سردار بھادر قيصر خان بوزدار
قيصر خان هڪڙو مقصد معين ڪيو هو، ۽ ان مقصد جي حصول لاءِ پنھنجون سموريون قوتون صرف ڪندو رهيو. اهو مقصد هوس تہ پنھنجن هڪجيڏن ۽ همعصرن جي صف ۾ ممتاز ترين جاءِ حاصل ڪري - يعني خطاب وٺي، ميمبريون ماڻي، ۽ ضلعي اندر سرخرو رهي.
معلوم ائين ٿئي ٿو تہ ان مقصد طرف قدم کڻڻ کان پھريائين هن اڳيان ايندڙ سفر جي سمورين منزلن، رڪاوٽن ۽ دشوارين متعلق پنھنجي دماغ ۾ صحيح اندازو موجود رکيو هو - اهڙيءَ طرح، جيئن هوائي جهاز جي پائلٽ، جهاز هلائڻ کان پھريائين، رستي ۽ رخ، هوا ۽ فضا، لانجيٽيوڊ ۽ لسٽيٽوڊ (ڊگهائي ڦاڪ ۽ ويڪرائي ڦاڪ) متعلق، نقشن، چارٽن ۽ رپورٽن جو مطالعو ڪري، ۽ ان مطالعي جي بنياد تي ڪمپاس کي سامھون رکي، پرواز شروع ڪري. عام ماڻھو سياسي سفر شروع ڪرڻ کان اڳ اهڙي سوچ ويچار بنھہ ڪو نہ ٿا ڪن، اکيون ٻوٽي هلي پوندا - ڪڏهن ٿاٻڙندا، ڪڏهن ِڪرندا، ڪڏهن اٿندا، ڪڏهن ڦٿڪندا، ڪڏهن وڪڙ کائيندا، غرض تہ ”فتان خيزان“ حالت ۾ هلندا رهندا. قسمت رهنمائي ڪئي تہ وڃي منزل تي رسندا، ورنہ رستي ۾ ئي گهات ٿي ويندا.
قيصر خان پنھنجي زندگيءَ جو ”چارٽ“ ابتدا کان ئي اکيون کولي تيار ڪيو هو. اهڙو ڪو بہ ماڻھو ڪو نہ هوندو، جنھن لاءِ ان چارٽ ۾ اڳواٽ ”ستيءَ پڙيءَ“ جو انتظام ٿيل ڪو نہ هوندو، اهڙو ڪو بہ حادثو يا اتفاق ڪو نہ هوندو، جنھن کان بچڻ لاءِ پيشگي بندوبست نہ هوندو. جا دشواري آئي، علاج موجود! جو مقام آيو، اُن کي اُڪرڻ لاءِ تجويز تيار! نہ منجهندو، نہ پريشان ٿيندو، نہ مقصد هٿان ڇڏيندو.
سندس ”طريق ڪار“ جي ترتيب ۽ تجويز ۾ انساني فطرت جي خصوصيتن جو خاص لحاظ رکيل هو. وقت آئي، اڳلي مان ڪھڙيءَ طرح پنھنجو ڪم ڪڍجي، سو ڪو کانئس سکي ها.
