ڌرتي به ٽڪر ٿيندي، آڪاس هليو ويندو.
قصا به ختم ٿيـنـدا، اتـهـاس هليو ويندو.
هر روپ ۾ ٿيندي آ، ماڻهوءَ جي طلب مايا،
پاڇن جي پٺيان ڊڪندي، وشواس هليو ويندو.
ايڏو به گلابن جي ويجهو نه وڃڻ گهرجي،
جو نيٺ حواسن مان، بوءِ واس هليو ويندو.
مون تنهنجي وڇوڙي مان ڪي سبق پرايا هِـن،
سامهون نه وري اچجان، اڀياس هليو ويندو.
ايڏي به پرين ڪانهي، هن نينهن جي ڪمزوري،
جو ڏور رهـي تنهنجو احساس هليو ويندو.
اي رنگ ِ جهانداري، ڪجهه جوڳ پچائڻ ڏي(1)،
جي تنهنجي قريب آيس، سنياس هليو ويندو.
هڪ عمر ڊنا آهيون، همٿ جي ضـرورت آ،
هي درد ته ڪجهه ناهي، راڪاس هليو ويندو.
قدرت جو قسم آهي، روحن کي فنا ناهي،
توسان ئي اچي ملبو، جي ساس هليو ويندو.
(1)زير اضافت، “ء” اضافت ۽ “و” عطفي فارسي ترڪيبون آهن. ڪي ماڻهو جديد شاعريءَ ۾ انهن جي استعمال کي بلڪل متروڪ سمجهن ٿا. جڏهن ته “ڀونئر ڀري آڪاش” جي مهاڳ ۾ شيخ اياز لکي ٿو ته “مان وائي، نظم، آزاد نظم، قطعي ۽ غزل ۾ زير اضافت، همزه اضافت، واو عطفي ۽ فارسي لفظن ۽ ترڪيبن جو محدود استعمال اعتراض جوڳو نه ٿو سمجهان، ڇو ته گذريل ٻن سو سالن ۾ فارسي ۽ اردو زبان ۽ شعر جو سنڌي زبان ۽ شعر تي ڪافي اثر پيو آهي ۽ ان کان منحرف ٿيڻ اسان جي ٻوليءَ ۽ شعر لاءِ مضر ثابت ٿيندو”. (ڀونئر ڀري آڪاس، شيخ اياز، صفحو 3، نيوفيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد، 1995ع).
نوٽ: 16 فيبروري 2015ع تي عبرت اخبار ۾ حبيب لغاري جي لکيل آرٽيڪل ۾ منهنجي هن غزل جا پهريان ٻه بند قاضي مقصود گل رتيديري واري جي نالي سان منسوب ڪيا ويا آهن.