عام حال
اچو تہ ”چؤچاڪيءَ“(1) ۾ چڙهي، پھريائين اُنھن ڏينھن جي سکر جو ڪجهہ سئر ڪري وٺون ۽ ساڻس واقفيت پيدا ڪريون. پنھنجي شئل جي شروعات ٿيندي بندر سان.
بندر جي بھار جو ڪھڙو سمان هوندو!
پڪو موڪرو رستو، پپر جا وڏا وڻ، جن جون چوٽيون پيون آسمان سان ڳالھيون ڪنديون، مٺي ڇانوَ، بيٺي پيئي ننڊ ايندي. هنڌ هنڌ سھڻا ساوا پارڪ، پاڻيءَ جون سبيلون، لئبرريون ۽ آرام ڪرڻ لاءِ بينچون، درياھہ ۾ ”اشنان“ واسطي ڏاڪڻيون نرن لاءِ جدا ۽ نارين لاءِ جدا، وچ ۾ ڀتين جا پلويڙا، جن مان نہ ديده بازيءَ لاءِ ٽنگن نڪرڻ جو امڪان، نہ مٿان ڪنھن جي ٽپي اچڻ جو خطرو - بنان شنڪا، بغير چنتا، جنھن کي وڻي، پيو پاڻيءَ ۾ تڙڳي.
براج واري پاسي کان، ڪاٺ مڏيءَ يا مساڻن وٽان هلبو.
اناج جي واپارين جون ڪوٺيون، تن جي آڳر ۾ ڇڻڪار- شام ويلي رستي تي صندل ۽ کٽون پئجي وينديون. سيٺيون، ڌوتيون پھريو، وڏا پيٽ ڪڍيو، کٽن تي پلٿي ماريو يا وهاڻن تي ٽيڪون ڏيو ويٺا هوندا. وچ ۾ چالو هوندي چلم، بڙڪو بہ پيو لڳندو، ۽ بزار جي واءَ سواءَ تي ويچار بہ پيو ٿيندو.
اڳتي هلنداسين، خانبھادر ميان پير بخش مرحوم جي جاءِ نظر ايندي. ميان صاحب، حال حيات، رستي تي محفل لڳايو، پاڻ مير محفل بڻيو ويٺو هوندو. سندس نشست هڪ ڊگهيءَ موڪريءَ ”بحق ميان صاحب مخصوص“ آرام ڪرسيءَ تي هوندي، جا سندس ساريءَ ڄمار اندر نہ بدلي، نہ مرمت ٿي. ساڄي طرف کان کڙين ڪرسين جي قطار، کاٻي طرف ٻہ کٽون. آيو ويو پيو ڍرندو. ڪجهہ ضلعي جا ڪليڪٽر جا حال، ڪجهہ ميان ڪرم علي شاھہ جي ناڪامين جا احوال، ڪڏهن ڪڏهن مقامي هندن جي دراز دستين جا، دٻيل زبان ۾ داستان. غرض تہ بندر واري هندو ڳڙھہ اندر اهو ئي هڪ ديندار، ديرو دمايو، نعرو لڳايو ويٺو هوندو.
قدم وڌايوسين تہ ”آزاد ميدان“، جنھن ۾ وقت جي وڏن وڏن ليڊرن ميٽنگون ڪيون. ِتلڪ ِاتي آيو، گانڌيءَ ِاتي ڳالھايو، نائڊو جا نغما ۽ نھروءَ جا نعرا اتان بلند ٿيا، اتي ئي ڪانگريس جي والنٽيئرن تي پوليس جون لٺيون ڪڙڪيون، ۽ انھيءَ ئي ميدان اندر هاريل رت جو ڪجهہ حصو هندستان جي آزاديءَ واري نقشي تي اوائلي لڪيرن ڪڍڻ لاءِ ڪتب آيو.
