لاڙ جو لعل : مولوي حافظ محمد رمضان مھيري
رچي جي ريٽو ٿيا، ڪين اٻاٽجن نه اوءِ،
کُنڀ نه کاري تن کي، جي ھالاري ھوءِ،
توڙي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالي تھين نه لھي.
(شاھ)
حضرت خليفه محمود فقير رح، نظاماڻي برادريءَ مان سھراب خان جي نالي سان سُھراباڻي پاڙو ٺھيو. انھن سُھراباڻين جي پاڙي ۾ ٻيو پاڙو زردار اڻين جو آھي، جيڪي پڻ خليفه صاحب سان برادريءَ ۾ واڳيل آھن. انھن زرداراڻين مان فقير آدم خان جي گھر ۾ ھڪ ٻار جنم ورتو، جنھن ٻار جو نالو نبي سائين صه وارو مِٺو نالو رکيو ويو. ڪنھن کي خبر ھئي ته اھو ٻار اڳتي ھلي سچل سائين ۽ ڀٽائيءَ وارو دڳ وٺندو. رئيس آدم فقير جي گھر ۾ جنم وٺندڙ ٻار، ڀٽائيءَ وارو گس ڇو نه وٺي، جڏھن ڀٽائي رح جي پيرا گھمايل سرزمين ”ڳٽي درياءُ“ ۽ ”پٽھيل درياءُ“ جو پاڻي پيتو اٿس. حضرت شاھ عبدالطيف شاھ ڀٽائي رح جڏھن پٽھيل تي آيو ھو، تڏھن پٽھيل سُڪي ويل ھو، جو فرمايائون ته:
پٽھيل تو ۾ پُور، اڳيون آھِ نه آب جو،
سُڪين ڪھڙي سُور، پيئي واري وچَ ۾.
(شاھ)
ٻئي طرف حضرت پير سائين روضي ڌڻي رح جي روحاني فيض ۾ مريد ھجڻ جي ڪري، سندس مزاج ۾ ظلم سان بغاوت ۽ ظالم سان مھاڏو اٽڪائڻ، مظلومن جي حمايت ۽ مدد، وطن تان سر گھورڻ ماروئڙن سان محبت واريون ڳالھيون حافظ صاحب جي شاعريءَ ۾ توھان کي جاءِ بجاءِ نظر اينديون. اھو سڄو ڪرشمو ان روحاني اثر جو آھي، جنھن سان حافظ صاحب وابسته رھيو آھي. حضرت گرھوڙي سائين رح پنھنجي شعر ۾ چيو آھي ته :
متان کائين کِچڻي، حاڪماڻي ھنڌان،
رڌي ھوندائون رت ۾، ماري مسڪينا
حافظ صاحب ان شعر تي عمل جي ڪوشش ۾ رُڌل نظر ايندو آھي. معاشري ۾ ٿيندڙ برايون، ناانصافيون ۽ معاشي ناھمواريون ۽ ان سان گڏوگڏ حُسن ۽ عشق جا داستان، سياسي تنظيمن ۽ تحريڪن جا اثر معاشري تي سڌي ريت پون ٿا. حساس شاعر معاشري جو فرد آھي. جنھن تي انھن ڳالھين جو وڌيڪ اثر پوندو آھي. پوءِ حساس دل وارو شاعر پنھنجي شاعريءَ ۾ اھي سڀئي رنگ چٽيندو آھي.
حافظ صاحب جي شاعريءَ ۾ ھيءُ شعر ان ڳالھه جو شاھد آھي ته ڳالھه ھن طرح ھئي، ته سرور پير رح جي ميلي ۾ ھڪ حسينا پوپري ڳائي رھي ھئي، ھن علائقي جو بااثر وڏيرو باز وانگر ان ڪبوتريءَ کي جھٽي وٺي وڃي ٿو. حافظ صاحب اھو منظر ھنئين چٽيو آھي.