سڀ کان اول، عام همدردي حاصل ڪرڻ ۽ خود مخالف کي بيخبر رکڻ خاطر، پاڻ کي سخت ڪمزور، مقابلي کان گريزان، بلڪ ڪهل جي قابل ثابت ڪندو. سندس وڏي کان وڏو دشمن بہ کيس بيضرر سمجهي، منجهانئس خوف رکڻ جي ضرورت محسوس نہ ڪندو، نہ پاڻ اڳواٽ خبردار ٿيندو، نہ قيصر خان هٿان ٿيندڙ حملي کان بچڻ لاءِ ئي ڪو بندوبست ڪندو. خبر تڏهن پونديس، جڏهن شڪست کائي وڃي پٽ تي پوندو. نہ وري قيصر خان پنھنجي مخالف کي ان منزل تي ئي ڇڏي ڏيندو، ڇو تہ امڪان هوندو تہ ڌڪ کائي دشمن وڌيڪ تيز ٿي مٿس نئون حملو ڪري ۽ کيس ڪو وڏو نقصان پھچائي وجهندو. تنھنڪري، دشمن کي ڪيرائڻ کان پوءِ هڪدم وڃي سندس دل تي ڇنڊو وجهندو. چوندس، ”مون کي معافي ڏي، غلطي ٿي ويئي، تنھنجي وڏن سان منھنجو نيازمنديءَ جو رستو هو، وچ وارن چرچون ۽ چوڪون ڏيئي اسان ٻن سڄڻن کي پاڻ ۾ ويڙهائي وڌو، هاڻي تون وڏو ٿيءُ، ٻئي موقعي تي اها ساري موڙي سائينءَ جي اڳيان هوندي“ غرض تہ شڪست خورده دشمن سان هر طرح همدردي ڪندو، سندس زخم ميٽيندو، نہ مٿس ٽوڪ ڪندو ۽ نہ سندس اڳيان مرڪي گهمندو. هر حال ۾ تلخيءَ کي مٽائڻ جي پيو ڪوشش ڪندو. اڳتي هلي وري مقابلي جو ڪو موقعو آيو، تہ دشمن کي ساڳيءَ طرح شڪست ڏيئي ڇڏيندو - پر مقابلن جي وچ واري عرصي ۾ دشمن کي پهائڻ ۽ پرچائڻ جون ڪوششون بہ جاري رکيو ايندو. اصول هوس تہ ”ماڻھوءَ جو ڪم آهي اصلي مقصد جي حصول سان. مقصد حاصل ٿي وڃڻ کان پوءِ خواھہ مخواھہ ڇو پيئي تلخي پيدا ڪجي؟ جيڪو ڳڙ سان مري، تنھن کي زهر ڇو ڏجي!“
ٻيو اصول هوس هر ماڻھوءَ سان نياز ۽ نوڙت. ٻئي ڪنھن کان بدتميزي ٿي ويندي تہ بہ پاڻ ساڻس کلندو رهندو، اگرو اکر وات تي نہ آڻيندو. ڪاموري ذات جو خاص خيال رکندو هو. معموليءَ کان معمولي سپاهي ۽ ڪوٽوار جي اڳيان بہ آڌر ڀاءَ لاءِ اُٿي بيھندو. نوڙت سان پيش ايندس، ۽ جو بہ ڪم چوندس، هڪدم پورو ڪري ڏيندس. سڄي عمر ڪنھن بہ آفيسر سان ارڏو نہ هليو. اتفاقاً ڪو سخت آفيسر اچي ويندو، تہ بہ پاڻ کيس آڏو جواب ڏيئي ۽ حجاب جي پردي مان ڪڍي، وٽانئس ٻاهر نہ نڪرندو.
موقعي فهميءَ جي فن ۾ ”استاد ڪامل“ جو درجو حاصل هوس. ان زماني ۾ هر سال سنڌ جي وزارتن ۾ ڦيرا گهيرا ٿيندا ٿي رهيا. قيصر خان کي الائجي ڪھڙي ڏات هئي، جو ڇھہ مھينا اڳ سمجهي وٺندو هو تہ ڪھڙي شخص جو ستارو اڀرڻ وارو آهي! ان کانپوءِ ڇهن مھينن اندر ان شخص سان سندس بھترين تعلقات قائم ٿي ويندا هئا. سترهن ورهيہ کن سنڌ جون وزارتون هليون، ان عرصي اندر سترهن کان مٿي وزارتون ڊٺيون ۽ ٺھيون، پر قيصر خان مرحوم تي ڪو اثر ڪو نہ پيو. هر موقعي تي هو ڪامياب ڌر جي وچ ۾ خاص مقام حاصل ڪريو ويٺو رهيو.
