ميان فضل محمد سومرو
آخر ڇو ِاها وِڄ ِڪري ِانھن واهيرن تي؟ بيقصور پکيئڙن جي بيضرر آشيانن تي! نہ ڪنھن جي راھہ ٿي رُڪي نہ ڪنھن جي واِهي ٿي ڀڳي، نہ ڪنھن جي پوک ٿي پٽي، نہ ڪنھن جي ٻني ٿي سڪي، پوءِ ڪھڙي قصور، ڪري ويا ايڏا ڪلور؟ وڻ بدستور بيٺا آهن، اڃا ٽاريون بہ پيون لڏن، پر نہ اُهي آکيرا نہ اهي پکيئڙا، نہ اهي روح پرور صبح جا نغما، نہ اُهي شام جون مٺيون لاتيون.
ھھڙا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾!
مرحوم فضل محمد سومرو، ڪم تہ ڪندو هو کٽڪو - ڪپڙن ڌوئڻ، ڪپڙن تي رنگ چاڙهڻ جو، پر پنھنجيءَ محبت ۽ وفا وسيلي، دوستن جي دلين جا بہ کنڀ چاڙهيندو رهندو هو - کين ڌوئندو هو، صاف ڪندو هو، اڇو ڪندو هو، اُجاريندو هو - اڃا بہ ڪو چٽو رهجي وڃي، تہ مورڳو نئون رنگ چاڙهيندو هونِ، پر دوست جي دل تي مونجهہ جي مير هرگز رهڻ نہ ڏيندو.
غريب آباد ۾، شڪارپور رستي تي سندس گهر هو. هيٺئين وچولي درجي جي حيثيت هيس. مون جڏهن ڏٺو، تڏهن پنھنجي هٿ سان ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هئائين، سندس اولاد ڪپڙن جو ڪم ڪندو ٿي رهيو. پنھنجي وقت اندر پنھنجي آرٽ ۾ يگانو ٿي گذريو هو. جنھن لٽي کي سندس هٿ لڳو، سو پري کان بکندو ايندو. لٽي ڏسڻ سان ئي شوقين پروڙي ويندا تہ ڪپڙي سان اهو ڪرشمو ڪھڙي استاد جو ڪيل آهي. فضل محمد جو ڌوتل لٽو پھرڻ عزت جو نشان سمجهيو ويندو هو. پر اهو فخر هر ڪنھن شخص کي حاصل ڪو نہ ٿيندو هو! ڳاڻو گراهڪن کي قبول ڪندو هو، جن کي ان هنر جي صحيح پروڙ هوندي. آيل ڪپڙي جي هر ٽڪر کي خيال سان کولي ڏسندو، مٿس پيار سان آهستي آهستي هٿ گهمائيندو - ڄڻ مالھي آهي، جو گلاب جي گلن کي سوهي سموهي، گلدستن ۾ رکڻ لاءِ پيو تقسيم ڪري. ڪنھن بہ ڪپڙي تي سڃاڻپ جو نشان ڪو نہ ڪندو. جو ڪپڙو هڪ دفعي ڏٺائين، سو وري نہ وسرندس، ۽ نہ مٽجي ڪنھن غلط مالڪ ڏانھن ويندو. چوندو هو، ”هنر تہ شوق! شوق نہ رکبو تہ هنر هرگز حاصل ڪو نہ ٿيندو. ڦرهي تي ڪپڙن کي ڪٽڻ هروڀرو هنر نہ آهي.“
فجر ويل، ڇلي کڻي، ٻوڙ - ڀاڄيءَ جي وٺڻ لاءِ مارڪيٽ ويندو. وچولي درجي جي ماڻھن لاءِ صبح جو مارڪيٽ وڃڻ وڏيءَ وندر جو باعث هوندو هو. هر گهر جو سکيو ڀاتي ٻوڙ - ڀاڄي ضرور پاڻ وڃي وٺندو. ان بھاني تي هر صبح مارڪيٽ ۾ شھر جي بزرگن جو چڱو ميلو لڳي ويندو هو. هڪٻئي سان سلام ڪلام ڪندا، هلندڙ حالتن ۽ معاملن بابت بيٺي بيٺي پاڻ ۾ ڳالھين جا بہ ٻہ - چار ڊُنگ ڪري وٺندا، ان کانپوءِ ٿيندي يورش قاصائيءَ تي. ڪو بہ ڏينھن اهڙو ڪو نہ هوندو، جنھن ڏينھن گوشت نہ وٺبو. گوشت جو دسترخوان تي هجڻ لازمي هو. البت جنھن ڏينھن سٺا تازا پلا مارڪيٽ ۾ اچي ويا، تہ پوءِ گوشت ڇڏي پلو وٺبو. سو بہ ڏسي وائسي کيرو، ۽ جي آنيارو، تہ بہ ننڍو، ۽ نہ ڦرهي جهڙو، بيڊولو ۽ بي سائو.
