جو دادلو درياءَ سَڏبو ھو، اڄ تنھن جو ناھي ڇو ڪو ڌَڻي
ڇا وارث تنھن جا وڪامي ويا، يا وَئِي ڪا تِن کي واءُ کَڻِي
جنھن سير ۾ سُھڻي ترندي ھُئي، سا سير اسان کان ڇو وَئِي سُڪي
جنھن درياءَ کي ڪپ ڪونه جھليو، تنھن جي لھر ڪيڏانھن وئي يار لڪي
جا جبلن کان ڪنڌ ھيٺ ڪري ايندي سنڌ جي جھوليءُ ۾ ھُئي جُھڪي
سا رھزن گس ۾ روڪي ڇڏي جا ايندي ھِت ھُئي ھام ھَڻي
جا آزادي ٿا مون لئه چئو سا آھ غلاميءَ کان به ڪِني
جنھن جو پاڻي بند ٿي ويندو آ تنھن جي ته حياتي ڄڻ پُني
سي ڪيئن ڀلا آئون ڀاءُ چوان ڪَئي ھھڙي جُٺ آ مون سان جِني
ڇو ماٺ ڪري بي موت مَران وڃي سنڌ جي ڀَل ڪو لَڄ لَڻي
جو انڌو منڊو ٿيندو آ ان کي به ميارون ڪونه ڏبيون
جو پيءُ تي ڪونه ويندو آ ان کي به ميارون ڪونه ڏبيون
جو پنھنجن جو رت پيئندو آ ان کي به ميارون ڪونه ڏبيون
آئون دودي دولھه کان ٿو پُڇان ڇو سنڌ مري پئي ھڪڙي ڄَڻي
اڌ رات کان آئون جاڳان پيو، من پرھ ڦٽي ته ڪا پَھر ڏسان
ھن رات جي وات مان جان ڇُٽي ڪو ڳوٺ ڏسان ڪو شھر ڏسان
”حافظ“ جي ھٿن ۾ سڀ ھُجن ڪنھن سان نه ھتي ڪو قھر ڏسان
جنھن ڳالھه کي ويٺو آئون ڳڻيان اھا ڳالھه اڃان سڀ ڪنھن نه ڳَڻِي
_______
حافظ صاحب جو مٿيون نظم ڪالاباغ ڊيم جي خلاف رسول بخش پليجي واري جلسي ۾ پڙھيو ويو