شاعري

دائرا

ڪتاب ”دائرا“ مٽياريءَ سان تعلق رکندڙ خوبصورت شاعر ۽ محقق قاضي مقصود احمد جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. قاضي مقصود احمد جو نالو سنڌ جي ادبي لڏي لاءِ نئون ڪونهي. پاڻ شاعر ته آهي، پر ان سان گڏ سندس ٻيو وڏو ڪم سنڌ جي تاريخ ۽ نسلن جي حوالي سان ڪيل تحقيق تي مشتمل آهي، جنهن ۾ پاڻ نه رڳو تاريخ کي نئين انداز ۾ سمجهڻ جو ڏس ڏئي ٿو، بلڪه پراڻين روايتن مان نوان نتيجا ڪڍي اصل حقيقتن کي نروار ڪندي به نظر اچي ٿو.
Title Cover of book دائرا

پنهنجي پاران

پنهنجي پاران

اسانجي دور ۾ ڪافي ڏهاڪن کان جديد شاعريءَ جو اصطلاح هلندڙ آهي. ظاهري طور تي جديد شاعريءَ جو ضد ”قديم شاعري“ ٿيندو، جنهن جي مقابلي ۾ جديد شاعريءَ جنم ورتو هجي. پر ان جو ضد ”روايتي شاعري“ آهي. سنڌي ٻوليءَ جي شاعريءَ جي حوالي سان انهن اصطلاحن تي جيڪڏهن مختصر لفظن ۾ تبصرو ڪيو وڃي ته اسان چئي سگهون ٿا ته قاضي قاضن کان وٺي لطيف سرڪار تائين، سچل کان وٺي ساميءَ تائين اسان وٽ موجود قديم شاعري، سنڌ جي ڏاهپ جو اهڃاڻ آهي، جنهن تي اسان جيترو به فخر ڪري سگهون، گهٽ ٿيندو. اها سدا حيات شاعري آهي ۽ سدا حيات ئي رهندي. روايتي شاعري اها آهي، جنهن ۾ موضوعن ۽ لفظن جو ورجاءُ ايتري قدر ڪيل هجي جو شاعر جي پنهنجي ڏات ان ۾ ڳولهڻ سان به نه لڀي. روايتي شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب اول کان آخر تائين پڙهڻ وڏي دل گڙدي جو ڪم آهي. ان جي مقابلي ۾ جديد شاعري پنهنجي نالي مطابق نواڻ جو نياپو کڻي آيل آهي. جنهن ۾ صنفن، موضوعن توڙي ٻوليءَ جي حوالي سان نوان نوان تجربا ڪيل آهن. جديد شاعريءَ ۾ ايڏي ته گوناگوني ۽ وسعت پيدا ڪرڻ جا موقعا رکيل آهن، جو شاعر لاءِ اڏام جي ڪا حد ڪانهي، جنهن سان پڙهندڙ لاءِ پني پني مان اڳتي پڙهڻ لاءِ اتساهه جو احساس پرائڻ لازمي ٿيو پوي. منهنجي نظر ۾ جديد شاعريءَ جي اڏام جي سڀ کان مٿاهين حد ڪنهن شاعر جو پنهنجو اسلوب (Diction) قائم ٿيڻ آهي، جيڪو همعصر يا پوءِ جي شاعرن کي پنهنجي روايت تي هلائڻ لاءِ اڪسائيندو رهي. جيئن لطيف سائينءَ جي شاعري آهي، جيئن استاد بخاريءَ جي شاعري آهي.
سنڌي شاعريءَ ۾ منهنجي ٽهيءَ ۽ ان کان پوءِ جا شاعر جدت کي تمام سوگهو جهليو بيٺا آهن. ”جدت کي سوگهو جهلي رکڻ“ جي باوجود منهنجو مشاهدو اهو آهي ته، جيئن ته جديد شاعريءَ جي وصف ۽ رجحانن جي باري ۾ ڪي گهڻيون چٽيون ۽ عام تحريرون موجود نه آهن، ان ڪري اڪثريت جي ذهنن ۾ مٿين اصطلاحن جي باري ۾ چٽائي ٿيل ڪانهي ۽ انهن جي شاعريءَ ۾ جيڪا جدت جي سرهاڻ موجود آهي، اها دراصل سندن خداداد ڏات آهي.