فرلانگ - ٻہ وڌانداسين تہ منزلگاھہ جي تاريخي ميدان سان دوچار ٿيڻو پوندو. ات انگريز حاڪمن درٻاريون ڪيون، وڏيرن انعام ورتا ۽ لونگيون پھريون. سامھون، وچ سير ۾، نظر پيو ايندو ساڌ ٻيلي جو آستان، جنھن ڏانھن ويندڙ ٻيڙين جو لنگر ميدان جي بلڪل سامھون هوندو. صبح کان لڙيءَ رات تائين ماڻھن جا ميلا هوندا.
وڌندي، وک وڌائيندي، بندر اسٽيشن ٽپندي، ميونسپل واٽر ورڪس ڇڏيندي، هلي رسنداسين لئنسڊائون پل تي. پل هيٺان پارڪ. پاسي ۾ بگين ۽ ٽانگن جو اسٽينڊ.
چو طرف گهورڙيا ۽ گاڏين وارا.
”هل يار! ٻين آنين سواري!“
”غريب آباد!.....غريب آباد!“
”جيئي شاھہ.....جيئي شاھہ!“
”ٿلھو!.... سيروءَ جو چونڪ!“
”هل يار! وڌ يار!“
”رک قدم تہ وڌي ڀرم!“
- ِاهي ڪوڪرا لڳا پيا هوندا.
اهو تہ هوندو پڪو راڳ. ڪچي گاني جا قسم هي هوندا:
”ڪلفي! نيڻ ٺار ڪلفي! سدا بھار ڪلفي...“
”ڦارهوان! ڦارهوان! مٺا ڦارهوان، سٺا ڦارهوان، من ٺار ڦارهوان،
موذيءَ مار ڦارهوان!.... ڦارهوان! ڦارهوان....“
”پئسي گلاس! ڍولڻ، پئسي گلاس! سڄڻ، پئسي گلاس!
پئسي گلاس، فس ڪلاس! پيئندو وڃ، جيئندو وڃ!...“
”گيھہ جا پڪوڙا! سوڪ، ڀرڪڻا پڪوڙا! اصل مال جا پڪوڙا، تازا پڪوڙا، چھرا پڪوڙا، چٻيندو وڃ، چپ چٽيندو وڃ!“
”ڪتل! مٺي ڪتل، ماکيءَ جھڙي ڪتل، مصريءَ مثل ڪتل، بڻائتي ڪتل، روهڙيءَ واري ڪتل! ڪتل، ڍولڻ، ڪتل! ڪجهہ کاءُ ڪتل، ڪجهہ گهر کڻ ڪتل!...“
لئنسڊائون پل کان موٽي، براج تائين، درياھہ جي ساريءَ ڀڪ سان، ڳاڻاٽي کان ٻاهر، ٻيڙيون، ڍونڍيون، زورقون،چار خراريون، چوڏهن خراريون، ويھہ خراريون، ٽيھہ خراريون، سنڌڻيون، پنجابڪيون، بھاولپور جون، لنگر هڻيو بيٺيون هونديون، ناکئا، تيل ڦليل ڪريو، مڇون مکيو، ويٺا آڳلن ۽ پاڇلين تي حقا ڇڪيندا. مايون ڪي مانيءَ رڌڻ ۾ مشغول، ڪي ساهيڙين کان ِسير ڏيارڻ ۽ سينڌ ڪڍائڻ ۾ محو، ڪي ويٺيون جنڊ هلائينديون، تہ ڪي ويٺيون اَن ڇڙينديون. جن کي هوندي لڳل لنوَ، تن جو هٿ مھريءَ ۾، منھن ”ميھر“(1) ۾، مٺ جنڊ ۾، اک ”چنڊ“(2) ۾:
”دست بڪار، دل بہ يار!“
منجهائن ڪي ”نوريون“(3) ، ڪي ڪوڙيون، پر وِرھہ واندي ڪا ورلي!