ٻئي بہ ڪنھن شخص ۾ ڪم پوڻ جو امڪان نظر ايندس، تہ وقت کان گهڻو اڳ ان جو اونو ڪرڻ شروع ڪندو. هڪ تجربيڪار طبيب وانگر، ماڻھوءَ جي طبيعت جو مطالعو ڪندو ۽ مناسب نسخو تجويز ڪندو. سنڌ اسيمبلي پنھنجن ميمبرن مان هڪ يا ٻن ماڻھن کي ريلوي ايڊوائزري ڪاميٽيءَ جو ميمبر چونڊيندي هئي. ان ميمبريءَ مان اهو فائدو هوندو هو تہ ريلوي جا بابو هر دم پيا سلام ڪندا هئا ۽ خدمتون بجا آڻيندا هئا. قيصر خان ڇھہ مھينا اڳ پنھنجي دل ۾ فيصلو ڪيو تہ اها ميمبري ضرور هٿ ڪرڻي آهي. اسيمبليءَ جي پارٽين جي پوزيشن جو جائزو وٺي ڏٺائين تہ مقابلي جي حالت ۾ فيصله ڪن ووٽ يورپئين گروپ جي ٽن ميمبرن جا ٿيندا. هينئر هن صاحب انگريز ميمبرن جا سلام ڪرڻ شروع ڪيا. رستي ۾ ملنس يا لابيءَ ۾، يا خود اسيمبليءَ اندر، سندن استقبال لاءِ اڀو ٿي بيھي رهندو، ۽ جهڪي سلام ڪندن. موڪل جو ڏينھن هوندو تہ سندن بنگلن تي ويندو، ۽ هر ڀيري ميوي جا ٽوڪرا، بطور ڏاليءَ يا مھمانيءَ جي، ميم صاحبن لاءِ کڻي ويندو. گفتگو جي دوران اڳوڻن انگريزن جا جيترا بہ نالا ياد ايندس، تن کي دهرائيندو، سندن تعريف ڪندو، ۽ انھن جي مٿس ڪيل ڳڻن کي ڳائيندو. هلندي هلندي هيءُ بہ ظاهر ڪري وٺندو تہ ڪانگريسي ۽ مسلم ليگي سڀ فسادي ۽ باغي آهن، انگريز سرڪار جي بيجا مھربانيءَ ۽ نرميءَ جو فائدو وٺي، خواھہ مخواھہ پيا اسيمبلين ۾ بغاغو مچائين. ٿورن ئي ڏينھن ۾ انگريز ميمبرن جو اهڙو حال ڪري ڇڏيائين، جو ليلي وانگر قيصر خان جي ڪڍ لڳا وتن. ريلوي - ڪاميٽيءَ جي چونڊ جو وقت آيو تہ انھن انگريزن جي ووٽن جي آڌار تي، پھرينءَ سٽ ميمبر منتخب ٿي ويو! جنھن انگريز ميمبر کان پڇو، هڪدم رايو ڏيندو:”او! قيصر خان از اَ ويري گڊ مئن!“(1)
بغير پوريءَ سوچ ويچار جي، قيصر خان ڪو ڪم ڪو نہ ڪندو. جڏهن بہ ڏسو تہ قيصر خان مرحوم پنھنجن شھپرن کي پيو مروٽي، ۽ مروٽي وات تائين پيو نئي، تہ سمجهي وٺو تہ هو ڪو نئون ”فائيوِ ِائير پلان“(2) رٿي رهيو آهي.
