سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

صحتمند غذا بهتر صحت جي ضامن: شبنم گل

صحتمند غذا هڪ اهڙو معلوماتي موضوع آهي، جنهن جي ڄاڻ هر ڪنهن وٽ هئڻ گهرجي. پر اسان جي معاشري ۾ صحت، غذا جي فائدي ۽ ميون يا ڀاڄين وسيلي علاج جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ ڪانهي، ترقي يافته قومون ان باري ۾ مڪمل معلومات رکن ٿيون. روزمره جي گفتگو دوران اِن باري ۾ هڪٻئي کي ڄاڻ به ڏني وڃي ٿي. غذا جا مختلف محرڪ آهن. غذا جسم جي واڌ ويجهه ڪري ٿي، ذهن کي فعال رکڻ ۾ به صحتمند کاڌي جو وڏو حصو آهي. اُن کان علاوه غذا روحاني تحرڪ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. جيئن يوگي يا صوفي گهڻي ڀاڱي هلڪي غذا واپرائين ٿا. ڇو ته کاڌي ۽ خوراڪ جو مزاج ۽ ذهن تي گهرو اثر پوي ٿو. مزاج جو گهڻي ڀاڱي غذا سان ويجهو تعلق آهي. اڪثر کاڌا ڪاوڙ، بدمزگي ۽ بيچيني جو ڪارڻ بڻجن ٿا.
ان حوالي سان پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن.
گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن. اها معلومات انتهائي سليس ۽ وڻندڙ ٻولي ۾ ڏني وئي آهي. يعني توهان ڪتاب هٿ ۾ کڻندا ته ختم ڪرڻ بنا نه رهي سگهندا. غذا، انساني جسم ۽ صحت جي باري ۾ ڏنل اها معلومات سادي ۽ اثرائتي طور تي بيان ٿيل آهي. صحت ۽ غذا جا هي موضوع خشڪ ٿين ٿا. عام ماڻهوءَ لاءِ ڪافي مشڪل به سمجهيا وڃن ٿا.
پر هيءَ معلومات دلچسپ انداز ۾ بيان ڪئي وئي آهي. پڙهندڙ ڪٿي به يڪسانيت جو شڪار نه ٿو ٿئي. ۽ سندس دلچسپي اول کان آخر تائين برقرار رهي ٿي.
اسان وٽ عام ماڻهو گهڻو بيخبر آهي، هو پنهنجي جسم، کاڌن جي ڪيميائي اثر ۽ غذا جي گهربل ضرورتن کان واقف نه آهي. نه ئي بيمارين کي سمجهڻ ۽ حل ڪڍڻ جي ضرورت کي محسوس ڪيو وڃي ٿو. بيماري فقط ڊاڪٽر جي مڪمل ذميواري نه آهي بلڪه بيمار ماڻهوءَ کي پاڻ به جسماني تبديلين ۽ بيماريءَ جي باري ۾ آگاهه هئڻ گهرجي. دوا هر مسئلي جو حل نه آهي. بلڪه دوائون پنجاهه فيصد نقلي ٿين ٿيون. اڪثر مدي خارج دوائون وڪرو ٿيندي ڏٺيون ويون آهن. اُنڪري ترقي يافته ملڪن ۾ دوائن بدران غذا وسيلي علاج ڪيو وڃي ٿو.
جيستائين بيمارين جو تعلق آهي. وچڙندڙ بيمارين کان علاوه موروثي بيماريون ٿين ٿيون. اڪثر مدافعتي نظام ڪمزور هئڻ سبب جسم تي هر بيماري حملو ڪري ٿي. ڪن بيمارين جا نفسياتي محرڪ ٿين ٿا. بيماري جا اهڃاڻ ته محسوس ٿين ٿا پر ٽيسٽن ۾ ڪجهه به نه نڪرندو آهي. منفي سوچ انسان جي ذهن سان گڏ جسم تي اثر انداز ٿئي ٿي جنهن جي ڪري جسم جا جيوگهرڙا تباهه ٿين ٿا ۽ جسم بيمارين جو کاڄ بڻجي ٿو. صحتمند غذا جسم لاءِ پڪي بنياد جو ڪم ڏيئي ٿي.
