عرض حال
جيڪب آباد؟ ”ييڪمباد“، يا ”جيڪماباد“، جيئن بہ سڏيوس، لکاپتي وڏيرن جو مرڪز، خانن ۽ سردارن جو ڳڙھہ، ٻروچن جي تھذيب جو ميوزم، اڻويھين صدي واريءَ سنڌ جي مٽجندڙ آخري تصوير، ۽ سرڪاري ڪامورن لاءِ ”سڻڀو ٽڪر“!
زماني جي انقلابن کان ﷲ بچائيس، ڪيترين ئي خصوصيتن جو حامل شھر آهي، ۽ گهڻين ئي ڳالھين ۾ پنھنجو مثال پاڻ.
جنھن بہ ڪاموري جي بدلي جيڪب آباد ضلعي ڏانھن ٿيندي هئي، تہ ائين سمجهيو ويندو هو تہ ڄڻ ڪنوار کي ونواھہ کائڻ جو وجهہ مليو. پير پير تي پئسو - ننڍو موقعو هجي يا وڏو، پر مھماني ضرور ملندي، سردار يا وڏيري کي اوستائين آرام نہ ايندو، جيستائين نئين آيل ڪاموري وٽانئس مھمانيون وٺڻ شروع نہ ڪيون آهن. وڏيون زمينداريون، اٿاھہ آباديون، اڪيچار آمدنيون، پوءِ وڏيرا پئسو کپائين تہ ڇا تي؟ نہ علم، نہ نئين روشني، نہ ٻاهرينءَ دنيا جي گهڻي پروڙ، ۽ نہ دولت جي صحيح مصرف متعلق ڪا پروڙ - پوءِ دولت صرف ٿئي تہ ڇا تي؟ يا جهيڙن فسادن ۽ مقدمن تي، يا لوڪلبورڊ ۽ ميونسپل جي چونڊن تي، يا ڪامورن ۽ آفيسرن جي خوشامد تي، يا ڀلن گهوڙن ۽ موٽرن تي، يا سينڌين ۽ سريتن تي. پاڻ کي نصيب هوندن، پھرڻ لاءِ ڏورئي جو ڊگهو پيراهن، محمودي جي سٿڻ، ۽ ململ جي وڏي پڳ. کائڻ لاءِ گوشت جو ٻوڙ ۽ ٿلھو ڊڳڙ، تن جي مٿان لسيءَ ۽ جهاري جو وٽو، گوشت پيل چانور، جن تي پلاوَ جو الزام هوندو، سي محض عيد برات ڏينھن. رهڻ لاءِ معمولي اوطاق، جنھن ۾ کٽون پيل هونديون. کائيندا تہ هڏا فرش تي پکيڙيندا ويندا. واندڪائي هوندن تہ چؤطرف ڀتين ۽ زمينن کي ٿڪن ۽ بلغم سان پيا چِٽيندا. زمينداريءَ جو ڪاروبار هندو مودين جي حوالي، جو پئسو ايندو، سو جهيڙن جي سپرد يا عملدارن جي کيسن ۾. سرڪاري ڍلن ڏيڻ جو وقت ايندو، تہ يا رپئي تي چار آنا درماهي وياج سان هندو شاهوڪارن کان قرض ورتو ويندو، يا روينيو عملدارن کي رشوتون ڏيئي کانئن مھلت جي درخواست منظور ڪرائي ويندي. هر سال، ان قرض وگهي، ڪجهہ نہ ڪجهہ ايراضي ضرور ”قطعي وڪرو“ ٿيندي رهندي. جيڪڏهن پاڪستان نہ اچي ها، ۽ هندو شاهوڪار هندستان ڏانھن ڀڄي نہ وڃن ها، تہ هيل تائين جيڪب آباد جي گهڻن وڏيرن جون زمينون هندن جي کاتن تي چڙهيل نظر اچن ها.
جيڪب آباد جو ڊپٽي ڪمشنر حد جي وڏيرن ۽ سردارن لاءِ شمع جي حيثيت رکندو، جنھن جي چوگرد هي پروانا شب روز پيا چڪر ڪاٽيندا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ ان شمع وگهي سڙندا ٻرندا بہ پيا.
سمائٿ نالي هڪ نانءَ ڪٺيو ڊپٽي ڪمشنر هوندو هو. سالن جا سال جيڪب آباد جي گردن تي چڙهيو رهيو. ڪرڙو، ۽ ڪاوڙيل. سندس ڏينھن ۾ سردارن ۽ وڏيرن جا ور نڪتا پيا هوندا هئا.