پلي ۽ گوشت جي سڃاڻ بجاءِ خود هڪ آرٽ هو. گوشت وٺبو، تہ بہ هڏي هڏي ۽ ٻوٽي ٻوٽي ڏسي وائسي. وڏيءَ ٻڪريءَ جي ويجهو فقط هوٽلن وارا ويندا، گهرن ۾ پچڻ لاءِ ننڍڙي ليلي يا هلواڻ جو گوشت درڪار هوندو. قاصائي گراهڪن کي خاطري ڏيارڻ لاءِ ليلي جو پڇ سلامت رکيو ويٺا هوندا هئا. پارکن کي پڇ مان ئي خبر پوندي هئي تہ واقعي ئي ليلو آهي يا وڏو ڇيلو. ڇيڇڙي يا وڏي هڏي کي بنھہ هٿ نہ لائيندا. پٺيءَ جو گوشت، ران جو ٽڪر، ۽ پاسرين جون ٻہ - ٽي چاپون چونڊي ٻاهر ڪڍندا، ان کان پوءِ بڪيءَ ۽ جيري جا ٽڪر گهري وٺندا. قاصائي هڪ بڪي وجهندو تہ هي ٻن جي گهر ڪندا - “ميان خير تہ آهي؟ بڪيءَ ٽڪر وجهندي پيو پگهر وٺيئي! آخر ورهين جو منھن آهي، اهڙي بي محابائي ڇو پيو ڪرين؟“...”کوڙ بڪيون، بڪين جي بہ ڪا کوٽ؟ وٺو هي ٻيون! اوهان ئي راضي ٿيو.“ گراهڪ هندو هوندا تہ بڪين بدران ڪپورن هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. عام خيال هو تہ ڇيلي جي ڪپورن ۾ وڏي طاقت ٿئي ٿي.
ان کان پوءِ وڃي بيھندا ڀاڄين واري جي مٿان. بصرن جو سير، ٿوم جي ويڙهي، ۽ هڪ قسم جي ڀاڄي(موسم سارو) تہ وٺبي لازماً، ان کان پوءِ شروع ٿيندي جنگ مفت جي. متفرقات تي: ”ٻہ - ٽي ساوا مرچ تہ هيڏي ڪر؟ اڄ الائي ڇا ٿي ويو اٿئي!“.... ”اڄ تہ ڦودني جو ذرو بہ گوڏي هيٺان لڪايو ويٺو آهي؟”...“ ساون ڌاڻن جي ڇنڊ تہ وجهہ. آخر ڀاڄي ڪيئن رڌبي؟“
ميوي سان سنڌين جي گهڻي ڪا نہ پوندي هئي. پر جي انبن يا کارڪن جي موسم هوندي، تہ موٽندي سير - اڌ ٻارن لاءِ وٺيو ايندا.
