سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

ماکي Honey

ماکيءَ جي مک منجهان حاصل ٿيندڙ ماکي صحت لاءِ نهايت ئي ضروري سمجهي ويندي رهي آهي. زمانهءِ قديم کان ماکيءَ جي افاديت لکي ۽ پڙهي ويندي رهي آهي.
هڪ هنڌ حضرت ابوهُريره رضه جن کان روايت آهي ته حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: اي انسانو توهان لاءِ ماکي ڄڻ ته هڪ آسماني تحفو آهي، جيڪو شخص هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ ٽي چمچا صبح جو ماکي چٽيندو ته هن کي ان مهيني ۾ ڪابه وڏي بيماري نه ٿيندي. (ابن ماجه) حضرت عبدالله بن مسعود رضه جن کان روايت آهي ته حضور صلعم جن فرمايو: اي انسانو توهان لاءِ شفا جا ٻه مظهر آهن، قرآن شريف ۽ ماکي (ابن ماجه). سبحان الله

[b]ماکيءَ جي غذائي اهميت: (Nutritional Facts)
[/b]ماکي صحت جي لاءِ ڄڻ ضمانت آهي، آرام سان هضم ٿيندڙ ۽ قدرتي طاقت (Energy rich fuel) سان ڀرپور ٿئي ٿي. هن ۾ ڪاربوهائيڊٽس (نشاستو) پروٽين، ليپڊس (Lipids)، متحرڪ ڪندڙ جُزا اينزائم (Enzymes) ۽ وٽامنس (Vitamin)، ڀرپور انداز ۾ موجود آهن، هڪ ڀريل چانهه وارو چمچو ماکيءَ جو اسان کي هيٺين ريت ڪئلوريز فراهم ڪري ٿو. (One Tea spoon full of honey Provides).

ڪئلوريز ٽي سَوَ چار 304 Calories(T)
وٽامن سي زيرو ڏهائي پنج ملي گرام 0.5mg Vitamin C
فوليٽ ٻه ڏهائي زيرو ملي گرام 2.0mg Foliate
نياسين زيرو ڏهائي هڪ ملي گرام 0.1mg Niacin
ڪئلشيم ڇهه ڏهائي زيرو ملي گرام 6.0mg Calcium
فولاد (آئرن) زيرو ڏهائي چار ملي گرام 0.4mg Iron
مئگنيشيم ٻه ڏهائي زيرو ملي گرام 2.0mg Magnesium
فاسفورس چار ڏهائي زيرو ملي گرام 4.0mg Phosphorus
فلورائيڊ ست ڏهائي زيرو ملي گرام 7.0mg Fluoride
جست زيرو ڏهائي ٻه ملي گرام 0.2mg Zinc