سٺي غذا واپرائڻ سان ماڻهو بيمارين کان بچي سگهي ٿو. هن ڪتاب ۾ تفصيل سان مختلف ڀاڄين ۾ ميون ۽ جڙي ٻوٽين سان علاج جو ذڪر ملي ٿو. ٻين ٻولين ۾ غذا جي فائدي ۽ علاج تي ڪتاب ملن ٿا. پر سنڌي ۾ هيءُ اِن نوعيت جو واحد ڪتاب آهي. جيئن رشيده صبح جي نيرن لاءِ لکي ٿي. ”صبح جو تڪڙ ۾ هلڪي ڦلڪي نيرن ڪرڻ وارا ٻار اسڪول ۾، ڪلاس روم اندر سيٽن تي ويٺل تقريباً ننڊ اکڙا ۽ منجهيل نظر ايندا آهن.“ اها حقيقت آهي ته شاگردن لاءِ (سندن تعلق عمر جي ڪنهن به حصي سان هجي) صحتمند نيرن انتهائي ضروري آهي. اسان جي ٻارن جي سڄي ذهني ڪارڪردگيءَ جو مدار صحتمند غذا تي آهي. جڏهن ته والدين ۽ سندن استاد ٻارن کي سخت ذهني آزمائش ۾ مبتلا ڪري ڇڏين ٿا ته هو فقط مطالعو ڪندا نظر اچن. صحتمند غذا ۽ خوشگوار ماحول ٻار کي ميسر نه ٿو ملي ته هو علم جي ميدان ۾ پوئتي رهجي وڃي ٿو.
اسان وٽ عام ماڻهو سائنس جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان نابري واري ويهن ٿا. جڏهن ته انساني جسم جي معلومات جا سمورا رستا وڃي سائنس تي ختم ٿين ٿا. بيماريون به سٺي غذا جي کوٽ سببان وڌن ۽ ويجهن ٿيون. جديد کاڌا فاسٽ فوڊ، جنڪ فوڊ يا تريل غِذائون، جسم کي فائدي بدران نقصان ڏين ٿيون. اُن جي نسبت سادي ۽ خالص غذا انسان کي جياري ٿي. مثال کجور، انجير ۽ ناريل يا ماکي معجزاتي کاڌا آهن.
بورچي خاني ۾ ڪڏهن رڌ پچاءَ ڪندي اسان جا هٿ سڙي پوندا آهن. ترت ئي سڙيل جڳهه تي ماکيءَ جو ليپ ڏجي ۽ اڌ ڪلاڪ بعد ڌوئي ڇڏجي ته حيرت انگيز طور تي چمڙيءَ کي ڪوبه نقصان پهتل نظر نه ايندو. يا ناريل جو پاڻي پڻ بيمارين لاءِ فائديمند آهي. ناريل جو پاڻي پيئڻ يا ناريل کائڻ جسم جي مدافعتي نظام کي بهتر بڻائي ٿو. جسم جي سوڄ ۽ سور کان به نجات ملي ٿي. الرجي لاءِ به ناريل سٺي دوا آهي. ٻاهر ناريل جو کير ۽ پاڻي دستياب آهي. سري لنڪا ۾ ناريل جو پاڻي کاڌي ۾ استعمال ٿيندي ڏٺو. ناريل ۽ انناس کيAnti Inflammatory to food چيو وڃي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ هر ماڻهوءَ جي وٽامن ڊي گهٽ آهي. ان جو سبب ماحولياتي گدلاڻ، غذا ۾ ملاوٽ ۽ ذهني دٻاؤ آهي. سگريٽ نوشي جي ڪري به وٽامن ڊي گهٽ ٿي ويندي آهي. پر دوائن بدران جيڪڏهن غذا مان جسم ۾ وٽامن ڊي جي کوٽ کي پورو ڪجي ته وڌيڪ بهتر آهي. انڊو، مڇي يا کجور وٽامن ڊي جي گهربل مقدار جي گهرج کي پورو ڪن ٿا.