درياھہ ڀر ڇڏي، وٺو وچ شھر وارو رستو: شيخ شينھن رحمة ﷲ جي درگاھہ، چڪلي جو پاسو، فوجداري، مارڪيٽ، مناري واري چاڙهي، معصوم شاھہ جو منارو، تلڪ هاءِ اسڪول، ليوڪس پارڪ، منگل مالھيءَ وارو باغ، بجلي گهر ۽ ڪليڪٽر جو بنگلو لنگهندا، ريلوي لائين لتاڙيندا، وڃي جيئي شاھہ جي درگاھہ تي بيھندا. هر هنڌ ماڻھن جا مجموعا. شام ويلي، ٽڪر وارن رستن تي تہ خاص طرح ٽولا، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا.
”وڳر ڪيو وتن، پرت نہ ڇنن پاڻ ۾.“
اونداهيءَ وڳڙي چڪلي وٽان گذر ٿيندو تہ ڪھڙو نظارو ڏسندا! ڏسڻا وائسڻا ڪامورا ۽ وڏيرا، منھن تي بوڇڻ ويڙهيو، پيا چڪلي مان ٻاهر نڪرندا- تکا، تڪڙا، ڄڻ ڪمان مان تير نڪتو ٿو وڃي. خدا ڏسي تہ پيو ڏسي، پر واقف ماڻھوءَ جي نگاھہ نہ پوي!
ٻيو رستو سکر جي مين ريلوي اسٽيشن جي سامھون نڪري ريلوي ناچ گهر ۽ ڊاڪ بنگلي وٽان گذرندو، ليمجي چاڙهيءَ وٽان اچي وڏيءَ بازار ۾ پوندو.
وڏيءَ بازار جو چهچٽو بہ ڏسڻ وٽان هوندو هو. شيوي بوديءَ جي مڃارڪي دڪان تي اپر سنڌ جي وڏيرن جا ميلا لڳا پيا هوندا. هر قسم جي شي سوکڙي موجود هوندي هئي. شيون ڏسي وڏيرن جا وات ڦاٽي ويندا هئا. ”اصلي ولايتي مال“ پيو نڪرندو، ڇو تہ شيوي بوديءَ جو ديسي ۽ نقلي مال ۾ ڪو وشواش ڪو نہ هوندو هو. جي ڪو آيو، ڄڻ ڪاريءَ تي پير پيس. سيٺ شيوي مل جي پنھنجي صورت بہ ڏسڻ وٽان هئي. بيحد ٿلھو، هر طرف پکڙيل، ماس ئي ماس، ويٺي ويٺي وگهرجي ويو هو.
انھيءَ بزار جي پراڻي فوجداريءَ وٽ، آڏُو پساريءَ جو هٽ هو. اتي بہ ساڳيو ئي حال. ساريءَ سنڌ جي طبيبن ۽ پسارين کي دوائون سپلاءِ ڪرڻيون پونديون هيس. ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيھڻو پوندو، تڏهن وڃي ٿيندو هو نسخو تيار.