[b]ماکيءَ جي طِبّي نُقطئه نظر کان اهميت ۽ افاديت
[/b]
ماکي جنهن کي اُردوءَ ۾ ”شهد“، عربيءَ ۾ ”نحل“، پنجابيءَ ۾ ”شهت“ ۽ انگريزيءَ ۾ (Honey) سڏيو وڃي ٿو، تنهن جي اهميت ۽ افاديت طِبّي نُقطئهِ نظر کان تمام اهم آهي. ماکيءَ جو ذڪر قرآن شريف ۾ موجود آهي ۽ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن پڻ ڪيترن ئي موقعن تي بيشمار فائدا ٻڌايا آهن. ڪيترين ئي حديثن مُبارڪن ۾ ماکيءَ جي مک ۽ ماکيءَ جو احوال ملي ٿو. جهڙيءَ طرح ماکيءَ جي مکِ گڏيل ”ڀائيچاري“ ۽ ”حڪمت عملي“ جو بي مثال نمونو پيش ڪري ٿي ۽ محنت ۽ همت جو لازوال نمونو پيش ڪري ٿي، ساڳيءَ ريت سندس محنتن جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ ”ماکي“ پڻ ”بي شمار“ فائدن ڏيڻ ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي. اسان سڀني کي خبر آهي ته ماکيءَ جي مک ”ماکي“ ٺاهڻ دوران يعني پنهنجي ماناري کي جوڙڻ دوران ڪيتري نه جفاڪشيءَ کان ڪم وٺي ٿي ۽ پوءِ آخر ۾ اُن ”ماناري“ ۾ گڏ ٿيندڙ ”ماکي“ ڪيئن نه مخلوقِ خدا لاءِ ڪارائتو ڪم ڏئي ٿي. اِها مک هڪ طرف محنت، همت ۽ جفاڪشيءَ جو سبق ڏئي ٿي ته ٻئي طرف بني نوع انسان لاءِ بيحد مفيد ۽ ڪارآمد ”محلول نما“ ماکي پيدا ڪري ڏئي ٿي. ان ماکيءَ جهڙو ڪو به نعم البدل پيدا نه ٿي سگهيو آهي.
”ماکي“ مزاج جي لحاظ کان ”گرم“ ٿيندي آهي. انڪري گهڻي ڀاڱي سياري جي مند ۾ استعمال ڪبي آهي، پر جيڪڏهن اسان طِبيّ نُقطئه نظر کان اڀياس ڪنداسين ته اسان کي خبر پوندي ته ”ماکيءَ“ جو استعمال ڪيڏو نه مؤثر ۽ افاديت (ڪارآمد ۽ فائده بخش) وارو آهي. قرآن مجيد ۾ ماکيءَ جو ذڪر سورة ”نحل“ ۽ سورة ”تحريم“ ۾ موجود آهي. سورة ”نحل“ ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته ”هن ۾ ماڻهن لاءِ شفا آهي.“ جيڪڏهن ماکيءَ جي ”جزن“ جو جائزو ورتو وڃي ته خبر پوندي ته هن ۾ پاڻي، گلوڪوز، ميون جي رس (پاڻياٺ/عرق) ۽ روغني جزن سان گڏ رنگدار مادو مليل هوندو آهي، ۽ تمام ٿوري مقدار ۾ حياتين ”ب“ يعني (Vitamin B) ڪمپليڪس (Complex)، جا قسم پڻ موجود هوندا آهن. معدنيات منجهان هن ۾ ايلومينيم، چن جا مرڪب، ڪلورين، ٽامو، لوهه (فولاد)، ميگنيشيم، مئگنيز، فاسفورس، پوٽاشيم، سوڊيم ۽ گندرف پڻ موجود هوندا آهن. هيءَ يعني ”ماکي“، دل و دماغ، معدي ۽ جگر کي بي انتها قوت بخشيندڙ شيءِ آهي. ماکي رت اندر ڳاڙهن جزن يعني (Red Cells) ۾ پڻ اضافو ڪري ٿي. اصلي خالص ماکيءَ ۾ قدرت اها خاصيت رکي آهي ته اُن منجهه جراثيم (germs) اندر بلڪل به داخل نٿا ٿي سگهن ۽ جيڪڏهن ڪوشش ڪندا ته پاڻمرادو ختم ٿي ويندا. خوردبيني مشاهدي جي دوران ان ڳالهه جي تحقيق ڪئي وئي آهي ته خالص ماکيءَ سان 48 ڪلاڪن اندر ٽائيفائيڊ جراثيم کي ختم ڪري سگهجي ٿو، بشرطيڪ اهو لازمي آهي ته ماکي اصلي ۽ خالص هجي. ان تحقيق جي تصديق به ڪئي وئي آهي ته ماکي نوَن ۽ پراڻن زخمن کي ختم ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڏيندي آهي. سوڄ ۽ ورم کي پڻ زائل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي آهي. عهدِ قديم کان وٺي عهدِ جديد تائين سڀني سائنسدانن ماکي جي ”شفائي“ اثرات کي مڃيو (تسليم) ڪيو آهي. نزلي ۽ زڪام واري صورت ۾ ماکيءَ جا ٻه چمچا، اڌ ليمي جي رس سان گرم پاڻيءَ ۾ يا وري چانهه جي پتي (قهوه) واري پاڻيءَ ۾ ملائي پيئڻ سان فوري طور تي آرام اچي ويندو آهي. اعصابي ٿڪ ٿئي ته ان ۾ به جيڪڏهن نيم گرم پاڻيءَ ۾ ٻه چمچا ماکي ملائي پيئبو ته فوري طور تي آرام اچي ويندو ۽ ٿڪاوٽ دور ٿي ويندي ۽ قوت بحال ٿي ويندي آهي. اڄ ڪلهه ڪيتريون ئي بيماريون جگر جي خرابي ڪري پيدا ٿي رهيون آهن. جيڪڏهن پنهنجي روزاني غذا (خوراڪ) ۾ ماکيءَ کي شامل ڪيو وڃي ته هوند ڪيترين ئي بيمارين کان بچاءَ ممڪن ٿي سگهي ٿو. ماکي ”گردن“ جي تڪليف ۾ به باعثِ شفا ثابت ٿي سگهي ٿي. دراصل ماکي ”دوا“ به آهي ۽ ”غذا“ به آهي. هن سان ساهه جي تنگي دُور ٿئي ٿي ۽ بلغم کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ پڻ مدد ڏئي ٿي. حافظي کي قوت بخشي ٿي ۽ تيز ڪري ٿي. کنگهه، فالج، لقوه، اکين جي مختلف مرضن، ڪن جي تڪليف وغيره ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. معدي جي تڪليف هجي، توڙي زخم هجي، خون جي خرابي هجي يا وري پيٽ ۾ ڪيڙا هجن، يرقان هجي، يا تريءَ ۾ سوڄ هجي، دماغي مرض هجي، يا وري هڏن جي تڪليف هجي، مونجهه ۽ اوڪارا محسوس ٿين، هر تڪليف ۾ ماکيءَ جي استعمال کي مفيد ۽ ڪارائتو سمجهيو وڃي ٿو.
سياري جي موسم هجي يا وري گرميءَ جي، ماکي هر موسم ۾ يڪسان مفيد آهي. سياري ۾ گرم مشروبات سان گڏي استعمال ڪجي ۽ وري گرمين جي مند ۾ پاڻيءَ يا کير وغيره سان گڏي استعمال ڪرڻ گهرجي.