ميان فضل محمد ڀاڄيءَ جي ڇلي آڻي گهر واريءَ جي اڳيان رکندو. مائي سڳوري هر هڪ شي کوليندي بہ ويندي ۽ ٽيڪا ٽپڻي بہ ڪندي ويندي: ”مستوءَ جي پيءُ اڄ تہ ڪو نشو پيتو آهي!.... ادي فلاڻي! اچ اچي، هي گوشت تہ ڏس - ڇڙو ڇيڇڙا آهي! هٿ لائي، تہ لڳ ِلڳ پيو ڪري!“
ميان فضل محمد موٽ کائيندو: ”مستوءَ جي ماءُ ! ڪھڙي ڏينھن منھنجي آندل شي توکي پسند پيئي آهي؟ قاصائي اهو هلواڻ پٺيءَ پاڏانھن لڪايو ويٺو هو، وڏن زورن ۽ جهيڙن سان تہ ذرو ورتو اٿمانس. تون پئي چئين تہ ڇيڇڙا آهي! هلواڻ جو گوشت نرم نہ هوندو تہ ڇا هوندو؟ آخر مينھين جي مھادي تي ڪا نہ پئي هئي، جتان سخت گوشت وٺي اچان ها؟“
”هي بڪيون ۽ جيرا بہ ليلي جا آهن؟“
”نہ تہ ڇا جا آهن؟“
”اُٺ جا!“
”اُٺ جا آهن تہ تون ڪري نہ کائجانءِ!“
”هيءُ ڪوماڻيل پاروٿو گوبيءَ جو گل بہ دڪان واري جي گوڏن هيٺان ڪڍي آيو آهين؟“
”تنھنجي مرضي اها هئي تہ ڪنھن جي واڙيءَ ۾ گهڙي پوان ها ۽ اتان گوبيءَ جو گل پٽي سڌو ڀڄندو اچي تنھنجي اڳيان رکان ها؟ پوءِ تون ٿئين ها راضي!“
”ڪجهہ ڌڻيءَ جو بہ ڀؤ ڪر. توکي ڳالھہ چئجي ٿي تہ هٿن مان نڪريو وڃين! اک کڻي هنن مرچن ڏانھن تہ نھار، ساوا مرچ آهن يا گوگائي مرچن جون بونڊيون؟ چک تہ ڄڻ اڪ جي پاڙ!“
آخر مقابلي جو وڌيڪ تاب نہ آڻي، ميان فضل محمد گهر کان ٻاهر نڪري ويندو، ۽ موٽندو تڏهن، جڏهن مانيءَ جو سڏ ويندس. ان وچ ۾ وڏي پپر جي هيٺان وڇايل کٽن تي ويٺو دوستن سان اُڀاريون - لاهواريون هڻندو. ڀر ۾ ِٽڪئي جي سوڍا. لمليٽ جي ِپڙي هوندي. ڪو آيو ويو تہ پڙي تان لمليٽ يا آئيس ڪريم - سوڍا جي بوتل گهرائي پيو پياريندس. سندس دوستن جو هڪ خاص ٽولو هوندو هو، جن مان جنھن کي بہ جا گهڙي واندڪائيءَ جي ملندي، تہ سڌو اچي ميان فضل محمد جي محفل ۾ ويھندو هو. سندس خاص احباب هوندا هئا: غلام حسين درزي، بابو عبدالغفور، ۽ عيدن پوليس - سپاهي، گفتگو شروع ٿيندي ميونسپل جي ڪاروبار سان، ۽ ختم ٿيندي وڃي، چڪلن جي تازن جهيڙن تي، گفتگو لاءِ مضمون ڪو نہ هوندو تہ پتن جي راند شروع ٿيندي.
