بڪيون Kidneys
( The Kidney's are a pair of organ located in the back of abdomen. Each kidney is about 4-5 inches long, about the size of fist). The kidney's function are to filter the blood.
بڪين جو اصلي خاص ڪم آهي ته هو جسم جو خراب گندو پاڻي خون منجهان ڇڪي ڪڍي ٻاهر ڪنديون آهن. هِن گندي پاڻيءَ ۾ بدن جا ٺوس زهريلا ماده مليل هوندا آهن. انهن منجهه هِڪ جو نالو آهي يوريا (Urea) ۽ ٻي جو نالو آهي يورڪ اِئسڊ (Uric acid). اهي ٻئي ماده تمام زهريلا ۽ خطرناڪ هوندا آهن. جيڪڏهن يورڪ اِئسڊ (Uric acid) بدن ۾ جمع ٿي وڃي ته پوءِ هڏن ۽ جوڙن جي بيماري ٿي پوندي آهي جنهن کي هڏن جو سور يا آرٿرا ٽائيٽس سڏبو آهي. بڪين جو اصلي ڪم اِهو آهي ته هو نه صرف زهريلن مادن کي بدن منجهان خارج ڪري ڇڏين، پر اِن سان گڏو گڏ بدن ۾ موجود وڌيڪ گندو ۽ بي ڪار پاڻي به خارج ڪري ڇڏين ٿيون. ليڪن اِهو بلڪل نه سمجهڻ گهرجي ته بڪين جون مُشڪون محض هڪ بي جان ميڪاني ڇاڻيءَ وارو ڪم ڪن ٿيون، پر بڪين جي بناوت وارا خليا نهايت هوشياري سان سٺي ۽ خراب شيءَ کي سُڃاڻي ڪري رت منجهان بيڪار مادن کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي وٺن ٿا ۽ مفيد ۽ قيمتي جزن کي رت ۾ اندر ئي رهڻ ڏين ٿا. پر خدانخواستہ جيڪڏهن ڪنهن خرابيءَ باعث بڪيون پنهنجو هيءُ اَهم ڪم سرانجام نٿيون ڏيئي سگهن يعني سٺي ۽ خراب مادي ۾ فرق وارو عمل سرانجام نٿيون ڏيئي سگهن ته پوءِ مختلف قسمن جون بيماريون جنم وٺن ٿيون.
اسان جي جسم منجهان چوويهه (24) ڪلاڪن اندر تقريباً پنجاه (50) يا سٺ (60) آئونس پيشاب خارج ٿيندو آهي، جنهن کي اسان جون بڪيون ڇاڻي ٻاهر ڪڍن ٿيون. کاڌو کائڻ جي دوران پاڻي نه پيئڻ گهرجي ڇو ته ائين ڪرڻ سان هاضمي واري رس (juice) ڇڊي صاف ٿي ويندي آهي. باقي ماني جي وقفن واري وقت ۾ خوب پاڻي واپرائڻ گهرجي ته جيئن بڪيون ڌوپجي وڃن سياري ۾ ورزش ڪرڻ کپي ته جيئن پگهر اچي ۽ جسم جو پاڻي خارج ٿي وڃي ۽ بڪين تي ڪم جو وڌيڪ بار نه پوي.
مٿئين ذڪر منجهان اِها خبر پئجي وئي ته اسان جي ”صحت“ اسان جي جسم جي عضون يعني دماغ، دل، جيري ۽ بڪين جي صحت ۽ صحيح ڪم ڪار ڪرڻ جي صلاحيتِ سان وابستا آهي. دماغ جيڪو بدن جو حاڪمِ اعليٰ آهي اِن کي نه صرف ٻاهرين ڌَڪن، پر نقصان پهچائيندڙ عادتن، ۽ خراب خيالن کان به محفوظ رکڻ کپي ڇو ته سٺي حافظي لاءِ دماغ جو صحتمند هُجڻ تمام ضروري آهي. دِماغ کان جيترو ڪم وٺجي اوترو ئي اُن کي آرام ڏيڻ به ضروري آهي. آرام ۽ مناسب ننڍ دماغي صحت لاءِ بيحد ضروري آهي. دل ته آخر دِل آهي، ان لاءِ ته ايترو چوڻ ئي ڪافي ٿيندو ته سڪونِ قلب لاءِ عبادت گذاري، قناعت پسندي ۽ ديانت داري سان هلڻ ۽ زندگيءَ ۾ نظم و ضبط ۽ تنظيم ۽ توازن ڪنهن طاقتور ٽانڪ کان گهٽ ناهي بقول علامه اقبالؒ جي ته:
”زندگي آمد برائي بندگي،
زندگي بي بندگي شرمندگي“.
يعني ته زندگي عطا ڪئي وئي آهي ”بندگي“ يعني عبادت لاءِ، پوءِ جيڪڏهن زندگيءَ ۾ عبادت شامل نه رهي، ۽ رب تعاليٰ جي بندگي ۾ ڏينهن رات رڌل نه رهبو ته نتيجو افسوس ۽ شرمندگيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه ملندو. سو دِل کي تقويت صرف الله جي ذِڪر سان ملي ٿي. ۽ صرف الله جو ذڪر ئي دل کي اطمينان ۽ سڪون بخشي ٿو. پوءِ جيڪڏهن دل کي طاقتور ۽ پر سڪون رکبو ته لازمي طور تي اِنسان جسماني طور به مضبوط مِحسوس ڪندو ۽ بهتر صحت هوندي ته بهتر عبادت سان بهتر زندگي گذاري سگهبي.
