محمد اسلم اچڪزئي ۽ برڪت علي ”آزاد“
اسلم اچڪزئي انھن نوجوانن مان هو، جن بلوچستان اندر انگريزن جي راڄ خلاف سڀ کان پھريائين جهنڊو کنيو، ڌاري حڪومت، سرداري سسٽم، ۽ نوڪر شاهي، سڀ کي مصيبت سمجهيائون، ۽ ان مصيبت کي لاهڻ لاءِ جيڪا بہ موڙي وٽن هئي، سا قربان ڪيائون. اسلم گهراڻي چڱي جو هو، پر موڙي وٽس فقط ”جان عزيز“ هئي. بلوچستان مان جلاوطن ٿيو، جيڪب آباد ۾ رهي، اتان مچٽ مچائڻ شروع ڪيائين.
برڪت علي هڪ سلڇڻو، تعليم يافتہ ۽ درد دل رکندڙ مڪاني نوجوان، اسلم سان شامل ٿيو. انھن ٻن کي ڏسي، ٻيا بہ اچي مڙيا. چڱو چهچٽو لڳي ويو. اخبارن ۾ آرٽيڪل پمفلٽ، ميٽنگون، تقريرون، غرض تہ تحريڪ جا سارا لوازمات پورا ٿيندا رهيا. ڪجهہ وقت تہ انگريز ڏسندا رهيا، پر نيٺ تنگ ٿي سخت قدم کڻڻ شروع ڪيائون - زبانبندي، جيلخانو، ضلعي مان نيڪالي، جيتري بہ بڇڙائي ٿي سگهين ٿي، سا ڪندا رهيا. اسلم مرحوم کي دق ٿي پيو، ۽ ان وگهي جوانيءَ ۾ ئي جھان ڇڏڻو پيس. ڪامريڊ برڪت علي شايد اڃا تائين زنده آهي، پر صحت اُن جي بہ تحريڪ جي نذر ٿي ويل هئي.
ڪجهہ وقت لاءِ انھن نوجوانن کي يوسف خان مگسيءَ جي سرپرستي پڻ حاصل ٿي. 1935ع واري ڪوئيٽا جي زلزلي ۾ يوسف علي خان اوچتو انتقال ڪري ويو، جنھنڪري هو وري بہ اڪيلا رهجي ويا.
يوسف علي خان مرحوم عجيب انسان هو. نواب قيصر خان مگسيءَ جو ٻيو نمبر فرزند هو. انگريزن نواب صاحب مرحوم کي جلاوطن ڪري، ملتان ۾ رهايو هو. نواب صاحب پنھنجو سارو خاندان (سواءِ وڏي پٽ گل محمد خان جي) پاڻ سان وٺي ويو. ڪن سالن کان پوءِ سندس انتقال ٿيو. سندس مسند تي پھريائين سندس وڏي پٽ گل محمد خان کي ويھاريائون، گل محمد خان جي معزوليءَ بعد پڳ يوسف علي خان کي ورثي ۾ ملي.
يوسف جي جواني پنجاب جي ماحول ۾ بسر ٿيل هئي. بلوچستان جون حالتون ۽ اتان جي عملدار شاهي ڪٿان ٿي کيس آئڙيون؟ بلوچستان جي اصلاحات لاءِ تحريڪ شروع ڪيائين. نوابيءَ جو مخملي لباس لاهي، کدر جو ڪڙتو ۽ پاجامو پھريائين. دولت، ڪافي انداز ۾، سندس والد جي ڇڏيل هئي، کلئي هٿ سان تحريڪ تي خرچ ڪندو رهيو.
مون سان ڪيترا ڀيرا ملاقاتون ٿيس. ليڊريءَ جا سمورا انداز منجهس موجود هئا. ڪڏهن ڪڏهن شعر بہ چوندو هو، جو لاهور جي ”زميندار“ اخبار جي سرورق تي پيو شايع ٿيندو هو. انگريزن ڪجهہ وقت لاءِ نظربند ڪيس، مگر نہ معافي ورتائين، نہ سجدہ سھو ئي ڀريائين. قومي ورڪرن جي ڪافي پرورش ڪندو رهيو. جيڪڏهن زلزلي واري حادثي ۾ شھيد نہ ٿئي ها، تہ وڏي ڪمال کي رسي ها.