سکر جو چڪلو ساڳئي شڪارپوري رستي جي ٻئي ڪناري تي، بلڪل سامھون هوندو هو، ۽ اتي رات ڏينھن رنڊين جي مختلف پارٽين جي وچ ۾ پيا جهيڙا ٿيندا هئا، جن ۾ مکيہ پارٽ ادا ڪندا هئا پوليس جا صوبيدار ۽ جمعدار. سکر جي پبلڪ لائيف ۾ چڪلي ڪوارٽر کي خاص اثر حاصل هوندو هو. هزار کن ووٽن جو فقط چڪلي ۾ هوندو هو، رنڊين ۽ انھن جي متعلقين جو. هرڪو اميدوار اها ڪوشش ڪندو هو تہ رنڊين جي ڪا نہ ڪا پارٽي ضرور سندس ”سڳي ڌاڳي“ ۾ رهندي اچي. نوجوان پوليس - صوبيدار بي تحاشا تماشا بيني ڪندا هئا. هر ڪنھن صوبيدار سان ڪا نہ ڪا رنڊي وابستہ هوندي هئي، ۽ پوءِ ڪنھن کي مجال جو ان رنڊيءَ جو پير اورانگهي سگهي؟ اهي رنڊيون، شام ويلي بگين تي چڙهي، هوا خوريءَ تي وينديون هيون. کين ڏسڻ لاءِ ماڻھو رستن تي بيهجي ويندا هئا:
”هيءَ اڪبر خان واري آهي!“
”اڙي يار، هيءَ تہ علي خان واري اٿئي! چون ٿا، سيالڪوٽ مان آئي آهي.“
”علي خان تہ هاڻ ڇڙو مٿين پنڌن تي پيو هلي، وچان ئي وزير شاھہ والار وجهي ويو اٿس.“
”وزير شاھہ يا امير شاھہ؟“
”امير شاھہ جو رستو تہ زردالوءَ سان آهي.“
”زردالو تہ وڏي هست رنگي آهي، ڦري کائي امير شاھہ کي ٿي، پر دلي رستو گورڌن( شھر جو وڏو هندو گونڊو هوندو هو) سان اٿس. انھيءَ زردالوءَ تي ئي تہ گورڌن ۽ رمون مڪرانيءَ جي وچ ۾ چاقو چليا هئا!“
”گورڌن ڪٿان ٿو رمونءَ کان بازي کٽي سگهي!“
”ڇڏ يار، رمونءَ جو هاڻي وڃي ڇڙو نالو رهيو اٿئي. گورڌن اڃا تائين پنھنجي نانءَ سان آهي. ڪنھن ڏينھن ٻڌندين تہ رمونءَ ۽ رن، ٻنھي جا آنڊا نڪتا پيا هوندا.“
”رمونءَ کي هافيسرن جو زور کڻيو بيٺو آهي. ڦوجدار صاحب جو هٿ اٿس. سٽي ماشيٽر (سٽي ماجسٽريٽ) جو شيدار(سرشتيدار) شيخ بہ پيو منجهانس کائي پيئي. اڄ صبح ٻڌندين تہ گورڌن وڃي ڪاٺ پيو. هن زماني ۾ ڇڙي داداگيري تہ ڪم ڪا نہ ٿي اچي، ڪجهہ رس - رسائي بہ گهرجي. رمون جيڪي ڦري، سو پيو ڪامورن جي وات وجهي.“
انھيءَ قسم جي گفتگو فضل محمد جا احباب بہ پاڻ ۾ ڪندا رهندا. ميان صاحب پاڻ بہ ويٺو ٻڌندو، ڪڏهن ڪڏهن اکر - ٻہ چئي بہ وٺندو. دل جي خواهش اها هونديس تہ اهڙي گفتگو نہ ٿئي، پر ساٿين کي ظاهر منع ڪري سندن دلشڪني بہ نہ ڪندو. سندس پنھنجي زندگي ابتدا کان وٺي صاف شفاف رهي هئي. جوانيءَ ۾ البت ڪپڙي لٽي جو خاصو شوق ڪندو هو. قميص سلوار، ڪاري الپاڪي يا چينا سلڪ جو ننڍو ڪوٽ پھريندو هو! مٿي تي بره جي کل جي ٽوپي، ۽ پير ۾ سٺو چمڪدار پمپ شوز. لٽا پنھنجن هٿن جا ڌوتل هوندس پر وڏي کان وڏي امير جي نصيب ۾ نہ هوندو تہ اهڙا کنڀيل ۽ ڪلفدار ڪپڙا ڍڪي. شھر کان ٻاهر ويندو تہ ٺھي ٺڪي، شان ۽ مانَ سان. هٿين خالي ڪڏهن نہ ويندو، دوستن لاءِ قسما قسم تحفا ساڻ کڻي هلندو، خاص طرح ميوَن جا ٽوڪرا، جن جي مٿان ڳاڙهي ڪاغذ جا پوش پيل هوندا. ٻارن کي خرچيون ڏيندو، نوڪرن ۾ سوکڙيون تقسيم ڪندو. غريبي حال ۾ اميري شان پيدا ڪرڻ، اُن جڳ جي بزرگن کي ايندو هو.