بزار جي ٻئي ڇيڙي طرف وڪيلن جون آفيسون هونديون هيون، درجنن منھين. جنھن در مٿان ڏسو، ڀڀڪيدار بورڊ آويزان هوندو – ”ديوان فلاڻو ولد ديوان فلاڻو بي. اي. ايل. ايل. بي.، بار ايٽ لاءِ هاءِ ڪورٽ ايڊووڪيٽ، وغيرہ وغيرہ“. گهٽين ۾ وڪيلن جا دلال(ٽائوٽ) پيا لامارا کائيندا. ٻھراڙيءَ جو ڪو ٻروچ نظر آين تہ هڪدم تاڙي ويندا. ڪاهي پوندس ڪڍ - “ميان، اسان جي ديوان جي توکي ڪھڙي خبر؟ مرليڌر وڪيل بہ ڪالھہ کانئس صلاح وٺڻ آيو. ٽيو ڏينھن يڪا چار ڄڻا ڦاهيءَ تان لھرائي ڇڏيائين. ڌاڙي ۽ ڦر جو ڪيس تہ سندس اڳيان ڊھہ ئي ڪو نہ جهلي، چوريءَ جي ڪيس کي تہ بنھہ چرچو پيو سمجهي! زوريءَ زنا جي هڪ ڪيس ۾ ٽيو ڏينھن اهڙي آڏي پڇا ڪيائين جو فريادڻ روئي ڏنو، ۽ جوابدار کلندو ويو! ڀڳل رنن کي بنگلي تي چاڙهي، وات وڪيل ٺھرائي، نڪاح جي منظوري وٺي ڏيڻ ديوان جي هٿ جو کيل آهي! پر وڪيل زبرو آهي، ڦي ڳوري وٺي ٿو، باقي اصيل وڃي ٻانھن سيراندي ڪري سمھي!“... کين خبر هوندي تہ جن ڪيسن جو هو بيان فرمائي ويا آهن، تن مان ڪنھن نہ ڪنھن ۾ ضرور خان واڌو ڦاٿل هوندو. ريبي ريبي نيٺ وڃي ديوان وٽ پيش ڪندس. باقي رهيل کھيل هوش ديوان صاحب پاڻ پنھنجيءَ ائڪٽنگ سان ختم ڪندس. غرض تہ ”منان مردم بلوش“ جزالن ۽ بقالن هٿان ساري ڦونگڻي ڦرائي، رهيل رقم جو واعدو ڪري، وڃي گهر سھڙندو.
هڪ دفعي انھيءَ وڪيلن واري محلي ۾ اچي باھہ لڳي. باھہ بہ باهين جھڙي، جنھن جاءِ تي آءٌ رهندو هوس، اوستائين شعلا نظر ٿي آيا، پاڙي ۾ هڪ وڪيل جو گهر هو، تنھن دانھن ڪري چيو:
”ميان راشدي، اٿ! ِڪيس ٿي ويو، تون پيو اڃا ننڊون ڪرين!“
”خير تہ آهي؟“
”خير وري ڪھڙو آهي، اسان وڪيلن جو سارو محلو پيو باھہ ۾ سڙي! نہ داد آهي نہ فرياد. اڃا تائين پاڻيءَ جي انجڻ جو بہ سونچو ڪو نہ پيو ٻڌڻ ۾ اچي!“
ٿلھي وٽ هندو هوٽلون، مشھور ۽ معروف. کاڌي جا شوقين پريان پنڌ ڪري بہ اچي ات کائيندا. پٽاٽي چاپون، گوشت جا ڪنڊا، ڀڳل تيوڻ، تريل پلي جا ٽڪر، وڙين جو ڳنڌڻ، دال جي ڪڙهي، چڀڙن جون ڪتريون، ميھن ۽ تورين، ڀينڊين ۽ بصرن جي ڀاڄي، پاپڙ ۽ پوريو، مکيل ڦلڪا، چٽڻي، آچار - مطلب تہ ”ڍولڻَ، جو گهرڻو ٿئي، گهري وٺ.“ کاڌو سٺو، پر کاڌي ڏيندڙن ۾ صفائي ڪانہ. ساڳين هٿن سان ماني ڪڍندا، ساڳين ئي هٿن سان پيا بغل کنھندا ۽ ڌوتي درست ڪندا. مسلمانن لاءِ چينيءَ جون پليٽون، هندن لاءِ پاتل يا پپر جي پنن جا دونا يا ڪٽ جا باسڻ. مسلمانن واريون پليٽون جدا رکيل هوندين، پر اهڙي ”ڀيد ڀاو“ جي باوجود بہ مسلمان گراڪ مکين جيان سٿيا پيا هوندا. وڃن، سو وڃن ڪاڏي؟ ”اسلامي“ هوٽلن جو کاڌو هضم ڪرڻ ۾ قدري ڏکيو ٿي لڳو. گيھہ بدران چرٻي، گوشت جو الزام ڇيڇڙن تي، ٻوڙ ۾ ٻڪن منھين مرچ، ۽ نانن جي ڇڪڻ ۽ چٻاڙڻ لاءِ رڪ جي ڄاڙي ۽ رٻڙ جون رڳون درڪار!
