سوانح
اها منھنجي خوشقسمتي هئي، جو اهڙي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيس، جتي مولانا مفتون جهڙي عاشق صادق جي وندر ورونھن جا اڃا ڪي اهڃان باقي هئا. سندس رومان ۽ وجدان جو اکين ڏٺيون ڳالھيون ٻڌي، مون کي مولانا جا اهي مشاهدا بہ مطالعي ۾ آيا، جن جي وسيلي پاڻ مجاز مان حقيقت مائل ٿي چڪو هو، ۽ سندس شاعري محبت جو معراج ماڻي دردمند دلين لاءِ روحاني سڪون جو باعث ٿيندي پئي رهي. انھن مشاهدن جا محراب جيتوڻيڪ ڪنھن حد تائين ذوال پذير ٿي چڪا هئا،تڏهن بہ ائين پئي وسھيو تہ انھن جي جمال جي جلويداري پنھنجي دؤر ۾ بيشڪ نظرا نداز ڪرڻ جهڙي نہ هوندي. انھيءَ جمال جي اعجاز طفيل مولانا جي شاعري همعصر شاعرن جي ڪلام کان ممتاز ۽ معياري هئي. مشھور آهي تہ مولانا پنھنجي هٿ کي ڪپڙي ۾ ويڙهڻ کان سواءِ ڪنھن سان بہ مصافحہ نہ ڪندو هو، انھيءَ مان ظاهر آهي تہ هو نھايت پرهيزگار ۽ پارسا شخص هو. اهڙيءَ ريت مجاز جي معاملي ۾ جيتوڻيڪ سندس روح ڪنھن جي جمال جي جلوي ۾ مستغرق رهيو ٿي، تڏهن بہ هن جو جسم هراَلايش کان پاڪ هوندو هو.