[b]طِبّي فائده
[/b]ماکي جنهن کي اُردو ۾ ”شهد“ ۽ انگريزي ۾ (Honey) سڏيو وڃي ٿو. ان ۾ الله تعاليٰ اهڙيون ته خاص قسم جون خاصيتون رکيون آهن، جن جو ڪوبه ٻيو مثال نٿو ملي سگهي. ماکي هر قسم جي ڦٽ ڦرڙي کي سڪائڻ جو اثر رکي ٿي. ماکي اينٽي بئڪٽريل به آهي ته ساڳي وقت اينٽي فنگل به آهي. (Anti Bacterial and anti fungal) هن جون خاصيتون بيشمار آهن، نج ماکيءَ جو استعمال بئڪٽريا جي وڌڻ ويجهڻ واري عمل کي روڪي رکي ٿو. مثال طور اسٽيفائلوڪوڪس ايورئيس (Staphy lococous -aureus) ۽ ڪجهه نڙيءَ جا جيوڙا (Pathogens) ۽ ڪجهه فنگس (Fungus) مثال طور ڪئنڊيڊا آلبيڪنس (Candida albicans) وغيره. پيشاب واري ناليءَ جي انفيڪشن ۾ بعض دفعه روايتي اينٽي بائيوٽڪ (ضدِحيات) دوائن جي ابتڙ 50% سيڪڙو گهاٽائي واري ماکيءَ بهتر نتيجا ڏيکاريا آهن، 40% سيڪڙو گهاٽائي سان ماکي نڙيءَ جي بئڪٽيريا کي ختم ڪري دست ۽ پيچس کي روڪي سگهي ٿي. مثال طور: سيلمونيا جيوڙو (Selemonia)، شنگيلا (Shangela)، اينٽروپيٿوجينڪ اِي. ڪولاءِ (Entropothgenic, E.coli) ۽ وائيريو ڪالرا Virio cholara)) کي ختم ڪرڻ ۾ بيحد مددگار ثابت ٿئي ٿي. ماکيءَ جي بهترين ۽ خاص خاصيت آهي ته ڦٽ ڇٽائڻ (Wound healing) ۽ اينٽي انفلاميٽري يعني سوزش ۽ سوڄ کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ٿيڻ. ماکي قدرتي طور تي شفائي خاصيتن سان ڀرپور گهاٽي ۽ ليسدار هڪ اهڙي پاڻياٺ آهي جنهن ۾ اهڙا ته ڪيميائي جزا شامل آهن جيڪي ڪنهن به سوڄ ۽ سوزش ۾ جڪڙيل گهرڙي (Cell) ۽ تاندوري (Tissues) منجهان پاڻي جي ماليڪيول کي ائين جزب ڪري وٺي ٿي جو هڪدم سوڄيل ۽ تڪليف ۾ ورتل تاندورا وري نارمل طور ڪم ڪرڻ شروع ڪرڻ جي اهل ٿي وڃن ٿا. ماکي سڙيل چمڙي ۽ زخمن جي لاءِ پڻ بهترين مرهم ثابت ٿي آهي. خدانه خواسته ڪو جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي چونهباري چاڪو يا ڪپ سان ڪو وڍ/ ڪٽ لڳي وڃي يا وري نوڪيلي اوزار سان چمڙي ڪٽجي پوي. توڙي جو چمڙي جو السر ٿي پوي (Decubitus ulcer)، هر مسئلي کي منهن ڏيندڙ ماکي، قدرت جي طرفان هڪ اعليٰ درجي جي شفا بخشيندڙ دوا طور عطيو مليل آهي، جنهن کي استعمال ڪري انسان بيحد فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. ماکي مرڪب آهي، گلوڪوز ۽ فرڪٽوز (ٻن کنڊ جي قسمن جو) ۽ اهائي خاصيت آهي ماکيءَ جي، جو ماکي آرام سان پاڻيءَ جا جزا زخم واري جڳهه تان جذب ڪري، تاندرون کي خشڪ ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. ماکيءَ منجهه موجود گلوڪوز ۽ فرڪٽوز، زخم جو پاڻي سڪائي خشڪ ڪرڻ سان گڏوگڏ، بئڪٽريا ۽ فنجاء (Fungi) قسم جي جيوڙن کي پڻ ختم ڪري ڇڏن ٿا. (جيئن ته اسان کي خبر آهي ته ننڍڙا جيوڙا (جراثيم) پوسل، يعني آلاڻ (Moist) واري هنڌ تي پيدا ٿيندا آهن. ان ڪري مائڪرو آرگينزم، يعني نظر نه ايندڙ جيوڙن (Micro- organisms) کي پيدا ٿيڻ يعني وڌڻ ويجهڻ ۾ ئي خشڪي ذريعي پيدا ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ختم ڪري ڇڏڻ بهتر آهي. ٻي ڪيميائي خاصيت جيڪا ماکي اندر موجود آهي سا آهي جراثيم ڪش دوا طور استعمال يعني اينٽي سيپيٽڪ (Anti septie) هاڻي اچو ته ڏسون ته ”ماکي بطور دوا“ ڪيئن استعمال ٿئي ٿي. خالص ماکي جيڪا سڌي نئين ماناري منجهان حاصل ڪئي وڃي ٿي. تنهن ۾ گلوڪوز آڪيڊز نالي اينزائم جي موجود هجڻ ڪري ماکي جي خاصيت بدلجي وڃي ٿي ۽ اها جراثيم ڪش (Anti septie) طور پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿي ڇو ته زخم ۾ موجود پاڻي جي ذرن سان ملي ڪري گلوڪوز آڪسائيڊ، هائيڊروجن پروآڪسائيڊ (Hydrogen pro oxide) جوڙي وٺي ٿو. اها هائيڊروجن پر آڪسائيڊ هلڪي وچولي درجي واري جراثيم ڪش ملم (مرهم) (Anti septie) طور استعمال ٿئي ٿي. ماکي هڪ طرف ته ”مرهم“ طور استعمال ڪئي وڃي ٿي ته ٻي طرف وري ماکيءَ اندر اينٽي آڪيسڊنٽ (Anti Oxidants) ۽ فليونوئڊس (Flavonoids) به موجود آهن، جيڪي وري بئڪٽريل ايجنٽ طور پڻ Anti Bacterial agents استعمال ٿين ٿا. نڙيءَ جي خارش، کنگهه ۽ نڙيءَ منجهه پيدا ٿيندڙ رطوبتون جن جي ڪري هر وقت کنگهه پيدا ٿئي، تنهن کي پڻ ماکيءَ جي استعمال سان نڙيءَ اندر پيدا ٿيندڙ رطوبتن جي ڪري هر وقت کنگهڻ سان گڏ گهاٽي ٿڪ پيدا ٿي پوندي آهي. اهڙيءَ صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ پڻ ماکيءَ جو استعمال بهترين ثابت ٿيو آهي. ان ڪري اهڙي خصوصيت کي (Anti Tissue and Expector properties) سڏيو وڃي ٿو.