رشيده کارڪن لاءِ لکي ٿي، ”جديد تحقيق کان پوءِ اهو معلوم ٿيو آهي ته کارڪ اندر وٽامن ۽ معدنيات جا ڄڻ خزانا پوريل آهن.“
اها حقيقت آهي ته اسان روزمره جي استعمال ۾ ايندڙ غذا جي فائدي ۽ نقصان بابت آگاهه نه آهيون. هڪ پاسي غذا جسم جي واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهي ته ٻي طرف ان جي گهڻائي جسم لاءِ نقصانڪار پڻ آهي. جسم ۾ وٽامن ڊي، ڪئلشيم يا پروٽين وڌي وڃن ته انهن جي گهڻائي صحت لاءِ نقصان جو سبب بڻجي ٿي. انڪري رشيده جو هي ڪتاب اڻڄاڻائيءَ جي اوندهه ۾ روشنيءَ جو رستو ثابت ٿيندو. مون ڪافي اڳي غذا، صحت ۽ ذهني صحت جي حوالي سان لکڻ شروع ڪيو. جنهن جو بنيادي مقصد عام ماڻهن کي صحت جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش هئي. جيئن هو پنهنجي زندگيءَ کي پاڻ بهتر بنائي سگهن. ڪوبه سؤ فيصد رهبري نه ٿو ڪري سگهي. طبيب گِهرائي ۾ وڃڻ پسند نه ڪندا آهن. نه ئي مريضن کي تفصيل سان بيماري بابت ڄاڻ ڏين ٿا نه ئي غذا جي باري ۾ کين معلومات فراهم ڪندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهوءَ جو فرض ٿئي ٿو ته هو پنهنجي بيماري بابت پاڻ غور ڪري ۽ غذا کي بهتر بڻائي.
ڪتاب ۾ شامل هڪ مضمون رت جي بيماري ٿيليسميا تي آهي. هي اهم ۽ وقتائتو موضوع آهي. ميجر ٿيليسيما ته خطرناڪ آهي ئي پر مائنر ٿيليسميا به هڪ خاموش دشمن آهي، جيڪو وقت سان جسم ۾ رازداريءَ سان پلجندو رهي ٿو. جيڪو ذهني دٻاءُ، غير صحتمند غذا ۽ گهٽ ننڊ واري دشمنن سان ملي، هڪ ڏينهن جسم تي خطرناڪ حملو ڪري ٿو. بيمارين کي سهيڙڻ به هڪ هنر آهي. انهن خاموش بيمارين کي سمجهڻ ۽ انهن سان هلڻ جو ڏانءُ گهرجي ته پوءِ صحت ۽ غذا سان لاڳاپيل مضمون ۽ ڪتاب پڙهڻا پون ٿا. آٽو اميون ڊس آرڊر سان تعلق رکندڙ بيماريون اڪثر ڊاڪٽر به نه ٿا سمجهي سگهن.
جيئن Multiple sclerosis, Lupus, Grave's disease ۽ ٻيون ڪيتريون بيماريون آهن. جن جي نشاندهي گهٽ ٿي سگهندي آهي. جيڪي نسل در نسل منتقل ٿينديون رهنديون آهن. انهن سمورين بيمارين کي مناسب غذا سان بهتر بنائي سگهجي ٿو.
ڪتاب ۾ شامل هڪ مضمون عورتن ۾ رت جي گهٽتائي مُتعلق آهي، جيڪو معلومات جي حوالي سان جامع آهي، ان مضمون ۾ رشيده ڄاڻ ڏيندي لکي ٿي. ”رت ۾ موجود جيوَ-گهرڙا (Blood Cells) گڏجي هڪ اهڙو اوڄو يا عضوياتي وار نلين جهڙا ٻنڌڻا ٺاهين ٿا، جيڪي شريانين ۽ نسن جي سرشتي وسيلي سڄي جسم اندر متحرڪ رهن ٿا، ۽ آڪيسجن ۽ خوراڪ پهچائڻ جهڙو اهم ڪم سرانجام ڏين ٿا، جنهن ڪري جسماني واڌ ويجهه جو عمل، توڙي ڀڃ ڊاهه وارو عمل، خوش اسلوبيءَ سان وقت سر مڪمل ٿيندو رهي.“ اها حقيقت آهي ته رت جي جزن جي گهڻائي يا ڪمي. هيموگلوبن جو گهٽ يا وڌيل تناسب بيمارين جو سبب بڻجي ٿو.