فيس بوڪ تي شاعري پڙهڻ ۽ پيش ڪرڻ دوران ڪيترن ئي موقعن تي مون کي محسوس ٿيو ته ٻين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، خود مون کي به انهن اصطلاحن جي وصفن کي نئين سري سان سمجهڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو سوچي مون جديد سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان هڪڙو سوال فيس بوڪ تي رکيو ۽ اهو سوال رکڻ سان منهنجي آڏو جيڪي شيون چٽيون ٿيون، تن مان (منهنجي ليکي) سڀني کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها هئي ته روايتي ۽ جديد شاعريءَ جو سفر گڏوگڏ هلندو آهي ۽ ساڳيو شاعر هڪ ئي وقت روايتي موضوعن تي، روايتي لفظن سان به شاعري ڪندو آهي ته وٽس جدت ۽ نواڻ جا نوان نوان رنگ به موجود هوندا آهن. ان ڪري پڙهندڙن کي ڪنهن به شاعر جو هڪ اڌ شعر پڙهي ان تي ٺپو هڻڻ بدران مجموعي تاثر مطابق سندس شاعريءَ جي باري ۾ راءِ جوڙڻ گهرجي.
ڪافي دوستن کان هن قسم جا رايا به ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ته شاعري سولي ٻوليءَ ۾ ڪرڻ گهرجي ته جيئن هر ڪنهن لاءِ سمجهڻ جوڳي رهي. هن سلسلي ۾ منهنجو موقف اهو آهي ته شاعريءَ جون مختلف صنفون آهن ۽ انهن مان ڪن جو پيرايو اهڙو هوندو آهي جو ڏکي ٻولي استعمال ڪندڙ شاعر به لازمي طور تي سادي ۽ مٺڙي ٻولي استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندو آهي. جهڙوڪ گيت، نظم، وائي ۽ ڪافي وغيره جهڙين صنفن ۾. پر ڪي صنفون اهڙيون به آهن، جن ۾ شاعر کي ٻوليءَ تي دسترس مطابق جيترو به وجهه ملندو آهي، تجربا ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽائيندو آهي. جهڙوڪ غزل، چوسٽو، بيت وغيره جهڙين مروج صنفن ۾. دراصل ٻوليءَ جا تجربا ئي اهڙين صنفن جي جان هوندا آهن. هن ڳالهه کي اڃا چٽو ڪري سمجهائجي ته تشبيهن ۽ استعارن جو شاعريءَ ۾ استعمال لازم ۽ ملزوم آهي. هي اهي بنيادي جزا آهن، جن سان پڙهندڙن کي شعر سمجهڻ لاءِ ذهن وڙهائڻ تي اڪسائجي ٿو. پر رڳو اتي بس ڪانه ٿي ٿئي. شاعر پنهنجي علمي استطاعت مطابق شعر ۾ مختلف صنعتن جو استعمال ڪندو رهندو آهي، جيڪي هڪ طرف سندس شاعريءَ ۾ نکار آڻينديون آهن ته ٻئي پاسي شعر کي ڏکيو ڪري پڙهندڙ کي ان جي معنيٰ تي غور ويچار ڪرڻ تي آماده ڪنديون آهن. شاعريءَ ۾ جيڪڏهن اهي لوازمات نه هجن ته اهڙي شاعري، تڪبنديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪانه چئبي. بالفرض جيڪڏهن شاعريءَ ۾ انهن خوبين جو استعمال نه به ڪيل هجي، ته به هر پڙهندڙ جي پنهنجي عقل ۽ فهم تي ڇڏيل آهي، جيڪو سڄو قصو ٻڌڻ کان پوءِ سوال ڪري سگهي ٿو ته ”ليليٰ مرد هئي يا عورت؟“
حاصل مطلب اهو ته جيڪا شاعري سٺي لڳي، ان کي ساراهجي، جيڪا سمجهه ۾ نه اچي، ان کي يا ته سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي، يا ٻين جي سمجهڻ لاءِ ڇڏي اڳتي وڌي وڃجي. ها باقي صنف مطابق شاعريءَ جي ماڻن ۽ ماپن توڙي مواد ۾ مروج اخلاقي قدرن کان هٽيل ڪا ڳالهه محسوس ٿئي ته ان تي سوال ڪرڻ يا تنقيدي نقطهءِ نظر پيش ڪرڻ تي ڪا جهل پل نه آهي.