قرآن شريف ۾ آيت نازل ٿيل آهي، جنهن جو مفهوم آهي ته (ترجمو) بيشڪ اِطمينانِ قلب، حق تعاليٰ جي ذڪر سان ملي ٿو، سو توهان اطمينانِ قلب حاصل ڪرڻ لاءِ الله تعاليٰ جو ذڪر ڪندا رهو، بيشڪ الله تعاليٰ جي ذڪِر سان ئي سڪونِ قلب حاصل ٿئي ٿو. توهان ڏِسو ته هڪ طرف الله تعاليٰ دِل (قلب) کي پنهنجو گهر سڏيو آهي، ٻي طرف دِل کي نه ٿڪجندڙ مشڪن سان جوڙيو آهي جيڪي سڄي زندگي بنا وقفي جي دل کي ڌڙڪڻ تي آماده ڪنديون رهن ٿيون ته ٻي طرف هڪ نهايت ئي سادي سولي نموني صرف رب جي ذڪر سان ”دل“ کي لافاني طاقت عطا ڪئي وئي آهي. هاڻي جيڪو روزانو رب جي ذڪر ۾ مشغول رهندو سو بيشڪ پنهنجي قلب کي طاقتور محسوس ڪندو ۽ پرسڪون ۽ اطمينان واري زندگي گذاريندو ڇو ته اُن دل اندر رب جو ديرو هوندو بقول ڪنهن شخص جي ته مسجد ڊاهيو توڙي مندر، پر دل نه ٽوڙيو جو اُن ۾ ربّ تعاليٰ رَهي ٿو.
جيڪڏهن صحت ۽ تندرستي آهي ته پوءِ انسان جو مزاج ۽ رويو به سُٺو هوندو آهي، ورنه بيمار جسم بيمار ذهن جي عڪاسي ڪندو رهندو آهي. جيري جي اهميت ۽ افاديت هڪ اِهڙي حقيقت آهي، جنهن کان بي خبر ٿيڻ پنهنجو پاڻ سان ظلم ڪرڻ جي مترادف آهي. ”جيرو“ بدن لاءِ هڪ عمده قسم جي ”بٺي“ طور ڪم ڪري ٿو. ۽ ڪم ۾ ايندڙ شين کي محفوظ رکڻ جو هڪ گودام مِثل آهي. اِهي مفيد ۽ ڪارآمد شيون ضرورت جي وقت بدن جي ڪم اينديون رهن ٿيون.
بڪيون اسان جي جسم لاءِ ڄڻ ته فلٽر پلانٽس وانگر آهن. بلڪل اِئين ڪم سرانجام ڏين ٿيون جيئن ((Filter Plants فلٽر پلانٽس ڇاڻي پوءِ ناڪاره ۽ زهريلا ماده الڳ ڪري، ڇڏيندو آهي. بلڪل ساڳيءَ ريت بڪيون به ساڳي نموني ڇاڻي خراب جزا الڳ ڪري بدن جي صفائي جو ڪم مڪمل ڪن ٿيون. هاڻي صفائي جي هِن پلانٽ جي مضبوطي صحت لاءِ اِنسان جو صحتمند هجڻ بي انتها لازمي آهي. جسم جي طاقت ۽ اهم عضون جي صحت ۽ طاقت لاءِ، اعصابي دٻاءُ ۽ ذهني ٿڪاوٽ ختم ڪرڻ لاءِ الله تعاليٰ ڪيتريون ئي نباتاتي ٻوٽيون، ٻج، ميوا، ڀاڄيون. ۽ اناج پيدا ڪيا آهن. جن جي اِستعمال ۾ جيڪڏهن اسان توازن رکون ۽ روزانو متوازن غِذا واپرايون ته هوند اسان پاڻ کي مڪمل طور تي صحتمند ۽ تندرست رکي سگهون ٿا ڇو ته مون اِهو توهان کي پهريان ئي ٻڌايو آهي ته تندرستي ڪنهن دوڪان تان پئسن سان خريد ڪري نٿي سگهجي پر اِها هڪ نعمتِ خداوندي آهي. الله تعاليٰ کان دُعا آهي ته شل رب تعاليٰ سڀني کي صحت ۽ تندرستي عطا ڪري (آمين) ثم (آمين). ”متوازن غِذا واپرايو، خوش رهو، سٺو ۽ گهٽ کائو، سٺو سوچيو ۽ تندرست رهو.“
Refrences:
1. William F. Ganog. "Review of medical physiology, 23rd Edition, 22 Aug 2009.
2. Guyton and it all Guyton. Text book of medical Physiology 4th Edition, March 4, 2007
3. Elaine N. Marib Anatomy and Physiology 4th edition 14 Jan 2010.
4. The Heart. Well Come Collection net.
* * *