* * * *
هاڻي موٽي ميان صاحب جي گهر اچون ٿا. مٿيون ڳالھيون تہ ذڪر هلندي وچ ۾ اچي ويون هيون.
ماني تيار ٿيندي، مگر وڌبي اوستائين نہ، جيستائين ميان فضل محمد پاڻ اچي کٽ تي نہ ويھندو. سندس گهر واريءَ صبح جو تہ جهيڙو ڪيو هوس، مگر هينئر مائيءَ جو حال ڏسڻ وٽان هوندو.
جيستائين ميان گهر نہ آيو هوندو ۽ سندس منھن ۾ گراھہ نہ ويو هوندو، مائيءَ کي آنڌ مانڌ لڳي پئي هوندي. پنھنجو پاڻ پيئي ڳالھائيندي – ”مستوءَ جي پيءُ کي هيڏي دير ٿي ويئي آهي، بکئي پيٽ تي ِنپٽا ٻاهر وٺيو ويٺا اٿس! خدا نہ پنھنجو گهر گهاٽ ڏنو اٿن. نہ ٻئي جي گهر گهاٽ جو ڪو ويچار اٿن! اونڌيون ڳالھيون ۽ اجايا بستان ڪڍيو ويٺا هوندس.“
ميان ايندو تہ ماني آڻي اڳيان رکنديس. نرم اڦراٽا هوندا ۽ ديڳڙي ۾ جا بہ چڱي ٻوٽي هوندي سان ڪڍي آئي هوندي. هٿ ڌئاري، پنھنجي هٿ ۾ پکو کڻي ويھندي. آهستي آهستي پکو بہ پيئي جهليندي، ۽ ساڻس ڳالھيون بہ پيئي ڪندي:
”مستوءَ جا پيءُ! شبوءَ (سندن پٽ) کي تہ ڪا ڌڌڪ ڪڍ، سارو ڏينھن الائي ڪيڏانھن رُلندو پيو وتي. نہ کائي ٿو ماني وقت تي، نہ پئيس ٿو ساھہ جو.
”حميدڻ رات لڱن جي سور جون پئي دانھون ڪيون. هڏن ۾ ڪو تپ جو ذرو رهجي ويل اٿس. ڪڏهن ڪڏهن ڪڻس بہ ٿيو پويس. اڄ سانجهيءَ جو وٺي وڃي ادي عبدالحق (حڪيم) کي تہ ٻانھن ڏيکاري اچينس. ائين پئي پئي تہ ڇوڪر صفا نجهري ويندو.