هن ڪتاب ۾ ڪجهه جڙي ٻوٽيون ۽ ڀاڄين جو ذڪر شامل آهي، جيڪي رت کي هلڪو بڻائين ٿيون. جن کي استعمال ڪري دل جي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو. عورتن ۾ رت جي ڪمي جي شڪايت عام ٿئي ٿي. جنهن لاءِ ڪشمڪش، ڏاڙهون، بيٽ روٽ، صوف، انڊا، خشڪ ميوو ۽ چيري جو استعمال فائديمند آهي. انهن مان اڪثر شين جو ذڪر ڪتاب ۾ موجود آهي.
اڪثر ڪري تحقيق جو خشڪ انداز پڙهندڙ کي اڳتي وڌڻ نه ڏيندو آهي. خاص ڪري سائنس ۽ صحت جا موضوع هونئن به عام ماڻهو گهٽ پڙهندا آهن. پر هن ڪتاب ۾ سمورا مضمون دلچسپ انداز سان بيان ٿيل آهن. اُهي مضمون صحت ۽ سائنس جي باري ۾ منهنجي علم ۽ چاهه کي وڌائين ٿا.
مون سائنس جو مضمون ڇڏي آرٽس کنئي هئي، جڏهن ته مون کي ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هو. والد ڊاڪٽر هو انڪري مون به ڊاڪٽر ٿيڻ چاهيو هو. طب جو شعبو ننڍپڻ کان پسند هيم. والد گهر ۾ جيڪو به صحت ۽ سائنس متعلق ڪتاب يا ميگزين آڻيندو هو. اُهو ضرور پڙهندي هيس. ڇو ته اسپتالن ۾ اڪثر صحت سان لاڳاپيل مواد يا رسالا موڪليا ويندا آهن. ائين طِبّ جي شعبي سان واقفيت ۽ ويجهڙائي شروع کان رهي آهي. ڪجهه سال اڳي مون فطري علاج بابت ڪافي ڪتاب پڙهيا. ذهني ۽ طبعي صحت سان تعلق رکندڙ مواد پڙهي اندازو ٿيو ته اسان صحت ۽ صفائي جي موضوع کي چڱي طرح سمجهي نه سگهيا آهيون. چاهي رڌ پچاءُ جا طريقا هجن، فرج ۾ ڀاڄين يا کاڌي کي فريز ڪرڻ جو معاملو هجي. گرمين ۾ ڪهڙن کاڌن کي کائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. سياري ۾ ڪهڙي غذا يا مشروب استعمال ٿيڻ گهرجن. اسان کي ان باري ۾ گهٽ معلومات آهي.
اسان جو عام ماڻهو يا عورتون جيڪي رڌ پچاءُ ڪن ٿيون انهن کي انهن موضوعن باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اها حقيقت آهي ته صحت ۽ سائنس سان تعلق رکندڙ هي ڪتاب عام ماڻهوءَ جي ڄاڻ جي کوٽ کي يقيناً پورو ڪندو. جنهن وسيلي ماڻهن جو ڌيان غذا ڏانهن ضرور ويندو.
مون کي اميد آهي ته هي ڪتاب اسان جي عورتن جي وڌيڪ رهنمائي ڪندو. جيڪي نوڪري ڪرڻ سان گڏ گهر ۽ ٻار به سنڀالين ٿيون. ڇو ته ڄاڻ، انسان کي ڪيترن مسئلن ۽ مونجهارن کان ٻاهر نڪرڻ جو طريقو ٻڌائي ٿي جيئن ته هِيءُ موضوع منهنجي پسند ۽ ڏانءُ وٽان آهي، انڪري مون کي نه فقط خوشي ٿي ته هڪ منفرد ۽ وقتائتي موضوع تي ڪتاب ڇپجي رهيو آهي. بلڪه هڪ عورت ليکڪ وٽ سوچ جي وسُعت ۽ نئون انداز ڏسي يقين ٿو ٿئي ته: دورِ ”جديد عورتون روايتي موضوعن کان هٽي صحت ۽ سائنس جهڙن انوکن ۽ فائديمند موضوعن تي لکڻ لڳيون آهن.“


[b] شبنم گل
[/b] حسين آباد
2016-08-18