مال جي چڙهائيءَ لاءِ بند ڪيون ويون، تنھنڪري پسگردائيءَ جو سارو مال (اناج وغيرہ) نصرت تان چڙهڻ لڳو. هر ڳوڻ پٺيان چار آنا بابوءَ جي خرچي مقرر ٿي، شاھہ شاهوڪاري - نہ شڪايت جو شائبو، نہ ائنٽي ڪرپشن پوليس جي وٺ پڪڙ جو خطرو. ان طرح، بابو ڄيٺانند هر مھيني ڪيئي سؤ رپيا ڪمائيندو رهيو. رهڻي ڪرڻيءَ ۾ ڪفايت شعار هوندو هو. دال - ڦلڪي تي پيو گذر ٿيندو هوس، گوشت مڇيءَ جي فڪر کان آجو هوندو هو، البت ڪڏهن ڪنھن پاڙيواري آڻي ڪا مفت جي ڪُرڙي پيش ڪيس تہ ان جي واپرائڻ ۾ بہ ڪو اعتراض ڪونہ هوندو هوس. هر صبح، ”ڏندڻ لائڻ“ ۽ ”سنان پاڻي“ ڪرڻ بعد، ٻہ گهڙيون ويھي ”پرارٿنا“ ڪندو هو. پرارٿنا بعد ئي ٻيو ڪم شروع ٿيندو هو. کيس ٻہ پٽ هوندا هئا: رامچند ۽ ريواچند. ماستر صاحب کي انھن جي پڙهائيءَ، نوڪريءَ ۽ شاديءَ جو سخت فڪر لڳل هوندو هو. سندس همعصر ڪو شخص اچي ساڻس مليو، تہ فورا= رامچند ۽ ريواچند جي مستقبل جو ذڪر ڇيڙي ڏيندو.
ماستر ڄيٺانند جي بدلي ٿي وڃڻ بعد ماستر ڪشنچند آيو، جو روهڙيءَ جو ويٺل هو. ماڻھو کلڻو ۽ سلڇڻو، پر انگريزيءَ جي گهڻي واقفيت ڪانہ هوندي هيس. منھنجي پڙهائيءَ ۾ پڻ تنھنڪري ”لم ٺپ“ ڪرڻ لڳو. مثلا=، مون کي حڪم ڪيائين، تہ انگريزي - سنڌي ڊڪشنري هٿ ڪريان، ۽ هر صبح گهران هر هڪ ڏکئي انگريزي اکر جي معنيٰ ڊڪشنريءَ مان ڏسي اچان. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو سبق وٺڻ بدران آءٌ خود کيس سبق ڏيڻ لڳس. سال - اڌ اهو حال رهيو. پاڻ بدلي ٿي ويو تہ اسان جي انگريزي تعليم بہ ختم ٿي.
ان حقيقت مان انھن ڏينھن جي ”تعليمي سرشتي“ جو ڪجهہ پتو پوندو.