”ادي ِٽڪئي ماءُ ڦجر آئي هئي. پنھنجي ننھن ۽ سورن جون ڳالھيون ڪري، هيانءَ ڦٽي پئي رني. ننهڻس مڙس جو ِڦرڪوئي ڦيرائي ڇڏيو آهي. ماريو، جيڪي آڻي نئي، سڌو اچي زال جو ڀڀ ڀري، ماءُ ويچاريءَ کي تہ تريءَ تيل بہ لائڻ نٿو ڏئي. اهڙا پٽ، جھڙا ٿيا تهڙا نہ ٿيا!“
”ادي عبدﷲ کي بہ ڪالھہ پوٽو ڄائو ٿئي! ماسيءَ سگهڙ ڳالھہ پئي ڪئي تہ ڏاڍا شادمانا ڪيا اَٿئين. ويچارو سڪايل هو. ٽي ٻار تہ اڳي لٿا اٿس، مانَ ڌڻي هي چوٿون بخشي ڏئيس! تون بہ جيڪر مبارڪي ڏيئي اچينس تہ ڇا ٿي پوي. پاڙي پنبي وارا تہ سڀ ٿي آيا اٿس.“
”مستوءَ جا پيءُ، ٻي ڳالھہ تہ ٻڌ! انھيءَ ماريي موٽوءَ جو ڇو اچي مٿو ڦريو آهي! پنھنجي گهر جو سارو گند آڻي ٿو اسان جي گهر اڳيان ڍير ڪري! اهڙي بڻانس ٿي اچي کڙي ٿئي جو ماڻھو ويھي نٿو ساءُ ڪري. ڪالھہ مستوءَ ڇڙو ڏوراپو ڏنس تہ ڇوڪر سان ِچيٽ پئجي ويو. رات ڏينھن وڙهسان، وڙهسان پيو ڪري. ڏس تہ سھي ماريي جو ڪيئن نہ پيٽ ڀريو آهي! اڃا ڪالھوڪو ڏينھن آهي تہ بيھن جو ٿالھہ مٿي تي کڻيو هوڪا ڏيندو پئي وتيو، هاڻي پئسڙو ٿيو اٿس، ۽ جائڙي ٺھرائي اٿائين تہ ائين پيو سمجهي، ڄڻ تہ لک تي مٿو ڌوتو اٿائين! پوري منھن سان ڪنھن جي ڳالھہ بہ ڪونہ ٿو ٻڌي، ڪو چويس تہ مورڳو گونزل پيو ڇڏي!
”مستوءَ جا پيءُ، هاڻي جتي بہ تہ نئين ٺھڻي ڏي! ڪھڙو پراڻو بوٽ گهليندو پيو وتين! پير بہ نٿا سور ڪنئي؟ تڪڙ ڪري وڃي دڪان تان وٺي آئين، گهڻا ڏينھن هليئي؟
بوٽ هجي تہ هٿ جو ٺھرايل. بازاري بوٽن ۾ تہ ڇڙو ٿا ميٽ وجهن. هاڻي مارين کي حرام کائي ويو آهي. بک ۽ بي ايماني ڪاهي پئي اٿن. اڳ اهڙا ڪاٿي هوندا هئا. جنھن سوچيءَ کان ادي عيدن بوٽ ٺھرايو آهي. تون بہ انھيءَ کي چئي اچ. ڏسجي چڱو ٿو. جي توکي بہ پسند اچي تہ پوءِ عيد لاءِ ٻارن جا جوتا بہ انھيءَ کان ئي ٺھرائينداسين.“
ان قسم جي ڳالھين ڪندي ڪندي، ميان کي سموري ماني کارائي وٺندي. پوءِ هٿ ڌئاري، رلھي ڇڪي کٽ تي وجهي، کيس آهلائي ڇڏيندي. پاڻ وڃي باقي ڀاتين جي ماني وڌيندي.
ميان فضل محمد چيلھہ ڊگهي ڪندو، ِٻيڙي دکائيندو، هٿ ۾ ڪتاب، ”وارث شاھہ جي هير – رانجهو“ کڻي، ورق اٿلائي، وچان ڪو نہ ڪو ٽڪر ڪڍي، مٺي آواز سان پڙهڻ شروع ڪندو:
هير آکيا، جوگيا، جوٺ بولين ڪون رٺڙي يار مناؤندائي،
ايسا ڪوئي نہ مليا، مين ڍونڍ ٿڪي، جھڙا گيان نون موڙلياوندائي،
ميرا جيءُ جامه جيهڙا، آن ميلي سر صدقه اُسدي نام ندائي،
ڀلا موئي، تي وڇڙي ڪون ميلي اينوين جيوڙا لوگ ولاوندائي!