[b]ماکيءَ جي مک جي ماناري ۾ موجود حيران ڪن نظام
[/b]هِن منظم دُنيا کي سائنسدانن موجوده دور ۾ ڪافي حد تائين تسخير ڪري ورتو آهي. ماهرين جي چوڻ مطابق ماکيءَ جي مکين جي ماناري ۾ مکين جو هڪ گروه نالي هيٽر بيز (Heater Bees) ماناري جي مرڪزي حصي کي متوازن رکي ٿو. هيءُ گروه ماناري ۾ موجود پيدائشي حالت ۾ نشونما وٺندڙ جسم جي درجهء حرارت کي باقاعده ڪنٽرول ڪري نگهباني ڪري ٿو. ۽ پنهنجي ڪالوني جي ضرورت ۽ حساب مطابق مختلف گروه ۽ ڪم سرانجام ڏيندڙ ٻين مکين جي پڻ نشونما کي ممڪن بڻائي ۽ آساني پيدا ڪري ٿو، ماکي اسان لاءِ هڪ مڪمل ”غذا“ ۽ شفا بخشيندڙ قدرتي دوا آهي. جيڪا هر موسم ۾ يڪسان طور استعمال ڪري سگهجي ٿي. هاڻي اسان جيڪڏهن صرف ”ماکي“ کي ڏسون ته ماکي ڪا نئين پيدا ٿيل شيء نه آهي پر زمانهءِ قديميءَ کان وٺي موجود رهي آهي ان جي فائدن کان به هر عام و خاص باخبر آهي پر جيڪا افاديت هينئر سائنسي تحقيق کان پوءِ وڌي آهي سا بنهه مختلف آهي.

* * *