مٿئين نقطهءِ نظر جي روشنيءَ ۾ چئي سگهجي ٿو ته شاعري لفظن سان کيڏڻ جو نالو آهي ۽ نثر جي مقابلي ۾ نظم ۾ نوان نوان لفظ ۽ اصطلاح آڻڻ جي به شديد ضرورت محسوس ٿيندي آهي. اهي لفظ ۽ اصطلاح، لساني جاگرافيءَ جي ڪنهن محدود حصي ۾ ڳالهايا ويندا هجن، يا ڀرپاسي ۽ عام معروف ٻولين سان تعلق رکندڙ هجن، بهرحال ٻوليءَ لاءِ نئين رت جي حيثيت رکندا آهن ۽ شاعريءَ ۾ وسعت پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻبا آهن. مثال لاءِ لطيف سائينءَ جا ٻه بيت حاضر آهن:
اچي سار لهيج، ساجن! سورَ تماري آئون ماري!
سورَ تماري جي مـران، تـان مـون ڏوه مَ ڏيـج،
ڊبــن ڀــري هــٿــڙا، دارون دوســت! ڪــريــج
(يمن ڪلياڻ – وائي)
تـنـد تـمـاريءَ تــانُ، ڪَــهــيــو سـو قـبــول پـيـــو،
ســـر تــه آهــي ســٽ ۾، پـر ٻـيـو ڪـي مڱج دان،
خاڪ مٽي ڪا بانُ، ڪاٽيا پوءِ ڪجهه نهين.
(شاهه / سر سورٺ)
گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان سنڌي شاعريءَ ۾ نون لفظن جي استعمال کي روڪڻ جي هاسيڪار ڪوشش ڪئي وئي آهي. جنهن سان ٻوليءَ جي پاڻمرادي ترقيءَ جي راهه روڪ ٿي آهي. ٻيو ته ٺهيو، پر علامه آءِ آءِ قاضي جهڙي عالم پنهنجي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي ۾ مٿين بيتن جي پڙهڻي هن ريت بيهاري، بيتن جي مفهوم کي بلڪل مٽائي ڇڏيو آهي.
اچـي سـار لـهـيج ساڄن، سور توهانجي آءٌ ماري،
سور تنهنجي جي مران، تان مون ڏوهه مَ ڏيج،
ڊڀـن ڀـري هـٿـــڙا، دارون دوســت ڪـــريــــج.
(يمن ڪلياڻ – وائي)
تـنـد تـنـهـنـجـي تـانُ، ڪُـهيـو سـو قـبـول پـيـو،
سـر تـه آهـي سـٽ ۾، پـر ٻـيـو ڪـي مـڱج دان،
خاڪ، مٽي ۽ بانُ، ڪاٽيان پوءِ ڪجهه ناهي.
(شاهه جو رسالو علامه آءِ آءِ قاضي وارو، صفحو 27 ۽ 104) هيٺيون بيت عبدالغفار “گوهر“ دائودپوٽو جي مرتب ڪيل الف ب وار شاهه جي رسالي ۾ به موجود آهي).
اهي لفظ جيڪي قديم شاعريءَ کان وٺي اڄ تائين ٿيل سنڌي شاعريءَ ۾ ورجايا ويندا آهن، يا اهي لفظ جن کي جديد شاعرن پنهنجي شاعريءَ کي نواڻ ڏيڻ لاءِ مختلف علائقن ۾ ڳالهائجندڙ سنڌيءَ جي محاورن مان يا ڀرپاسي جي ٻولين مان يا وڏين ٻولين مان چونڊي کنيو آهي. جديد شاعريءَ جي سرواڻن ۽ اڄ جي دور جي نمائنده شاعرن جي شاعري به اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. پڙهندڙن جو ذهن صاف ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جا ڪجهه مثال هتي پيش ڪجن ٿا:
هي ڪفر کان ڪڙي آ، اسلام کان بــڙي آ،
تـون پـيءُ جـيءُ ڀر ڀر، اي گهوٽ هيءَ گهاٽي.
