حاجي بيگ
ڏسڻ ۾ صفا دو دستو ڳوٺاڻو- قداور، ڀورو، هڏ ڪاٺ مضبوط، مون سان جڏهن واقفيت پيدا ٿيس تہ ڏاڙهي اڇي ۽ ڊگهي هيس. شروع جوانيءَ جي زماني ۾ ”ڏاڍو مڙس“ ليکيو ويندو هو، هلندڙ ريل گاڏيءَ مان ڪپڙن جون ڳٺڙيون اڇلائي، کڻي وڃي سگهندو هو. خوددار هو، پاڙي پنبي جي وڏ وڏيري رخ نہ ڏنس تہ وري منھن نہ ڏسندس. پر جنھن سان ”ٻول ٻڌس“ ڄڻ جيءُ جڙي ويس. اهو ماڻھو پاڻ ڀڄي وڃي تہ ڀل، مگر حاجي بيگ پويان گهلبو رهندس. دوستيءَ جو فيصلو هڪڙي ئي دفعي ڪيل هوندس، باقي عمر ان فيصلي کي پيو پاڻي ڏيندو. دوست ڪيتريقدر بہ بيوفا يا بيڪار ثابت ٿئي، پر حاجي بيگ نہ ٻڙڪ ڪڇندو نہ ٻئي ڪنھن جي واتان ڪا گلا ٻڌڻ لاءِ تيار هوندو- ڪنھن لبڪشائي ڪئي تہ هڪدم ڇڙٻ ڏيئي ڪڍندس: ”چپ ڪر، نالائق، وات سنڀال، ڇا پيو منھن مان ڪِرئي!“ غيبت ڪندڙ جي واتان ڪا گلا ٻڌڻ لاءِ تيار هوندو تہ منھن ويڙهي، بنھہ مجلس مان اٿي ويندو. پڇاڙيءَ ۾ پوڙهو ٿي ويو، پر مون کي سندس محبت جو اعزاز آخر تائين حاصل رهيو. هڪ دفعي ووٽ ٿيا، خبر پيس تہ منھنجي دلچسپي هڪ خاص اميدوار سان آهي. نہ مون چيس، نہ ڏانھنس پولنگ واري ڏينھن ڪا سواري ئي رواني ڪري سگهيس. پاڻ بيمار هو، هلڻ چلڻ کان معذور، مگر پولنگ واري ڏينھن، پيرين پنڌ، ڪيترا ميل لٺ جي ٽيڪ تي هلي، پاڻهرتو اچي ووٽ داخل ڪري ويو. آءٌ ڪراچيءَ لڏي ويس، جڏهن بہ ڀاڙو هٿ ايندس، تہ ريل ۾ چڙهي، اچي مون سان ملندو. مون بدقسمت انسان کي وقت سر ساڻس ڳالھائڻ جو موقعو نہ ملندو، تہ بہ پاڻ فاصلي تان ويھي بہ منھن ڏسندو رهندو. چوندو هو:
”پير، تون بيقدرو يار ٿي پئين! وڏن ماڻھن سان پيو وقت وڃائين. اهي ڪوڙا ڪُلال، ڳڻچور، ڳنڍيڇوڙ اٿئي. رهاڻ ڪرڻي اٿئي، تہ اسان جهڙن سرويچ غريبن سان ڪندو ڪر. نماز روزي تي ڪو ڌيان ڏي. دنيا دورنگي اٿئي، سارو ڪمام ڪوڙ تي ٻڌل اٿس. ڇا گذري آهي، ڇا گذري ويندي! اهو ڪي ڪر، جو ڪم اچئي!“
ساڻس خوش طبعي ڪندي، مان چوندو هوسانس:
”حاجي، ست ڪوئا کائي ٻلي حج تي هلي آهي. جوانيءَ ۾ جيڪي ڪجهہ ڪيئي، سو بہ ياد ڪر!“
مرحوم کلي ويھندو-
”پير! ڏاڍو زوراور آهين. انڌ جي گهوڙي تي چڙهيل آهين - دنيا جھان جي خبر ڪانہ ٿي پويئي - پر چونداسين تہ ڪاوڙجي پوندين - ڌڪا ڏياري ڪڍي ڇڏيندين، تنھنجي ڏسڻ لاءِ بہ سڪندا وتنداسين - تنھنڪري تو کي سچ چئي بہ ڪونہ ٿا سگهون.“
پھرين هڪ پٽ وٺي آڻي منھنجي خدمت ڪرڻ لاءِ پيش ڪيائين، ان کان پوءِ ٻيو پٽ، عمر نالي - ٻنھي کي فرمائش اها ڪيل هيس تہ لالچ نہ رکجو، مري وڃجو پر در نہ ڇڏجوس.“ غريب وٽ اها ئي وٿ هئي، جا آڻي دوست جي نذر ڪيائين.