سندس پنھنجي ذات اقدس تہ بحث کان بالا، پر سندس حوالدار ئي هڪ خود مختار حاڪم جي پيو ڏِک ڏيندو هو: ڊپٽي ڪمشنر صاحب جو شريڪِ حال، زيردست ڪامورن لاءِ ڪال، وڏيرن واسطي وبال، ضلعي جي ساري ٻَڌي، ڇوڙي ان حوالدار صاحب جي حوالي هوندي هئي. ملاقاتي سردار ۽ وڏيرا، ڪھڙي آرڊر ۾ ڊپٽي ڪمشنر صاحب اڳيان پيش ٿين، تنھن جو فيصلو سندن سپرد، ڪلاسن ۽ درجن پيرين پيو ڪم هلندو. سڻڀا، ستابا، سترا، سي ورانڊي ۾، ۽ پھرئين پتڻ پيش. ”ٻن رپين سلاميءَ“ وارن کي ٻاهرينءَ ڪَنڊيءَ جي پاڇي ۾ پگهر سڪائڻو پوندو. رهي عام مخلوق خدا جِي، سا قطعاً ڪمپائونڊ کان آئوٽ!
هر سال، سياري جي موسم ۾، گهوڙن جو ميلو لڳندو هو. ميلو ڇا هوندو هو، عملداري ۽ وڏيري دنيا جو ”ورائٽي شو“. ظاهري مقصد تہ گهوڙن جي گوءِ ۽ سٺن گهوڙن جي مالڪن ۾ انعامن جي تقسيم، جيئن گهوڙن جي ”پاپوليشن“ وڌي ۽ منجهس ماڻھن جي دلچسپي پيدا ٿئي، پر حقيقي مطلب هوندو عملدارن جو جشن نوروز. مير محفل ٿيندو سنڌ جو ڪمشنر، شموليت لاءِ ايندا ساريءَ سنڌ جا ڪليڪٽر، ڪپتان ۽ ٻيا آفيسر. درٻاريون، مھمانيون، ڊنريون، پارٽيون، ڪن کي انعام تہ ڪن تي الزام. جن تي ”راءُ“ راضي، تن جي جهوليءَ چنڊ جهُليو. جن کان پرين پاسيرا، تن جا ٻہ بہ ويا تہ ٻارهن بہ ويا. وڏيرڪيون اوطاقون مھمانن سان ٽمٽار هونديون. ڇيلا پيا ڪُسندا، ديڳڙن پويان ديڳڙا پيا دمبا. وڏيرن جا لامارا عملدارن جي بنگلن ٻاهران، باقي خلق، ڏينھن جو پِڙيءَ ۾، ڏئي ٻِرئي ڌُو چڪلي ۾!
ضلعي جي پبلڪ قومن يا ذاتين پيرين ورهايل هوندي هئي، ۽ هر ذات يا قوم کي پنھنجو سردار هوندو هو. سردار پنھنجيءَ قوم اندر، ساري سياھہ ۽ سفيد جو مالڪ ۽ مختار هوندو هو- جنھن کي ٻَڌائي، جنھن کي ڇوڙائي: ڪنھن کي بنھہ مارائي ڇڏي، تہ بہ ٻڙڪ ٻاهر نہ نڪرندي. چورين، ڌاڙن، سياهڪارين، بلڪ خونن تائين فيصلا سردار جي کٽ سامھون ٿيندا.
ان سرشتي کي وقت جي حڪومت جي سرپرستي پڻ حاصل هوندي هئي. جيڪب آباد ضلعي سان هڪ خاص قانون لاڳو ڪيل هو، جنھن کي ”سنڌ فرنٽيئر ريگيوليشن“ سڏيو ويندو هو. اهو قانون انگريزن پنھنجي آمد جي اوائلي ڏينھن ۾ ٺاهيو هو، جڏهن اڃا انھن علائقن ۾ بغاوت ۽ ڏوهن جو ٻج باقي هو. ان قانون پٽاندر، ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي بنا مقدمي هلائي، ۽ بنا ڪنھن بہ سبب ٻڌائي، جيل ۾ رکي سگهبو هو. ساڳئي قانون هيٺ، مقامي سردارن جا جرگا قائم ڪيا ويندا هئا. اهي جرگا خانگي ڏوهن جي جاچ ڪري، ڊپٽي ڪمشنر کي سفارش ڪندا هئا تہ ملزم کي سزا ڏجي يا آزاد ڪجي، ۽ جيڪڏهن سزا ڏجي تہ ڪيتري. جرگا بہ ٻن قسمن جا هوندا هئا: لوڪل جرگا، ۽ شاهي جرگا. لوڪل جرگا معمولي ۽ آسان قسم جا معاملا فيصل ڪندا هئا. اهم مقدما شاهي جرگن اڳيان ويندا هئا. جرگن جا ميمبر ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪندو هو، ۽ گهڻو ڪري قومي سردارن منجهان.