پُوپري پورھيو پي ڪيو، پرمار تيسين اُت پُڳو،
ڳالھه ڳائڻ جي ھلي پي، مون ٻڌو روئڻ رڳو،
اُن ستم تي ڇو ڀلا، نه ٿي سيڪ سرور کي لڳو،
ڪنھن شڪاري ڏِس، جتي ڪيڏو آھي ڪلُور ڪيو.
ڪڏھن ڪڏھن حافظ صاحب پاڻ متعلق به شاعري ڪري ويھي رھندو آھي. ھونئن به شاعري جيڪا مشاھدي کان پوءِ دل مان اڌما ڏيئي نڪرندي آھي، ان جي اھميت مٿانھين ھوندي آھي. ھڪڙي دفعي حافظ صاحب رات جي وقت ميرپور بٺوري کان سندس ڳوٺ ڏانھن اچي رھيو ھو. اسڪوٽر جھمپن ۾ حافظ صاحب کي ڪرائي وڌو، وڏي نقصان کان سائين بچي ويو، پر سندس ھٿ ڦٽجي پيو. جنھن تي في البديه شعر ٺاھيائين، جنھن جا ابتدائي بند ڪجھه ھن طرح آھن.
متان ڀُلجي بٺوري مان، سڄڻ ڪو سج لٿي نڪري،
قضا سان جي ڪري پيو، پوءِ ورھن تائين نه ڌَڪ وسري.
ائين ئي اوچتو آئون به نڪري پيس نومبر ۾،
اھا تاريخ ارڙھين ھئي وڃي ڪِريس وڏي وَرَ ۾،
چڱي ٿي کورواھ چوڪ وٽ کائي لڳس خر ۾،
الله ڪري نه اسڪوٽر گڏ گاڏي سان ڪو ٽڪڙي.
فارسي زبان جي وڏي شاعر مولانا جلال الدين رومي رحه پنھنجي شاعريءَ ۾ ”مثنوي شريف“ خود جمع ڪونه ڪئي ھئي. بزرگ وجد جي حالت ۾ شعر چوندو ويندو ھو، سندس معتقد اھي لکي ويندا ھئا. اھڙيءَ طرح سرتاج الشعراءَ حضرت ڀٽائي رح به پنھنجا بيت خود ڪونه لکيا، پر خليفن ۽ فقيرن، ”گنج شريف“ جي نالي سان اھي شعر رسالي ۾ گڏ ڪيا.
اسان جي ممدوح حافظ سائينءَ جي شاعري به ائين آھي. سائين پاڻ ڪونه لکي آھي، سائينءَ جي شاعري پھريان سائين عبدالرزاق مھيري گڏ ڪرڻ ۽ لکڻ شروع ڪئي، ان کان پوءِ عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي ماتليءَ واري وڏي ھمت ڪري توھان جي ھٿن تائين پھچائي آھي.
حافظ صاحب في البديع شاعر آھي، جنھن کي سوچڻ ۽ لفظن جي بندش جي ضرورت ڏانھن ڌيان ڪرڻ جي ضرورت نه آھي. لفظ خود سائينءَ جي دل تي تري اٿن ٿا. سائين رڳو انھن کي نظم جي روپ ۾ ظاھر ڪري ٿو. حافظ صاحب جي شاعريءَ ۾فطرت جي منظرنگاري، ويڪائو وڏيري جي مذمت، علماءِ سُوءِ، بي عمل مُرشدن کي تنبيھه، بدمعاش، ٺڳ واپاري سان گڏوگڏ حڪومتي ڪارندن کي پڻ ھدايت ڪيل آھي.
سائينءَ جي شاعريءَ ۾ غزل، مولود، مدح، وائي بيت، ڪافيون شامل آھن، مطلب ته سائين شاعريءَ جي ھر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آھي. آخر ۾ آئون انھن دوستن جو ٿورائتو آھيان، جن ھڙان وڙان ڪري سائينءَ جي شاعريءَ کي منظر عام تي آندو، ھن ڪتاب جي شايع ٿيڻ سان سنڌي شاعري ۾ قيمتي مواد جو پڻ اضافو ٿيندو.
مولوي حافظ محمد رمضان مھيري
بجاري شريف، کورواھ، ضلعو بدين.