سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

ماءُ جو کير Mother Milk

ماءُ جي کير ۾ ٻارن جي بيمارين خلاف سڀ کان وڌيڪ قوتِ مَدافَعت موجود هوندي آهي ۽ ساڳي وقت ماءُ جو کير ٻار کي ’ايڊز‘ جهڙي خطرناڪ بيماري کان به بچائي سگهي ٿو. الله تعاليٰ جي تخليق منجهان ڪائنات جي حسين ترين تخليق آهي، ”اِنسان“ جو ٻار. ٻار هڪ اهڙو ته معصوم گل هوندو آهي جيڪو ذري برابر به گرمي ۽ سردي يعني ته گهٽ وڌائي بلڪل به سهي نه سگهندو آهي. ڄمڻ کان پوءِ ”ٻار“ جي بهترين غذا جو انتظام به الله تعاليٰ پنهنجي هٿن ۾ رکيو آهي. هن معصوم لاءِ ماءُ جي سيني اندر اهڙو ته نظام رکيو آهي جو رت منجهان ڇڪي کير جي شڪل ۾ کير ناليون کير کڻي ٻار جي وات تائين پهچائين ٿيون. هيءَ هڪ اهڙو ته پاڪ پوتر، صاف سٿرو ۽ غذائيت سان ڀرپور، هر بيماري کي مُنهن ڏيڻ جي قابل ”کير“ آهي، جيڪو سال کن تائين مڪمل طور تي ٻار جي غِذائي ضرورتون پوريون ڪندو رهي ٿو ۽ ٻارڙي جي نشوونما بهترين طريقي سان ٿيندي رهي ٿي.
موجوده دور ۾ جتي نيون نيون تحقيقون ٿي رهيون آهن سائنسي طِبيّ مَاهرين تازه ترين رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ماءُ جي کير پيارڻ وارو عمل نه صرف ٻار منجهه قوت مدافعت پيدا ڪري ٿو پر ساڳي وقت ٻارن کي اڄڪلهه جي موذي مرض ايڊز کان پڻ بچائي رکي ٿو. ٻي طرف ايڊز ورتل مائرن کي اها صلاح ڏني وئي آهي ته اهي پڻ پنهنجن ٻارن کي کير پياري سگهن ٿيون ۽ هن خوف کان ته هو پاڻ ايڊز ۾ ورتل آهن، پنهنجن ٻارن جو کير پيارڻ بند نه ڪن.