سردار شير محمد خان بجاراڻي، ضلعي جيڪب آباد جي مکيہ سردارن منجهان هڪ هو. ملڪ کي آئيني سڌارا مليا، تہ جيڪب آباد ضلعي طرفان شير محمد خان ئي بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊبو ٿي رهيو. سندس اثر، اقتدار ۽ دولت جو شھرو ايتريقدر هو، جو ڪنھن بہ همعصر کي چونڊ ۾ سندس مقابلي ڪرڻ جو حوصلو ڪونہ ٿيندو هو.
هڪ دفعي ٻہ - ٽي يورپي آفيسر (ڪرڪ، سکر جو سيشن جج، ۽ ٽانٽن، جو ان وقت اڃا اسسٽنٽ ڪليڪٽر هو ۽ پوءِ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ ڪمشنر بہ بڻيو) شڪار ڪري واپس ٿي وريا. رستي ۾ ڪنھن نامعلوم شخص سندن موٽر تي گولي ڇوڙي. گوليءَ جو ڌڪ تہ ڪنھن کي بہ ڪونہ لڳو. پر گوليءَ جو فقط ڇٽڻ ئي سرڪاري رعب لاءِ ڪافي چئلينج جو سبب بڻجي پيو. ساري جيڪب آباد ضلعي اندر ٿرٿلو مچي ويو. هر طرح سان جاچ ڪئي ويئي، پر اصلي ڏوهاريءَ جو ڪو پتو پئجي ڪونہ سگهيو. آخر سرڪاري سومان ۽ دٻدٻي کي برقرار رکڻ خاطر، فيصلو ڪيو ويو تہ ان ضلعي جي مکيہ مان مکيہ ماڻھوءَ، يعني سردار شير محمد خان، کي ”فرنٽيئر ريگيوليشن“ هيٺ گرفتار ڪري، ڪجهہ ڏينھن لاءِ جيل ۾ رکيو وڃي، جيئن عام ماڻھو سمجهن تہ انگريز جي فيل مستي اڃا بدستور قائم آهي. هڪ ڏينھن اوچتو ئي اوچتو، شير محمد خان کي گرفتار ڪري،سکر جيل ڏانھن اماڻي ڇڏيائون، ۽ ”فرنٽيئر ريگيوليشن“ هيٺ! وڏيءَ ڪوشش ۽ گهڻيءَ آزيءَ نيزاريءَ بعد وڃي سردار صاحب تان اهو ڪشٽ لٿو، ۽ پاڻ آزاد ٿيو.
جن ڏينھن جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، انھن ڏينھن تائين اڃا جيڪب آباد ضلعي اندر سنڌ جي پراڻين اخلاقي صلاحيتن جي ڪا نہ ڪا جهلڪ، ڪڏهن ڪڏهن ضرور ڏسڻ ۾ ايندي هئي. مثلاً، سردارن جي ليول کان هيٺ لھي، عام ماڻھن تي نظر ڪبي هئي تہ معلوم ٿيندو هو تہ منجهن دوستي، وفاداري ۽ واعدي وفائيءَ جي بوءِ اڃا تائين باقي آهي: قسم ساک کنيائون تہ ان تي قائم رهندا هئا، دوستيءَ جو پيچ پاتائون تہ بيوفائي نہ ڪندا، احسان ڪبن تہ وسرندن ڪونہ، واعدو ڪيائون تہ وس پڳي ان کي نباهيندا، سام جهليائون تہ سر تائين ڏيئي چڪندا، مھمان يا مسافر در پيھي آيو تہ پاڻ بک تي ويھي رهندا، پر ان جي خاطر تواضع ۾ گهٽتائي نہ ڪندا، پير فقير جو لحاظ هون، سيد ميڙ ٿي آيو تہ خون بہ بخشي ڇڏيندا، ﷲ تعاليٰ جي نانءَ تي سر قربان ڪرڻ ۾ دريغ نہ ڪندا، چور هوندا، تہ بہ سيد، فقير، رن جو“، نياڻيءَ ۽ پاڙي جي تڏي کان ضرور ٽري لنگهندا، غيرت جي معاملن ۾ مارڻ ۽ مرڻ، ٻنھي لاءِ هر وقت تيار.