(گيڙو ويس غزل صفحو 149)
ڪچي آ ديوار، ڪڏهن هي ڦهڪو کائي ڪرڻي آ،
ڪـيـڏو ئـي مـضـبـوط لـڳـي، پـر دنيا تيري ميري ۾.
(گيڙو ويس غزل صفحو 262)
سيءُ آهي “اياز“ هن کي چئي،
اِئـن نـه انـگـيءَ ڇـپـاءِ انـگــارا.
(گيڙو ويس غزل صفحو 287)
اڳ ۾ تون بات چيت ۾ ڪيڏو رکو هئين
تو اڄ ٻه لـفـظ ڀـي جـي چـيـا، پـيار مـان چيا!
(راهون پنڌ پيون، نارائڻ شيام، صفحو 35)
تـون تـه لـــنــــبــي مثنوي بڻجي پئين،
هوند ننــڍڙو ڪـوئـي هائيڪو ٿئين!
ڀـت تــي سـامهون فريم ۾ فوٽو ڏسي،
در جي چـؤڪٺ تي اچي بيهي وئين!
(راهون پنڌ پيون، نارائڻ شيام، صفحو 38)
قرب منجهان صوفي تي وهاريو،
ڇـا هــي قـرب تـصـنــع آهـــي.
(تنوير چئي، تنوير عباسي، صفحو 322)
امـيـٽـيـشـن جـي پـٿـرن وچ ۾ سـچـو مـوتـي ٿـو شـرمـائــي.
مورک ماڻهن جي مجلس ۾ شاعر ڪيئن ٿو شعر ٻڌائي.
(تنوير چئي، تنوير عباسي، صفحو 446)
هتڙي، هتي، هُت، هوت هجي پوءِ ڇا کپي،
ڀـيـنـر ڀَــوُ بَـهُت، اڪــيـلي اوڪــاريـــان.
(ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، استاد بخاري، صفحو 46)
مـرڻ، جـيـئـڻ مـامـرو، سياڻا، سمجهي سـَـڃُ،
اچــڻ لاءِ اچـي مـچئيـن، وڃـڻ ڪـارڻ وڃُ،
طوعـاًڪرهـاً مڃُ،! وو جا واٽ وجود جي.
(ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، استاد بخاري، صفحو 47)
پامسٽ مان نه آهيان، پر ايترو پتو پيو،
آغـاز جـو ڏٺـم هـٿ، انجام هوس نالو.
(نه ڪم نبريو، نه غم نبريو، استاد بخاري، صفحو 167)
اهڙن لفظن تي بنا سوچڻ سمجهڻ جي اعتراض وارڻ اڄ جي دور جو عام رجحان آهي، جيڪو مطالعي جي کوٽ جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو ۽ ان جو آخري نتيجو سنڌي شاعريءَ کي وري به محدود ڪري روايتي شاعريءَ جي گس ڏانهن ڌڪي ڇڏڻ آهي ۽ اهو ڪم هڪڙي اهڙي قوم جي ماڻهن کي نه ٿو سونهي، جنهن جا دانشور ۽ ليکاري، انگريزن جي تحقيق کان شاڪي آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ کي هند آريائي ٻولين جو ماخذ مڃرائڻ لاءِ جتن ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه اهو به ياد رکڻ گهرجي ته پاڻ هن وقت اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دور ۾ جيون پيا ۽ مختلف ٻولين کي سڌيءَ طرح ٻڌي سگهڻ جي ڪري، هيءُ دور ٻولين جي سڪڙجڻ جو دور آهي. ٽي وي چئنلن تي ٻوليءَ جي حوالي سان ٿيندڙ بي قائدين تي فڪرمند رهندڙ دوستن کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اسان کي پنهنجي بچيل زندگيءَ ۾ لساني حوالي سان اڃا وڏين وڏين انقلابي تبديلين کي ڏسڻ جا موقعا ملندا، جن کي قبول ڪرڻ ۾ ئي ڀلائي هوندي. منهنجي نظر ۾ اها دراصل سنڌي ٻوليءَ کي سندس لساني حدن ۾ آهستي آهستي سوڙهو ڪري ختم ڪرڻ جي ڪوششن جي حوالي سان قدرت پاران اسان کي مهيا ڪيل غيبي مدد آهي. جنهن مان لاڀ حاصل ڪندي اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جي جائز مقام جا ثبوت هٿ ڪرڻ ۽ انهن کي اصل اوج ڏيارڻ جي لاءِ جتن ڪرڻا پوندا.