سندس وڏي ڀاءُ گل محمد خان جو مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان. پنھنجي رنگ ۾ هو صاحب بہ يڪتا هو. سردار بڻيو، پر سرداريءَ ذريعي جي سھولتون ميسر ٿيس، تن کي شعر شاعريءَ لاءِ ڪتب آڻيندو رهيو. کيس يقين ٿي چڪو هو تہ پاڻ وڏي پايي جو شاعر آهي، ۽ سندس درجو فردوسيءَ کان ٿورو گهٽ، پر نظيريءَ کان يقيناً مٿي آهي. نہ فقط شعر چيائين، پر صورت ۽ رهڻي ڪرڻي بہ شاعرن جھڙي ڪري ڇڏيائين. ڪجهہ وقت بعد ماڻھو کيس ديوانو سمجهڻ لڳا. اڳتي هلي انگريزن جي بہ ساڳي راءِ ٿي، تنھنڪري مورڳو سرداريءَ کان معزول ڪري، شھدادڪوٽ ۾ رهائي ڇڏيائونس، جت ڪجهہ عرصي بعد سندس انتقال ٿيو. فارسي ڪلام جا ٻہ ديوان شايع ٿيل اٿس. مون کيس بہ ڏٺو، ۽ سندس والد مرحوم نواب قيصر خان کي به. نواب قيصر خان وڏو مدبر هو، سياست جو ماهر، ۽ فارسي علم جو چڱو ڄاڻو. طبيعت جو قدري ضدي هوندو هو، ۽ پنھنجيءَ ڳالھہ تان هرگز نہ هٽندو هو، پوءِ نقصان ڪيترو بہ ڇو نہ ٿي وڃي. چانڊين منگسين جي پاڻ ۾ لڙائي اپر سنڌ جي مقامي تاريخ جو هڪ اهم واقعو هو. حڪومت طرفان ڪيترو بہ زوربار آيو، پر نواب قيصر خان چانڊين سان وڙهڻ کان ڪين مڙيو. سندس جلاوطني ۽ منگسين جي سرداريءَ کان معزوليءَ جو هڪڙو سبب اُها رنجيدگي بہ هئي. مرحوم کي مون ڪيترا ڀيرا ڏٺو. لاڙڪاڻي کان سکر ويندي، ريل گاڏيءَ ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۾ ويھندو هو. ڏاڙهي وڏي هيس. پر نہ چاپئين، وار ڊگها، بت جو ڀريل. مخمل جو سائو ڪوٽ، جنھن تي مختصر زريءَ جو ڪم ٿيل هوندو هو، سندس مرغوب لباس هوندو هو. هٿيارن جي ڀري هردم ڀر ۾ رکندو هو، جن ۾ رائفل، تلوار، پستول، ۽ ڪارتوسن جا پٽا هوندا هئا، پير ۾ ڀرت ڀريل سنڌي جُتي پيل هوندي هيس. نڪ اگهڻ لاءِ ڳاڙهو وڏو رومال هٿ ۾. گفتگو ۽ حالات معلوم ڪرڻ جو شوقين هو. ناواقف ماڻھوءَ سان بہ ڳالھہ ٻولھہ ڇيڙيندي ڪونہ مڙندو هو.
منگسين جو حال تہ ضمناً اچي ويو، اصل مقصد هو ڪامريڊ برڪت علي ۽ مرحوم اسلم اچڪزئيءَ جو احوال ڏيڻ. انھن ٻنھي نوجوانن جيڪب آباد جي ماحول ۾ ڪافي ڦيرو آندو. ميڻ بتيءَ وانگر پاڻ کي رجايائون، ان لاءِ تہ ٻين لاءِ روشني هجي.