پڇاڙيءَ ۾ مرڻ جو فيصلو ڪيائين. مشوري لاءِ مون وٽ آيو:
”پير، هاڻي ڏينھن پورا ٿيڻ تي آيا آهن، هن ملڪ ۾ مرڻ ڪونہ ٿو گهران، مديني وڃي مرڻو اٿم.“
مون چيس:
”ميان، اڃا تہ ڏنڊو ڏوٽو آهين، منھن مان رت پيو ڇڻئي، اهي ڪھڙيون بڇڙيون وايون کنيون اٿئي!“
”....... تنھنجون اهي ئي ڏاڍائيءَ واريون ڳالھيون! مديني وڃڻ، مرسل مير جي چانئٺ چمڻ، ان دلبر جي در اڳيان دم ڏيڻ، اهي ٿيون بڇڙيون وايون؟ سٺيون وايون اهي آهن تہ سنڌ ۾ رهي سور پرائجن؟ تو وٽ اچجي تہ تنھنجو ڏسڻ بہ مھانگو، ڳوٺ وڃجي تہ ڏچن پٺيان ڏچا. دنيا ۾ هاڻي ڪھڙي موچارائي وڃي رهي آهي. دغا، دولاب، ڪوڙ بدوڙ، بيوفائي، بيحيائي، نہ پاڙي جو شرم، نہ وڏ ننڍائيءَ جو ويچار. ننڍي پوش تہ جاٿي ڪاٿي مورڳو لولي لانگڙ لاھہ ٿي بيٺي آهي، نہ وري وڏن ۾ ئي ڪا وڄا بچي آهي، لوڀ لالچ انڌو ڪري ڇڏيو اٿن. وڏيرا آهن تہ رشوا (رشوت) تي سندرو ٻڌي بيھي رهيا آهن. غريبن پاڙيوارن تي هٿ ڏيڻ بدران، پنھنجن هٿن سان پيا انھن جا گهر ڀڃائين ۽ لوڙها لتاڙائين. جي ڪو سيٺ يا ديوان وڃي بچيو آهي، تہ رڳو شودو، وڏي ماس کائڻ کان بہ ڪونہ پيو مڙي. مريدن مان مراد، سيدن پيرن مان پرين واري پيچري جي پڇاڻ ختم. ڪاموري ڪڙي جو سندرو ظلم تي ٻڌل. خان خدا جي خوف کان خالي. سڀ ڪم رشوا، شفارش، چؤ چوائت تي پيو هلي. غريب مسڪين جي ڪو ڪونہ پيو ٻڌي يا سڻي. ڪلجڳ اچي ويو، چوڏهين صدي آهي، ڪوڙ پيو ڪمائجي، ڪوڙ پيو کائجي، قيامت جا نشان ظاهر آهن. اڳ ٻڌبو هو تہ فقط هڪ دجال پيدا ٿيڻو آهي، پر هينئر تہ ڏسون پيا تہ ڳوٺ ڳوٺ، گهر گهر ۾ اچي ڪئين دجال ساماڻا آهن، امام مهدي4 هاڻي اکئين نہ پيو ڏسجي.“
”...... سو، پير هاڻي نہ جهل نہ پل، ڇڏ تہ وڃي ڪنھن منھن مھاڙ جا ٿيون، نہ تہ ويٺي ويٺي ويل وهي ويندي، نہ هيڏانھن جا رهنداسون، نہ هوڏانھن جا ٿينداسون.“
”...... باقي ٻچن جي سا پارت اٿئي. منھنجا پٽ سڀ حلالي اٿئي، منھنجي قبر ڪانہ لڄائيندا، سو انھن تئون هٿ نہ لاهجان“.
اهو هو ست تت مرحوم جي آخري ڏينھن وارين تقريرن جو. حج جو زمانو آيو- ٽپڙ ٻڌي، تيار ٿي، اچي ڪراچيءَ پھتو. گهڻو جهليوسونس، گهڻو پليوسونس، پر اندر جي اڪير مچ مچائي بيٺي هيس، سو زوريءَ وڃي جهاز ۾ سوار ٿيو.
”مون چاڙهيندو وڃ، ٻيڙائتا ٻيڙن وارا!“
ان وقت ائين ڪونہ ٿي سمجهيم تہ سندس اهو سفر ڪو آخري سفر ثابت ٿيڻو آهي.
حج پورو ٿيو، حجاج موٽيو، پر حاجي بيگ ڪونہ آيو:
”اڄ نہ پکي آئيا، ٿين واهيري جي ويل!“
واجهائيندي ورهيہ گذري ويا، پوءِ وڃي پيئي ڪل تہ پنھنجا قول پاڙيائين! حج پڙهي، فارغ ٿي، دلبر جي در اڳيان دم ڏيئي، پاڻ کي ساڳيءَ ئي خاڪ پاڪ جي سپرد ڪري ڇڏيائين، جنھن جي آغوش ۾ خود آقاءِ دوجهان آرامي آهن.
“ جنھن خوشنصيب کي رحمت اللعالمين جي دائمي همسائگي حاصل ٿي ويئي، تنھن ڏانھن هينئر آءٌ گنھگار، سنڌ مان ويٺي دعائن ۽ رحمتن جون ڪھڙيون سوغاتون موڪليان:
پاڻ کڻان يا پنبہ هڻان!
البت، ڪڏهن ڪڏهن، رکيو رکيو، دل مان دانھن پيئي نڪري:
هتڙي اسان جا هي حال، ڙي يار!
تو کي پنھنجا سانگ سيباڻا!