البت شڪارپور روڊ واري ميان عبدالرحمان جي چانھہ سا پيئڻ جھڙي هوندي هئي. ان جي خاطر ورهين جا ورهيہ ماڻھن جا ڳاِهٽ رهيا. هڪ دفعي پيتوَ، تہ ٻئي ڏينھن پاڻيھي ٻاڙ کڻندوَ. مون پاڻ ِپي ڏٺي. سبحان ﷲ! ڇا سواد، ڇا خوشبو، ڇا رنگ! ڪن سالن بعد ئي وڃي راز کليو تہ ان چانھہ ۾ ڏوڏيءَ جو ڪافي مقدار درج ڪيو ويندو هو... پر اوستائين ميان عبدالرحمان عملاً رٽائر ڪري چڪو هو!
وچ بازار ۾ هڪ ٻيو دڪان ميان عبدالخالق شڪارپوري بوٽن واري جو هوندو هو، جو صاحب مون سان خاص مروت ڪندو هو. پر بدقسمتيءَ سان هڪ واقعي ڪري اسان جي تعلقات ۾ ڪجهہ ڪشيدگي پيدا ٿي پيئي. اهو سال شايد 1922ع هو. بمبئيءَ جو گورنر، سر جارج لائڊ، سکر براج جو بنيادي پٿر رکڻ لاءِ سکر ۾ ساري صوبي جي درٻار ڪري رهيو هو. انھن ڏينھن ۾ براج ڪالونيءَ جو نانءُ نشان ئي ڪو نہ هو، ٺلھو ميدان لڳو پيو هوندو هو. ٻين سان گڏ مون کي بہ بطور اخباري خاطوءَ جي درٻار جي ٽڪٽ مليل هئي. سياري جي موسم هئي. درٻارين کي پرھہ ڦٽيءَ اچي درٻار ۾ ويھڻو هو. اڳئين شام تي لٽي ڪپڙي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويئي. ڏٺم تہ موجودہ بوٽ پنھنجي عمر طبعي اڳ ۾ ئي پوري ڪري چڪو هو. تنھن ڪري نئين ”شوز“ خريد ڪرڻ لاءِ ڪاهي اچي ميان عبدالخالق جي دڪان تي پھتس، سلام ڪلام خوش خيرعافيت بعد، بوٽن جي پادرن جا انبار لائي ڇڏيائين. هڪ پادر پسند آيو، پائي ڏٺم. قيمت طئہ ٿي، رعايتي ۽ ڪفائتي، ميان عبدالخالق، تڪڙو تڪڙو ٻيو پادر بہ باڪس ۾ بند ڪري، باڪس مٿان سڳو ويڙهي، پارسل بگيءَ ۾ رکرائي ڇڏيو. آءٌ خوش تہ خريداري ڪامياب رهي. ٻئي صبح اسر ويل ڪپڙا ڍڪي، ڍڪيءَ ۾ ئي درٻار ڏانھن روانو ٿيڻو هو، سٿڻ قميص پھرڻ بعد بوٽ جو پھريون پادر پاتم، ِفٽ ٿي ويو. پر ٻيو پادر کڻي پير ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪريان تہ پير پادر ۾ پوي ئي ڪو نہ! پادر ماپي ڏٺم تہ معلوم ٿيو تہ پويون پادر ٻہ نمبر ننڍو هو. مصيبت ٿي ويئي! منھن روئڻ جھڙو تارون خشڪ. اسر مھل بوٽ بدلجي تہ ڪٿان بدلجي؟ ۽ نہ وري گورنر جي درٻار ۾ اگهاڙين پيرين وڃڻ جو ئي ڪو سوال پيدا ٿي ٿيو. وڃجي تہ ڪيڏانھن؟ نيٺ، مولا مدد پڪاري اکيون بند ۽ دل پڪي ڪري زور سان پير پادر ۾ وڌم. ڪٻو ِٿي اندر لنگهيو، ۽ درٻار جو سارو وقت، يعني چار - پنج ڪلاڪ، ڪرنڊڙيءَ حالت ۾ رهيو، بنھہ سڪي سڙي ويو. پر درٻار جو شوق کڻيو بيٺو هو، ۽ ان جي تاريخي حيثيت جو احساس. جا ڪسٽي قسمت آندي هئي، سا نيٺ ڪاٽي وڃي ٻاهر پيس. شام جو ميان عبدالخالق وٽ شڪايت کڻي ويس. همدردي گهڻي ڪيائين، پر جنھن صورت ۾ اهو بدنام پادر ٿورو استعمال ٿي چڪو هو، تنھن ڪري واپار جي رولن ريگيوليشين مطابق دڪاندار لاءِ ان جو واپس وٺڻ بيقاعدي هو. ان ڏينھن کان وٺي ميان صاحب ۽ اسان جا ”ڊپلوميٽڪ تعلقات“ ٽٽي، هميشہ لاءِ ختم ٿي ويا. ﷲ تعاليٰ مون کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي، ۽ ميان عبدالخالق کي پنھنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي!
سکر جون ٻيون خصوصيتون ۽ چونڊ سوکڙيون هونديون هيون:
ديش ڀڳت ويرومل بيگراج جي گانڌي ٽوپي، ۽ جيڪي ڪجهہ ان جي اندر سمايل هو.
ديوان ڀوڄسنگهہ جي ڊگهي ٽالپري ڪلھنگي.
خانبھادر ميان پيربخش مرحوم جي عصا.
سائين ڪرم علي شاھہ جو درٻاري لباس.
سائين ڪرم علي شاھہ کي ڏسي، عبدﷲ صاحب سجادہ نشين درگاھہ شيخ شينھن جي دل جو دورنگي دنيا تان هڪدم اچاٽ ٿي وڃڻ.
ديوان صاحبسنگهہ وڪيل جو هار سينگار ڪري، هڪ اک تي سونو مونوڪل لڳائي، گهڙيءَ پل ۾ ساري دنيا تي ڪاميابيءَ سان نظر ڦيرائي وڃڻ.
ريلوي ناچ گهر جو ناتال جي رات وارو رقص.
بليءَ ايڪٽريس جا، ”دردِ دل عرف ميٺي ڇري“ کيل ۾ گانا – ”روئي گي چپيڙ کائيگي، بلي!“
مولوي محمد شعيب صاحب جون مارڪيٽ واريءَ مسجد مان ٻانگون.
گل خان جي هوٽل جا نان - پاوا.
عبدالرحمان جي ڪڙڪ چانھہ.
درياھہ جا تازا پلا.
ساڌ ٻيلي جا ٿلھا متارا پر چوريءَ ڦاسايل کڳا.
برف ڇاپ جون ڪلفيون.
سکر واھہ جي پل وٽان صبح جو نظارو.
ٽڪر جي ٿڌي رات.
کرڙيءَ واري پوليس ٿاڻي جي مارڪٽ.
________________________________________
(1) ”چؤچاڪي“: وڪٽوريا قسم جون چئن ڦيٿن واريون بگيون سکر ۾ عام هونديون هيون، عرف عام ۾ ماڻھو ان قسم جي گاڏين کي ”چؤچاڪيون“ سڏيندا هئا.
(1) ميھر: يار يا سينڌو
(2) چنڊ: محبوب.
(3) نـُـوريون: جن ۾ ڄام تماچيءَ واريءَ نوريءَ جھڙيون وفاداريون ۽ نينھن نباهڻ جون خصلتون موجود هجن.