ساڳئي دور ۾ ٻن همنام شخصيتن جي حوالي سان ڪافي شيون منجهي پونديون آهن. مرحوم مقصود “گل”، رتيديري سان تعلق رکندڙ قاضي خاندان مان سنڌ جو نالي وارو شاعر ٿي گذريو آهي. جنهن جي وفات 15 فيبروري 2015ع تي ٿي. سندس حياتيءَ ۾ ئي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي خطن جو مجموعو شايع ڪرايو ويو هو، جنهن ۾ منهنجو هڪ خط، قاضي مقصود “گل” جي نالي سان شايع ڪيو ويو هو. مرحوم جي وفات جي ٻئي ڏهاڙي 16 فيبروري 2015ع واري عبرت اخبار ۾ حبيب لغاريءَ جو مقصود ”گل“ تي لکيل آرٽيڪل ڇپيو. جنهن ۾ مقصود ”گل“ جي پروفائل سان گڏ مرحوم جي نالي سان جيڪا به شاعري ڏني وئي آهي، اها منهنجي آهي. نشاندهي ڪرڻ تي حبيب لغاري فون ڪري ڪنهن آرٽيڪل ۾ ان جي وضاحت ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، پر هيءُ ڪتاب ڇپجڻ تائين اهڙي قسم جي ڪا به وضاحت ڪٿي ڇپيل نظر نه آئي آهي. جڏهن ته اهو آرٽيڪل مختلف ويب سائٽن تي رکيل آهي، جيڪو سدائين مغالطي جو ڪارڻ بڻبو رهندو. تنهنڪري اهو پنهنجو استحقاق سمجهندي اڳتي انهن بندن وارن غزلن تي حاشيو لڳائي نشاندهي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته انهن مان هڪڙي نعت جا بند هن مجموعي ۾ شامل ڪيل نه آهن، جيڪي هن ريت آهن:
مـاڻـهـن جـي عـقـيـدت جا، اسباب گهڻا آهن.
سڀ رنگ فضيلت جا، تو منجهه ڪٺا آهن.
ڀـلـجـون ٿا الائي ڇو، نه ته ڳالهه سڌي پئي آ،
قـــرآن ۾ الله جـــا، احـــڪـــام چــٽـــا آهـن.
ٻولي هڪڙو بحر آهي، جنهن تي عبور رکندڙ کان به ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان غلطي ٿيڻ ممڪن آهي. آءٌ ته ان لحاظ کان ڪنهن به ليکي ۾ ناهيان جو لفظن جي صحت جي دعويٰ ڪري سگهان. شاعري مون پنهنجي ذات لاءِ ڪئي آهي، تنهنڪري مڃتا جي خواهش رکڻ منهنجو مسئلو نه آهي، پر جڏهن ڪي سٽون پڙهندڙن جي ذهن کي ڇهي وينديون ته ان ڳالهه جي خوشي محسوس ٿيندي.
هن ڪتاب جي اشاعت جي سلسلي ۾ آئون ٿورائتو آهيان سوجهرو پبليڪيشن مٽياري جي منتظمن، ڊاڪٽر عبدالرزاق ميمڻ ۽ انجينيئر ارشاد احمد ميمڻ جو، جن منهنجي شاعريءَ جو هيءُ مجموعو اشاعت جي لائق سمجهي پنهنجي اداري پاران ڇپرائي مون کي مان ڏنو.

تاريخ: 01 آڪٽوبر 2015ع
قاضي مقصود احمد
مٽياري