ڪڏهن ڪڏهن ”هِير“ پڙهندي، اکين مان ٻہ - چار لڙڪ بہ وهي ٻاهر نڪرندس.
* * *
سانوڻيءَ جي موسم هوندي، پاڻي وهي ايندا، تہ سنگتي ساٿي گڏ ڪري، روهڙيءَ جي باغن ۾ وَهين جي شڪار تي نڪرندو. رات کان وٺي مانيون تيار ٿينديون. ساٿين ڏي سڏ ويندا. ٽانگا ڀاڙي ٿيندا. ساري گهر، بلڪ پاڙي پنبي ۾ هلچل مچي ويندي. ڪو بندوق آڻيندو، ڪو ڪارتوسن جو باڪس رومال ۾ ٻڌيو ايندو، ڪو چاقو ڪڍي پيو روهيءَ تي لاهيندو. ڪنھن جي هٿ ۾ ميوي جي ڇلي هوندي. ڪو سگريٽن ۽ ٻيڙين جا بنڊل پيو کيسي ۾ وجهندو. وڏي هل هنگامي بعد سواري نڪرندي. هلندي هلندي، ٻانھن کان وٺي، ٻارن کي بہ ٽانگن ۾ سٿڻو پوندس، ڇو تہ پردي جي اندران مستوءَ جي ماءُ محشر مچايو بيٺي هوندي تہ ”ٻارن کي بہ وٺيو وڃ. روئي روئي ويچارا ساڻا ٿي پيا آهن. آخر توکي ڇا ڪندا. ڪنھن ڪنڊ پاسي چپ ڪريو ويٺا هوندا، تون پيو شڪار ڪجانءِ.“
ٻار هليا تہ ميان فضل محمد جو پنھنجو شڪار ختم ٿيو. بگيون ڀري وڃي درياءَ پار باغن ۾ لاهيندو. ٻيا ساٿي بندوقون ڪلھن تي رکي وهين جي پويان نڪري پوندا. ميان صاحب پاڻ ٻارن کي قبضي ۾ ڪريو، ڪنھن وڻ جي ڇانوَ ۾ ويٺو هوندو. باغن ۾ کجين جي وڻن تي وهيا سٿيا پيا هوندا. هڪ ٺڪاءُ ڪريو تہ ويھہ ِڪري پوندا. مگر ميان فضل محمد جا مھمان تجربيڪار شڪاري ڪو نہ هوندا. سالن ۾ بہ ڪڏهين ڪو ڪارتوس ڪو نہ ڇوڙيو هوندائون. وهيا اولھہ هوندا تہ هنن جي بندوق پئي اوڀر ويندي! وهيو ڪو مئو نہ مئو، رلي پني، لاڙوين سج موٽي اچي ميان صاحب واري ماڳ تي رسندا. حال احوال ٿيندا، چرچا گهٻا لڳندا، مانيون کائبيون، باغن مان کارڪون ۽ انب خريد ٿيندا، درياءَ ڀر تان تازا پلا ورتا ويندا، بگيون جوٽبيون، ۽ جنھن پيرين ويا هوندا، ساڳئين پيرين موٽي اچي گهر سھڙندا.
گهر پھچڻ تي کارڪون، انب پلا وغيرہ، اورين پرين ساٿين جي گهرن ۾ تقسيم ڪيا ويندا. غرض تہ سڄي شھر کي خبر تہ پئجي ويندي تہ ميان فضل محمد وارا اڄ شڪار تي ويا هئا. ڪجهہ تفريح ٿي، ڪجهہ نام و نمود!