مقامي طرح، سندس مقابلو پاڙي جي ٻن زميندارن سان هوندو هو. هڪ هو مرحوم خانصاحب دادڻ خان لنڊ، ۽ ٻيو ڄام ڀنڀو خان مرحوم. انھن ٻنھي جون طبيعتون مرحوم قيصر خان جي طبيعت سان ڪين ملنديون هيون. دادڻ خان سخن جو سچو، ۽ دوستيءَ - دشمني جو سخت پختو هو. جنھن سان ”هائو“ ڪيائين، تہ وري سندس واتان ”نه“ جو اکر نہ نڪرندو، ڀل جانِ جي مٿانس ريلون وهي وڃن. ڀنڀو خان سخت خوددار، بھادر هو، ۽ تنھنڪري اگريءَ طبيعت جو صاحب هو، ساريءَ زندگيءَ اندر ٿورن ماڻھن کيس ڪڏهن مشڪندو ڏٺو هوندو. جنھن شخص جو ڏٺي منھن نہ وڻيس، يا عمر وري ان ڏانھن نہ واجهائيندو، پوءِ ڀل تہ اهو شخص ڪليڪٽر هجي يا ڪمشنر!
انھن ٻنھي صاحبن جا قيصر خان سان دائمي مقابلا رهيا، پر هڪڙو دفعو بہ قيصر خان خلاف ڪامياب نہ ٿي سگهيا. جڏهن بہ دادڻ خان مرحوم جي صداقت ۽ قيصر خان مرحوم جي ”سياست“ جي وچ ۾ ٽڪر ٿيو، جڏهن بہ ڄام ڀنڀي خان جي خوديءَ ۽ قيصر خان جي بيخوديءَ مابين تصادم ٿيو، تہ فتح هميشہ قيصر خان جي ٿي!
هڪ فارسي شاعر چيو آهي:
طبعي بھم رسان ڪہ بسازي بعالمي،
يا همتي ڪہ از سر عالم توان گذشت!
(يا اهڙي طبيت ڌاريو جو دنيا سان ٺھي ۽ منجهس کپي وڃو، يا اهڙي همت جو مورڳو دنيا کان ٻاهر نڪري وڃو.)
قيصر خان مرحوم جو ويساھہ پھرئين اصول ۾ هو. وقت بوقت زماني جي حالتن جو بہ سانچو ٺاهيو، هيءُ اُن ۾ کپي ويندو هو. برعڪس ان جي، دادڻ خان ۽ ڀنڀو خان بيغرضيءَ، خودداريءَ، سچائيءَ، ۽ وفاداريءَ جي واٽ هلندا رهيا، پر قيصر خان مرحوم جي مقابلي ۾ تقريباً هميشہ ناڪام رهيا.
دنيا جا اهي غمزا ڏسي، انسان غريب سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو تہ آخر ”اخلاقي قدرن“ ۽ ”قدرت جي انصاف“ متعلق جو آسماني صحيفن ۽ انساني قرطاسن ايترو زور ڏنو آهي، تن جي اصلي حقيقت ڇا آهي، ۽ انسان جي عملي زندگيءَ تي انھن جو ڪھڙو اثر پوي ٿو؟ جيڪي ڪجهہ هيءُ اکيون ڏسي رهيون آهن، سو عمومي طرح هن کان سواءِ ٻيو ڪجهہ نہ آهي تہ چور ڇٽي ۽ ڀاڳيو ٻڌو وڃي ٿو، ڪوڙو تخت تي، ۽ سچو تختي تي پيو نظر اچي - ۽ جڏهن ِاهو نظارو ٿو سامھون اچي، تڏهن هن مزيد فلسفي پيش ڪرڻ کانسواءِ ڪو چارو ڪو نہ ٿو رهي تہ ”ڪي رند پروڙن راز، قضيي ڪربلا جو!“
قيصر خان مرحوم جي موت جو نمونو ۽ مضمون بہ سندس زندگيءَ واري عام عنوان جي عين مطابق هو. هڪ رات، تندرست ۽ تنومند، خوش ۽ خورم، يارن غارن جي محفل ۾ کلندي ڳالھيون ڪندي، اوچتو ڪري اکيون ٻوٽيائين - ڊوڙي ڏٺائون تہ دل ٽٽي ۽ دم ختم ٿي چڪو هو - ﷲ تعاليٰ کيس پنھنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏئي!
* * *
________________________________________
(1) Oh! Kaiser Khan is a very good man.
(2) Five Year plan.