* * *
ميان فضل محمد کي مذهبي محفلن سان بہ خاصي دلچسپي هوندي هئي. معراج - رات ڌام ڌوم سان ملھارائيندو هو. گهر جي سامھون شاميانو لڳندو. گلم غاليچا وڇائجي ويندا. چانھہ جي ديڳ چڙهندي. واعظي مولوي اچي موجود ٿيندا. ڪجهہ شھر جا معزز بہ مدعو ٿي ايندا. مولوين ۾ پنھنجا جهيڙا ۽ اختلاف هوندا: ڪو وهابي آيل هوندو تہ حنفيءَ جو منھن لٿو پيو هوندو. حنفيءَ کي وعظ لاءِ پھرين اٿاريو ويو تہ وهابي مولوي رسي ڀڄڻ لاءِ پيو رستا نھاريندو. مولوي دين محمد وفائي مرحوم يا ميان عبدﷲ شيخ شينھن واري تي نظر پئي تہ پير ميان ڪرم علي شاھہ جتي بہ نہ پائيندو، بيٺي بيٺي، بنا موڪلائي روانو ٿي ويندو. ميان فضل محمد مرحوم انھن اختلافن مٽائڻ ۽ محفل کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سارو وقت سرگردان هوندو. مولوي محمد هاشم مرحوم، رڪن جو ويٺل، مشھور ”واعظ الاسلام“ هوندو هو. سندس ڌنڌوئي اهو هو تہ گشت ڪندو، وعظ ٻڌائيندو وتي. پڇاڙيءَ ۾ خوش الحان ڇوڪرن جو هڪ ٽولو تيار ڪيو هئائين، جيڪي محفلن ۾ سرَ سان نعتيه ڪلام پڙهندا هئا. انھن تي نالو رکيو هئائين:”بلبلانِ اسلام“! جنھن بہ مجلس ۾ انھن ”بلبلانِ اسلام“ جي آمد جو آسرو هوندو، ماڻھن جا انبوھہ، سڏيا اڻسڏيا، اچي موجود ٿيندا. انھن ڏينھن ۾ اڃا فلمن زور ڪو نہ ورتو هو ۽ ماڻھن کي مذهب سان بہ دلچسپي هوندي هئي، تنھنڪري اهڙين محفلن وسيلي وندر جي وندر بہ، ۽ مذهبي جذبي جي تسڪين بہ پئي حاصل ٿيندي هين. معراج جي محفل منعقد ڪرائڻ ۾ حڪيم عبدالحق صاحب ميان فضل محمد جو خاص ٻانھن ٻيلي ٿيو بيٺو هوندو هو. حڪيم صاحب بجاءِ خود تمام دلچسپ ماڻھو هو. مريض اچڻ جو آسرو هجي يا نہ، هي صاحب ضرور حڪمت جو هٽ کوليو، ۽ هٽ اندر شيشن ۽ ڏَٻن جون لائنون لڳايو ويٺو هوندو هو. ٻاهران پيو بورڊ لڙڪندو، جنھن تي مڙسيءَ کان ويٺل ۽ بواسير جي سٽيل، لا علاج مريضن لاءِ ”شرطي علاج“ جا قسمي واعدا، ڳاڙهن ساون اکرن ۾ لکيل هوندا – ”وقت اندر فائدي نہ ٿيڻ تي ٻيڻا پئسا واپس“! ماڻھو بي ضرر، ايماندار ۽ خوددار هو(1) . ڪنھن بہ مذهبي يا مجلسي ڪم لاءِ سڏ ڪبس تہ پير پوئتي نہ ڏيندو.
ميان فضل محمد جي زندگيءَ جا پڇاڙي وارا سال ڏک ۽ فراق جي نذر ٿي ويا. سندس ساٿي ۽ رفيق هڪٻئي پٺيان هن دنيا مان روانا ٿيندا ويا. منھنجي ڏاڏي مرحوم سان خاص عشق هوس. ان جو انتقال ٿيو تہ فضل محمد مرحوم جي زندگي بہ يڪسر بيرنگ ۽ بيمزي رهجي ويئي. حبيب جي فراق ۾ سندس شمعِ حيات بہ، ميڻ بتيءَ وانگر رجي، ستت ئي خموش ۽ هميشہ لاءِ ختم ٿي ويئي.
____________
(1) خوشقسمتيءَ سان، زنده آهي.